9
“جيجي توهان اسان کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.” صفا زينب جي سوال جو جواب ڏيڻ جي بدران کيس ميار ڏني .
“نه منهـنجي جان مان توهان کي ڪيئن ٿي وساري سگهان.” زينب، صفا کي چيو.
“جيجي منهـنجي ماسترياڻي کي حويلي اچڻ کان روڪيو ويو آهي.” صفا پنهنجي پريشاني بيان ڪئي.
“ڇو؟ ڪنهن منع ڪيو ان کي؟” زينب پڇيو.
“امان سائڻ.” صفا چيو.
“ٺيڪ آهي مان ادا سان ڳالهائينديس.” زينب صفا کي دلجاءِ ڏني.
“هلي آ، هاڻي اندر هلون.” زينب صفا کي چيو.
“ها.” صفا به خوش ٿي اندر وڃڻ لڳي.
شهلا هٻڪندي هٻڪندي اندر آئي.
هي اندر داخل ٿيون ته سامهون هال ۾ طول ويهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي دُربيبي ٽي.وي ڏسڻ ۾ مصروف هئي.
اوڏانهن وڃڻ بدران زينب ساڄي پاسي کان ٺهيل شاهه بي بي جي ڪمري ۾ ويئي. شهلا به هن سان گڏ هئي ۽ شاهه بي بي کي سلام ڪري هن سان ملي.
“جيجي توهان کي خبر پئي ته سائڻ صفا جي ماسترياڻي کي حويلي اچڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هوءَ ويچاري پريشان ٻاهر ويٺي آهي؟” شاهه بي بي زينب کان پڇيو.
“ها، شاهه بي بي خبر پئي. هُن ڇو منع ڪيو ماسترياڻي کي؟” زينب هن کان پڇيو.
“وڏي سائڻ ماسترياڻيءَ کي منع ڪرڻ کان پوءِ درناز جيجي جي سامهون ائين چيو ته مان نٿي چاهيان ته منهـنجي ڌيءُ پڙهي ۽ ٻين وانگر اها به حويلي جون ڀتيون اورانگهڻ جي ڪوشش ڪري.” شاهه بي بي رئي جي پَلَوَ سان پنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙها صاف ڪيا.
“پوءِ درناز ان کي ڪجهه به نه چيو؟” زينب شاهه بي بي کان پڇيو.
“نه جيجي، جيجي درناز ته الله جي ڳئون آهي، ان ته نه ڪڏهن پنهنجي مڙس جي اڳيان ڪجهه چيو آهي نه ئي وري سائڻ جي سامهون ڪڏهن ڪُڇي آهي.” شاهه بي بي چيو.
زينب، شهلا کي اتان ئي پراڻي حويلي واپس وٺي آئي.
سڄو ڏينهن هوءَ پريشان رهي. دُربيبي جي چيل ڳالهين جو هن کي افسوس نه هو پر صفا جي لاءِ هوءَ پريشان هئي. جيڪڏهن هن کان اهو حق به کسيو ويو ته هوءَ گهر ۾ ويهي يا ته چري ٿي ويندي يا ته هن جي عمر به ماءُ وانگر ٻين لاءِ سازشون ڪرڻ ۾ گذري ويندي. زينب سوچيو.
“آپا ڇا پيا سوچيو.” شهلا هن کي پريشان حال ۾ ڏسي پڇيو.
“سوچيان پئي، ٻيا ماڻهو ته ظلم ڪندا رهندا آهن پر ڇا ڪا ماءُ به ايتري ظالم ٿي سگهي ٿي!” زينب چيو.
“ٿي سگهي ٿو ڀاڄائي کي سمجهائڻ کان پوءِ هوءَ صفا کي اجازت ڏيئي ڇڏي، توهان ان سان ڳالهايو نه.” شهلا، زينب کي چيو.
“منهنجي يا تنهنجي چوڻ سان ته هوءَ پنهنجي ڪيل فيصلي کي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيندي. مون ڪجهه ڳالهين لاءِ اڳي اهڙي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کان پوءِ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هوءَ هر اها ڳالهه ڪندي جيڪا مان نه چاهيندي هوندم. انڪري مان صرف انهن ڳالهين لاءِ سوچي سگهان ٿي، ڪري ڪجهه به نٿي سگهان. ۽ هاڻي تنهنجي اچڻ کان پوءِ توسان شيئر ڪري سگهان ٿي.” زينب، شهلا کي چيو.
“هوءَ مون وٽ به نٿي پڙهي سگهي؟” شهلا جي ذهن ۾ زينب جي پريشانيءَ جو حل سُجهي آيو.
“تو وٽ ڪيئن پڙهندي، ڀاڄائي هن کي هيڏانهن اچڻ نه ڏيندي.” زينب کي دُربيبيءَ جي سوچ جو اندازو هو.
“جيڪڏهن هوءَ پنهنجي ماءُ کان لڪي ڪنهن ٽائيم هيڏانهن اچي وڃي ته پوءِ؟” شهلا، زينب کان پڇيو.
“اها ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن کي خبر پئي ته هنگامو ٿي سگهي ٿو. پر مان جيڪڏهن سردار صاحب سان اها ڳالهه ڪيان ته شايد هو اجازت ڏيئي ڇڏي، ڇو ته هن صفا جي گهر ۾ پڙهڻ تي اعتراض هجي ها ته هوماسترياڻي کي اچڻ ئي نه ڏي ها.” زينب چيو.
“پوءِ توهان ادا سان ڳالهايو نه.” شهلا جلدي ۾ چيو.
زينب شهلا جي چهري تي آيل خوشي جي لهر ڏٺي.
“توکي به هتي آڻي الاءِ ڪهڙين پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو آهي مون، شهلا.” زينب شهلا جي چهري تان صفا جي ڪري آيل پريشاني غائب ٿيندي ڏٺو ته چيو.
“اهڙي ڳالهه ناهي آپا، ٻيو ڪجهه نه صحيح پر آءُ گهٽ ۾ گهٽ مؤمن جي ڀيڻ جي پريشاني ۾ ان سان گڏ آهيان، منهنجي لاءِ اها به خوشي جي ڳالهه آهي. ڪوئي ته توهان جا ڏک سک ونڊڻ وارو به هجي نه، ٿي سگهي ٿو توهان الله کان ڪڏهن دعا گهري هجي ته هو توهان ڏي ڪوئي اهڙو موڪلي جنهن سان توهان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري سگهو.” شهلا مسڪرائيندي چيو.
“ها مون ڪيئي دفعا الله کان پنهنجو ڪو فرشتو موڪلڻ جي دعا ڪئي هئي.” زينب به کلندي چيو.
“آپا هاڻي توهان آرام ڪيو، مان به وڃان ٿي پنهنجي ڪمري ۾.” شهلا بيڊ تان اٿندي چيو.
“ٺيڪ آهي.” زينب به سمهي پئي.
..................
“جيجي ٻاهر مائي هدايت آئي آهي.” زينب هال ۾ ويٺي ڪپڙن تي ڀرت ڀري رهي هئي ته جميلا اچي کيس ٻڌايو.
“ان کي اندر وٺي اچ.” زينب، جميلا کي چيو.
ٿوري ئي دير ۾ جميلا پاڻ سان گڏ هڪ وچولي عمر جي عورت کي اندر وٺي آئي ۽ پاڻ رڌڻي ڏانهن هلي ويئي.
“جيجي، حسينه پنهنجي ٻارن سان گڏ ڳوٺ واپس اچي ويئي آهي.” هدايت زينب کي رازداريءَ واري انداز ۾ چيو.
“ڪڏهن آئي آهي؟” زينب هن کان پڇيو.
“ڪجهه ڏينهن ٿيا اٿس، مون کي موڪليو اٿائين ته توهان کي ان جي اچڻ جو اطلاع ڏيان، هوءَ پاڻ به هيڏانهن اچڻ چاهي ٿي.” هدايت چيو.
“ٺيڪ آهي ان کي چئه ته اچي ڀلي پر ٿورو خيال سان اچي ۽ سڌو هيڏانهن هلي اچي.” زينب هن کي تنبيهه ڪئي.
مائي هدايت ته هلي ويئي پر زينب جي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪري ويئي.
“آپا خير ته آهي، هيءَ ڪير هئي ۽ اهڙو ڇا چئي ويئي جو توهان ايتريون پريشان پيون لڳو.” شهلا هال ۾ ايندي مائي هدايت کي ڏسي چڪي هئي ۽ ان کان پوءِ زينب کي پريشان ڏٺائين ته پڇڻ لڳي.
“شهلا هڪڙي پريشاني وڃي ئي نٿي، ته ٻي ٿي اچي وڃي.” زينب شهلا کي چيو.
“ڪهڙي پريشاني آئي آهي؟” شهلا پڇيو.
زينب، جميلا جي موجودگيءَ جي ڪري شهلا کي ڪمري ڏانهن وٺي ويئي ۽ هن کي حسينه جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.
“ڇا ادا جن کي اها ڳالهه ياد هوندي اڃا تائين؟” شهلا پوري ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ زينب کان پڇيو.
“شايد نه ، پر پوءِ به هن کي احتياط ته ڪرڻ کپي نه.” زينب چيو.
“ها… احتياط ته ڪرڻ کپي.” شهلا چيو.
“ڇڏ ان ڳالهه کي شهلا ڏس سيرت جو گگو تيار ٿي ويو آهي اچ ته ان کي پارايون.” زينب شهلا کي هاڻي ئي تيار ڪيل گگو ڏيکاريو.
زينب سيرتِ زهره جي لاءِ ڪاري رنگ جو گگو ٺاهيو هو جنهن تي هن ڳاڙهي پَٽَ سان ڀرت ڀريو هو. هن کي اهو گگو پارائي زينب تيار ڪيو. سيرت به ڏاڍي خوش پئي لڳي.
شهلا هن کي ڏٺو ته هن کي به سيرت انهن ڪپڙن ۾ ڏاڍي وڻي.
“اڄ ته بلڪل به هتان جي ڇوڪري پئي لڳي، منهنجي ڌيءُ”، شهلا، سيرت کي چيو.
هتان جي عورتن کي گهڻو ڪري اهڙو ئي لباس پهريل هوندو هو. پر زينب اهو لباس گهٽ پائيندي هئي. هن کي شهلا گهڻو ڪري شلوار قميص ۾ ئي ڏٺو هو.
“السلام عليڪم”، عالي اسڪول ڏانهن ايندي ئي سڀني کي سلام ڪيو.
“وعليڪم السلام”، سڀني جواب ڏنو.
“لالا، آءٌ ڪيئن پئي لڳان؟” سيرت ڀاءُ کي ڏسي هن ڏانهن ڀڄندي ويئي.
عالي هن ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو.
“پُڦو منهـنجي لاءِ هي ٺاهيو آهي”، سيرت ڀاءُ کي خاموش ڏسي ان کي ٻڌايو.
“مون کي اهي ڪپڙا ناهن پسند.” عالي چيو ۽ اندر هليو ويو.
“تنهنجي ڀاءُ کي پسند نه آهن ته ڇا ٿي پيو، اسان کي ته پسند آهن نه”، سيرت کي مايوس ڏسي شهلا هن جي ڀرسان ايندي چيو.
ايتري ۾ حسينه دروازي وٽ اچي زينب کي سلام ڪيو.
“اچ اچ حسينه”، زينب هن کي دروازي تي بيٺل ڏسي اندر اچڻ لاءِ چيو.
حسينه اندر اچي زينب جا هٿ چمي اکين تي رکيا.
زينب هن کي پنهنجي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ويهاريو.
“هي منهـنجي ننڍي ڀاڄائي آهي حسينه”، حسينه، شهلا ڏانهن ڏسڻ لڳي ته زينب کيس ٻڌايو.
حسينه ڪرسي تان اٿي شهلا سان به ساڳي انداز ۾ ملي.
“ماشاءالله سائڻ ته ڏاڍي سهڻي آهي.” حسينه کان رهيو نه ٿيو ۽ شهلا جي تعريف ڪندي چيائين.
