46
سردار صاحب جي قسمت به ڪجهه اهڙا ئي اشارا ڏيئي رهي هئي پر کيس پڪ هئي ته سندس عروج جو زوال ڪڏهن اچڻو ئي ناهي.
“هيبت خان پڇئي پنهنجي پٽ کان؟” سردار صاحب هيبت خان کان پڇيو.
“ادا سائين هو ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ئي ناهي، مان ڏاڍا وس ڪيا پر هن هڪ اکر به نه ٻڌايو.” هيبت خان فرمانبرداريءَ سان سردار صاحب جي اڳيان بيٺو ۽ جواب ڏنو.
“تون آخري دفعو هن کان سڌي طرح پڇي ٻڌاءِ، نه ته پوءِ توهان ٻنهي لاءِ سٺو نه ٿيندو. تون مون کي چڱي طرح سڃاڻين ٿو، ته مان اهو آهيان جنهن پنهنجي ڀاءُ کي به نه بخشيو هو هي ته منهنجو ڄاٽو آهي.” سردار صاحب پنهنجي سڄي هٿ جي اشهد آڱر هيبت خان ڏانهن سڌي ڪندي هن کي وارننگ ڏني.
ايتري ۾ سردار صاحب جي فون جي گهنٽي وڳي.
“ها ميربل، ڪا خبر پئي توکي مروه جي؟” سردار صاحب فون اٽينڊ ڪندي ئي ميربل کان پڇيو.
“نه بابا سائين! مروه جي ته ڪا خبر نه پئي پر هڪ ٻي بري خبر آهي.” ميربل ڊڄندي ڊڄندي پيءُ کي چيو.
“وري ڇا ٿيو؟” سردار صاحب بيزاريءَ مان پڇيو.
“بابا سائين عرفات کي سعودي عرب ۾ هيروئن اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ جدي جي ايئرپورٽ تي پڪڙيو ويو آهي.” ميربل هوري هوري پيءُ کي ٻڌايو.
“ڇا! هو جدي ۾ ڇا ڪرڻ ويو ۽ توکي اها خبر ڪيئن پئي؟” سردار صاحب جون ته هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي ٿي ويون.
“مون کي ان جي دوست فون ڪئي، پوءِ مون به پڇا ڪرائي ته خبر پئي ته اها ڳالهه سچ آهي.” ميربل کيس تفصيل ٻڌائي.
“ٺيڪ آهي مان ڪراچي اچان ٿو.” سردار صاحب فون بند ڪري صوفي تي ويهي رهيو پوئتي ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
“ادا سائين سڀ خيريت ته آهي نه؟” هيبت خان هن جي ڀرسان ويٺو.
“نه هيبت خان، خير ناهي. مصيبتون کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن، وري عرفات جي بري خبر ملي آهي.” سردار صاحب پنهنجي ناراضگي وساريندي هيبت خان کي ميربل جي ٻڌايل ڳالهه ٻڌائي.
“ادا، الله رحم ڪندو، توهان وڃو، اتي ڪنهن پهچ واري کي چئه چواءُ ڪري عرفات جي لاءِ ڪجهه ڪيو، مان آهستي آهستي شاهمير کان به پڇڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو ۽ ڳوٺ جو فڪر به توهان نه ڪجو.” هيبت خان، سردار خان کي دلداري ڏني.
“ها مان هاڻي ئي وڃان ٿو.” سردارصاحب چيو ۽ ٻاهر هليو ويو.
“شاهمير اسان جي ستن پيڙهين ۾ به ڪا عورت گهر کان ٻاهر اڪيلي نه ويئي آهي. ڏس مروه تنهنجي زال آهي ۽ هن کي جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته تنهنجي عزت تي داغ لڳي ويندو. تون ٻڌاءِ ته هوءَ ڪٿي آهي. اسان هن کي عزت سان گهر وٺي اينداسين ۽ مان توسان واعدو ٿو ڪيان ته هن سان هر ڪنهن جو ساڳيو ئي سلوڪ هوندو، ڪوئي هن سان گهر مان نڪري وڃڻ واري ڳالهه نه ڪندو.” سردار صاحب جي وڃڻ کان پوءِ هيبت خان شاهمير ڏانهن اچي هن کان نرميءَ سان پڇڻ لڳو.
“بابا سائين پهرين ڳالهه ته مروه اهڙو ڪجهه ڪرڻ نه ويئي آهي جنهن سان منهنجي عزت کي داغ لڳي، ۽ هن ڪو به غلط قدم نه کنيو آهي جو ڪوئي هن کي ان ڳالهه تان ٽوڪي سگهي. ٻي ڳالهه اها ته توهان کي ته ان ڳالهه تي فخر ٿيڻ گهرجي ته توهان جي ننهـن هن علائقي جي پهرين ڊاڪٽرياڻي ٿي ايندي.” شاهمير به ساڳي لهجي ۾ پيءُ کي سمجهايو.
“يار تون الائي جي ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، جيڪڏهن مان خوش ٿيان به ته ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي، سردار صاحب ته هن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو نه”. هيبت خان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
شاهمير سمجهي ورتو ته هن جي پيءُ جي انڪار جو اصل ڪارڻ سردار صاحب آهي.
“بابا سائين سردار صاحب هميشه ئي ته سردار نه رهندو نه، هو اچي پنهنجي عمر کي رسيو آهي، ڪڏهن نه ڪڏهن ادا ميربل يا توهان کي ئي هي نظام سنڀالڻو آهي پوءِ ته توهان جو ئي نالو ٿيندو نه.” شاهمير اوندهه ۾ تير هلايو.
“مان ميربل کان وڏو ۽ وڌيڪ تجربيڪار ماڻهو آهيان، ان ڪري پڳ مون کي ئي ٻڌبي. هونئن به ڪهڙو ميربل هتي هوندو آهي، اهو ته رڳو پنهنجي پٽن جي علاج ڪرائڻ ۾ لڳو پيو آهي.” هيبت خان چيو.
“پر پيءُ جي پڳ ته پٽ کي ئي ٻڌي ويندي آهي نه بابا سائين؟” شاهمير چيو.
“سردار بهرام خان به ته منهنجي پيءُ جي پڳ ٻڌرائي منهنجي حق تي ڌاڙو هنيو هو نه، اسان وٽ پڳ وڏي پٽ تي ئي رکي ويندي آهي ۽ سردار سبزل خان جو وڏو پٽ مان آهيان، ان ڪري هاڻي جيڪڏهن ڪنهن کي پڳ ٻڌي ويندي ته اهو مان ئي هوندس.”
هيبت خان جي زبان تي نيٺ دل جي ڳالهه اچي ويئي.
“پوءِ بابا سائين توهان پنهنجي پٽ تي ته ٿورو رحم ڪيو نه مون کي مروه تي پورو يقين آهي هوءَ ڪو به غلط قدم نه کڻندي. مان بس هن جي هڪ معصوم خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مهرباني ڪري توهان منهنجي ان ڪوشش کي رائگان ٿيڻ نه ڏيو.” شاهمير پيءُ کي نرم ٿيندي ڏٺو ته چيو.
“ٺيڪ آهي پر توکي ڪجهه وقت اتي ئي رهڻو پوندو ۽ جيئن ادا سائين چوي تيئن ڪرڻو پوندو.” هيبت خان کي به پٽ تي رحم آيو.
“قيد ته ڪيو اٿن اڃا ڇا ڪندا ماما سائين جن.” شاهمير چيو.
“هاڻي هو اهڙي مسئلي ۾ ڦاسي ويو آهي جو في الحال ته ڪجهه مهينا ڳوٺ واپس به نه اچي سگهندو، ان ڪري تون هتي آزادي سان گهمي ڦري سگهين ٿو.” هيبت خان چيو ۽ شاهمير کي عرفات جي باري ۾ سڄي ڳالهه ٻڌائي.
اها ڳالهه ٻڌي شاهمير کي ڏاڍو افسوس ٿيو پر هن کي خبر هئي ته سردار صاحب پنهنجي پٽ کي ڪيئن به ڪري بچائي وٺندو.
......................
دُربيبي اڃا مس هن جي جدائي جو صدمو برداشت ڪيو هو ته مٿان عرفات جي پڪڙجڻ واري خبر هن کي ٻڌائي ويئي. هي صدمو برداشت ڪرڻ هن جي وس کان ٻاهر هو. هن کي هڪ دفعو دل جو دورو پئجي چڪو هو ۽ هاڻي هاءِ بلڊپريشر ۽ ڊائبٽيز جي ڪري بستري تان اٿڻ جي قابل به نه رهي.
صفا ۽ شهلا هن جو پوريءَ طرح سان خيال رکي رهيون هيون. پر هن جي طبيعت ڏينهـون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. ٻئي طرف ماهه نور جو مزاج به بدلجڻ لڳو.
ٻارن جي بيماري جي پريشانيءَ جي ڪري يا دُربيبي جو خوف دل مان نڪري وڃڻ جي ڪري هن جو رويو بدلجي ويو هو. خاص ڪري صفا سان ته هوءَ ائين ڳالهائيندي هئي ڄڻ ته صفا هن تي بار هئي.
هن جا ٻئي ٻار تقريباً هر وقت صفا وٽ ئي هئا پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ صفا جي غلطي ڳولي ماهه نور هن کي ٽوڪڻ جو موقعو نه ڇڏيندي هئي. اهو سڀ ڪجهه دُربيبي جي سامهون هو پر هاڻي هوءَ اها دُربيبي نه رهي هئي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ ماهه نور قدم به سنڀالي سڀنالي کڻندي هئي.
“آپا توهان ماهه نور کي سمجهايو، هن کي ٿي ڇا ويو آهي، هوءَ هر وقت ويچاري صفا کي پريشان ڪندي رهي ٿي.” زينب، درناز کي پنهنجي منهن سان وٺي وڃي چيو.
“مان ته الائي ڪيترا دفعا سمجهايو اٿمانس زينب، پر هوءَ سمجهي ئي نٿي پر هوءَ ويچاري به ڇا ڪري ٻن بيمار ٻارن جو ڪري ڪري هاڻي هوءَ ٿڪجي پئي آهي ۽ مٿان وري ميربل جو هن سان رويو، تون پاڻ ڏسين پئي.” در ناز ڌيءُ جو پاسو کنيو.
“پوءِ به آپا ان ۾ صفا جو ته ڪو ڏوهه ناهي نه.” زينب چيو.
“تون ڏسين نٿي، ميربل جنهن وقت به گهر ٿو اچي ته صفا ڀڄندي ڀڄندي هن جا ڪم ٿي ڪندي وتي ۽ هو به زال جي بدران هر ڪم هاڻي ان کي ئي ٿو چوي. ضرور ڀيڻ ئي ڀڙڪائيندي هوندس نه.” ماهه نور جيڪي ڳالهيون درناز جي دماغ ۾ وڌيون هيون، اهي هن زينب جي اڳيان دهرايون.
“آپا جيڪڏهن گهڙي کن لاءِ ڀاءُ اچي ڀيڻ سان ويهي ٿو، ته ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي ۽ صفا هن جا ڪم صرف ان وقت ئي ڪندي آهي جڏهن ماهه نور ڪنهن ڪم ۾ مصروف هوندي آهي.” زينب پوري ڪوشش ڪئي درناز کي سمجهائڻ جي.
“ادي توتي ته ادا مؤمن ۽ ادا بهرام خان جي اولاد الائي ڪهڙو جادو ڪري ڇڏيو آ. جڏهن تڏهن انهن جي ئي طرفداري ڪندي رهندي آهين.” درناز پنهنجي ڌيءُ جي خلاف ڳالهه نه ٻڌي سگهي ۽ ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
زينب افسوس مان هن کي ويندي ڏسندي رهي.
“ماڻهن سان جنگ وڙهي به وڃو پر منهنجي نصيب سان ته جنگ نٿا وڙهي سگهو نه.” صفا هال ۾ داخل ٿيندي، هنن جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون ۽ اچي زينب جي ڀرسان ويٺي.
