ناول

سعي

”سعي“ مانواري ليکڪا ”مهراڻ ايوب“ جو لکيل ناول آهي.
سعي هڪ گهريلو سماجي ناول آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جي تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀريل ڊگهي سفر جو هڪ ڪشٽ سمايل آهي. هن ناول ۾ ڪيئي ڪهاڻيون لڪل آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻيءَ جا الڳ الڳ موضوع آهن، جن تي ڌار ناول لکي سگهجن ٿا، ڇو ته جنهن سماج ۾ اسان رهيا آهيون ان ۾ رهندڙ فردَ بذاتِ خود ڪئين ڪهاڻيون آهن ۽ اڪثر فرد جي چهري مٿان چهرو اوڍيل آهي، انهن کي سمجهڻ ۽ وائکو ڪرڻ لاءِ به ڪئين زندگيون گهرجن. هن ناول ۾ ليکڪا انهن مڪروه چهرن کي بي نقاب ڪرڻ جي هڪ سٺي سعي ڪئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 4309
  • 984
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مهراڻ ايوب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Saee

30

هڪ سال گذري ويو، مروه ۽ سيرت، سردار صاحب کان لڪي امتحان ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. امتحان پاس ٿيڻ جي خوشي پنهنجي جڳهه تي پر ان ڳالهه کي راز رکڻ جي ڪاميابيءَ سان هنن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هنن ڪا وڏي جنگ فتح ڪئي هجي.
ماهه نور کي ٻيو پٽ ڄائو. عالي، ميربل کي ان جون شروع ۾ ئي ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ چيو. رپورٽ آئي ته خبر پئي ته هو به ساڳيءَ بيماري جو شڪار هو. انڪري هاڻي ميربل ۽ ماهه نور گهڻو وقت ڪراچي ۾ ئي رهندا هئا.
عالي جو به ٻيو سال پورو ٿيو ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ ويو. عرفات جو رويو به هاڻي عالي سان بهـتر ٿي ويو هو. عالي هن کي اڪثر پڙهڻ جي تنبيهه ڪندو رهندو هو. ۽ هو به هاڻي گهڻو ڪري شام جو شهلا وٽ ايندو هو.
شاهمير به ٻارهين جا امتحان ڏيڻ کان پوءِ ڪراچي هلي ويو جتي عالي هن کي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ چيو. شاهمير جا ڪجهه دوست به اتي ٽيسٽ ڏيئي رهيا هئا انڪري ان به عالي جي دل رکڻ لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ها ڪئي.
هن کي خبر نه هئي ته عالي هن جي ها کان پوءِ هٿ ڌوئي هن جي پويان پئجي ويندو. هن ٽيسٽ جي تياري ڪئي اوترا مهينا عالي هنن جي ڪراچي واري بنگلي تي ئي رهيو. نيٺ شاهمير کي سنجيده ٿي پڙهڻو پيو. پيءُ سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ هن پوليٽيڪل سائنس ۾ داخلا ورتي.

“سردار صاحب ڏسو ٿا نه پنهنجي ڀاڄائيءَ جا ڪم، صحيح چوندا آهن ته “ڏيهه ٻڌي پر ڏيرياڻي نه ٻڌي”، توهان جي ڀاڄائي ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڏيکاريو.” دُربيبي سردار صاحب کي چيو.
“ڇا ڪيائين وري؟” سردار صاحب ڪاغذ ڏسڻ ۾ مصروف هو پر هن زال جي ڳالهه ٻڌي ڪنڌ مٿي ڪيو.
“الائي گهڻا سال اڳ زينت جي ڌيءُ ۽ پٽ سان عالي ۽ سيرت جا رشتا طئه ڪري ڇڏيا اٿئين ۽ اسان کي خبر به ناهي.” دُربيبي ٻڌايو.
“توکي ڪنهن ٻڌايو؟” سردار صاحب اها ڳالهه ٻڌي هن ڏانهن متوجه ٿيو.
“مون سان هڪ ملازمه ڳالهه ڪئي، مان ته هر وقت هنن جي خبر رکندي آهيان سردار صاحب. بس هوءَ مائي ئي اسان کي پنهنجو نه سمجهندي آهي.” دُربيبي. سردار صاحب جي ان ڳالهه ۾ دلچسپي ڏسي کيس چيو.
“مان سڀاڻي ئي هن سان ڳالهائيندس.” سردار صاحب ڪجهه سوچيندي چيو.
“توهان هاڻي مون کي منهنجي ٻارن جو رشتو هن سان ڪرڻ لاءِ نه چئجو.” دُربيبي کي سردار صاحب جي ارادي جي خبر هئي ۽ ان جو ارادو بدلائڻ لاءِ هوءَ موقعي جي تلاش ۾ هئي. ڪالهه ئي هڪ ملازمه هن سان شهلا کان زينت جي رشتي گهرڻ واري پراڻي ڳالهه ڪئي ته دُربيبي کي موقعو ملي ويو.
“پوءِ باقي ڪٿي ڪندينءَ صفا جو رشتو؟” سردار صاحب هن کان پڇيو.
“مان ته شروع ۾ ئي زرينه جي پٽ شهزور سان هن جو رشتو ڪرڻ جو سوچيم هيم پر جڏهن شهلا هتي آئي، ته سوچيم متان توهان پنهنجي ڀائٽي کي پنهنجو ڏياٽو بڻائڻ جو سوچيو، انڪري زرينه کي آسرو نه ڏنم پر حقيقت اها آهي ته زرينه جو اسان ۾ آسرو آهي ۽ هوءَ ننڍي لاءِ کان ئي صفا سان ڏاڍو پيار ڪندي آهي. زينب جڏهن هن کي ڇڏي پراڻي حويلي ويئي ته ان وقت زرينه ئي صفا کي پاڻ سان گڏ رکيو. صفا به هن کي ڀائيندي آهي ڏاڍو.” دُربيبي هڪ ڪوڙ مٿان ٻيو ڪوڙ ڳالهايو.
“ٺيڪ آهي، زينت به پنهنجي آهي ان جي ڌيءُ به حويلي ۾ ايندي ته صحيح آهي. تون ڀلي زرينه سان صفا جي رشتي جي ڳالهه ڪري ڇڏ.” سردار صاحب هن جي ڳالهه مان مطمئن ٿيو.
دُربيبيءَ جون ته خوشيءَ ۾ واڇون ٽڙي ويون. هوءَ ڪمري مان نڪري هال ۾ آئي ته جيئن اڄ ئي ان رشتي کي پڪو ڪري ڇڏي.
هن ملازمه کي صفا ۽ مروه کي پراڻي حويلي مان وٺي اچڻ جو چيو.
عالي به ڳوٺ پهتو ته پراڻي حويلي ۾ ڄڻ ته رونق لڳي ويئي هئي.
“عرفات هاڻي توکي به عالي ۽ شاهمير وانگر محنت ڪري ڪنهن سٺي شعبي ۾ داخلا وٺڻي آهي.” شام جو سڀ پراڻي حويلي جي هال ۾ ويٺا هئا ته زينب، عرفات کي چيو ۽ اڳيان رکيل ڊرائي فروٽ جي پليٽ هن ڏانهن وڌائي.
“جيجي مان انهن جيترو هوشيار ناهيان.” عرفات پليٽ مان ڪجهه بادام کڻندي چيو.
“تون اسان ٻنهـي کان وڌيڪ هوشيار ۽ همت وارو آهين. تون چاهين ته ڪجهه به ڪري سگهين ٿو.” عالي هن کي همٿايو.
“هاڻي هروڀرو منهنجي دل نه رکو.” عرفات، عالي کي چيو.
“نه عالي، واقعي صحيح پيو چوي عرفات. مون توهان سڀني ٻارن کي پڙهايو آهي پر مروه ۽ توهان جو ذهن ماشاءالله سڀني کان سٺو آهي ۽ انسان جڏهن هڪ دفعو چوندو آهي ته مون کي ڪجهه نه ٿو اچي ته اها ڳالهه ئي هُن ۾ اهو يقين پيدا ڪري ڇڏيندي آهي ته هو واقعي ڪجهه نٿو ڄاڻي ۽ اها ڳالهه هُن کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندي آهي.” شهلا حقيقت بيان ڪئي ڇو ته عرفات واقعي هر طرح سان سڀني کان تيز هو.
“ٺيڪ آهي چاچي مان ڪوشش ڪندس.” عرفات جواب ڏنو.
“صفا، مروه، عرفات اڄ ته سڀ هڪ هنڌ ويٺا آهن. “بس بيت الله جي ڪمي آهي نه ته عمرو ٿي وڃي هان.” شاهمير هال ۾ ايندي هميشه وانگر اچڻ سان ئي سڀني جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻي ڇڏي.
“اڌ عمرو هاڻي ڪري ڇڏ باقي اڌ اوڏانهن وڃي ڪجان.” عرفات وراڻيو.
عرفات جي ڳالهه تي سڀئي کلڻ لڳا.
“جيجي توهان ٻنهـي کي سائڻ وڏي سڏي رهي آهي.” جميلا هال ۾ اچي صفا ۽ مروه کي چيو.
هو ٻئي اتان اٿي هليون ويون.
عالي ٿورو حيران ٿيو ڇو ته پهرئين ڪڏهن به دُربيبي هنن کي نياپو ڪري نه گهرايو هو.

“امان سائڻ خير ته آهي، توهان اسان کي اچانڪ پراڻي حويلي مان گهرايو.” مروه ايندي ئي ماءُ کان سوال ڪيو.
“ها خير آهي، صفا توکي جيترو پڙهڻو هو پڙهيئي، هاڻي پراڻي حويلي وڃڻ جي ڪا ضرورت ناهي.” دُربيبي صفا ڏانهن ڏسندي چيو.
“پر امان سائڻ……” صفا ڪجهه چوڻ چاهيو.
“بس بس، گهڻا سوال جواب نه، هاڻي پنهنجي ڪمري ۾ وڃ.” دُربيبي هن کي دڙڪو ڏيئي چيو.
صفا خاموشيءَ سان اندر هلي ويئي.
“امان سائڻ ڇا ٿيو آ توهان کي، توهان اڳ ۾ ته ڪڏهن ائين نه روڪيو آهي اسان کي.” مروه ماءُ جي ويجهو ايندي پڇيو.
“هر ڳالهه جو هڪ وقت هوندو آهي. تون وڃ ۽ زرينه کي سڏي اچ.” دُربيبي، مروه کي به خاموش ڪرائي ڇڏيو.
رات جو ئي نئين حويلي ۾ مٺائي ورهائي ويئي ۽ زرينه صفا تي رئو وجهي، ان کي مٺائي کارائي.
“مان ته هن جي ڄمندي ئي پنهنجي شهزور جي ڪنوار بڻائڻ جو سوچيو هو.” زرينه صفا ڏي منهن ڪري چيو.
صفا کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن يڪدم هن کان سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کسي ورتي هجي.
هميشه هن جي آواز کي خاموش ڪرائڻ واري هن جي ماءُ هن جي خوابن کي به ختم ڪري ڇڏيو، ۽ صفا هميشه وانگرپنهنجي ماءُ جي حڪم اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
......................

“السلام عليڪم چاچي سائڻ!” عالي نئين حويلي جي هال ۾ اچي دُربيبي کي سلام ڪيو. هو شهلا جي چوڻ تي دُربيبي سان ملڻ آيو هو ۽ هن دفعي هن ’چاچي’ جي پويان سائڻ جو اضافو ڪيو هو ڇو ته هن محسوس ڪيو هو ته دُربيبي کي سائڻ سڏرائڻ سٺو لڳندو آهي.
“وعليڪم السلام، عبدالعالي تون ڪڏهن آيو آهين ڳوٺ؟” دُربيبي هن کان پڇيو.
“جي ڪلهه ئي آيو آهيان.” عالي جواب ڏنو.
“ڏاڍي سٺي موقعي تي آيو آهين، ويهه نه پٽ، وٺ هي مٺائي کاءُ.” دُربيبي خلاف معمول عالي کي ويهڻ لاءِ چيو.
“دُربيبي جي ايڏي مٺي لهجي جي عالي کي عادت نه هئي، هو اتي رکيل هڪ صوفه تي ويٺو پر سندس ڇهين حس کيس ڪجهه غلط هجڻ جو اشارو ڪري رهي هئي.”
“مون کي عرفات ۾ ٿورو ڪم هو.” عالي اٿڻ جو بهانو ڪيو.
“ها، ها ملي وٺجان، ان سان به پر هي مٺائي ته کاءُ.” دُربيبي مٺائي جي پليٽ هن ڏانهن ڪندي چيو.
“مٺائي! ڇا جي خوشي ۾؟” عالي پڇيو هن جي دل الائي ڇو هٿ اڳيان ڪرڻ لاءِ نه پئي چئي.
“مون صفا جو رشتو پنهنجي شهزور سان طئه ڪيو آهي، ان خوشيءَ ۾.” دُربيبي عالي جي منهن کي غور سان ڏسڻ لڳي.
“نه چاچي سائڻ اِها مٺائي مون کي پسند نه آهي.” عالي پنهـنجو اڳيان وڌايل هٿ پوئتي ڪندي چيو.
“مان هلان ٿو.” لفظ ڄڻ هن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا هئا، هو اتُان اٿي عرفات جي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳو.
دُربيبي جي منهـن تي فاتحانه مسڪراهٽ اچي ويئي هن ريموٽ کڻي ٽي.وي هلائي.
عرفات جي ڪمري ڏانهن ويندي عالي جي طبيعت اهڙي ٿي ويئي جو هن گهڙي کن لاءِ اتي بيهي سوچيو ته هن وقت ڪنهن سان به ملڻ نه گهرجي. ان ارادي سان هو پوئتي موٽيو ته هن کي پويان ڪنهن سڏيو.
“ڪاش اڄ مان هتي نه اچان هان!” هو پهريون دفعو ڪنهن جو مقابلو ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيو هو.
“ڪنهن سان ملي بغير ئي واپس پيا وڃو.” مروه هن جي اڳيان اچي کيس چيو.
“بس اچانڪ ڪو ڪم ياد اچي ويو آهي، ان لاءِ وڃان پيو.” عالي ڏاڍي مشڪل سان جواب ڏنو.
“مون کي خبر آهي ڪوئي ڪم ناهي توکي، مون سان گڏ هل.” مروه ائين چئي ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳي.
عالي به هن جي پويان وڃڻ لڳو. عالي کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اڄ روزِ محشر هجي ۽ فرشتا هن کي حساب ڪتاب لاءِ وٺي وڃي رهيا هجن.
شاهمير وارن جي گهر مان ئي مٿي ڇت ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻين تي مروه بيهي رهي ۽ عالي کي مٿي وڃڻ جو اشارو ڪيائين. عالي مئل قدمن سان ڏاڪڻيون چڙهي مٿي آيو.
ڇت تي رکيل ڪرسين جي پويان صفا پٺيري بيٺي هئي. هُن جي وڏن ڪارن وارن جي چوٽي هوا جي زور تي لڏي رهي هئي.هن کي ڏسي عالي خواهش ڪئي ته جيڪر هو ڪنهن جادو ذريعي هتان غائب ٿي سگهي ها.
عالي جي قدمن جو آواز ٻڌي صفا هن ڏانهن منهن ڪيو. صفا هن کي ڏسي ٿوري حيران ٿي پر هوءَ سمجهي ويئي ته هن کي مروه ئي هيڏانهن موڪليو آهي.
صفا جون اکيون مسلسل روئڻ ۽ رات ننڊ نه ڪرڻ جي ڪري سُڄي ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. عالي پهريون دفعو هن جي اکين ڏانهن ايترو غور سان ڏٺو ۽ ڏسندو ئي رهجي ويو. اهي اکيون هن سان ڪجهه شڪايتون ڪري رهيون هيون پر هاڻي اهي شڪايتون دور ڪرڻ عالي جي وس ۾ نه هو.
“توهان ٺيڪ ته آهيو نه؟” عالي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي صفا کان پڇيو.
“ها.” صفا هن ڏانهن ڏسندي چيو.
“هن نئين رشتي لاءِ اوهان لاءِ دعاڳو هوندس، اميد ٿو ڪيان اوهان مون کي معاف ڪري ڇڏينديون.” عالي کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا چوي.
صفا خاموش رهي.
عالي کي خبر هئي ته هن صفا کي غلط ڳالهه چئي ڇڏي آهي پر هو هن کي ڪو ڪوڙو دلاسو به ته نه پئي ڏيئي سگهيو نه.
“منهنجي پيءُ ۽ ماءُ پنهنجي چالبازين سان جيڪي ڄار وڇايو هو، ان ۾ اڄ انهن جو پنهنجو اولاد ئي ڦاسي پيو آهي، ان ۾ توهان جو ڪو ڏوهه ناهي.” صفا جو لهجو زخمي هو.
“هنن کي توهان لاءِ اهوئي بهـتر لڳو هوندو.” عالي هن جي ڳالهه سمجهندي به نظرانداز ڪئي.
“هنن جي ڌوڪيبازين جو نشانو بڻجڻ کان پوءِ به توهان انهن جو پاسو پيا کڻو؟” صفا افسوس وچان چيو.
“صفا مان انهن جي ارادن کان پهرئين ئي واقف هئس، تنهن هوندي وقتي طور منهنجي دل ۾ به شايد ڪو فطري جذبو پيدا ٿيو هو ۽ منهنجي حرڪتن شايد اوهان جي دل ۾ به اهو احساس پيدا ڪيو، پوءِ به ڪوشش ڪندو هئس ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ اهڙو ڪو تعلق پيدا نه ٿئي، پر اها عمر ئي اهڙي هوندي آهي جو انسان پاڻ تي ڪنٽرول ئي نه ڪري سگهندو آهي.” عالي سوچي سمجهي اهڙن لفظن جي چونڊ ڪري رهيو هو جنهن سان صفا اهيو سمجهي ته عالي جي دل ۾ هُن لاءِ ڪو خاص جذبو ناهي.
“ڇا واقعي توهان جي دل ۾ منهنجي لاءِ ٻيو ڪو جذبو نه هو؟” صفا ڏک مان پڇيو.
“نه، صفا، اسان کي حويليءَ ۾ آندو، ضرور ويو هو پر مان ڄاڻان پيو ته اسان کي قبول ڪڏهن به نه ڪيو ويندو، توهان کي ۽ مروه کي مان اهي خوشيون ڏيڻ پيو چاهيان، جنهن جي توهان کي خواهش هئي. توهان جڏهن امي وٽ پڙهڻ شروع ڪيو ته امي ٻڌائيندي رهندي هئي ته توهان کي پڙهڻ جو شوق آهي ان ڪري مان توهان جو خيال رکندو هئس. مان ان ذهين ڇوڪري کي ضايع ڪرڻ نه پيو چاهيان پر افسوس جو ان جي لاءِ ڪوبه فيصلو ڪرڻ منهنجي هٿ ۾ نه هو.” عالي پنهنجي جذبن کي قابو ڪندي چيو.
“پنهنجي جذبن کي لڪائي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ اڳيان واري ماڻهو کي مطمئن ڪرڻ ڪيترو مشڪل آهي.” عالي سوچيو.
“اها ڇوڪري ته ضايع ٿي ويئي پر توهان جڏهن سيرت ۽ مروه کي ضايع ٿيڻ کان بچائي انهن کي پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ انهن جي ائين سپورٽ ڪندؤ ته اها ڇوڪري ائين سمجهندي ڄڻ هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪري ڇڏيو هجي.” صفا ائين چئي هيٺ هلي ويئي.
عالي آسمان ڏانهن نهاريو. رات ٿيڻ واري هئي پر اُتي اڃا اهو چنڊ به نه هو جنهن ۾ هو صفا جو چهرو ڏسندو هو. هن جو ڪنڌ هيٺ جهڪي ويو ۽ هو سست قدمن سان پراڻي حويلي آيو.

عالي کي خبر هئي ته دُربيبي هن جي پيءُ کان بدلو وٺڻ لاءِ ئي ائين ڪيو آ. زندگي ۾ اڳي به هن قربانيون ڏنيون هيون پر هن دفعي هن جي دل هن کي معيارون ڏيئي رهي هئي. مادي خواهشون پوريون نه ٿيڻ تي هن جي دل ۾ اهڙو احساس ڪڏهن به پيدا نه ٿيو هو پر اڄ هن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن ڪو بزدلي جو ڪم ڪيو آهي.
هن کي خبر هئي ته دربيبي کي هو پسند ناهي، پر پوءِ به صفا جي خاطر هڪ دفعو هن ان سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ ٻيهر نئين حويلي آيو.
دُربيبي پنهنجي ڪمري ۾ هئي. هو ٻاهر ويٺل رضيه کان پڇي هن جي ڪمري ڏانهن ويو پر هن جا قدم دروازي وٽ ئي رڪجي ويا.
“مون کي خبر هئي ته اِها شهلا مؤمن وانگر منهنجي اولاد کي به ڀڙڪائيندي. اِن مائيءَ ته اسان جي خاندان جون ريتون، رسمون ٽوڙڻ جو قسم کائي ڇڏيو آهي.” اندران دُربيبي جو گرجندڙ آواز آيو.
“امان سائڻ منهنجو مطلب اهو نه هو ته توهان شهلا چاچي جي خواهش پوري ڪيو، پر توهان ٿورو صفا جي خوشيءَ کي به ته مدنظر رکو نه.” اندران مروه جو آواز آيو.
“هوءَ توکي وچ ۾ آڻي منهنجي خلاف استعمال ڪري رهي آ ٻيو ڪجهه به ناهي، سمجهيئي؟” دُربيبي چيو.
“امان شهلا چاچي جو ان ۾ ڪو ڏوهـه ناهي. توهان صفا جي ماءُ هوندي به ان جي احساسن کي سمجهي ڇو نه سگهيون آهيو ڪڏهن به!!!” مروه ماءُ سان شڪايت ڪئي.
“پنهـنجي رت جي رشتن جو لحاظ ڪري سردار صاحب هنن کي هت آندو هو، پر انهن نمڪ حرامن مان مون کي اها ئي اميد هئي. اسان جي ٽڪڙن تي پلجندي هنن منهنجي گهر کي نانگن وانگر پنهنجو زهر منهنجي گهر ڀاتين جي دلين ۾ مون لاءِ ڀري ڇڏيو آهي.” دُربيبي زهريلي لهجي ۾ چيو.
“نفرت کي جڏهن گهڻي عرصي لاءِ دل ۾ رکيو ويندو آهي ته اها زهر بڻجي ويندي آهي امان. اهو زهر ايترن سالن کان اوهان پنهنجي دل ۾ رکيو ۽ هاڻي اهو زهر توهان پنهنجي اولاد جي زندگي ۾ ڄاڻي واڻي ڀريو آهي. شروع ۾ توهان اسان کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيندا رهيا پر پوءِ توهان اهو سوچي اسان کي وڃڻ ڏنو ته جيئن عالي يا سيرت جي ذريعي توهان مؤمن چاچا کان بدلو وٺي سگهو.” مروه به اڄ سچ چوڻ جو سوچي ڇڏيو هو.
“مروه پنهنجي زبان کي قابو رک.” دُربيبي ڪاوڙ مان چيو.
“توهان ڇا ٿا سمجهو ته اسان ننڍڙا ٻار آهيون، توهان جي لفظ ۽ لهجي ۾ ڀريل نفرت کي اسان سمجهي نه سگهنداسين! توهان ڏاڍو ظلم ڪيو آهي.” مروه تڙپندي چيو.
“ٺيڪ آهي، جيڪڏهن تون سڀ ڪجهه سمجهي ويئي آهين ته پوءِ اها ڳالهه به دماغ ۾ رکي ڇڏ ته مان مؤمن جي زال ۽ ان جي ٻارن جي وجود کان به نفرت ٿي ڪيان، انهن کي هڪ لمحو به هتي برداشت نٿي ڪري سگهان، ته پوءِ انهن سان رشتيداري ته پري جي ڳالهه آهي.” دُربيبي ائين چئي ڪاوڙ ۾ منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
“توهان خوش نه ٿجو ته توهان پنهـنجو بدلو وٺي ڇڏيو آهي. پر ٻڌي ڇڏيو الله پاڪ توهان کان هڪ بيواهه ۽ يتيمن تي ظلم ڪرڻ جو بدلو وٺي ڇڏيو آهي.
شهلا چاچي ۽ عالي کان ته اها ڳالهه شايد ڪجھه وقت ۾ وسري وڃي پر توهان جي ڌيءُ پوري زندگي توهان وانگي تڙپندي گذاريندي.” مروه ماءُ کي آگاهه ڪيو.
“صفا جي جڳهه تي جيڪڏهن ميربل يا عرفات هجن ها تڏهن به منهنجو فيصلو اهو هجي ها.” دُربيبي چيو.
عالي وڌيڪ ٻڌڻ نه پيو چاهي، انڪري واپس وڃڻ لڳو.
“ٺيڪ آهي امان سائڻ الله ڪندو، ڪڏهن اهو وقت ايندو جڏهن توهان عالي جي اڳيان پنهنجي ڪنهن اولاد جي خوشي لاءِ جهولي ڦهلائيندؤ.” مروه اهو چئي ٻاهر هلي آئي.
مروه سامهون ئي عالي کي ويندو ڏٺو ته ان جي پويان آئي.
“عالي.” هن عالي کي سڏيو.
“جي.” عالي هن ڏانهن مڙيو.
“تون هتي ڪيئن آيو هئين؟” مروه عالي کان پڇيو.
“پهريون ۽ آخري دفعو ڪوشش ڪرڻ آيو هئس.” عالي وراڻيو.
“تون سڀ ٻڌي ورتو؟” مروه پڇيو.
“ها.” عالي وراڻيو.
“عالي تون صفا کي هتان هميشه لاءِ وٺي هليو وڃ.” مروه جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
“مروه مان ائين ڪري پنهنجي والدين تي لڳايل ڪوڙن الزامن کي سچ ثابت ڪيان؟” عالي هن ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
“مان پنهنجي ڀيڻ کي ائين تڙپندي نٿي ڏسي سگهان.” مروه روئندي چيو.
“ان کي سمجهائجانءِ ته ان جي محبت هڪ طرفي هئي. ان ڪري اهو ئي بهتر رهندو ته هوءَ پنهنجي نئين زندگي سٺي نموني گذاري.” عالي چيو ۽ جلدي پراڻي حويلي ڏانهن هليو آيو.

صفا جي شادي جي تاريخ به ڪجهه ئي ڏينهن ۾ طئه ڪئي ويئي.
زينب ۽ شهلا کي خبر پئي ته ٻنهـي هڪ ٻئي سان صفا جي لاءِ عالي جي خواهش ظاهر ڪئي.
“آپا بس نصيب جي ڳالهه آهي، هونئن به ان رشتي لاءِ ڪو راضي نه ٿي ها.” شهلا چيو.
“شهلا مان ادا کي راضي ڪري وٺان هان، بس مون کي ٿورو اڳي خبر پئي ها.
عالي به ڪيڏو افسرده رهڻ لڳو آهي.” زينب چيو.
“وقت سان گڏ سمجهي ويندو آپا! هو ڪمزور ناهي.” شهلا کي پٽ تي يقين هو.
“شهلا مان صفا جي دل ۾ عالي جي محبت تڏهن کان ڏٺي آهي، جڏهن کان هو اڃا ٻار هئا. هاڻي ان کي ائين ختم ٿيندي ڏسي ڏک ته ٿيندو نه.” زينب افسرده هئي.
“ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن؟” عالي اڄ ڪيترين ڏينهن کان پوءِ شام جو هنن سان گڏ ويهڻ لاءِ ٻاهر آيو.
“بس مڙئي عورتن جي ڪچهري پئي هلي.” زينب ڀائٽي کي پيار ڪندي ڀرسان ويهاريو.
“ مان سڀاڻي واپس پيو وڃان.” عالي سڀني کي ٻڌايو.
“توهان جون ڇٽيون ته اڃا آهن نه، ايڏو جلدي ڇو پيا وڃو.” سيرت سندس اچانڪ وڃڻ جو پروگرام ٻڌي پريشان ٿي.
“بس ڪم آهي ٿورو. عالي بي ڌياني ۾ جواب ڏيئي رهيو هو. ٽنهي اهو محسوس ڪري ورتو ته عالي ذهني طور هتي موجود ناهي.”
“لالا توهان جي طبيعت ته صحيح آهي نه؟” سيرت پڇيو.
“مون کي ڇا ٿيندو سيرت؟ مان ٺيڪ آهيان.” عالي بيزاريءَ مان جواب ڏنو، پر هن اتي ويٺل ٽنهي عورتن جي پريشاني محسوس ڪري ورتي ۽ يڪدم پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو.
ٽئي عالي جي دل رکڻ خاطر مسڪرائڻ لڳيون ۽ عالي انهن ٽنهـي جي ڪري دير تائين هنن سان کلي کلي ڳالهيون ڪندو رهيو. کيس ان وقت ئي احساس ٿيو ته هن پنهنجو ڏک ٿورو به هنن اڳيان ظاهر ڪيو ته هو وڌيڪ پريشان ٿي وينديون.
ٻي ڏينهن عالي صبح سوير واري گاڏي ۾ ئي ڪراچي هليو پيو.