22
عالي هي سڄو منظر ڏسي رهيو هو،سڀ شاهمير کي ڀاڪر پائڻ کان پوءِ کيس اندر وٺي وڃي رهيا هئي، عالي جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇانئجڻ لڳو،هو گهر وڃڻ لاءِ واپس پڙيو ئي هو ته ڪنهن کيس اچي ڀاڪر پاتو. هي جيڪو به هو پر هن جو تعلق حويلي سان نه هوندو. عالي سيڪنڊ جي سوين حصي ۾ اندازو لڳايو.
هن عالي کي پاڻ کان الڳ ڪيو ته عالي سندس منهن ڏانهن نهاري هڪ ٿڪيل مرڪ مرڪيو.
“توهان هتي!” ڊاڪٽر الطاف کي سامهون ڏسي عالي حيران ٿيو.
“ها مان صبح ئي هتي پهچي ويو هئس، رات تنهنجي گم ٿيڻ جي خبر پئي. يار تو ته پريشان ڪري ڇڏيو.” ڊاڪٽر صاحب کيس وري پنهنجائپ مان سيني سان لڳايو.
“هتي ڪوئي ته هو، جنهن کي عالي جي اچڻ جو به انتظار هو.”
سامهون سردار صاحب شاهمير کي ڀاڪر ۾ ڀري اوطاق ۾ اندر وٺي وڃي رهيو هو.
عالي جي اکين ۾ بي اختيار لڙڪ اچي ويا جن کي هن مشڪل سان ضبط ڪيو. هو پنهنجي ڪمزوري ڪنهن جي اڳيان ظاهر ڪرڻ نه پيو چاهي.
“تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه پئي لڳي عالي.” ڊاڪٽر صاحب هن جي پيشاني تي هٿ رکندي چيو.
“سر مون کي امي وارن سان ملڻو آهي.” عالي ڳيت ڏيئي پنهنجي جذبات تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“ٺيڪ آهي تون گهر کان ٿي پوءِ جلدي هيڏانهن اچ.” ڊاڪٽر صاحب کيس هدايت ڏني.
گهر ۾ سڀني کي خبر پئجي ويئي هئي ته هي ٻئي اچي ويا آهن، انڪري سڀئي عورتون حويلي جي اندرين دروازي وٽ ئي بيٺيون هيون.
شهلا ۽ زينب وڏي گيٽ وٽان عالي کي ايندو ڏسي هن ڏانهن وڌيون ۽ واري واري سان هن کي پيار ڪرڻ لڳيون.
“هڪ ڏينهـن ۾ منهنجي پٽ جي ڪهڙي حالت ٿي ويئي.” عالي جي منهن کي هٿ لاهيندي شهلا چيو.
سيرت درناز ۽ شاهه بي بي به اچي عاليءَ سان مليون.
عالي ۾ اتي بيهڻ جيتري به سگهه نه هئي، انڪري هن شهلا ۽ زينب کي پراڻي حويلي وٺي هلڻ جو چيو.
هي ٻئي هن کي اتي وٺي ويون. عالي بيڊ تي سمهندي ئي غش ٿي ويو.
“شهلا مان ادا وارن کي چوان ٿي ته ڊاڪٽر کي گهرائي وٺن.” زينب، عالي جي حالت ڏسندي چيو.
زينب نئين حويلي آئي ته شاهمير به پهچي ويو. هوءَ شاهمير سان ملي ۽ هيبت خان کي عالي جي طبيعت جو ٻڌايائين.
هيبت خان اوطاق مان وڃي ڊاڪٽر صاحب کي وٺي آيو، شاهمير کيس پراڻي حويلي وٺي آيو.
عالي جو جسم بخار ۾ تپي باهه ٿي رهيو هو. ڊاڪٽر هن جو معائنو ڪري، پاڻ سان گڏ آندل بيگ مان دوائون ڪڍيون.
ڪافي دير تائين هو عالي جي ڀرسان ويهي هن کي پٽيون ڪندو رهيو.
اڌ رات ٿي ويئي، عالي جو بخار ٿورو گهٽ ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب کيس دوائون کارائي آرام ڪرڻ لاءِ چئي اوطاق ۾ هليو ويو.
شاهمير جي به طبيعت صحيح نه هئي هن ان کي به دوائون ڏيئي آرام ڪرڻ جو چيو.
.......................
جڏهن عالي جي اک کلي ته منجهند جا 2 ٿي رهيا هئا ڪجهه دير ته کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪٿي آهي. ٿوري ئي دير ۾ هن کي گذريل ٻن ڏينهن جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. کيس ياد آيو ته رات دير تائين ڊاڪٽر الطاف به هن وٽ هو.
“ڊاڪٽر صاحب ڪٿي آهي امي.” عالي سامهون ڪرسيءَ تي ويٺل ماءُ کان پڇيو.
“اهو واپس هليو ويو، پٽ توهان ڪيئن آهيو هاڻي.” شهلا هن جي ڀرسان آئي.
“مان ٺيڪ آهيان امي” عالي وراڻيو ۽ ويهاڻي سان ٽيڪ لڳائي ويٺو.
“چاچي عالي اٿيو آهي؟” ايتري ۾ مروه ڪمري جي دروازي وٽ اچي پڇيو.
“ها پٽ هاڻي ئي اٿيو آهي.” شهلا جواب ڏنو.
“صبح کان الائي ڪيترا دفعا توهان کي ڏسڻ آئي آهي.” شهلا عالي کي ٻڌايو.
“عالي تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي هاڻي.” مروه بيڊ تي چڙهي عالي جي ڀرسان اچي ويٺي.
“مان ٺيڪ آهيان هاڻي. شاهمير ڪيئن آهي؟” عالي هن کان پڇيو.
“اهو به ٺيڪ آهي.” مروه جواب ڏنو.
ڪمري مان آواز ٻڌي زينب به صفا ۽ سيرت سان گڏ اندر آئي.
سڀئي عالي جي ڀرسان ويهي هن جي طبيعت پڇڻ لڳيون.
“هتي ته وڏي محفل لڳي پئي آهي، اسان کان ته ڪو پڇڻ وارو به ڪونهـي.” شاهمير ڪمري ۾ ايندي چيو.
“ائين به ناهي، پهرين ته توهان ڏي آيا هئاسين.” صفا کيس چيو.
“آپا بس توهان جو سِرُ ئي ته آهي جيڪو هن ناچيز جو خيال رکندو آهي.” شاهمير مروه ڏي نهـاريندي صفا کي چيو.
“پٽ طبيعت ڪيئن آهي هاڻي توهان جي، معاف ڪجو مان به توهان ڏانهن نه اچي سگهيس، عالي جي طبيعت ايڏي خراب هئي.” شهلا شاهمير کي معذرت ڪندي چيو.
“مامي اهڙي ڳالهه ناهي مان به ته رات اِتي ئي هئس.” شاهمير ڪرسي تي ويهندي چيو.
“طبيعت ڪيئن آهي سردار صاحب.” شاهمير اُتي رکيل صوفـه تي صفا جي ڀرسان ئي ويٺو.
“مان ٺيڪ آهيان، تون ڪيئن آهين؟” عالي هن کان پڇيو.
“مان به ٺيڪ آهيان. پر جسم ۾ اڃا تائين ڏاڍو سور آهي.” شاهمير پنهنجو هٿ ڌڪ لڳل ٻانهن تي رکي ٽهڪ ڏنو.
عالي به مرڪڻ لڳو.
“هاڻي تون عالي کي پاڻ سان گڏ ڪيڏانهن به نه وٺي وڃجانءِ، سمجهئي؟” مروه شاهمير کي چيو.
“ڄڻ هر دفعي ائين ٿيندو ڇا”. شاهمير چيو.
“ڀلي ٿي يا نه پر عالي نه هلندو. ها نه عالي؟” مروه دعوا ڪندي عالي ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
“پاڻ کان وڏن سان ائين نه ڳالهائبو آهي مروه ڪيترا دفعا سمجهايو آهي.” عالي مروه کي تنبيهه ڪئي.
“مون به توکي ڪيترا دفعا چيو آهي ته مون کي پنهنجي ڪزنس سان تڪلف سان ڳالهائڻ ۾ مزو نه ايندو آهي ۽ هي ته توکان به ننڍو آهي.” مروه شاهمير ڏي اشارو ڪندي چيو.
“انهن سان بدتميزي سان ڳالهائڻ ۾ ته مزو اچئي ٿو، پر انهن تي حڪم ته نه هلاءِ نه.” شاهمير چيو.
“مون توتي ته حڪم نه هلايو نه.” مروه چيو.
“جڏهن ته هلائڻ مون تي ئي گهرجئي.” شاهمير چپن ۾ چيو پر ڀرسان ويٺل صفا ٻڌي ورتو. ۽ هن ڏانهن ڏسي مسڪرائڻ لڳي.
“ڇا چيئي؟؟” مروه صفا کي مسڪرائيندي ڏٺو ته شاهمير کان پڇيائين.
“بس بس هاڻي وري جنگ شروع نه ڪجو.” زينب ٻنهـي کي چيو.
“عالي تون آرام ڪر، تنهنجي طبيعت پوري طرح صحيح ناهي اڃا.” مروه عالي کي چيو.
“ٺيڪ آهي عالي جي چمچي.” شاهمير هن کي وري تنگ ڪيو.
“تون وچ ۾ نه ڳالهاءِ عالي جا ڊرائيور.” مروه وٽ به جواب تيار هو، هميشه وانگر.
“مروه.” عالي مروه ڏانهن ناراض ٿيندي ڏٺو.
“تنهنجي ڪري ڇڏيانس ٿي.” مروه عالي کي چئي بيڊ تان اٿي ويئي.
“تون به هروڀرو ويچاري کي تنگ ڪندو آهين.” شهلا شاهمير کي چيو.
“مامي هي ويچاري آهي، ڏسو نٿا ڪهڙا جواب ٿي ڏي. گهر جي ڪا به ڇوڪري ائين نه ڳالهائيندي آهي. حاجره سان رهي رهي ان جهڙي ٿيندي ٿي وڃي.” شاهمير کلندي چيو.
“گهر جون سڀ ڇوڪريون هڪ جهڙيون ته نه ٿي سگهنديون نه .” زينب، شاهمير کي چيو.
“مختلف آهي تڏهن ته ايڏي پياري آهي.” شاهمير وري آهستي چيو جيڪو صفا ٻڌي ورتو.