“تون پاڻ ته پنهنجي لاءِ ڪجهه نٿي ڪرين پر مان ته وڙهي سگهان ٿي نه انهن سان.” زينب، صفا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي چيو.
“جيجي منهنجي ڪري توهان ڪنهن سان نه وڙهو. منهنجو نصيب به توهان ۽ شهلا چاچي جي نصيب وانگر ئي لکيو ويو آهي، مان توهان ٻنهي جي شاگردياڻي آهيان، ان ڪري وقت سان سمجهوتو ڪري وٺنديس.” صفا چيو.
“منهنجي نه، تون صرف شهلا جي شاگردياڻي آهين. مان پنهنجي نصيب سان ايڏو خاموشيءَ سان سمجهوتو نه ڪيو هو. مان ظلم کي ظلم چيو هو تڏهن ئي حويلي ۾ منهنجا گهڻا ئي مخالف پيدا ٿيا، پر توهان ٻئي ته دل ۾ به ظلم کي ظلم نٿيون چئو، پوءِ به توهان سان اهڙو سلوڪ ٿو ڪيو وڃي. ان ڪري ڇا اهو صحيح ناهي ته ماڻهو ظلم کي ظلم چئي پنهنجو نالو باغين ۾ لکرائي ڇڏي؟” زينب مسڪرائيندي صفا جي ڪارين شفاف ۽ سنڌو جهڙين گهرين اکين ڏانهن ڏٺو.
“آپا بابا سائين ۽ ادا وارا پهرين ئي پريشان آهن جيڪڏهن ماهه نور ڀاڀي ادا کي ڪجهه ٻڌايو ته هو ويتر پريشان ٿي ويندو.” صفا چيو
“صفا منهنجي ٻچڙي مون کي خبر آهي تون ڪڏهن به ڪنهن کي ڪجهه نه چوندينءَ. پر مان به انهن سڀني سان وڙهڻ تي مجبور آهيان، ٿي سگهي ڪڏهن نه ڪڏهن مان اها جنگ کٽي وڃان.” زينب صفا کي پيار ڪندي چيو.
صفا جي اکين مان لڙڪ ڪِرڻ لڳا. ڪنهن گهرڀاتيءَ جو ڏک هجي يا ڪنهن نوڪرياڻي جي تڪليف ٻڌي، هاڻي هن جون اکيون روئڻ جو بهانو ڳولڻ لڳيون هيون.
“السلام عليڪم ڇا ٿيو، خير ته آهي.” عالي هال ۾ داخل ٿيو ته صفا کي روئيندي ڏسي هميشه وانگر هن جي دل هڪ پل لاءِ بيهجي ويئي.
“وعليڪم السلام. ها سڀ خير آهي بس ائين ئي زماني جون ڳالهيون پئي ڪيوسين تون اچ نه ويهه هتي.” زينب عالي کي ڀرسان ويهڻ لاءِ چيو.
عالي هڪ دفعو ٻيهر صفا ڏانهن ڏٺو. هاڻي هن جي اکين ۾ لڙڪ نه هئا پر هن جي وڏن ڪارين پنبڻن ۾ اڃا تائين ڪجهه پاڻي اٽڪيل هو.
“چاچي سائڻ جن جي طبيعت ڪيئن آهي؟” عالي، صفا ڏانهن ڏسندي پڇيو.
“ڪجهه بهـتر آهي هاڻي.” صفا، عالي ڏانهن ڏسڻ بنا ئي جواب ڏنو.
“ٺيڪ آهي مان انهن سان ملي اچان ٿو.” عالي ائين چئي دُربيبي جي ڪمري ۾ آيو. شهلا هن جي ڀرسان ويٺي، ان کي سوپ پياري رهي هئي.
“چاچي سائڻ اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي هاڻي؟” عالي سلام ڪري اندر آيو ۽ دُربيبي جي بيڊ جي ڀرسان رکيل ڪرسي تي اچي ويٺو. جڏهن کان هوءَ بيمار ٿي هئي، تڏهن کان عالي روز هن وٽ ايندو هو ۽ ڪافي وقت هن سان گڏ گذارڻ کان پوءِ واپس ويندو هو.
“پٽ بهـتر آهي ڪجهه هاڻي. عرفات جي ڪا خبر پئي ته هو ڪڏهن ٿو واپس اچي؟” دُربيبي هر ڪنهن کان اهو سوال ڪندي هئي.
“نه چاچي سائڻ اڃان تائين ڪا خبر نه پئي آهي.” عالي چيو.
“ٽي مهينا ٿي ويا آهن سردار صاحب به يڪو وڃي اسلام آباد ويهي رهيو آهي جي اچي به ٿو ته هڪ ٻه ڏينهن ڳوٺ ۾ رهي هليو ٿو وڃي. آخر هو منهنجي پٽ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي ڇو نٿو.” ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ دُربيبيءَ جون اکيون ڀرجي آيون.
“چاچي سائڻ اهڙي ڳالهه ناهي، چاچا سائين جن به ته پريشان آهن نه، توهان اجايو اهڙيون ڳالهيون سوچيندؤ ته وڌيڪ بيمار ٿي پوندؤ. فڪر نه ڪيو الله ڪندو ته عرفات جلدئي گهر واپس اچي ويندو.” عالي، دُربيبيءَ کي دلجاءِ ڏني.
دُربيبي گهڻي دير تائين خاموش رهي. هن جون اکيون اڃا تائين نَم هيون.
“شهلا، عالي مان توهان سان ڏاڍيون زيادتيون ڪيون آهن. الله پاڪ مون کي انهن گناهن جي ئي سزا ڏيئي رهيو آهي. مان توهان ٻنهي کان هٿ ٻڌي معافي ٿي گهران. شهلا پنهنجي عالي جي واسطي مون کي معاف ڪر. تون معاف ڪندينءَ ته الله تعاليٰ به مون کي معاف ڪري ڇڏيندو.
عالي مون تنهنجي معصوم جذبن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن جي باهه جي تپش سان ساڙيو آهي ان ڪري الله منهنجي اولاد کي ان مصيبت ۾ وڌو آهي.” دُربيبي چرين وانگي هن ٻنهي جي اڳيان ليلهلائي رهي هئي.
“ڀاڄائي اهو توهان ڇا پيون چئو، منهنجي ۽ منهنجي ٻارن جي دل ۾ توهان جي لاءِ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. الله جي رحمت مان نااميد نه ٿيو، الله ڪندو هي آزمائش وارو وقت خير سان گذري ويندو.” شهلا دُربيبي جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي ورتا.
“شهلا تون منهنجي پٽ لاءِ دعا ڪندينءَ نه، مان ته گنهگار آهيان، الله تعاليٰ مون کان ناراض آهي. مان يتيمن کي رنجايو آهي منهنجي دعا ته عرش تي پهچڻ کان اڳ ئي ڌڪاري ويندي.” دُربيبي شهلا کي چيو.
“ڀاڄائي توهان ماءُ آهيو، الله توهان جي دعا رد نه ڪندو، توهان ان کان دل سان معافي وٺي دعا گهرندا، ته انشاءالله هو راضي ٿيندو.” شهلا دربيبيءَ کي سمجهايو.
“چاچي سائڻ توهان لاءِ ايترو سوچڻ صحيح ناهي. الله پنهنجي ٻانهن کي ڪنهن حال ۾ به اڪيلو نه ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن هو توهان کان ناراض هجي ها ته توهان کي معافي گهرڻ جي توفيق به نه ڏي ها. اسان سڀ توهان سان گڏ آهيون. الله ڪندو جلد عرفات اچي ويندو ۽ پوءِ اسان سڀ ڳوٺ هلنداسين ۽ پنهنجي حويلي کي هڪ دفعو ٻيهر آباد ڪنداسين.” عالي، دُربيبي جو موڊ مٽائڻ لاءِ ڳوٺ جي ڳالهه ڪئي.
شهلا، عالي جي واتان “پنهـنجي حويلي” جو لفظ ٻڌي حيران ٿي.
عالي ڪافي دير تائين دُربيبيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو.