ناول

سعي

”سعي“ مانواري ليکڪا ”مهراڻ ايوب“ جو لکيل ناول آهي.
سعي هڪ گهريلو سماجي ناول آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جي تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀريل ڊگهي سفر جو هڪ ڪشٽ سمايل آهي. هن ناول ۾ ڪيئي ڪهاڻيون لڪل آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻيءَ جا الڳ الڳ موضوع آهن، جن تي ڌار ناول لکي سگهجن ٿا، ڇو ته جنهن سماج ۾ اسان رهيا آهيون ان ۾ رهندڙ فردَ بذاتِ خود ڪئين ڪهاڻيون آهن ۽ اڪثر فرد جي چهري مٿان چهرو اوڍيل آهي، انهن کي سمجهڻ ۽ وائکو ڪرڻ لاءِ به ڪئين زندگيون گهرجن. هن ناول ۾ ليکڪا انهن مڪروه چهرن کي بي نقاب ڪرڻ جي هڪ سٺي سعي ڪئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 4309
  • 984
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مهراڻ ايوب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Saee

6

خوشين جا ڏينهن مخصوص هوندا آهن الائي جي اسان ئي ان وقت ايترا بي خبرا بڻجي ويندا آهيون جو اسان کي وقت گذرڻ جي ڪل ئي نه پوندي آهي. مؤمن، شهلا لاءِ پاڻ سان گڏ جيڪي خوشيون کڻي آيو هو، اهي پاڻ سان گڏ کڻي هميشه هميشه لاءِ هليو ويو. هن جي اچانڪ موت کان پوءِ شهلا وٽ الله کان سواءِ هڪ ننڍي پٽ جو ئي سهارو هو، جيڪو اڃا اهو به نه سمجهي سگهيو هو ته هن جي پيءُ کي اڇو ڪفن پارائي ڪيڏانهن موڪليو ويو.
اهڙي وقت ۾ زينب جي موجودگي ۽ ان جي همدردي هن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي. زينب ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هر موڙ تي هن جو سهارو بڻجڻ وارو ڀاءُ مٿس ايڏي وڏي ذميداري ڇڏي ويندو. هڪ طرف پيءُ جو وڇوڙو ٻئي طرف وڏي ڀاءُ جي جدائيءَ دل کي جهوري ڇڏيو، پر ان وقت کيس اهو احساس هو ته هن کان وڌيڪ شهلا ۽ ان جي ٻارن کي ڪنهن جي حوصلي جي ضرورت آهي.
هوءَ ڪلهه ئي پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جون آخري رسمون ادا ڪري شام جو بهرام خان سان گڏ هتي آئي هئي. ننڍڙي عالي کي گلي لڳائي هن مؤمن جي خوشبوءِ محسوس ڪئي، پر جڏهن هن ننڍڙي سيرت زهره کي هنج ۾ کنيائين ته کيس الله تعاليٰ جي ڪيل فيصلن تي اعتراض ٿيڻ لڳو.
زينب هر هر انهن ٻارن کي پيار ڪري رهي هئي. ناناڻن يا ڏاڏاڻن جي طرف کان ملندڙ اهو پهريون شفقت ڀريو پيار هو جيڪو انهن ٻارن کي مليو. پيءُ ۽ ماءُ کان علاوه به ٻيا رشتا هوندا آهن اها هنن کي هاڻي خبر پئي.
گهر ۾ ٺهيل هڪ ننڍڙي گيسٽ روم ۾ بهرام خان ويٺل هو، زينب ٻارن کي وٺي اوڏانهن آئي.
“هي مؤمن جا ٻار آهن.” زينب ڀاءُ کي ٻڌايو.
ڀوري ناسي وارن ۽ سرمائي اکين واري معصوم عالي ڏانهن بهرام خان غور سان ڏٺو ۽ هڪ نظر ننڍڙي سيرت تي وجهي، هُن زينب ڏانهن ڏٺو.
عالي به ان شخص کي غور سان ڏسي رهيو هو. ڪاٽن جا اڇا ڪلفدار ڪپڙا پهريل اهو شخص خبر ناهي ڇو پهرين نظر ۾ ئي عالي کي نه وڻيو. ان جي چهري تي ايترا سخت تاثر ۽ ان جي وڏين ڳاڙهين اکين ۾ وحشت ڏسي عالي ڊڄي ويو.
“تو مؤمن جي زال سان ڳوٺ هلڻ جي ڳالهه ڪئي؟” بهرام خان زينب کان پڇيو.
“نه مون اڃا ڳالهه نه ڪئي آهي، هن جي حالت اهڙي ناهي جو هوءَ ڪو به فيصلو ڪري سگهي.” زينب جواب ڏنو.
“ان ۾ سوچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪڏهن هوءَ انڪار ڪندي تڏهن به مان ٻارن کي ته هتان وٺي ئي ويندس.” بهرام خان سختي سان چيو.
عالي ان جي ڳالهه ٻڌي لاشعوري طور پنهنجي ڀيڻ جو هٿ مضبوطيءَ سان پڪڙيو.
“مان ڳالهه ڪندسِ ان سان.” زينب يڪدم وراڻيو.
“ان کان علاوه هن وٽ ٻي ڪا واٽ ڪونهي. مون کي ته خبر به نه هئي ته هن جي ڌيءُ به آهي. هاڻي ته هن کي هتان هلڻو ئي پوندو. مان سڀاڻي ايندس، توهان تيار رهجو.” بهرام خان ائين چئي ڪرسيءَ تان اٿيو.
دروازي وٽ بيٺل شهلا سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو. ٻارن جي مستقبل جو فيصلو ته هن اڃا نه ڪيو هو پر انهن کي ڳوٺ وٺي وڃڻ جو هوءَ سوچي به نه پئي سگهي.
“مؤمن زندهه هجي ها ته ائين ڪڏهن به نه ڪري ها پوءِ هاڻي آءٌ ائين ڇو ڪيان!” هوءَ اهو سوچيندي ڪمري ڏانهن آئي.
زينب به هن جي ڪمري ۾ آئي.
هڪ ٻئي کي چوڻ لاءِ ڄڻ ته لفظ ئي ختم ٿي ويا هئا.
“امي اسان هنن سان گڏ نه هلنداسين ڳوٺ.” عالي ڊوڙندو اچي ماءُ کي چنبڙيو ۽ معصوميت مان چيائين.
زينب جي اکين ۾ لڙڪ اچڻ لڳا. شهلا ان کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. ڪافي دير هنن ٻنهي ڪجهه به نه ڳالهايو. انهيءَ ڪيفيت ۾ ڪيترا دفعا لفظن کان وڌيڪ خاموشي ئي جذبن جي نمائندگي ڪندي آهي. هن خاموشيءَ ۾ اهي ٻئي هڪ ٻئي جا جذبات سمجهي رهيون هيون.
شهلا آهستي آهستي عالي کي سمجهايو ته زينب کيس شهلا کان جدا ڪرڻ نه آئي آهي.
زينب به پنهنجي پيار ۽ شفقت سان عالي کي پنهنجو ڪرڻ لڳي. عالي به سرمائي رنگ جي پهراڻ ۽ ڪاري رنگ جي شلوار ۽ رئو پاتل ان سٻاجهڙي عورت سان مانوس ٿيڻ لڳو.
رات جو زينب ماني پچائي سڀني سان گڏ کاڌي. شهلا ٻارن کي سمهارڻ لاءِ ڪمري ۾ هلي ويئي.
ملازمه سان گڏ زينب ٿانو کڻي رڌڻي ۾ رکيا ۽ شهلا ڏانهن ڪمري ۾ آئي.
شهلا ڀرسان سمهيل سيرت جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي ڪجهه سوچي رهي هئي. عالي اڃا جاڳي رهيو هو ۽ شهلا جي ڀرسان ئي سُتل هو. شهلا، زينب کي ڏٺو ته سڌي ٿي ويٺي ۽ بيڊ جي سيراندي کان هن لاءِ ويهڻ جي جڳهـه ٺاهي.
“توهان ڇا سوچيو آهي مستقبل جي لاء؟” زينب، شهلا کان پڇيو.
“آپا مون اڃا ڪجهه به نه سوچيو آهي. زندگي ۾ ڪڏهن به مون پاڻ ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. الله تعاليٰ هميشه مون وٽ ڪونه ڪو اهڙو ماڻهو ڇڏيو جيڪي منهنجي لاءِ بهتر فيصلو ڪري پئي سگهيو. پهرين بابا ۽ پوءِ مؤمن، آءٌ انهن ٻنهي جي فيصلن مان مطمئن هوندي هئس. هاڻي جڏهن مون کي فيصلي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ته مون کي صرف هڪ ئي چوائس ڏني ويئي آهي” شهلا خلا ۾ گهوريندي ڳالهايو.
“توهان جي هر فيصلي ۾ مان توهان سان گڏ آهيان.” زينب، شهلا کي يقين ڏياريو.
“مون وٽ ٻيو ڪو رستو به، ته ناهي نـ ڇڏيو ويو آپا. پر جيڪڏهن آءٌ اوڏانهن هليس ته تاريخ هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي دهرائي سگهي ٿي. عالي ۽ سيرت کي به پنهنجي حقن لاءِ بغاوت وارو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته منهنجا ٻار ان ماحول ۾ رهي اتان وارن جي سوچ مطابق هلڻ سکي وٺن جيڪو هنن جي پيءُ ڪڏهن به نه چاهيو هو.” شهلا چيو.
“پر ائين به ته ٿي سگهي ٿو نه ته توهان مستقبل جي باري ۾ غلط اندازا لڳائي رهيا هجو. ٿي سگهي ٿو وقت اچڻ تي عالي ۽ سيرت لاءِ مؤمن جهڙا حالات پيدا نه ٿين. انهن ٻنهي سان گڏ توهان هوندؤ ته اهي هر مشڪل کي منهن ڏيئي ويندا.” زينب شهلا کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
“پر مؤمن کي اتان جي هر شيءِ مان بي دخل ڪيو ويو هو. اتي وڃڻ کان پوءِ منهنجا ٻار خيرات ۾ مليل ٽڪڙن تي پلبا.” شهلا، زينب جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
“ائين قانوني طور نه ٿيو هو ۽ ان جائداد ۾ منهنجو حصو به آهي جيڪو هاڻي صرف مؤمن جي ٻارن جو آهي.” زينب چيو.
زينب جي خواهش هئي ته شهلا بنا ڪنهن زور بار جي ڳوٺ هلي. کيس اندازو هو ته هن شهر ۾ رهي ٻارن جي پرورش ڪرڻ هن لاءِ مشڪل هوندو پر هوءَ رهي به ويئي ته بهرام خان هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندو.
“آءٌ هتي ڪا نوڪري تلاش ڪري وٺنديس. منهنجي بابا ۽ مؤمن مون لاءِ ايترو ضرور ڇڏيو آهي جو مان پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪري سگهان. توهان پليز ادا کي چئو نه، ته مون کي اوڏانهن هلڻ لاءِ زور نه ڀري.” شهلا ڳوٺ وڃڻ جو سوچي ئي ڊڄي ويئي، انڪري هن نوڪري ڪرڻ جو سوچيو.
“هو ائين نه ڪندو پر پوءِ به مان ان سان آخري دفعو ڳالهائينديس.” زينب ائين چئي ٻي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.


“تون ان مائيءَ کي سمجهايو؟” ٻئي ڏينهن صبح جو ئي سردار صاحب هنن وٽ آيو. زينب هن ڏانهن ٻي ڪمري ۾ آئي ته سردار صاحب، زينب کان سوال ڪيو.
“هوءَ اسان سان هلڻ لاءِ راضي ناهي.” زينب جواب ڏنو.
“بجاءِ منهنجو احسان مڃڻ جي هوءَ ائين انڪار پئي ڪري؟” سردار صاحب غصي مان پڇيو.
“هوءَ هڪ پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي، هن کي خبر آهي ته ٻارن جي پرورش ڪيئن ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ڪرڻي آهي. هوءَ پاڻ نوڪري ڪري سگهي ٿي.” زينب هن کي وضاحت ڏني.
سردار صاحب اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
“سائين ٻاهر پوليس آئي آهي.” دروازي وٽان ملازمه اندر ايندي بهرام خان کي ٻڌايو.
“تون ٻي ڪمري ڏانهن وڃ.” سردار صاحب زينب کي چيو.
“هوءَ اٿي شهلا جي ڪمري ڏانهن ويئي ته ملازمه پوليس واري کي سردار صاحب واري ڪمري ڏانهن وٺي ويئي.
زينب ڪمري ۾ داخل ٿي ته شهلا پنهنجي ڪمري ۾ ڀت سان ٽيڪ لڳائي هيٺ فرش تي ويٺي هئي. روئي روئي هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. زينب به هن جي ڀرسان اچي ويٺي.
“شهلا توسان شادي ڪرڻ کان پوءِ مؤمن جڏهن خط لکي تنهنجي باري ۾ ٻڌايو هو ته هن لکيو هو ته، “زينب توکان پوءِ شهلا اها ٻي عورت آهي جنهن سان مان پنهنجي دل جي هر ڳالهه ڪري ڇڏيندو آهيان. هن وٽ منهنجي هر پريشانيءَ جو حل هوندو آهي ۽ هوءَ هر پريشانيءَ جو حل الله کان پڇندي آهي. اهو ڪيئن پڇندي آهي اها مون کي ناهي خبر پر مان ڪڏهن به هن کي پريشاني ۾ نااميد ٿيندي نه ڏٺو آهي. هوءَ هر ڳالهه ۾ الله تعاليٰ جي مصلحت ڳولهي وٺندي آهي.” زينب، شهلا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو.
شهلا ڀنل اکيون کڻي زينب ڏانهن ڏٺو.
“سچ پڇين ته ان وقت مون کي توکان حسد ٿي رهيو هو. پر دل ئي دل ۾ توسان ملڻ جي خواهش به ڏاڍي هوندي هئي. پر جڏهن هاڻي مان شهلا سان ملي آهيان ته هي ڇا اها شهلا ڪٿي آهي جنهن جي ڳالهه مؤمن مون سان ڪئي هئي، جيڪا شهلا منهنجي سامهون آهي، اها ته ڪا ٻي پئي لڳي.” زينب هن کي ڀاڪر پائيندي چيو.
“جيجي توهان کي سردار صاحب گهرايو آهي.” ملازمه ڪمري ۾ اچي هنن کي چيو.
“پوليس وارو شهلا سائڻ جو بيان وٺندو.” زينب ٻاهر وڃڻ لاءِ اٿي ته ملازمه کيس دروازي وٽ ئي ٻڌايو.
“شهلا وڏي چادر پاتي ۽ نقاب لڳائي گيسٽ روم ڏانهـن ويئي.
“هي آهي مسز مؤمن ڊي.ايس.پي صاحب.” بهرام خان. شهلا ڏانهن اشارو ڪندي ڊي.ايس.پي کي ٻڌايو.
شهلا، ڊي.ايس.پي جي سامهون رکيل صوفـه تي ويٺي.
“مسز مؤمن، سردار صاحب جي بيان مطابق اوهان جي گهرواري تي حملو ڪيو ويو هو. ڇا اهو صحيح آهي؟” ڊي.ايس.پي شهلا کان پڇيو.
“جي ها.” شهلا جواب ڏنو.
“هنن جو چوڻ آهي ته انهـن تي جن حملو ڪيو اهي اوهان جي ڄاڻ سڃاڻ وارا ڪي ماڻهو هئا. مؤمن سان شادي کان اڳ انهـن ماڻهن توهان جو رشتو گهريو هو جنهـن جي ڪري هو بعد ۾ مؤمن کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا هئا. ۽ ان ڳالهه جو ذڪر مؤمن، سردار صاحب سان ڪجهه ڏينهـن اڳ ڪيو هو.” ڊي.ايس.پي، شهلا کي وڌيڪ ٻڌايو.
شهلا حيرت مان سردار صاحب ڏانهن ڏٺو جيڪو هن ڏانهن نهـاري رهيو هو. هن جي چهري تي هڪ شيطاني مسڪراهٽ اڀري.
“ڇا اوهان جو بيان به ساڳيو آهي؟” ڊي.ايس.پي شهلا کان پڇيو.
“انهـن ڌمڪين جو ذڪر مؤمن ڪڏهن به مون سان نه ڪيو هو.” شهلا جواب ڏنو. هوءَ سمجهي چڪي هئي ته ڳوٺ وڃڻ کان انڪار تي سردار صاحب هن لاءِ ڪيتريون مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿو.
“هو اوهان کي پريشان ڪرڻ نه پيو چاهي، ان لاءِ هن اوهان سان ذڪر نه ڪيو. مان ڪجهـه مهينا اڳ ئي مؤمن سان ان جي آفيس ۾ مليو هئس، جتي هن مون سان اها ڳالهه ڪئي هئي. اوهان مؤمن جي آفيس مان اسان جي ان ملاقات جي پڪ ڪرڻ چاهيو ته ڪري سگهو ٿا.” بهرام خان ڊي.ايس.پي جي موجودگي جي ڪري شهلا کي نرمي سان ٻڌايو.
شهلا سردار صاحب ڏانهـن بي يقينيءَ مان ڏٺو.
“اوهان کي ٻي ڪنهن تي شڪ؟” ڊي.ايس.پي شهلا کان پڇيو.
“نه مون کي ڪنهن تي شڪ ناهي.” شهلا، سردار بهرام خان ڏانهن بي وسي مان ڏسندي جواب ڏنو.
“ٺيڪ آ اوهان وڃي سگهو ٿا.” ڊي.ايس.پي صاحب، شهلا کي چيو.
شهلا اتان اٿي پنهـنجي ڪمري ڏانهـن آئي.
زينب دروازي وٽان سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو هو، هوءَ به شهلا وانگر ئي حيران هئي.
ڪمري ۾ اچي شهلا خاموشيءَ سان ڪرسي تي ويهي رهي. هن کي پورو پورو اندازو ٿي ويو هو ته سردار صاحب ئي مؤمن تي حملو ڪرايو هو. هاڻي هن لاءِ فيصلو ڪرڻ اڃا وڌيڪ مشڪل ٿي ويو هو. هوءَ پاڻ کي ڪنهن ٻـه واٽي تي بيٺل محسوس ڪري رهي هئي.
هوءَ ڪرسي تان اٿي ۽ الماري مان معنيٰ وارو قرآن پاڪ کنيو ۽ اکيون بند ڪري ان کي کوليو.
قرآن پاڪ جو جيڪو ورق کليو، شهلا ان جي پهرين آيت پڙهي:
“مسلمانو! توهان کي مال ۽ جان جون ٻئي آزمائشون ضرور پيش اينديون ۽ توهان اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن کان گهڻيون ڏک پهچائيندڙ ڳالهيون ٻڌندا جيڪڏهن انهـن سڀني حالتن ۾ توهان صبر ۽ خدا ترسيءَ جي راهـ تي قائم رهندؤ، ته اهو وڏي حوصلي جو ڪم آهي.”
ايتري ۾ زينب به ڪمري ۾ آئي ۽ شهلا ڏانهن ڏسڻ لڳي.
“آپا مان ڳوٺ هلنديس توهان سان گڏ.” شهلا ڪجهه سوچڻ کان پوءِ زينب کي چيو.
زينب شهلا کي خاموش نظرن سان ڏسندي رهي.
ڊي.ايس.پي جي وڃڻ کان پوءِ زينب، بهرام خان جي ڪمري ۾ آئي.
“شهلا ڳوٺ هلڻ لاءِ راضي آهي پر هڪ شرط تي.” زينب ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي سردار صاحب کي چيو.
“ڪهڙو شرط؟” سردار صاحب هن کان پڇيو.
“مؤمن جا ٻار توهان جي بنگلي ۾ نه رهندا.” زينب چيو.
“توکي خبر آهي ته مؤمن کي جائداد مان بي دخل ڪيو ويو هو. مان هنن کي الڳ ڪابه جڳهـه نه ڏيندس.” سردار بهرام خان سخت لهجي ۾ چيو.
“جڏهن مؤمن کي هر شيءِ مان بي دخل ڪيو ويو هو ته پوءِ توهان ان جي ٻارن کي وٺي هلڻ لاءِ ڇو بضد آهيو؟” زينب پڇيو.
“هاڻي ڳالهه جائداد جي ناهي زينب، اسان جي خاندان جا ٻار هن مائيءَ وٽ آهن. هل جيڪڏهن ڇوڪرا هجنس ها تڏهن به ٻي ڳالهه هئي پر اسان پنهـنجي نياڻي ته هتي نٿا ڇڏي سگهون نه.” سردار صاحب چيو.
“جيڪڏهن ملڪيت جو مسئلو آهي ته توهان منهـنجو حصو مؤمن جي ٻارن جي نالي ڪيو.” خبر ناهي ڪٿان زينب ۾ ايتري همٿ اچي ويئي جو هن سردار بهرام خان جي اڳيان ملڪيت ۾ پنهنجي حصي جي ڳالهه ڪئي.
“يقيناً تنهـنجي دماغ ۾ اها ڳالهه ان مائيءَ وڌي آهي، نه ته اڳي ته تون اهڙي ڳالهه ڪڏهن نه ڪئي هئي. پهرين هن مؤمن سان پئسي جي ڪري شادي ڪئي، ان مان ڪجهه نه مليس ته هاڻي توکي پئي استعمال ڪري.” سردار صاحب طيش کائيندي چيو.
“هوءَ هڪ سمجهدار عورت آهي ظاهر آهي ته پنهـنجي ٻارن کي ائين ئي ته نه وٺي هلندي نه.” زينب، شهلا جو دفاع ڪندي چيو.
“جيڪڏهن توکي يا مؤمن جي ٻارن کي مون حصو ڏنو ته ٻيا سڀ به پنهـنجو حصو گهرڻ شروع ڪندا، انڪري پراڻي حويلي خالي ڪري انهـن کي رهڻ لاءِ ڏني ويندي، باقي ٻي سڄي ذميداري منهـنجي هوندي. مان وڌيڪ ڪو بحث نٿو ٻڌڻ چاهيان.” سردار صاحب، زينب کي چيو.
“ٺيڪ آهي مان شهلا کي سمجهايان ٿي پر ادا هن سان ڪنهـن به قسم جي زبردستي ڪرڻ صحيح ناهي، ائين نه ٿئي جو هوءَ ڪنهن عدالت جو در کڙڪائي.” زينب ائين نه پئي چاهي ته سردار صاحب شهلا کي هڪ ڪمزور عورت سمجهي، ان سان ڪا ناانصافي ڪري. انڪري هن آخري ڳالهه چئي.
“مون کي خبر آهي ته هوءَ ائين نه ڪندي، جيڪڏهن هن جو دماغ خراب ٿي به ويو ۽ ائين ڪرڻ جو سوچيائين به ته مان ڄاڻان ٿو ته تون هن کي ٻڌائي ڇڏيندينءَ ته سردار بهـرام خان لاءِ عدالت جي ڌمڪي ڪا اهميت نٿي رکي.” سردار بهـرام خان به آخرڪار هڪ شاطر دماغ ماڻهو هو سو هن به ڀيڻ کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
“ٺيڪ آهي مان شهلا ۽ ٻارن کي ڳوٺ لاءِ تيار ڪريان ٿي.” زينب وڌيڪ نه ڳالهائڻ ئي بهـتر سمجهيو ۽ اتان هلي ويئي.
“شهلا مان سمجهي سگهان ٿي ته تون ان فيصلي مان خوش ناهين پر بس توهان هميشه وانگر هاڻي به الله تي رکو.” زينب، شهلا وٽ اچي هن جي ڀرسان ويهندي چيو.
“توهان اسان جي ڪري پنهـنجو پاڻ کي خطري ۾ وجهي آيا آهيو، توهان کي ملڪيت ۾ حصي جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها.” شهلا هنن جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون انڪري هن زينب کي چيو.
“شهلا مؤمن جي ڀيڻ هجڻ جي حيثيت سان ان جي ٻارن تي منهـنجو ۽ ان جي ٻارن جو مون تي به ته حق آهي نه. اصل ۾ مان به اهو ئي چاهيان پئي ته توهان ڳوٺ هلو، پر مان ادا وانگر زبردستي ڪرڻ نه پئي چاهيان. جهڙي طرح توکي لڳي پيو ته ڳوٺ ۾ ٻارن جو مستبقل محفوظ نه آهي، ائين ئي مون کي ٻارن جو مستقبل هتي محفوظ نٿو لڳي. هاڻي اها ته الله پاڪ کي ئي بهتر خبر آهي ته هنن لاءِ ڇا صحيح آهي، پر ڳوٺ هلڻ سان بهرام خان جي ڌمڪي جو مليل خدشو ختم ٿي ويندو. هتي هر وقت توهان کي اها ڳڻتي رهي ها ته خبر ناهي ڪهڙي وقت بهرام خان ٻارن کي توهان کان الڳ ڪندو، پر ڳوٺ هلڻ سان ائين نه ٿيندو.” زينب، شهلا کي سمجهائيندي چيو.
زينب جي ڳالهه صحيح هئي. شهلا دل ئي دل ۾ اهو تسليم ڪيو.
“سائڻ توهان کي سردار صاحب سڏي رهيو آهي.” ملازمه اچي شهلا ۽ زينب کي چيو.
شهلا چادر ٺيڪ ڪري اٿي، ته زينب به هن سان گڏ وڃڻ لڳي. هي ٻئي سردار صاحب جي سامهون اچي ويٺيون.
“ڪيس ۾ منهنجو بيان ٻڌي يقيناً توهان جو شڪ سڌو سنئون مون ڏي ويو هوندو، پر مان پنهنجي صفائيءَ ۾ صرف ايترو چوندس ته مؤمن جي ڳوٺ مان وڃڻ کان پوءِ هن سان صرف هڪ دفعو منهـنجي ملاقات ٿي هئي. اهو به جڏهن مان پاڻ اُن سان ملڻ آيو هئس. اُن کان علاوه هن سان منهـنجو ڪو واسطو نه هو.” بهرام خان ايترو چئي ماٺ ٿي ويو.
“رهي ڳالهه مؤمن جي قاتلن جي، ته انهـن سان مان پاڻ ئي منهن ڏيئي وٺندس. ڀلي مؤمن کي بي دخل ڪيو ويو هو پر پوءِ به هو هڪ سردار هو ۽ ان جو حساب ان جي قاتلن کي ڏيڻو پوندو.” سردار صاحب ٻنهي عورتن کي خاموش ڏسي ٻيهر ڳالهه شروع ڪئي. هن شايد پهريون دفعو ڪنهن جي اڳيان ايڏي وڏي صفائي پيش ڪئي هئي.
“هاڻي جيڪڏهن توهان جي تياري ٿي ويئي هجي ته ڳوٺ هلون؟” سردار صاحب ڳالهه ختم ڪندي پڇيو.
شهلا ۽ زينب هڪ ٻئي ڏانهـن ڏٺو ۽ اٿي ڪمري مان نڪري ويون.
شهلا، مؤمن جي هر شيءِ پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ پئي چاهي، انڪري هن مؤمن جو سڄو سامان ۽ پنهـنجون ڪجهه ضرورت جون شيون کنيون ۽ آخري دفعو پنهنجي گهر تي هڪ خالي نگاهه وجهي هڪ اڻ ڏٺي، دنيا ڏانهـن سفر شروع ڪيو.
عالي حيران هو ته هن جي ماءُ هنن ماڻهن سان وڃڻ لاءِ ڇو راضي ٿي ويئي، هو دل ئي دل ۾ ماءُ کان ناراض هو.
زينب جڏهن عالي کي ٻڌايو ته هاڻي هو هميشه لاءِ پنهـنجي گهر هلي رهيو آهي ته هن جي حيرانگي اڃا وڌي ويئي.
“پر پُڦو اسان جو گهر ته هي آهي نه.” عالي پنهنجي گهر ڏانهن ڏسندي زينب کان سوال ڪيو.
“توهان پنهنجي بابا جو اصل گهر نه ڏسندؤ؟ اتي انهن جا سڀ مائٽ آهن، ڏسجو توهان کي اتي سڀ ڪيترو پيار ٿا ڏين ۽ توهان کي ڏاڍو مزو ايندو اتي توهان جيترا ٻار به آهن.” زينب عالي کي ڳوٺ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائڻ لڳي.
عالي به خاموشيءَ سان ٻڌڻ لڳو ۽ پنهـنجي پيءُ جي گهر جي باري ۾ سوچڻ لڳو.
هن شهر کان ٻاهر شهلا جو پهريون سفر هو. ان کان اڳ هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته مؤمن کان بنا ڪڏهن هوءَ هن شهر کان ٻاهر ويندي. هن شهر کان الڳ ٿيندي هن کي احساس ٿيو ته هن وٽ پنهـنجو چوڻ لاءِ اها آخري شيءِ ئي هئي جنهن کان هوءَ الڳ ٿي رهي آهي. پنهـنجا ٻار به خبر ناهي هاڻي پنهنجا رهندا الاءِ جي نه.” شهلا عالي ڏانهن هڪ نظر وجهي پنهنجي گهر ڏانهن آخري دفعو ڏٺو ته سندس اکين اڳيان ڌنڌ ڇانئجي ويو.

“پُڦو اڃا ڪيترو پري آهي بابا جو ڳوٺ؟” سفر ڪندي هنن کي پنج ڪلاڪ گذري ويا ۽ هاڻي عالي ۽ سيرت بيزار ٿيڻ لڳا هئا.
“بس منهنجي جان هاڻي ٿورو پري آهي باقي.” زينب، عالي کي پيار ڪندي چيو.
عالي کي زينب جي هنج ۾ ئي ننڊ اچي ويئي.
ڪجهه وقت کان پوءِ عالي ننڊ مان جاڳيو ته هو اڃا رستي ۾ ئي هئا. هن ڪنڌ مٿي کڻي زينب ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
“بس هاڻي پهچي ويو اسان جو ڳوٺ. سامهون ڏسو توهان جي بابا جانيءَ جو گهر نظر پيو اچي.” زينب هن جون نظرون پڙهندي چيو.
عالي روشنين سان جرڪندڙ ان محل نما گهر ڏانهن ڏٺو ته آهستي آهستي هن جي اکين مان ننڊ وڃڻ لڳي ۽ هو اٿي ويٺو.
شهلا پنهـنجي چادر صحيح ڪئي ۽ هڪ نظر سامهون نظر ايندڙ بنگلي ڏانهن وڌي. جيئن جيئن گاڏي حويلي جي ويجهو ايندي پئي وڃي تيئن ئي هن جي دل هڪ گهري اونداهي کاهي ۾ ڪرندي پئي ويئي. هڪ دفعو ٻيهر هن کي پنهنجي ٻارن کان الڳ ٿيڻ جو خوف وڪوڙڻ لڳو.
ڪاٺ جي ٺهيل وڏي گيٽ مان گاڏي اندر داخل ٿي. بنگلي جي چوڌاري وڏو ڪوٽ هو ، ۽ گاڏي لاءِ ٺهيل رستي جي ٻنهـي طرفن کان وسيع لان هو. هڪ لان جي وچ ۾ پاڻي جو وڏو ڦوهارو لڳل هو، جيڪو چؤگرد لڳل رنگارنگي بتين جي ڪري دلڪش ڏيک ڏيئي رهيو هو. ٻئي طرف ٺهيل لان ۾ هڪ ٽيبل ۽ ان جي چوڌاري ڪجهه ڪرسيون رکيل هيون.
گاڏي مان لهي عالي سامهون ٺهيل بنگلي ڏانهن ڏٺو جنهـن جي روشنين جي خوبصورتي جي ڪري عالي جي اکين مان ننڊ ئي هلي ويئي هئي. زينب شهلا ۽ ٻارن کي سڌو پنهـنجي ڪمري ڏانهـن وٺي آئي.
سيرت کي ننڊ اچي ويئي هئي، زينب ان کي بيڊ تي سمهاريو ۽ شهلا کي فريش ٿيڻ جو چئي ٻاهر هلي ويئي.شهلا هٿ منهـن ڌورائي عالي جا ڪپڙا تبديل ڪيا ۽ پاڻ به فريش ٿي.
ڪجهه دير کان پوءِ زينب هڪ ملازمـه سان گڏ ماني کڻي آئي. سفر جي ٿڪاوٽ ايتري هئي جو شهلا ۽ عالي ڪجهه ئي گرهـ کاڌا. ماني کائڻ کان پوءِ زينب، شهلا ۽ ٻارن کي ڀرسان واري ڪمري ۾ وٺي آئي.
سردار بهرام خان جو بنگلو نه صرف ٻاهران کان پر اندران کان به شاندار هو، ڪمرا انتهـائي شاندار نموني سان ٺهيل ۽ سجيل هئا جتي هر ضرورت جو سامان موجود هو. اندر اچڻ وارن لاءِ اهو اندازو لڳائڻ مشڪل هو ته هو ڪنهـن ڳوٺ ۾ آهي.
شهلا اڃا ڪمري جو جائزو وٺي رهي هئي ته ايتري ۾ حويليءَ جون ڪجهه عورتون شهلا سان ملڻ آيون. ڪمري ۾ ايندي ئي هڪ عورت شهلا کي ڀاڪر پائي زور زور سان روئڻ لڳي، شهلا جو اندر ته اڳي ئي ڀُريو پيو هو سو هوءَ به پنهنجي روئڻ کي روڪي نه سگهي. زينب ٻنهي جي ويجهو اچي آٿَت ڏيندي هنن کي الڳ ڪيو ۽ شهلا کي ٻڌايو ته اها عورت مؤمن جي وڏي ڀيڻ زينت آهي. ان کان پوءِ ان جي ٻي ڀيڻ درناز به هن کي ڀاڪر پائي، ڀاءُ ۽ پيءُ لاءِ پار ڪڍي روئڻ لڳي. واري واري سان ٻيون عورتون به هن سان اچي مليون. ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ شهلا کي آرام ڪرڻ جو چئي اهي سڀئي هليون ويون.
شهلا، عالي کي سمهاري نماز پڙهي ۽ پوءِ پنهنجن ٻارن سان گڏ ئي ليٽي پئي. نئين جڳهـه تي نئين زندگي شروع ڪرڻ جون سوچون ننڊ کي شايد ڪراچيءَ ۾ ئي ڇڏي آيون هيون.
صبح جو سردار صاحب نوڪرن کي چئي پراڻي حويلي صاف ڪرائي ۽ شهلا جو سامان اوڏانهـن موڪليو.
زينب به ملازمه کي چئي پنهنجو سامان اوڏانهـن موڪليو.
“جيجي توهان ڪيڏانهن پيا وڃو؟” ننڍڙي صفا جيڪا زينب سان گڏ ان جي ڪمري ۾ رهندي هئي، تنهن زينب کان پڇيو.
“مان پراڻي حويلي پئي وڃان.” زينب ڦڻي کڻي هن جي گهاٽن ڊگهن وارن جي چوٽي ٺاهڻ لڳي ۽ هن کي ٻڌايائين.
“پوءِ توهان هيڏانهن نه اينديون؟” صفا هن کان پڇيو.
“مان هتي تو وٽ به ايندي رهندس منهنجي راڻي.” زينب هن کي پيار ڪندي چيو.
“پوءِ سڄو سامان ته نه کڻي وڃو نه، توهان وينديون ته پوءِ مان ڪنهن سان سمهنديس؟” صفا معصوميت مان پڇيو.
“تون مروه سان سمجهانءِ.” زينب وراڻيو.
“اها ته ننڍڙي آهي.” صفا چيو.
“پوءِ ڀلا تون پنهنجي امان سائڻ سان گڏ سُمِهجانءِ.” زينب کي ياد آيو ته صفا ايتري ڊڄڻي آ جو هوءَ ڪنهن ماڻهو کان بنا رات جو ڪمري ۾ اڪيلي ويهي به نه سگهندي آهي.
“توهان کي خبر آهي ته اها مون کي پاڻ سان گڏ نه سمهاريندي آهي، هاڻي به جڏهن توهان نه هئا ته ان هڪ ملازمـه کي هتي مون وٽ سمهاريو هو.” صفا شڪايت ڪئي.
“صفا تون هاڻي وڏي ٿي ويئي آهين، توکي ڊڄڻ نه گهرجي، پوءِ به مان ماهه نور کي چونديس ته هوءَ مٿي نه سمهي هيٺ توسان گڏ سمهي. ٺيڪ آهي؟” زينب کيس مسئلي جو حل ٻڌائيندي چيو.
“توهان جو پراڻي حويلي وڃڻ ايترو ضروري آ ته پوءِ اهو به صحيح آهي.” صفا جنهن جو ضد سواءِ زينب جي ڪنهن به ڪڏهن پورو نه ڪيو هو تنهـن زينب جي اڳيان آڻِ مڃيندي چيو.
“شاباس، اسان اوڏانهـن وڃون ته پوءِ مان توکي تنهنجي سؤٽ ۽ سؤٽِ سان ملرائينديس.” زينب هن جي وارن جي چوٽي کي اڳيان ڪلهي تي رکندي چيو.
“ٺيڪ آهي.” صفا جواب ڏنو.
“جيجي اوهان کي سائڻ سڏيو آهي.” نوڪرياڻيءَ دروازي وٽ اچي زينب کي چيو.
“تون وڃ، مان اچان ٿي.” زينب چيو.
هاڻي تون تيار ٿي تنهنجي ماسترياڻي اچڻ واري هوندي. مان ڀاڄائيءَ وٽان ٿي اچان ٿي.
زينب، صفا کي ائين چئي ٻاهر هلي ويئي.
“توهان مون کي ياد ڪيو.” زينب دُربيبي جي ڪمري ۾ ايندي چيو.
“ها زينب هاڻي جڏهن پنهنجي پسنديده ڀاڄائيءَ کي ضد ڪري هتي وٺي آئي آهين ته مهل سان کيس پراڻي حويلي منتقل ڪر. سردار صاحب به اهوئي حڪم ڏيئي ويو آهي.” دُربيبي رُکائيءَ مان زينب کي چيو.
“انهن کي هن حويليءَ مان جلدي وڃڻ لاءِ ڪوئي حڪم نٿو ڏيئي سگهي. هو به ان حويلي تي ايترو حق رکن ٿا جيترو اوهان ۽ اوهان جا ٻار.” زينب پنهنجي ڪاوڙ روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ به هن اهو چئي ڏنو جيڪو هوءَ چوڻ پئي چاهي.
“ڪنهن جو حق ڪيترو آهي، اهو وقت ٻڌائي ڇڏيو آهي. ان لاءِ اهو ئي بهتر رهندو.” دُربيبي جواب ڏنو.
زينب هن کي ڪو جواب نه ڏنو ۽ واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي آئي.
هونءَ ته هن هاڻي ئي حويلي وڃڻ جو سوچيو هو پر دُربيبي جي ڳالهه ٻڌي هن شام جو پراڻي حويلي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شهلا ڏانهن هلي آئي.
شهلا ۽ ٻار اٿي چڪا هئا ۽ ناشتو ڪرڻ کان پوءِ هاڻي پراڻي حويلي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
“شهلا حويلي جي صفائي اڃا پوريءَ طرح سان نه ٿي آهي، انڪري اوڏانهن شام جو هلنداسين.” زينب، شهلا کي دُربيبي جي چيل ڳالهه ٻڌائڻ مناسب نه سمجهي.
“ٺيڪ آهي آپا.” شهلا ورندي ڏني.
“هلو، مان جيستائين توهان کي هي گهر ئي گهمائي اچان.” زينب شهلا ۽ ٻارن کي چيو.
“آپا توهان ٻارن کي وٺي وڃو، مان اِتي ئي آهيان.” شهلا ٻاهر نڪرڻ کان گهٻرائي رهي هئي.
“ٺيڪ آهي.” زينب ٻارن کي وٺي ٻاهر هال ۾ آئي.
زينب جو ڪمرو داخلي دروازي جي ڀرسان ئي هو، ڪمري مان نڪري زينب ٻارن کي سامهون ئي ٺهيل هڪ حال ۾ وٺي آئي ان ڪشادي هال ۾ صوفـه رکيل هئا ۽ هڪ طرف وڏي ٽيبل تي ٽي.وي رکيل هئي. ڳوٺ ۾ نئين نئين ٽي.وي آئي هئي، جنهن جي ڪري ملازمائون ڪم ختم ڪري گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائڻ وٽ هال ۾ ڪم سان اينديون هيون ته جيئن هو ٽي.وي ڏسي سگهن. ان وقت به دُربيبي ٽي.وي ڏسي رهي هئي. هن جي ڀرسان هن جي ماروٽ رضيـه جيڪا هنن سان گڏ ئي رهندي هئي، سا ويٺل هئي. ڪجهه نوڪرياڻيون اتي ئي هيٺ قالين تي ويٺيون هيون. هال ۾ سردار صاحب جي هڪ وڏي تصوير لڳل هئي، ان جي ڀرسان ان جي خاندان جي سڀني مردن جون تصويرون سجيل هيون. عالي انهن تصويرن ۾ پنهنجي پيءُ جي تصوير ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن ۾ مؤمن جي تصوير نظر نه آئي.
عالي انهن تصويرن کي ڏسندي زينب سان گڏ مٿي اچڻ لاءِ هال جي آخر ۾ ٺهيل ڏاڪڻين تي چڙهيو. ڏاڪڻ جي ساڄي طرف واري ڀت تي خوبصورت پينٽنگس لڳل هيون. مٿي واري حصي ۾ هيبت خان ۽ در ناز پنهنجي ٻارن ماهـه نور ۽ شاهمير سان گڏ رهيا ٿي. مٿان وارو حصو به ڏاڍو سهڻو ٺهيل هو. دُربيبي عالي ۽ سيرت کي ڏسي پيار ڪيو ۽ پنهنجي ٻارن کي هنن جي باري ۾ ٻڌايو. ماهـه نور ۽ شاهمير هنن کي ڏسي خوش ٿيا.
ٿوري دير کان پوءِ زينب هنن کي هيٺ وٺي آئي. ڏاڪڻين تان لهندي ئي کاٻي پاسي کان هڪ ننڍو هال هو جنهن ۾ آمهون سامهون چار ڪمرا ٺهيل هئا جن ۾ سردار صاحب ۽ ان جا ٻار رهندا هئا. ڪمرا هڪٻئي جي آمهون سامهون ٺهيل هئا ۽ پريان پويان کان وڏو ورانڊو ٺهيل هو. ان ورانڊي ۾ لوهي گِرل لڳل هئي، جتان هڪ دروازو پراڻي حويلي طرف کلندو هو. زينب ٻارن کي ان گِرل وٽان ئي پراڻي حويلي ڏيکاري.
ڪمري ڏانهن واپس ايندي زينب پنهنجي ڪمري جي ڀرسان واري ڪمري ۾ رهندڙ شاه بيبي سان ٻارن کي ملرايو.
“پُڦو هتي ايترا ماڻهو رهن ٿا؟” عالي هڪ ئي گهر ۾ ايترا ماڻهو ڏٺا ته پڇيو.
“ها عالي هتي ايترا ماڻهو رهن ٿا. حويلي وڏي آهي نه ان ڪري.” زينب چيو، ۽ هنن کي واپس شهلا وٽ وٺي آئي.
شهلا عالي جي بي تاثر چهري تي خوشي يا نارضگي جو تاثر ڳولهڻ چاهيو پر ناڪام ٿي هن سيرت کي ٻانهن ۾ ڀريو.

منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ زينب، شهلا کي هال ۾ وٺي آئي. اتي دُربيبي ۽ زينت ڳوٺ جي ڪجهـه عورتن سان ويٺيون هيون. زينت جي سامهون واري صوفـه تي ئي هڪ رعبدار بُت ۾ ڀريل پڪي عمر جي عورت ويٺي هئي، جنهن کي هتان جي روايتي ڊريس گگو پاتل هيو شهلا کيس ڏسندي ئي سمجهي ويئي ته هوءَ در بيبي آهي. هن کيس ڀرسان ايندي سلام ڪيو جنهن نرڙ تي گُهنڊ آڻيندي سلام جو جواب ڏنو ۽ اتان اٿي هلي ويئي.
زينت، شهلا سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي. هن پنهنجي ٻارن کي به شهلا سان ملرايو. هوءَ اڄ ئي پنهنجي گهر واپس وڃي رهي هئي انڪري ٿوري دير ويهي پنهـنجو سامان پيڪ ڪرڻ لاءِ اٿي ويئي.
“شهلا، عالي جي حويلي اسان جو انتظار ڪري رهي آهي، ڇا خيال آهي اوڏانهن هلجي؟” زينت جي ڳوٺ وڃڻ کان پوءِ زينب عالي ڏانهن ڏسندي شهلا کي چيو.
“ها.” شهلا جواب ڏنو.
“عالي پنهنجي حويلي جو نالو ٻڌي حيران ٿيو پر هن ڪو به سوال نه ڪيو ۽ زينب جي پويان هلڻ لڳو.”
دروازي کان نڪري هو ٻاهران ٺهيل ورانڊي مان گذرندي ساڄي طرف وڃڻ لڳا. ورانڊي جي آخر ۾ ٻه ڏاڪا ٺهيل هئا جن تان لهي هو بنگلي جي پاسي ۾ هلڻ لڳا. هن پاسي کان رڳو وڻ لڳل هئا جن تي ويٺل پکي لاتيون لنوي رهيا هئا. وڻن جي وچ ۾ پراڻي حويلي ڏانهن رستو هو جتان هو پراڻي حويلي ۾ داخل ٿيا.
پراڻي حويلي پنهنجي نالي وانگر پراڻي ئي هئي، مٿان وري خالي هجڻ جي ڪري اها ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏيئي رهي هئي!
حويلي جو داخل دروازو ورانڊي ۾ کليو ٿي، جنهن جو ساڄو طرف ڪاٺ جي جعفري درين سان بند هو ۽ کاٻي طرف هال جو دروازو هو، جتان هي سڀ اندر داخل ٿيا.
“شهلا هي سامهون وارو ڪمرو بابا سائين جن جو هو، ۽ ان جي ڀرسان واري ڪمري ادا مؤمن رهندو هو.” زينب شهلا کي سامهون ٺهيل ٻن ڪمرن ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو
“آپا پوءِ اوهان ڪٿي رهندا هئا.” شهلا زينب کان پڇيو.
“ڪجهه سال پهريان ئي ادا پراڻي حويلي کي ڊاهي نئين سر تعمير جو فيصلو ڪيو. اسانجا ۽ ٻين گهر ڀاتين جا ڪمرا ته ڊهي ويا پر مون بابا کي چئي هن حصي کي ائين ئي رهڻ ڏنو آهي. هتي ڪوئي به نه ايندو هو. مان ۽ دُربيبي ڪڏهن ڪڏهن نئين گهر واري دروازي مان لڪي لڪي هتي اينديون هيون سين. پر ڀاڄائي ادا کي چئي وچين دروازي جون چاٻيون پاڻ وٽ رکي ڇڏيون آهن. هاڻي تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪر.” زينب، شهلا کي چيو.
شهلا مؤمن جي ڪمري ۾ آئي. ان ڪمري ۾ مؤمن جي جواني جي هڪ تصوير لڳل هئي.
“امي هي بابا جي تصوير آهي نه؟” عالي، شهلا کان پڇيو.
“ها پُٽ!” شهلا وراڻيو.
عالي پنهنجي پيءُ جي ڪمري ۾ رکيل شيون ڏسڻ لڳو.
“سائڻ اوهان چانهـه پيئندؤ؟” نوڪرياڻيءَ دروازي وٽ بيهي شهلا کان پڇيو.
“مان جيجيءَ لاءِ نئين حويلي ڏانهن چانهه ٺاهڻ پئي وڃان، سوچيم اوهان کان به پڇان.” شهلا نوڪرياڻيءَ ڏانهن ڏٺو ته ان کيس ٻڌايو. حويلي جون ملازمائون بنگلي کي نئين حويلي ئي سڏينديون هيون.
“ها پيئنديس.” شهلا جواب ڏنو ۽ آرام ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ٻاهر نڪري آئي.
زينب اڱڻ ۾ رکيل ڪرسين تي ويٺي هئي. شهلا به هن ڏانهن آئي ۽ ان جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي. اڱڻ جو فرش ڳاڙهين پڪين سِرن جو ٺهيل هو. اڱڻ ڪافي ننڍو هو پر ان جي هڪ طرف وڏو پپر جو وڻ هو ته ٻي طرف وري نم ۽ ٻير جا وڻ هئا جن تي پکي واپس پنهنجي آکيري ۾اچي پنهنجي ٻارن کي پيار ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ٿوري ئي دير ۾ ملازمـه هنن لاءِ چانهه کڻي آئي.
“شهلا، هيءَ جميلا آهي. هيءَ گهڻو ڪري مون سان ئي هوندي آهي، انڪري مون هن کي هتان جو ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي.” زينب، شهلا کي پنهنجي ملازمـه جي باري ۾ ٻڌايو.
“سائڻ ڏسجو هاڻي ٻيون سڀ نوڪرياڻيون به ڪم ڪار اُڪلائي هيڏي ئي اينديون. جيجي زينب حويلي ۾ رڳو ٻـه ڏينهـن نه هئي ته ڪنهن کي به مزو نه پيو اچي. هاڻي وري جيجي هتي رهندي ته سڀ هتي ئي اينديون.” جميلا، شهلا کي ٻڌايو.
“توهان سڀئي منهنجون سهيليون آهيو، مون کي به ته توهان کان بنا مزو نه ايندو آهي.” زينب هن کي چيو.
“جيجي اسان ته هيڏانهن اچي وينديون سين پر جيجي صفا توهان کان بنا ڏاڍي اداس آهي.” جميلا اداس ٿيندي چيو.
“ان کي هاڻي اڪيلي رهڻ جي عادت وجهڻي پوندي، هونئن به هاڻي مروه به وڏڙي ٿي ويئي آهي، ان سان گڏ رهي ويندي.” زينب چيو.
“ها جيجي جيستائين هن مان توهان جي عادت نڪري.” جميلا خالي ٿيل ڪوپ کڻندي چيو.
“صفا ۽ مروه ٻئي ادا بهرام خان جون ڌيئر آهن. ادا کي ٻـه پٽ به آهن. ميربل جيڪو صفا کان وڏو آهي ۽ ٻيو عرفات جيڪو صفا کان پوءِ آهي.” زينب، شهلا کي پنهنجي خاندان جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائڻ لڳي.
“آپا پوئين ٽن ٻارن جا نالا هن خاندان جي ماڻهن جي نالن کان مختلف ناهن؟” شهلا ٻارن جا نالا ٻڌندي چيو.
“ها، هونئن صفا تي منهنجي ڀيڻ صفوران جو نالو رکيل آهي پر پيار مان کيس صفا سڏيون. ان جي نالي کان پوءِ ئي بابا سائين حج ڪري آيو ته عرفات ۽ مروه جا نالا به سوچي ڇڏيائين. صفوران ۽ ادا مؤمن کان پوءِ بابا سائين جن جي سوچ ڏاڍي بدلجي ويئي هئي. ائين به چوندا هئا ته مؤمن جڏهن ڳوٺ ايندو ته هِن کي چوندس ته ڳوٺ ۾ وڏو اسپتال به جوڙائي.” زينب شهلا کي ٻڌايو.
“مؤمن به هيڏانهن اچڻ جو سوچي ئي ڏاڍو خوش ٿيندو هو آپا، کيس ڳوٺ ۾ اسڪول تعمير ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو.” شهلا ٿڌو ساهـ ڀريندي سندس اکين جا پنبڻ آلا ٿي پيا هئا.
“خبر ٿئي وقت سان گڏ انسان ان شيءِ کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن لاءِ هن ڪڏهن تمام گهڻي مخالفت ڪئي هوندي آهي. ادا بهرام خان هاڻي ڏاڍي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان جا پٽ به پڙهن لکن. هتي آسپاس جي سردارن جا پٽ وڏن اسڪولن ۾ وڃڻ لڳا آهن ته ادا به هاڻي پنهنجي پٽن کي انهن اسڪولن ۾ پڙهائڻ چاهي ٿو ته جيئن هو به ماڻهن سان ڳالهه ڪري سگهي ته هن جا پٽ وڏن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن.” زينب چيو.
“پوءِ مؤمن تي ئي ايڏي سختي ڇو ڪئي ويئي؟” شهلا چيو.
“انقلاب لاءِ اُٿيل پهرين آواز جي ئي گونج هر ڪوئي ٻڌندو آهي ۽ ان آواز اٿاريندڙ ڏانهن ئي هر ڪوئي آڱر اٿاريندو آهي. ان کان پوءِ جيڪي ٻيا آواز اٿندا آهن انهن ڏانهن ڪٿي ڪوئي غور ڪندو آهي شهلا.” زينب جي دل جا زخم هڪ دفعو ٻيهر تازا ٿيڻ لڳا.
“پر هتي ته خود اڱر اٿاريندڙ ئي ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن.” شهلا چيو.
“ها، پر مَزي جي ڳالهه اها آهي ته سردار صاحب (زينب کي جڏهن ڀاءُ تي ڪاوڙ ايندي هئي ته ان کي سردار صاحب چوندي هئي) جو وڏو پٽ ميربل هوبهـو هن جي ڪاپي آهي. هن کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخل ڪرايائين پر هو اتان نڪري آيو ۽ هاڻي هتي ڀرسان واري شهر جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو آهي.” زينب جي منهن تي عجيب مسڪراهٽ هئي.
“جميلا” اسڪول جي ڳالهه نڪرڻ تي زينب کي ڪو خيال آيو ته هن جميلا کي سڏيو.
“جيءُ جيجي” جميلا اندران آئي.
“تون پنهنجي مڙس کي چئجانءِ ته سڀاڻي حويلي جي ٻين ٻارن سان گڏ عبدالعالي کي به اسڪول وٺي وڃي ۽ هن کي به ان اسڪول ۾ داخل ڪرائي.” زينب، جميلا کي ڪجهه نوٽ ڏيندي چيو.
“جي جيجي” جميلا ادب مان چيو. هن جو مڙس سردار صاحب جي پٽن ۽ شاهمير کي شهر واري اسڪول کڻي ويندو هو انڪري زينب هن کي ئي چيو.
رات جو ئي جميلا، زينب کي ٻڌايو ته سردار صاحب هن جي مڙس کي عبدالعالي جي داخلا کان منع ڪري ڇڏيو آهي.
اهو ٻڌي زينب، شهلا کي ٻڌائي بهرام خان وٽ آئي.
سردار صاحب گهر ۾ ئي هو سو زينب هن جي دروازي تي هلڪي دستڪ ڪري اندر هلي آئي.
“توهان عالي جي داخلا کان منع ڪري ڇڏيو آهي؟” زينب اچڻ سان ئي سردار صاحب کان سوال ڪيو.
“ها” سردار صاحب هن جي سلام جو جواب ڏيئي ٽيبل تي رکيل ڪاغذن ڏانهن ڏسڻ لڳو.
“گهر جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ جيڪڏهن هو به ويو ته ڇا ٿي پوندو؟” زينب پڇيو.
“هو مؤمن جو پٽ آهي، جنهن جو دماغ ان پڙهائيءَ ئي خراب ڪيو هو. هن لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته مون هن کي هتي آندو آهي” سردار صاحب چيو.
“هو هتي خوشي سان نه آيو آهي، هتي اچڻ لاءِ توهان ئي انهن کي زور ڀريو هو.” زينب ۾ خبر ناهي ڪٿان ڀاءُ جي اڳيان ڳالهائڻ جي همت اچي ويئي هئي.
“جيڪڏهن هنن کي هتي نه وٺي اچان ها ته هو ڪراچيءَ جي روڊن تي بيٺا پنن ها. مون هن کي ڇت مهيا ڪئي آهي، هو سردار خاندان جو ليکيو ويندو، اڃا ڇا کپي ان کي؟” سردار صاحب سواليـه نظرن سان زينب ڏانهن ڏٺو.
“بس زينب، بس! مؤمن جي ٻارن لاءِ تون جيترو ڪيو آهي ان لاءِ يقينن هو تنهـنجو شڪرگذار هوندو. تون هاڻي وڃي سگهين ٿي.” زينب وڌيڪ ڪجهه چوڻ چاهيو پر سردار صاحب هن کي چپ ڪرائي.
زينب جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. دروازي تي بيٺل صفا جيڪا هن کي حويلي ۾ ايندي ڏسي هن جي پويان آئي هئي، ان زينب جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا ته پريشان ٿي ويئي.
“جيجي توهان ڇو پيون روئو؟” صفا هن کان معصوميت مان پڇيو.
“ڪجهه ناهي تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃ.” زينب هن کي چيو ۽ تڪڙا قدم کڻندي حويلي کان ٻاهر هلي ويئي.
صفا هن ڏانهن نماڻين اکين سان ڏسندي رهي.
زينب پراڻي حويلي پهتي ته شهلا هن جي ئي انتظار ۾ هال ۾ ويٺي هئي.
هن جو رنل چهرو ڏسي شهلا سمجهي ويئي ته سردار صاحب انڪار ڪيو هوندو.
“آپا توهان هروڀرو پريشان پيون ٿيو، الله پاڪ عالي جي نصيب ۾ ضرور ڪجهه سٺو ئي لکيو هوندو.” شهلا زينب کي ڏکارو ڏسي دلاسو ڏنو.
“اسان عالي کي ڳوٺ واري اسڪول ۾ ته داخل ڪرائي سگهون ٿا نه؟” شهلا، زينب کان پڇيو.
“پر شهلا هو ڳوٺ ۾ ڪيئن پڙهندو؟” زينب ڳوٺ جي اسڪول جو نالو ٻڌي وڌيڪ پريشان ٿي ويئي.
“اسڪول چاهي ڪهڙو به هجي آپا، عالي جي نصيب ۾ جيتري تعليم لکيل هوندي اها هن کي ملندي ۽ هن جو پيءُ به ته هتي ئي پڙهيو هو نه.” شهلا به شايد عالي کي پوري طرح سان قسمت جي حوالي ڪرڻ جو سوچيو هو.
“مون کي معاف ڪجان شهلا.” شهلا جي ڳالهه ٻڌي زينب زارو قطار روئڻ لڳي.
“آپا توهان ائين نه چئو، ان ۾ توهان جو ڪو ڏوهـه ناهي.” شهلا به پنهنجي لڙڪن تي وڌيڪ ضبط نه ڪري سگهي.
“جڏهن توهان کي اُتان وٺي آئي هئس ته مون اهو ئي سوچيو هو ته حويلي جي ٻارن سان ئي عالي کي پڙهائينداسين ۽ ڳوٺ واري اسڪول جو ته هاڻي اهو حال رهيو ئي ناهي. جڏهن مؤمن پڙهندو هو ان وقت سٺا استاد هوندا هئا. هاڻي ته ٻڌو آهي ٻـه استاد اسڪول ۾ بچيا آهن.” زينب چيو.
“ادارا مستقبل جو فيصلو نه ڪندا آهن. آپا، انسان جو شوق ۽ محنت ئي اصل فيصلو ڪندي آهي. ميربل جو مثال توهان جي اڳيان آهي.” شهلا زينب کي سمجهايو.
“الله ڪري ائين ئي ٿي.” زينب چيو.
اها ڳالهه شهلا جي لاءِ ڏاڍي پريشان ڪندڙ هئي پر هوءَ زينب کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ نه پئي چاهي.
صبح جو زينب عالي کي ڪمدار سان گڏ ڳوٺ واري اسڪول موڪليو.
عالي اسڪول ڏسي حيران ٿي ويو. اهو “اسڪول” ته ڪٿان به نه لڳي رهيو هو. ٽي ڪمرا هئا جن مان هڪ هيڊماستر صاحب جي آفيس هئي ۽ ٻن ڪمرن ۾ ٻار ويٺل هئا. ڪمرن جي اڳيان ورانڊو هو ان ۾ به ڪجهه ٻار ويٺل هئا ۽ ڪجهه ٻار ٻاهر وڻن جي هيٺان ويٺل هئا. ڪمدار عالي کي هيڊماستر جي آفيس ۾ وٺي آيو.
“اچو اچو ڪمدار صاحب، توهان اڄ هتي ڪيئن؟” هيڊ ماستر ڪمدار کي آفيس ۾ ڏسي پڇيو.
“هي آهي عبدالعالي، سردار مؤمن خان جن جو صاحبزادو. هن کي هت داخل ڪرائڻو آهي.” ڪمدار هيڊماستر کي ٻڌايو.
مؤمن جو نالو ٻڌندي ئي هيڊ ماستر ڪرسي تي سڌو ٿي ويٺو ۽ ڪمدار سان گڏ اڇي شرٽ ۽ سرمائي رنگ جي پينٽ پاتل ڇوڪري ڏانهن ڏسڻ لڳو. هو ڪٿان به هن ڳوٺ جو نه لڳي رهيو هو.
“ٺيڪ آهي مان هن جو نالو داخل ڪري هن کي ڪلاس ۾ ويهاريان ٿو.” هيڊماستر ڪمدار کي چيو.
ڪمدار ڪرسي تان اٿي هيڊماستر سان هٿ ملائي هليو ويو.
هيڊماستر عالي کي پنهنجي ڀرسان ڪندي هن جي پيشاني چمي ۽ هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
“پٽ تنهـنجو پيءُ به مون وٽ ئي پڙهيو هو ۽ تون پريشان نه ٿجانءِ، تون به ان وانگر ئي پڙهندين، ڏسجانءِ.” هيڊماستر صاحب عالي جي گهرين سرمائين اکين ۾ اداسي جا پاڇا ڏسي همٿايو ۽ هن کي هڪ ڪلاس ۾ ويهاري آيو.
موڪل جو ٽائيم ٿيو ته زينب جميلا جي پٽ کي اسڪول موڪلي عالي کي گهرايو.
عالي گهر پهتو ته هن جو منهـن لٿل هو. زينب ۽ شهلا ٻنهي کي خبر هئي ته هن کي اسڪول ۾ مزو نه ايندو. هو خاموشي سان پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. شهلا هن جي پويان ئي ڪمري ۾ آئي ۽ هن جا ڪپڙا تبديل ڪرايا.
“امي هاڻي مان ان اسڪول ۾ پڙهندس؟” هن ماءُ کان سوال ڪيو.
“ها پٽ.” شهلا جواب ڏنو.
“جنهن جو پيءُ مري ويندو انهن ٻارن کي ٻين گهرن ۽ ٻين ئي اسڪولن ۾ موڪلڻ ضروري هوندو آهي؟” عالي وري پڇيو.
“ها پٽ، ۽ اوهان کي پنهنجي پيءُ جهڙو ئي ٿيڻو آهي.” شهلا وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪو به جواب نه هو.
شام جو زينب پاڻ سان گڏ نئين حويلي مان ٻارن کي به وٺي آئي ۽ عالي ۽ سيرت کي انهن سان ملرايو.
“جيجي هي هاڻي هتي اسان جي گهر ۾ رهندا؟” عرفات زينب کان پڇيو.
“عرفات هي هنن جو به گهر آهي.” زينب عرفات کي سمجهائيندي چيو.
عالي عرفات ڏانهن ڏٺو جيڪو هن ڏانهن ڏسي ائين مسڪرائي رهيو هو، ڄڻ هن جو مذاق اڏائي رهيو هجي.
ٻن ڏينهن ۾ ئي عالي کي احساس ٿي ويو ته هي ان جو گهر نه آهي. ”گهر ته انهن جو ئي هوندو آ جنهن جو پيءُ هجي”. عالي کي خيال آيو.
............................