44
شاهمير هيبت خان سان پنهنجي نڪاح جي ڳالهه ڪئي. پهرين ته هُن هن کي ڪجهه وقت صبر ڪرڻ جو چيو. پر پوءِ شاهمير جو ضد ڏسي هن بهـرام خان سان ڳالهه ڪئي.
بهرام خان به نياڻي جي فرض کان سبڪدوش ٿيڻ پئي چاهيو، انڪري هن به ها ڪئي. سڀئي ان ڳالهه تي حيران هئا ته شاهمير نڪاح ڪرڻ جو ئي ضد ڇو ڪري رهيو آهي، هو رخصتي جو ڇو نه ٿو چوي.
“ڳوٺ جا حالات ٺيڪ ٿي ويندا ته پوءِ باقاعدا رخصتي ڪندس.” اهو چئي شاهمير في الحال سڀني جو وات بند ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سادگيءَ سان نڪاح جي تقريب رکي ويئي. گهڻن ڏينهن کان پوءِ گهر ۾ سڀ خوش هئا.
عالي ته ايترو خوش هو جو هو ٻن ڏينهن کان ڪاليج به نه ويو هو ۽ سڄي تياري تقريباً هن ئي ڪئي هئي. سيرت به تمام گهڻي خوش هئي.
صفا پنهـنجو پاڻ کي انهن تيارين کان پري رکيو. عالي نڪاح واري ڏينهن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته هن جي دل سُسي ننڍڙي ٿي ويئي. هن جي دل مان خوشيءَ جي جڳهه تي اداسي ڇانئجي ويئي.
ٻي طرف دُربيبي به پنهنجي وڏي ڌيءُ کي ان جي ننڍي ڀيڻ جي خوشين کان پري ڏسي بي چين ٿي ويئي.
مروه جي لاءِ نڪاح جو وڳو شاهمير پنهنجي پسند تي آندو. ويڪرن پانچن واري شلوار تي ڳاڙهي ناسي رنگ جي ڊگهي قميص جيڪا سونهري رنگ جي هيرن ۽ موتين جي ڪم سان جڙيل هئي ۽ ڳاڙهي رنگ جي وڏي رئي سان گڏ هن نَوَ لڙي دُري پاتي ته هوءَ آئيني ۾ پنهـنجو عڪس ڏسي شرمائجي ويئي. هن جي تياري مڪمل ٿي ويئي هئي پر هن جو ضد هو ته هوءَ صفا سان گڏ ڪمري کان ٻاهر ويندي.
صفا، بالاچ کي سمهارڻ جي بهـاني سان پنهنجي ڪمري ۾ ئي هئي.
“مروه آپا چئي پئي تون ٻاهر هال ۾ وڃ، هو ٿوري دير ۾ اچي ٿي.” سيرت ڪمري ۾ اچي مروه کي ٻڌايو جيڪا صبح کان پنج دفعا صفا کي مروه جو نياپو ڏيئي آئي هئي.
“اڃا ڪيترو تيار ٿيندينءَ ڇوڪري ٻاهر سڀ تنهنجو ئي انتظار پيا ڪن.” عالي به ڪمري ۾ آيو.
“ڪيئن پئي لڳان؟” مروه عاليءَ کي ڏسي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي.
“ماشاءالله ڏاڍي پياري.” عالي هن ڏانهن ڏٺو ته ڏسندو رهجي ويو هوءَ بلڪل مختلف پر ڏاڍي پياري لڳي رهي هئي.
“عالي ڏس نه آپا ضد ڪري ڪمري ۾ ويهي رهي آهي، هوءَ ايترن ڏينهن کان منهنجي ويجهو به نه آئي آهي. جيجي ۽ شهلا چاچي کي به مان ياد ناهيان.” مروه عالي سان شڪايت ڪئي.
“پوءِ تون ئي هلي وڃ نه صفا ڏي”، عالي ