37
“ٿينڪس امي توهان کي ڪيئن خبر پئي ته مون کي هن وقت ان جي ضرورت هئي.” اڄ به هو اتي ئي آيل هو ۽ ڪافي دير کان مروه ۽ سيرت کي پڙهائي رهيو هو ته شهلا هن لاءِ ڪافي ٺاهي آئي.
“ماءُ آهيان، ايترو ته سمجهي سگهان ٿي.” شهلا هن کي چيو.
“چاچي عالي کي ته ڄڻ هر وقت ڪافي جي ضرورت هوندي آهي.” مروه چيو.
“ڪم به ته ايترو ڪندو آهي نه منهنجو ڀاءُ.” سيرت چيو.
“تون پاڻ آرام به ڪندو آهين يا بس صرف ٻين کي ئي آرام ڪرڻ لاءِ چوندو رهندو آهين؟” مروه عالي کان پڇيو.
“مان به آرام ڪندو آهيان. تون صفا جو ايترو خيال نه پئي رکين نه، ڏس هوءَ وري اڄ ڪمزور لڳي رهي آهي.” عالي سامهون ڪچن ۾ بيٺل صفا ڏانهن ڏسي مروه کي چيو.
“مان ته ايترو چوندي آهيانس پر منهنجو ڪوئي ٻڌي به نه!” مروه به صفا ڏانهن ڏٺو.
“تون هڪڙي ئي ته آهين جيڪا پنهنجي پيءُ وانگر صرف پنهنجي ٻڌائيندي ۽ ڪندي آهين.” زينب مسڪرائي چيو.
“جيجي، مان توهان جي ڳالهه سان سؤ سيڪڙو متفق آهيان.” شاهمير، صفا سان گڏ رڌڻي ۾ بيٺو هو، تنهـن زينب جي ڳالهه ٻڌي چيو.
“هر ڳالهه ۾ تنهـنجو ڳالهائڻ ائين لازمي هوندو آ جيئن پيپر ۾ هڪ سوال لازمي هوندو آهي.” مروه شاهمير کي چيو.
“هر ڪنهن کي پنهنجي خيال جو اظهار ڪرڻ جو حق آهي ۽ مان ان حق کي پوري طرح استعمال ڪندو آهيان.” شاهمير چيو.
“جيڪڏهن ان حق کي مان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو نه ته پوءِ هتي ٽين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ويندي.” مروه ته خاموش رهڻ سکيو ئي نه هو.
“جتي توهان ٻئي هوندا آهيو، اتي هونئن به جنگ ڇڙيل هوندي آهي، ٿورو آسپاس وارن ماڻهن تي رحم ڪندا ڪيو.” هميشه وانگر عاليءَ ئي جنگ بندي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“عالي مان سڀاڻي ڳوٺ پيو وڃان، توکي ڪجهه ڏينهن موڪلون هجن ته تون به هل.” شاهمير رڌڻي مان نڪري آيو.
“تون ڇو پيو وڃين؟” عالي حيران ٿيو.
“ادا ميربل هيڏانهن پيو اچي ان ڪري چاچا سائين مون کي ڳوٺ وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.” شاهمير ٻڌايو.
“ٺيڪ آهي مان به هلندس.” عالي به ڳوٺ وڃڻ پيو چاهي.
“ٺيڪ آهي تون سڀاڻي تيار ٿجانءِ، مان توکي هاسٽل کان پِڪ ڪندس.” شاهمير، عالي کي سڀاڻي جو پروگرام ٻڌايو
“ٺيڪ آهي”، عالي جواب ڏنو
ٻي ڏينهن صبح جو ئي هو ٻئي ڳوٺ روانا ٿي ويا.
هي ڳوٺ پهتا ته اتي ڄڻ ته ڪو راڪاس گهمي ويو هو. ڳوٺ جون گهٽيون کائڻ لاءِ اچي رهيون هيون. اوطاق جي ٻاهران ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو بيٺل هئا.
“ڇا ٿيو توهان سڀ اتي؟” شاهمير ايترا ماڻهو ڏسي انهن کان پڇيو.
“ها سائين خبر پئي آهي ته شانل (جنهن تي مائي کڻڻ جو الزام هو) اهو آيو آهي.” هڪڙي ماڻهو انهن کي ٻڌايو.
هي ٻئي ڄڻا تڪڙا تڪڙا اندر ويا.
اندر ڪجهه ٻين ذاتين جا به چڱا مڙس سردار صاحب سان گڏ ويٺا هئا.
“سائين مان قرآن پاڪ تي هٿ رکي چئي سگهان ٿو ته مان ان عورت کي نه ڀڄايو هو، ان پاڻ مون کي ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي ڇڏڻ جو چيو هو.” شانل، سردار صاحب جي ڀرسان رکيل هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ سڀني کي پنهنجي ڳالهه جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
“اڙي پوءِ تون ڇو وئين ان سان گڏ؟ جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي، ته تون ان جي مائٽن کي وڃي ٻڌائين هان نه.” سردار صاحب حيرانگي ۽ ڪاوڙ مان چيو.
“سائين مان انهن جي حويلي جي دروازي جي ڀرسان ٺهيل نوڪرن جي گهر مان اڃا نڪتس مس ته هوءَ عورت منهنجي سامهون اچي بيٺي. مان ته پنهنجي ماسات سان ملڻ ويو هئس. هوءَ هڪ دفعو اڳ به مون سان اتي ملي هئي ۽ مون کان پڇيو هئائين ته مان ڪير آهيان. وري هن دفعي ويس ته هوءَ آئي ۽ چيائين ته مون کي هن ڳوٺ مان ڪڍي هل، نه ته مان رڙيون ڪري سڀني کي ٻڌائيندس، ته تون مون کي اغوا پيو ڪرين.” شانل چيو.
“پوءِ نيٺ آخر اها ويئي ڪيڏانهن؟” سردار صاحب پڇيس.
“مان جيئن تيئن ڪري ان کي ڳوٺان ته ڪڍي آيس پر هن وري مون کي چيو ته مون کي ڀٽائي تي ڇڏي اچ يا ته مون کي اوڏانهن جي گاڏي ۾ ويهار. سردار صاحب منهنجي غلطي اها آهي ته مان ان سان گڏ اوستائين ويس. اهو به صرف اهو ڏسڻ لاءِ ته هوءَ ڪنهن جي چوڻ تي گهران نڪتي آهي.” شانل تفصيل ٻڌائي.
“پوءِ ڪا خبر پيئي؟” سردار صاحب پڇيو.
“نه سائين مان هن کي اتي ڇڏي ڪجهه ڏينهن تائين اتي هن کان لڪي رهيس، پر هوءَ ته شايد گهر کان تنگ ٿي نڪتي هئي جيڪا سڄو ڏينهن ڀٽائي صاحب جو اڱڻ ٻهـاريندي هئي ۽ ڪافيون ٻڌندي رهي. مان اها پڪ ڪري اتان موٽيس ته هوءَ ڪنهن ٻي جي چوڻ تي گهران نه نڪتي آهي.
ڳوٺ اچڻ کان پهرين ئي مون کي خبر پئي، ته هتي ته ٻڙڌڪ مچي ويو آهي، مان خوف کان ٻي شهر وڃي لڪي پيس پر سردار سائين توهان کان ڪير لڪي سگهيو آهي اڄ تائين. هاڻي مون تي رحم ڪيو ۽ منهنجي جان بچايو.” شانل هٿ ٻڌا.
“اسان تنهنجي جان بخشي به ڏيون ته ڇا مخالف ڌر وارا توکي ڇڏي ڏيندا؟ ۽ توکي احساس آهي ته تنهنجي ان غلطي جي ڪري منهنجي نياڻي بيواهه ٿي ويئي آهي ۽ اسان جي ماڻهن به هُنن جو هڪ ماڻهو ماري وڌو آهي.” سردار صاحب چيو.
“پر سائين مان ان وقت ڇا ڪيان هان؟ هڪ طرف ڀت هئي ته ٻي طرف باهه.” شانل جو ته ساهه اچي مٺ ۾ ٿيو هو.
“سردار صاحب توهان في الحال شانل کي لڪائي ڇڏيو، ڳوٺ ۾ به ڪنهن کي نه ٻڌايو هن جي باري ۾، ۽ پنهنجي طور تي ان ڇوڪريءَ کي ڳوليو.” اتي ويٺل هڪ چڱي مڙس صلاح ڏني.
سڀني ان ڳالهه جي تائيد ڪئي.
“ٺيڪ آهي ائين ئي ڪيون ٿا، توهان ٻي ڌر کي في الحال ڪجهه نه چئجو.” سردار صاحب انهن کي چيو.
“هنن جي ڇوڪري اسان کي ملي به ته مان انهن کي ائين ئي ته ڇوڪري واپس نه ڏيندس نه، آخر هنن اسان جا ٽي خون ڪيا آهن.” سردار صاحب ڪجھه سوچيندي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“اسان ايترا به بزدل ناهيون جو پنهنجي جوان مردن جا لاش ڪڇ ۾ ڪري انهن سان ڳالهيون ڪرڻ وڃون.” سردار صاحب ڳالهائيندو رهيو.
عاليءَ جي بي چيني وڌندي پئي ويئي، هن اتان اٿي حسينه جي گهر جو رخ ڪيو.
گهر جو دروازو کليل هو پر پوءِ به هن دروازو کڙڪايو. حسينه جو پٽ ٻاهر نڪري آيو.
“سائين توهان ٻاهر ڇو بيٺا آهيو؟ اندر اچو نه.” هن عالي کي چيو.
“ڪير آهي پٽ.” حسينه ورانڊي ۾ کٽ تي ستل هئي.
“مان آهيان ماسي ، عالي.” عالي اندر آيو.
“توهان اٿو نه، بس ليٽيل رهو.” عالي کي ڏسي حسينه اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، ته عالي اڳيان وڌي هن کي ورائي ليٽايو.
“ابا منهنجي ٻچڙيءَ جي ڪا خبر پئي؟” حسينه عاليءَ کان پڇيو.
عالي وٽ ڪو جواب نه هو. هن کي لڳو هتي هن کي نه اچڻ گهرجي ها.
“نه ماسي مان پاڻ اڄ ئي ڳوٺ پهتو آهيان.” عالي ڳيت ڏيئي پنهنجي سُڪل نڙيءَ کي آلو ڪيو.
“الله شل ظالمن کي خوار ڪندو، خبر ناهي منهنجي حاجره ڪهڙي حال ۾ هوندي.” حسينه رئي جي پلوَ سان اکين ۾ آيل ڳوڙها اُگهيا.
حسينه ڪيترائي دفعا سوچيو ته سردار صاحب کي وڃي ٻڌائي ته حاجره ان جي ڌيءُ آهي، پر هن سوچيو ته جيڪڏهن سردار صاحب کي ڪاوڙ آئي ته پوءِ هن جي ته جيڪا حالت ڪندو سو ڪندو پر حاجره هٿ ڪري ان کي به مارائي ڇڏيندو.
“تو ماسيءَ کي ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو آهي؟” عاليءَ ڀرسان بيٺل ڪريم کان پڇيو.
“سائين امان کي چوان پيو ته مون سان گڏ شهر هلي پر امان نٿي مڃي. توهان ئي امان کي سمجهايو نه. سردار صاحب وارن کي حاجره ته ياد ئي ناهي، هنن کي ڳڻتي آهي ته پنهنجي ڄاٽي جي بدلي جي.” هن عالي کي ٻڌايو.
“ابا مان پنهـنجو گهر نٿي ڇڏڻ چاهيان ائين نه ٿئي جو منهنجي حاجره ڪڏهن اچي ۽ دروازو بند ڏسي موٽي وڃي. الله ڪندو انهن جا ٻچا به ائين رلندا.” حسينه وري پٽڻ ۾ شروع ٿي ويئي.
“ماسي توهان ڪنهن کي بددعا ڏيڻ جي بجاءِ حاجره لاءِ دعا ڪريو ته الله ان جي مدد ڪري. هوءَ باهمت ڇوڪري آهي آسانيءَ سان حالتن اڳيان هار نه مڃيندي.” عالي حسينه کي حوصلو ڏنو.
“ڪو هڪڙو هجي ها ته انهن سان منهن ڏيئي به وڃي ها پٽ پر هتي ته ٻنهي پاسي ظالم ماڻهو آهن. هوءَ ڪيئن ڪجهه ڪري سگهندي.” حسينه جي دل کي اطمينان نه هو.
“توهان بس دعا ڪيو، مان هلان ٿو ماسي، هي رکو ۽ شهر وڃي پنهنجو علاج ضرور ڪرائجو، الله بهـتر ڪندو.” عالي حسينه کي ڪجهه رقم ڏني ۽ ان جي پٽ سان گڏ ٻاهر آيو.
“تون چاچا سائين ڏي ويو هئين؟” عالي دروازي وٽ اچي ڪريم کان پڇيو.
“ها، پر سردار صاحب چيو ته في الحال ته ڇوڪريءَ کي وساري ڇڏيو، جڏهن سڀ معاملا طئه ٿي ويندا، پوءِ ڇوڪريءَ جي گهُر ڪري ڏسنداسين هُنن کان.” هن ٻڌايو.
“تون ماسي کي علاج لاءِ وٺي وڃ، الله سَڻائي ڪندو.” عالي حاجره جي باري ۾ سوچيندو سوچيندو پراڻي حويلي ڏانهن آيو.
هر طرف خاموشي ڇانيل هئي، اُن ماٺ کي وقفي وقفي سان وڻ ۾ لڳل سيرت جي پينگهه جو آواز ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. گهر جي هر شيءِ هن کان گهر ڀاتين جي غير موجودگيءَ تي سوال ڪري رهي هئي. اڱڻ ۾ لڳايل هن جا گل سڪي ويا هئا. هن گهر سان عالي جو اهڙو رشتو جڙي ويو هو، جيئن ڪو پنهنجو ويجهو عزيز جيڪو توهان سان هر ڏک سک ۾ گڏ رهيو هجي. اڄ اهو گهر، ان گهر جو ذرو ذرو اداس هو پر هن جي ڏک ۾ ڪوئي شريڪ نه هو.
“هتي ڇا پيو ڪرين؟” شاهمير به پراڻي حويلي آيو ۽ عالي جي پويان اچي هن جي ڪن ۾ چيائين، ته عاليءَ کان ڇرڪ نڪري ويو.
“تون ته ڊيڄاري ڇڏيو مون کي.
پنهنجي گهر جي سڪ لڳي هئي، ان ڪري هيڏانهن آيس.”عالي پهريون دفعو هن گهر کي ’پنهـنجو’ چيو هو.”
“يار ڪيڏي خاموشي آهي، هتي! مون کي ته هيڏانهن ايندي به ڊپ پيو لڳي.” شاهمير گهر کي چؤطرف ڏسڻ لڳو.
“خبر ناهي سڀ هتي وري واپس اچي سگهندا، الائي نه.” عالي پنهـنجو پاڻ سان ڳالهايو.
“اهڙا مسئلا ڳوٺن جا ڳوٺ تباهـه ڪري ڇڏيندا آهن، اسان جي ڳوٺ مان به گهڻا ماڻهو ٻين ڳوٺن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا آهن.” شاهمير ٻڌايو.
“شهزور سان گڏ ٻيا ڪير ڪير قتل ٿيا هئا؟” عالي کي ياد آيو ته هن پڇيو.
“ٻئي اوطاق جا ماڻهو هئا”، شهزور ٻڌايو.
“هل انهن جي گهر ٿا هلون.” عالي حويلي مان نڪرڻ لڳو.
“ها ٺيڪ آهي”، شاهمير به هن جي پويان هلڻ لڳو.
ٻنهي گهرن کان تعزيت ڪري هو واپس اوطاق تي آيا.
“توهان بنا هٿيار جي ائين ڇو پيا گهمندا وتو؟” جيئن ئي اوطاق تي پهتا ته هيبت خان هنن کان پڇيو.
“تعزيت ڪرڻ ويا هئاسين.” شاهمير جواب ڏنو.
“چڱو هاڻي هي هٿيار پاڻ سان گڏ ئي رکو ۽ ٻاهر گهمندا نه وتو ائين.” هيبت خان هنن ٻنهي کي هٿيار ڏنا ۽ پاڻ اوطاق کان ٻاهر هليو ويو.
“هي هٿيار ڇو؟” عالي حيران هو.
“ٿي سگهي ٿو دشمن اوچتو حملو ڪري.” شاهمير اندازو امڪان ڏيکاريو.
“اڙي توکي ٻڌائڻ وسري ويو، معز ڪال ڪئي هئي، شايد تنهـنجو نمبر نه پيو لڳي ان وقت. هن تنهنجو پڇيو پئي.” شاهمير کي اوچتو ڳالهه ياد آئي.
“ها مان ان کي ٻڌائڻ بنا ئي هليو آيس، ان ڪري ڪئي هوندائين. مان هن کي ٻڌائي ڇڏيندس.” عالي چيو.
“شاهمير ڇا حاجره کي واقعي ائين هي سڀ وساري ڇڏيندا؟” عالي هن کان پڇيو.
“ها يار! لڳي ته ائين ئي ٿو. جيڪڏهن هن جي شادي وغيره ڪرائي ڇڏي هوندنِ ته اسان جي ڳوٺ مان ڪوئي هن جي پڇا به نه ڪندو.” شاهمير چيو.
عالي پنهنجي موبائيل کولي ميسجز پڙهڻ لڳو.
“معز، ڊاڪٽر الطاف سان گڏ شهدادڪوٽ پيو اچي.” عالي شاهمير کي ٻڌايو.
“ڇو؟” شاهمير پڇيو.
“ڊاڪٽر الطاف گورنمينٽ جي طرفان مليل هڪ پراجيڪٽ سپروائيز ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هن کي ٻهـراڙين ۾ لڳايل ڪيمپس کي ڏسڻو آهي ان ڪري معز به هن سان گڏ ئي اچي رهيو آهي.” عالي هن کي معز جو سينڊ ڪيل ميسج ٻڌايو.
“صحيح، ان طرح معز جون ڇُٽيون به سٺي نموني گذري وينديون.” شاهمير چيو.
“ها هُن کي به هيءُ علائقو گهمڻ جو شوق آهي، ٻه ڏينهن هتي رهندو ته شوق پورو ٿي ويندس.” عالي شاهمير کي ٻڌايو.
هي ٻئي رات تائين اوطاق ۾ ئي رهيا، پوءِ نئين حويلي ويا ته عالي دُربيبيءَ کي سلام ڪري سندس ڪمري ۾ گهڙيو.
دُربيبي جو انداز هن دفعي هميشه وانگر سخت نه هو. هن عالي کان صفا جي طبيعت جي باري ۾ پڇيو.
عالي صفا لاءِ هن جي پريشاني کي سمجهي ورتو، تنهنڪري کيس دلجاءِ ڏنائين.
رات جو دير تائين عالي، حاجره کي ڳولهڻ جو طريقو سوچيندو رهيو. هن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو هو ته هن جو تعلق حويلي سان هو، جنهن جي ڪري هو پاڻ هن جي ڳولا ۾ نڪري نه پيو سگهي.
صبح جو به هن جي اک کلي ته هن جي ذهن ۾ حاجره جو خيال هو. هي فريش ٿي هيٺ آيو ته هال ۾ ڪجهه ڪم وارين عورتن کان علاوه ڪوبه نه هو. غير ارادي طور هن جا پير، صفا ۽ مروه جي ڪمري ڏانهن کڄڻ لڳا.
هنن جي ڪمري جو دروازو لاڪ نه هو، ان ڪري هو دروازو کولي اندر آيو. بيڊ جي ڀرسان رکيل اسٽڊي ٽيبل تي فوٽو فريم رکيل هو، جنهن ۾ مؤمن ۽ بهرام خان جي ننڊپڻ جي تصوير مڙهيل هئي. فريم تي مٽيءَ جو تهه ڄمي ويو هو. هن ٽيبل جي ڀرسان رکيل ڪتابن جي الماڙي ڏٺي، جنهن ۾ گهڻو ڪري صفا جا ڪتاب رکيل هئا.
عالي الماڙي جو دروازو بند ڪرڻ لڳو ته هن جي نظر دروازي جي اندرين پاسي کان لڳل هڪ تصوير تي پئي. هن پورو دروازو کولي اها تصوير ڏٺي جيڪا هنن سڀني جي ننڊپڻ جي هئي. هن کي ياد آيو اها تصوير ڪڍرائڻ کان پهرين مروه ضد ڪري ميربل کان ڪيمرا وٺي پراڻي حويلي آئي هئي. ان وقت اڃا هوءَ ايترو پراڻي حويلي نه ايندي هئي پوءِ به هن چاهيو هو ته هوءَ عالي ۽ سيرت سان گڏ تصوير ڪڍرائي.
عالي جي چپن تي مُرڪ تري آئي.
“مان به ته ڪيڏو چڙندو هئس نئين حويلي جي سڀني ٻارن کان! اميءَ زبردستي ان تصوير ۾ بيهڻ لاءِ چيو هو.” عالي تصوير ۾ پنهنجي پيشانيءَ تي آيل گهنج ڏسي سوچيو.
تصوير جي مٿان پني جي ننڍڙي چٽ تي ڪجهه لکيل هو. عالي غور سان پڙهيو جنهن تي لکيل هو، First pic with first cousins. اها صفا جي رائيٽنگ هئي، عالي سڃاڻي ورتي.
ماضي جي ڪجهه واقعن کي حال ۾ ياد ڪبو آهي ته اهي خوبصورت لڳندا آهن، جڏهن ته ان وقت اسان جي لاءِ اهي واقعا ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هوندا آهن.
عالي ٻاهر آيو ته. شاهمير درناز ۽ دُربيبي سان گڏ هال ۾ ويٺو هو. هي به انهن ڏانهن هليو ويو.
“اچ پٽ، ويهه، مان تنهنجي لاءِ ناشتو ٺاهرائي وٺانِ.” درناز هن کي ويهڻ جو چئي رڌڻي ڏانهن وڃڻ لڳي.
“نه جيجي، مون کي بک ناهي.” عالي اتي ان جي ڀرسان ئي ويهي رهيو.
“پٽ مان شاهمير کي چوان پئي ته توهان ٻئي به هتان هليا وڃو. توهان هتي آيا آهيو ته اسان جي ته پريشاني وڌي ويئي آهي.” درناز عالي سان ڳالهه ڪئي.
