29
“تون فڪر نه ڪر، ٻئي گڏجي اهڙو اسڪول ڳولي وٺنداسين جيڪو اسان سان ان معاملي ۾ تعاون ڪري.” عالي جي ڳالهه ٻڌندي ئي معز چيو.
پوءِ ٻنهـي گڏجي ڪجهه اسڪولن جا چڪر لڳايا، نيٺ هڪ اسڪول جو پرنسيپال ان ڳالهه لاءِ راضي ٿيو پر هو پهرين سيرت ۽ مروه جو انٽرويو وٺڻ پيو چاهي.
عالي ڳوٺ فون ڪري مروه کان اچڻ جو پروگرام پڇيو.
هنن جي اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن هئا. عالي پرنسيپال سان اها ڳالهه ڪئي، ته هو ان لاءِ راضي ٿي ويو.
عالي کي هاڻي انهن جي اچڻ جو انتظار هو.
نئون سيمسٽر شروع ٿيو ته عالي به پنهنجي پڙهائي طرف ڌيان ڏيڻ لڳو. هن جي پهرين سيمسٽر جي رزلٽ به سٺي آئي هئي. معز ۽ عالي جي تقريباً هڪ جيتري پرسنٽيج هئي.
ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٽائيم هو، عالي معز کي ڪنهن ٽاپڪ جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هو ته زارا هنن ڏانهن آئي.
“هاءِ گائيز (Hi guyes)”، هُن هٿ هنن ڏانهن وڌائيندي چيو.
“هيلو.” معز به هن ڏانهن هٿ وڌايو.
“زارا”، هن وري عالي ڏانهن هٿ وڌايو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي هنن جي ڀرسان واري ڪرسي تي ويهي رهي.
ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“توهان ٻنهي کي سٺي رزلٽ لاءِ مبارڪون.” هن انگريزي ۾ چيو.
“Thank you.” ٻنهي جواب ڏنو.
ايتري ۾ هن جي دوست به اچي ويئي ۽ اها به پنهنجو تعارف ڪرائي هنن جي ڀرسان ئي ويهي رهي. ان جو نالو سدره هو ۽ هوءَ به دبئي مان هتي پڙهڻ لاءِ آئي هئي.
معز به هن کي ٻڌايو ته هو دبئي مان آيو آهي ته هوءَ هن سان ڳالهين ۾ شروع ٿي ويئي.
ڪلاس ۾ پروفيسر جي آمد ٿي ته عالي شڪر پڙهيو.
“ڪيترو بورنگ ليڪچر هو نه اڄ……!” ڪلاس ختم ٿيندي ئي زارا، عالي کي چيو.
عالي هُن ڏانهن ڏسي منهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو.
“ليڪچر نه پر اصل ۾ منهنجو دوست بورنگ آهي،” معز، زارا کي جواب ڏنو.
“اسان جي صحبت ۾ رهندو ته هي اهڙو نه رهندو.” زارا مسڪرائيندي چيو.
“هي ڪجهه ٻي قسم جو ڇوڪرو آهي، هن تي توهان جا فارمولا اثر نه ڪندا.” معز چيو
ٻئي کلڻ لڳا.
ائين ئي هر ليڪچر کان پوءِ اهي ٻئي ڇوڪريون هنن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون.
“هي ڪجهه زياده فري نه پيون ٿين؟” واپسي ۾ هاسٽل ڏانهن ايندي عالي، معز کي چيو.
“جيڪڏهن هو فري ۾ فري پيون ٿين ته ان ۾ ته اسان جو فائدو آهي نه.” معز کلندي چيو.
“اهڙو فائدو ڪنهن فائدي جو ناهي.” عالي چيو.
“معنيٰ ته توکي ان ۾ ڪا دلچسپي ناهي.” معز پڇيو.
“بلڪل نه!” عالي جواب ڏنو.
“ته پوءِ اڄ کان اهي ٻئي فائدا منهـنجا.” معز ٽهڪ ڏيندي چيو.
“اهي فائدا ڪهڙي وقت نقصان ڏانهن وٺي ويندئي، ڪا خبر ئي نه پوندئي.” عالي چيو.
“تون گڏ آهين ته مون کي ڪو نقصان نه پهچندو.” معز، عالي جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو.
“اڄ ڳوٺ ڏانهن سيرت واريون اچن پيون. مان سڀاڻي ڪاليج نه هلندس.” عالي معز کي ٻڌايو.
“منهنجي گاڏي ساڻ کڻي وڃجانءِ.” معز چيو.
“نه مان پاڻ ئي هليو ويندس.” عالي منع ڪئي.
“تڪلف ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي عالي. صبح جو چاٻي وٺي وڃجانءِ نه ته مون کان برو ڪو ٻيو نه ٿيندئي.” معز ڌمڪي ڏيندي چيو.
“اهو ته هونءَ به ڪوئي ناهي.” عالي کلندي چيو.
“صبح جو عالي ڪراچيءَ واري بنگلي تي پهتو. سڀئي رات ئي پهچي ويا هئا.”
سڀ اڃا هاڻي ئي اٿيا هئا ۽ چانهه پي رهيا هئا.
عالي سڀني کي سلام ڪري اتي ئي ويهي رهيو.
“ادا توهان اسپتال ڪهڙي وقت ويندؤ؟” عالي، ميربل کان پڇيو.
“بس ٿوري دير ۾ نڪران ٿو.” ميربل جواب ڏنو.
ميربل ڪمري ڏانهن ويو ته عالي، سيرت ۽ مروه کي تيار ٿيڻ لاءِ چيو.
ٿوري ئي دير ۾ ميربل بالاچ کي اسپتال کڻي ويو ته عالي به ٻنهي ڇوڪرين کي وٺي اسڪول لاءِ نڪتو.
گهر ۾ ماهه نور، صفا ۽ درناز هيون، جن کي عالي ايڊميشن جو ٻڌايو هو.
اسڪول جي پرنسيپال ۽ هڪ ٽيچر هنن جو انٽرويو ورتو. ٻنهي ڄڻين ڏاڍي سٺي طرح سان انٽرويو ڏنا ۽ سندن ايڊميشن ٿي ويئي.
گهر واپس اچي هي ڪيتري دير تائين ماهه نور ۽ صفا کي اسڪول جون ڳالهيون ٻڌائينديون رهيون.
“بابا توهان جي اڌ ۾ ڇڏيل مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ اڄ مون پهريون قدم کنيو آهي، دعا ڪجو ته ڪامياب ٿيان.” عالي هنن ٻنهـي کي خوش ڏسي دل ۾پنهنجي پيءُ کي ياد ڪندي ان سان ڳالهايو.
“سيرت تون دنيا جي خوشنصيب ڇوڪري آهين جنهن کي الله پاڪ اهڙو سٺو ڀاءُ ڏنو.” مروه سيرت کي چيو.
“الله جو شڪر آهي اها ته مان آهيان، مون صرف هڪ دفعو لالا کي چيو هو ته لالا مروه جا ڀائر ڪيترا سٺا آهن هن جي هر فرمائش پوري ڪن ٿا، ان کان پوءِ لالا منهنجون اهي خواهشون به پورين ڪيون جن جي تمنا مون اڃا پوري طرح سان پاڻ سان به نه ڪئي هئي.” سيرت عالي ڏانهن ڏسندي چيو.
“مان به ڪا گهٽ خوش قسمت ناهيان، مون کي به ته عالي جهڙو سؤٽ مليو آهي نه جنهن مون کي ايتري صبر سان برداشت ڪيو آهي.” مروه ڪجهه سوچيندي اچانڪ چيو.
“توهان ويهي ان ڳالهه تي الله جو شڪر ادا ڪيو مان هلان ٿو.” عالي اٿندي چيو.
“تون چيو هو ته اسان اينداسين ته تون ڇُٽي ڪندين.” مروه عالي کي ياد ڏياريو.
“ڇُٽي نٿو ڪري سگهان، ٻيو ته دوست جي گاڏي به واپس ڪرڻي آهي، مان ڇنڇر تي ايندس.” عالي هنن سان ٻيهر اچڻ جو واعدو ڪيو.
“ٺيڪ آهي ضرور اچجو.” مروه چيو.
ڇنڇر تي شام جو ئي عالي گهر آيو، ميربل کان بالاچ جي علاج جي باري ۾ حال احوال پڇيو.
ميربل هن کي بالاچ جون رپورٽس ڏيکاريون ۽ ٻڌايو ته ڊاڪٽر هن کي ڪنهن ٿيراپي جو چيو آهي.
“ها ادا رت ۾ آئرن وڌڻ جي ڪري ڪيليشن ٿيراپي ڪئي ويندي آهي ته جيئن ٻي ڪا بيماري نه پيدا ٿي وڃي. عالي ميربل کي ٻڌايو. سومر تي مان به توهان سان گڏ هلندس.” عالي هن کي خاموش ڏسي چيو.
“ٺيڪ آهي. تون ڇوڪرين کي ڪيڏانهن گهمائڻ وٺي وڃ.” ميربل چيو.
“توهان به هلو نه.” عالي هن کي اداس ڏسي هلڻ لاءِ چيو
“نه بس تون وڃ انهن سان گڏ.” ميربل ٿڪل هو ان ڪري انڪار ڪيائين.
عالي به گهڻو ضد نه ڪيو ۽ سڀني کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويو.
“مان ته پوري رات اڄ ٻاهر ئي گهمندم.” مروه عالي کي چيو.
“ڇو؟” عالي چيو.
“پهريون دفعو ڪيڏانهن ٻاهر آيا آهيون ايترو حق ته آهي نه.” مروه کيس تنگ ڪيو.
“توکي ٻاهر ڪڍڻ صحيح ناهي، تنهنجو دماغ ڪهڙي وقت به خراب ٿي سگهي ٿو.” سيرت هن کي چيو.
“هاڻي ٻيهر مروه جو ٻاهر نڪرڻ بند.” عالي مروه کي تنگ ڪندي مٿس رعب ڪيو.
“ائين چوندؤ ته مان گهر ئي نٿي هلان.” مروه چيو.
هوٽل ۾ رات جي ماني کائي هو شاپنگ ڪرڻ لاءِ ويا. هڪ دڪان تي عالي کي هڪ ڊريس پسند آئي، ڪاري رنگ جي قميص تي گلابي ڌاڳي سان ڪم ٿيل اها ڊريس هن کي صفا لاءِ ڏاڍي وڻي. هن ڪڏهن ڪنهن ٻي جي لاءِ ڊريس پسند نه ڪئي هئي پر اها ڊريس ڏسي هن کي لڳو ته صفا ان ڊريس ۾ ڏاڍي سٺي لڳندي. هي ٻين کي هڪ دڪان تي ڇڏي پاڻ واپس ان دڪان تي آيو ۽ا ها ڊريس پيڪ ڪرائي.
هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو اها ڊريس صفا کي ڪيئن ڏيندو. هن جي هٿ ۾ شاپنگ بيگ ڏسي مروه ضرور هن کان سوال ڪندي. ائين سوچيندو هو ان دڪان ۾ آيو جتي هو سڀ ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ مصروف هيون.
اڄ عالي کي شاهمير جي ڪمي محسوس ٿي رهي هئي، هو هجي هان ته عالي جي مشڪل آسان ٿي وڃي هان.
عالي صفا جي ڀرسان اچي بيٺو ته صفا هن ڏانهن ڏٺو. عالي خاموشي سان گفٽ هن ڏانهن وڌايو. صفا ڪجهه نه سمجهندي هن کان گفٽ پيڪ ورتو.
عالي جلدي ۾ پوئتي ٿي درناز جي پاسي ۾ وڃي بيٺو.
رات دير سان سڀ گهر واپس آيا. گهر اچي مروه سڀني لاءِ چانهه ٺاهي آئي.
“اڄ ڪا مووي به ڏسنداسين.” مروه جون ته فرمائشون ئي نٿي کُٽيون.
“ٺيڪ آهي، عالي ڊي وي ڊي لڳائي ان ۾ مووي لڳائي. 4 بجي تائين مووي ختم ٿي ته سڀئي آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا.”
صبح جو سڀني جي اک دير سان کلي، منجهند جي ماني کائي عالي ميربل سان گڏ ٿوري دير لاءِ ٻاهر نڪري ويو.
شام جو عالي سڀني کي پاڻ سان گڏ ڀرسان واري پارڪ ۾ وٺي ويو.
ٻي ڏينهن عالي ڪاليج مان ڇُٽي ڪئي ۽ ميربل سان گڏ اسپتال ويو ۽ واپسي تي ئي هو هاسٽل اچي ويو.
ڪجهه ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهائي ميربل سڀني کي ڳوٺ واپس وٺي ويو. پنهنجي ڀينرن جي چهرن تي خوشي ڏسي هن کي به خوشي ٿي رهي هئي.
مروه جي دل ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ عزت ۽ احترام ختم ٿي چڪو هو. هن جي دل هُن سان ڳالهائڻ تي به نه چوندي هئي پر هن جيڪو سوچيو هو اُن لاءِ هن جو سردار صاحب سان ڳالهائڻ ضروري هو. هوءَ ڪوشش ڪندي هئي ته ان سان پهريان وانگر ئي ڳالهائي.
“بابا اسان هاڻي سال ۾ هڪ دفعو ضرور ڪراچي وينداسين.” هن سردار صاحب کي ڪراچي جون ڳالهيون ٻڌائڻ کان پوءِ چيو.
“ها ٺيڪ آهي.” سردار صاحب چيو.
“پر بابا جنهن وقت مان پاڻ چوندم ان وقت ئي موڪلجو.” مروه ٻيهر چيو.
“حاضر منهنجي شهزادي.” سردار صاحب چيو ته هوءَ خوش ٿي ويئي.
شام جو جڏهن هوءَ شهلا ڏانهن آئي، ته هُن کي به اتان جي هر ڳالهه ٻڌائيندي رهي.
“بس به ڪر هاڻي، اسان کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان به توسان گڏ گهمڻ هليا هئاسين؟” شهلا جي ڀرسان ويٺل حاجره چيو.
“پوءِ ان بهاني توهان به گهمي آيو نه.” مروه چيو.
“جنهن دفعي مان ويندس ان دفعي حاجره کي ضرور وٺي وينديس.” زينب چيو.
“پوءِ ته ڏاڍو مزو ايندو.” سيرت ۽ مروه هڪ ئي وقت چيو.