“جيجي توهان منهـنجي ڳوٺ واپس اچڻ تي مون کان ناراض ته نه آهيو نه؟” حسينه زينب کان پڇيو.
“نه حسينه، آخر هڪ نه هڪ ڏينهـن توکي ڳوٺ ته اچڻو ئي هو نه، مان ناراض ڇو ٿيندس.” زينب وراڻيو.
“جيجي مان ته ڊڄان پئي ته توهان ناراض هوندؤ.” حسينه چيو.
“تون ٻڌاءِ ڌيءُ ڪٿي اٿئي؟ نالو ڇا رکيو اٿئيس؟” زينب حسينه کان پڇيو.
“جيجي هن کي به ڳوٺ وٺي آئي آهيان، هن جو نالو حاجره رکيو اٿم. جيجي هاڻي هوءَ خيرن سان ستن سالن جي ٿي ويئي ۽ هاڻي ته خير سان قرآن پاڪ به پڙهي پورو ڪرڻ واري آهي.” حسينه زينب کي خوش ٿيندي ٻڌايو.
“ماشاءالله، اها ته سٺي ڳالهه آهي”، زينب هن کي چيو.
“جيجي مان هتي توهان جو چوڻ نه ورتو هو پوءِ اتي وڃي ڏاڍو پڇتايم، نيٺ اتان واري جيجي وٽان قرآن پاڪ پڙهيم.” حسينه زينب کي اتان جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳي.
“تون ڏاڍي مٽجي ويئي آهين اڳي کان.” حسينه جي رويي ۽ اُٿڻ ويهڻ جي طور طريقن ۾ فرق نظراچي رهيو هو. زينب حسينه کي چيو.
زينب کي خوشي هئي ته هوءَ حاجره جي سٺي تربيت ڪري رهي هئي.
“ڪاش جيجي جيڪر اهو سڌارو اڳ ۾ اچي ها مون ۾.” حسينه ٿڌو ساهـ ڀريو.
“جيجي مان توهان کان اڄ ڪجهه گهرڻ آئي آهيان.” حسينه زينب کي چيو.
“ها چئه”، زينب هن ڏانهن ڏٺو.
“جيجي مان توهان جي امانت کي پاڻ وٽ هميشه لاءِ رکڻ ٿي چاهيان، هوءَ منهـنجي جگر جو ٽڪرو آهي، هاڻي توهان هن کي مون کان الڳ ڪندؤ ته مان مري وينديس.” حسينه زينب کي چيو.
“حسينه هونئن ته مان سوچيو هو ته حاجره کي هاڻي هتي پاڻ وٽ رکنديس پر تنهـنجون ڳالهيون ٻڌي مان پنهنجو فيصلو بدلايان ٿي، هتي آڻي مان هڪ ٻي آزاد پکيءَ کي قيد نٿي ڪرڻ چاهيان. تون هن جي تربيت تي پورو ڌيان ڏجانءِ ۽ جيڪڏهن هوءَ پڙهڻ چاهي ته هن کي سٺي نموني پڙهائجانءِ.” زينب، حسينه کي چيو.
“جيجي توهان جا احسان مان ڪڏهن نه لاهي سگهنديس. منهـنجو مڙس معذور ٿي ويو آهي، پٽ کي به حويلي تي ڪم ۾ لڳرايو اٿم جيڪڏهن مون کي به توهان هتي رکو ته توهان جو هڪ ٻيو احسان ٿيندو.” حسينه هٿ ٻڌي زينب کي عرض ڪيو.
“ٺيڪ آهي تون ايندي ڪر هتي.” زينب هن کي چيو.
“الله توهان کي وڏي ڄمار ۽ خوشيون ڏيندو جيجي.” حسينه دعائون ڪندي واپس گهر هلي ويئي.
“توهان ڏاڍو سٺو ڪيو جو حاجره کي ماءُ وٽ رهڻ ڏنو.” شهلا، زينب کي چيو.
“ها هڪ ڀائٽي جي خواهش پوري نٿي ڪري سگهان، گهٽ ۾ گهٽ حاجره کي ماءُ وٽ ڇڏي ان کي اداس ٿيڻ کان ته بچائي سگهان ٿي نه.” زينب چيو.
.........................
“عالي جيڪڏهن ڪنهن جي ڏنل شيءِ سٺي نه لڳي ته ان کي سامهون کان ائين نه چئبو آهي جيئن توهان اڄ زينب آپا جي اڳيان چيو.” رات جو عالي کي سمهاريندي شهلا ان کي نصيحت ڪئي.
“امي سيرت کي انهن ڪپڙن ۾ ڏسي پاڻ ئي منهنجي وات مان اهڙي ڳالهه نڪري ويئي، مون پُڦو جي ڏنل شيءِ کي خراب نه پئي چوڻ چاهيو.” عالي صفائي ڪئي.
“آئنده خيال رکجو.” شهلا عالي کي چيو.
“جي امي خيال رکندس.” عالي ادب مان جواب ڏنو.
“اڃا ڪيترو خيال ڪيان، ڳوٺ جي ٻين ٻارن جي سامهون نئين حويلي جا سڀ ڇوڪرا مون کي نوڪر چوندا آهن. پراڻي حويلي ڏانهن ايندي هو هروڀرو مون کي تنگ ڪندا آهن، اها ڳالهه توهان سان ڪڏهن نه ڪندو آهيان، اڃا ڪهڙو خيال ڪيان.” عالي ٻي طرف منهن ڪندي دل ئي دل ۾ ماءُ سان ڳالهايو.
حويلي جي ٻارن سان کيڏڻ لاءِ عالي ڪڏهن به نه ويندو هو پر شاهمير هڪ دفعو زبردستي پاڻ سان کيڏڻ لاءِ وٺي ويو ته اتي شاهمير کان علاوه ٻيا سڀ ڇوڪرا هن کي نوڪر نوڪر چوڻ لڳا، انڪري هو هاڻي انهن سان نه ويندو هو.
“عالي”، شهلا هن کي سڏيو.
“جي امي”، عالي پاسو ورائي ماءُ ڏانهن ڏٺو.
“حويلي جا ٻار توهان سان کيڏڻ لاءِ ايندا آهن، توهان انهن سان ڇو نه ويندا آهيو.” شهلا عالي کي خاموش ڏسي سوال ڪيو.
“هو سڀ مون سان کيڏڻ لاءِ نه ايندا آهن، صرف شاهمير ئي مون سان کيڏڻ چاهيندو آهي، جنهن کي هو منع ڪندا آهن ۽ پوءِ پاڻ ۾ کيڏندا آهن”، عالي کي لڳو ڄڻ هن جي دماغ ۾ هلندڙ ڳالهيون هن جي ماءُ پڙهي ورتيون هيون.
“پوءِ توهان شاهمير سان ئي هتي کيڏندا ڪريو نه، اهو ته سٺو ڇوڪرو آهي، توهان نه هوندا آهيو تڏهن به توهان جي لاءِ ايندو رهندو آهي.” شهلا کي لڳو ته عالي کي ڪنهن نه ڪنهن ٻار سان دوستي ڪرڻ کپي، نه ته ائين ته هو اڪيلو ٿي ويندو.
“ٺيڪ آهي امي”، عالي جواب ڏنو.
“هاڻي ننڊ ڪريو.” شهلا عالي کي ننڊ ڪرڻ جو چئي پاڻ به سمهي پئي.
........................
“ادا حويلي ۾ آهي نه؟” زينب نئين حويلي ۾ ايندي ملازمـه کان پڇيو.
“ها جيجي.” هن جواب ڏنو.
زينب سڌي سردار صاحب جي ڪمري ڏانهن آئي. دُربيبي به ڪمري ۾ ئي موجود هئي. زينب ان جي سامهون ئي سردار صاحب سان ڳالهائڻ مناسب سمجهيو.
“اچ اچ زينب مس هيڏانهن اچڻ ٿيو اٿئي. لڳي ٿو پنهنجي پياري ڀاءُ جي ٻارن ۾ ايتري مشغول ٿي ويئي آهين جو اسان جي ياد ئي نٿي اچئي.” سردار صاحب سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ کيس چيو.
“اهڙي ڳالهه ناهي، مان هتي ايندي رهندي آهيان پر توهان ئي نه هوندا آهيو.” زينب هن جي ڀرسان واري صوفـه تي ويهندي چيو.
“مون کي ڪجهه پڇڻو هو توهان کان.” زينب سردار صاحب کي چيو.
“ها ها پڇ”، سردار صاحب چيو.
“صفا کي جيڪا ماسترياڻي پڙهائڻ ايندي هئي، ان کي هتي اچڻ کان توهان روڪيو آهي؟” زينب هن کان ڄاڻي واڻي اهو سوال ڪيو.
“نه، مون ته نه روڪيو آهي.” سردار صاحب جواب ڏنو.
“ان کي اچڻ کان مون روڪيو آهي.” دُربيبي وچ ۾ ڳالهايو.
“ڇو.” سردار صاحب هن کان پڇيو.
“اها ماسترياڻي سڄي ڳوٺ ۾ بدنام آهي ۽ ان جي چال چلن به مون کي سٺي نه پئي لڳي، انڪري. هونئن به ڪهڙو صفا کي اڳتي پڙهڻو آهي جو هن جي پڙهائيءَ لاءِ اهڙي مائيءَ کي حويلي ۾ گهرايون.” دُربيبي ڪيتري به بهـادر هئي پر سردار صاحب جي سامهون اها ڪجهه به نه هئي. انڪري هن جلدي ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪري هڪ ٻه ڪوڙ ڳالهائي ورتا.
سردار صاحب زينب ڏانهن ڏٺو.
“ڀلي هن کي اڳتي نه پڙهڻو هجي پر ادا هڪ ته صفا کي به شوق آهي، ٻيو ته هوءَ ٿورو گهڻو پڙهندي ته گهٽ ۾ گهٽ سڀاڻي کان پوءِ پنهنجي ٻارن کي ته تعليم ڏيڻ جو شعور هوندو نه ان ۾. ڏسو نه توهان ميربل ۽ عرفات کي پڙهائڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪري رهيا آهيو، پر هنن تي ڪو اثر نه ٿيو. پر جيڪڏهن ماءُ پڙهيل هوندي آهي ته اها ٻار کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍي هوندي کان ئي تيار ڪندي رهندي آهي.” زينب دُربيبي کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
“ماسترياڻي به ته اهڙي آهي نه، ان وٽ ته مان صفا کي پڙهڻ لاءِ نٿو ڇڏي سگهان.” سردار صاحب بهانو بڻايو.
“ان جي ڪهڙي ضرورت آهي ادا. شهلا ته گهر جو گهر ۾ ئي آهي نه. صفا ڪهڙي به وقت هن وٽ اچي پڙهي سگهي ٿي.” زينب موقعو ڏسندي ئي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي.
“ٺيڪ آهي ٻـه ٽي سال ڀلي ڪري وٺي پنهـنجو شوق پورو.” سردار صاحب به شايد سٺي موڊ ۾ هو.
اها نرمي ۽ تبديلي وقت آندي هئي يا پنهنجي اولاد جي خواهش پر زينب کي ان تبديلي شدت سان صفوران جي ياد ڏياري .
“توهان جي مهرباني ادا.” زينب سردار صاحب جو شڪريـه ادا ڪري، پراڻي حويلي واپس هلي آئي.
شام جو ئي زينب صفا کي گهرائي شهلا وٽ پڙهڻ جي خوشخبري ٻڌائي. صفا تمام گهڻي خوش هئي. هوءَ پنهـنجا ڪتاب جلدي ۾ کڻي آئي ۽ اڄ کان ئي پڙهڻ شروع ڪيائين.
شهلا کي صفا ڏاڍي پسند آئي هئي. هوءَ عام ٻارن وانگر بلڪل نه هئي. خاموش طبع ۽ معصوم هئڻ سان گڏوگڏ هوءَ ڏاڍي ڊڄڻي هئي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ صفا شهلا سان به ٿورو ٿورو ڳالهائڻ لڳي ۽ هن جي ذهانت ڏسي شهلا هن جي تعريف ڪندي رهندي هئي. جنهنڪري صفا به خوش خوش رهڻ لڳي.
.........................
“جيجي هيءَ حاجره آهي.” حسينه روز شام جو پراڻي حويلي ايندي هئي. اڄ هوءَ پنهنجي ڌيءُ کي پاڻ سان گڏ وٺي آئي.
“ماشاءالله”، زينب ان سان گڏ هڪ معصوم ۽ پياري ڇوڪري جيڪا ڏسڻ ۾ بلڪل صفا جهڙي پئي لڳي، ان کي ڏسي چيو ۽ ان جي پيشاني چمي هن کي پاڻ سان گڏ ويهاريو.
“حاجره ڪهڙي درجي ۾ پڙهندي آهي؟” زينب، حاجره کان پيار سان پڇيو.
“مان ٻين درجي ۾ پڙهندي آهيان.” حاجره جواب ڏنو.
“ڳوٺ جي ماسترياڻي وٽ؟” زينب، حسينه کان پڇيو.
“نه، ڳوٺ واري اسڪول ۾ ڇوڪرن سان گڏ ئي پڙهندي آهيان.” حسينه جي بدران حاجره، زينب کي جواب ڏنو.
“جيجي، سائڻ ڪٿي آهي؟” حسينه، زينب کان پڇيو.
“اها، ٻاهر اڱڻ ۾ ٻارن کي پڙهائي رهي آهي. وڃ حاجره کي به ان سان ملرائي اچ.” زينب، حسينه کي چيو.
“حاضر جيجي.” حسينه ائين چئي اٿي ۽ حاجره کي وٺي ٻاهر آئي.
“سائڻ السلام وعليڪم.” حسينه، شهلا کي سلام ڪيو.
“وعليڪم السلام.” شهلا جواب ڏنو.
“سائڻ هيءَ منهـنجي ڌيءُ آهي حاجره.” حسينه، شهلا کي ٻڌايو.
حاجره اڳيان اچي شهلا کي سلام ڪيو.
“عالي تون هتي به پڙهندو آهين؟” حاجره، شهلا جي ڀرسان عالي کي ڏسي پڇيو.
“مان هتي رهندو آهيان.” عالي هن جي سوال ۽ بي تڪلفي تي حيران ٿيندي جواب ڏنو.
“توهان عالي کي سڃاڻو ٿا؟” شهلا، حاجره کان پڇيو.
“ها، هي منهـنجي ڀاءُ واري ڪلاس ۾ پڙهندو آهي. مان جڏهن هنن جي ڪلاس ۾ ويئي هئس ته هن کي ڏٺو هئم اُتي.” حاجره چيو.
“هي سائڻ ننڍيءَ جو پٽ آهي.” حسينه حاجره کي ٺوٺ هڻي ٻڌايو ته حاجره پنهنهجي وات تي چپ لڳائي.
“سائڻ منهـنجي ڌيءُ به جيڪڏهن هتي پڙهڻ لاءِ اچي ته هن کي پڙهائيندؤ؟” حسينه شهلا کان ڊڄندي پڇيو.
“ها، ان ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ، جيڪو چوڻو هجئي چوندي ڪر، ڊڄندي نه ڪر مون کان.” شهلا حسينه جو ڊپ محسوس ڪندي چيو.
“الاءِ سائڻ، سائڻن جي خبر نه هوندي آهي نه، ڪنهن وقت ڪهڙي ڳالهه انهن کي بري لڳي وڃي.” حسينه پنهنجي ڳالهه جو دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
“آءٌ توهان جي سائڻ ناهيان، مون ته اڳي به سڀن ملازمائن کي چيو هو ته هو مون کي سائڻ نه چون پر هو ته مُڙن ئي ڪو نه.” شهلا کلندي چيو.
“سائڻ توهان جي اهڙين ڳالهين جي ڪري توهان مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهيو. گهر وڃي مان حاجره کي رڳو توهان جا مثال ڏيندي آهيان. الله ڪري منهنجي حاجره به توهان جهڙي ٿي.” حسينه شهلا کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي.
.....................