“جيجي موت ته ڪٿي به اچي سگهي ٿو نه، توهان ۽ چاچا سائين وارا به ته هتي رهيا پيا آهيو نه، الله ڪندو سڀ خير ٿي ويندو.” عالي درناز کي چيو.
“امان سائڻ ڪجهه عرصي کان پوءِ به هو حاجره جي مالڪن کي ان سان نه ملڻ ڏيندا؟” شاهمير، ماءُ کان سوال ڪيو.
“اهو ته ان ماڻهن تي ڇڏيل آهي ته هو ڪيترا رحم دل آهن، جنهن سان حاجره جي شادي ڪرائي ويندي جيڪڏهن اهو چاهي ته حاجره کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان ملڻ ڏيئي سگهي ٿو.
“پر اڪثر ڪري اهڙن معاملن ۾ مالڪ پاڻ ئي پنهنجي ڌيءُ سان ملڻ نه چاهيندا آهن.” درناز چيو.
“ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو پنهنجي اولاد سان ملڻ کان انڪار ڪري!” عالي حيرانگيءَ مان سوال ڪيو.
“ائين ٿي سگهي ٿو. شاهه بي بي کي به اسان وٽ ائين ئي آندو ويو هو. جڏهن مسئلو حل ٿي ويو ته چاچا سائين شاهه بي بي جي مالڪن کي چيو ته هو پنهنجي ڌيءُ کي وٺي وڃن، پر هنن چيو ته هاڻي هو پنهنجي ڌيءُ کي نه وٺي ويندا ڇو ته هاڻي جنهن سان ان جي شادي ٿي آهي اهو ئي ان جو اصل وارث آهي.” دُربيبي عالي کي جواب ۾ شاهه بي بي جي ڪهاڻي ٻڌائي.
“ان جي شادي ڪنهن سان ڪئي ويئي هئي.” عالي جو تجسس وڌي رهيو هو، ڇو ته هن کي ڪڏهن به ائين نه لڳو هو ته شاهه بي بي هن حويلي جي نه آهي.
“ان جي شادي اسان جي پُڦي جي پٽ سان ٿيل هئي، جڏهن اهو فوت ٿي ويو ته پوءِ شاهه بي بي کي چاچا سائين حويلي واپس آندو.” دُربيبيءَ ٻڌايو.
“منهنجي خيال ۾ اسان کي هاڻي اوطاق ڏانهن هلڻ گهرجي.” شاهمير، عالي کي ياد ڏياريو ۽ اٿيو.
“ها.” عالي به اٿيو.
“شاهمير اسان اڄ شهر هلي سگهون ٿا؟” عالي اوطاق ڏانهن ويندي شاهمير کان پڇيو.
“ڇو؟” شاهمير پڇيو.
“معز سان ملڻ لاءِ.” عالي جواب ڏنو.
“مان بابا سائين جن کان پڇان ته پوءِ ٻڌايانءِ ٿو.” شاهمير چيو.
اوطاق ۾ آيا ته هنن کي خبر پئي ته سردار صاحب ڪيڏانهن ٻاهر ويل آهي، هيبت خان کان خبر پئي ته هو ڪجهه ٻين قبيلن جي سردارن سان ملڻ ويو آهي.
شاهمير هيبت خان کان شهر وڃڻ جي اجازت وٺي، عالي سان گڏ شهر هليو آيو.
هي ٻئي ڊاڪٽر الطاف جي گهر ويا، جتي معز به آيل هو.
“تون ته وڏو بي وفا آهين يار، ٻڌائڻ کان بنا هليو وئين.” معز ڏسندي ئي عالي کي ميار ڏني.
“بس تون گهمڻ ويو هئين، ته ان لاءِ مون سوچيو توکي نٿو ٻڌايان.” عاليءَ ورندي ڏني.
“تون ٻڌاءِ ڪهڙيون جڳهيون گهميئي؟” عالي هن کان پنهـنجي سير و تفريح جي باري ۾ پڇڻ لڳو.
“ها بس اسلام آباد ئي گهمي سگهياسين.” معز ٻڌايو.
“تون ٻڌاءِ مسئلو ڪٿي پهتو، حاجره جي ڪا خبر پئي؟” ڊاڪٽر الطاف، عاليءَ کان پڇيو.
“نه ڊاڪٽر صاحب ڪٿي، ان جو ته ڪو پتو ئي ڪونهي.” عالي جواب ڏنو.
ڪافي دير تائين هو هڪ ٻئي سان ڳوٺ ۾ انهيءَ مسئلي تي ڳالهائيندا رهيا.
“عالي ڇا اسان پاڻ حاجره کي نٿا ڳولي سگهون؟” معز، عاليءَ کان پڇيو.
“اسان ڪيئن ڳولي سگهنداسين، هڪ ته مان ۽ شاهمير ان علائقي ۾ نٿا وڃي سگهون، ٻيو ته جيڪڏهن اوڏانهن وڃون به ته حاجره جي خبر ته حويلي مان ئي ملي سگهي ٿي نه.” عالي چيو.
“مان ته وڃي سگهان ٿو نه؟” معز ڪجهه سوچيندي چيو.
“مان توکي ان جهنجهٽ ۾ پوڻ نه ڏيندس.” عالي هن جي ڳالهه رد ڪئي.
“توکي هن علائقي جي ڪا خبر به ناهي، تون اتي پهچي به وڃين ته وري اها ساڳي عالي واري ڳالهه ته حاجره جي خبر ته حويلي مان ملندي جيڪا ڪا عورت ئي معلوم ڪري سگهي ٿي.” ڊاڪٽر صاحب به عالي جو ساٿ ڏيندي چيو.
“پر ڊاڪٽر صاحب مان هن ڇوڪري لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو. بس ڪوئي مون ان علائقي تائين پهچائي، مان پاڻ ئي معلومات حاصل ڪري وٺندس، ۽ فائدي جي ڳالهه اها آهي ته منهنجو تعلق ٻنهي علائقن مان ڪنهن هڪ سان به نه آهي ۽ خبر ته پاڻ کي اٿوَ ته مهمان جي هتي ڪيتري عزت ڪئي ويندي آهي.” معز ته حاجره کي ڳولهڻ لاءِ منصوبو به جوڙي ورتو.
معز جي اها ڳالهه سڀن جي دل کي لڳي، پر پوءِ به اهو هڪ خطرناڪ ڪم هو ان ڪري ڪوئي به حامي ڀرڻ لاءِ تيار نه هو.
“پليز توهان سڀ هڪ دفعو منهنجو ساٿ ڏيو، جيڪڏهن منهنجو اهو منصوبو ناڪام ويو ته پوءِ ٻيهر مان ڪوشش نه ڪندس.” معز سڀني کي خاموش ڏسي چيو.
“مان توکي پنهـنجو ڊرائيور ۽ گاڏي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر جيڪڏهن هي ٻئي ها ڪن.” ڊاڪٽر الطاف عالي ۽ شاهمير ڏانهن ڏٺو.
“منهنجي راءِ آهي ته ڪا ملازمـه به اوڏانهن موڪلي وڃي ته جيئن هوءَ حويلي مان به پڇا ڳاڇا ڪري.” شاهمير به معز جو ساٿ ڏنو.
“پر معز اهو ڏاڍو رسڪي ڪم آهي.” عالي، معز کي ڪنهن مشڪل ۾ وجهڻ نه پيو چاهي.
“ڪجهه نه ٿيندو يار بس هڪ دفعو ها ڪر.” معز هن کي عاجزي ۾ چيو.
“ٺيڪ آهي پر تون اتي گهڻا ڏينهن نه رهندين.” عالي، معز کي تحڪمانه لهجي ۾ چيو.
“ٺيڪ آهي.” معز خوش ٿيندي چيو.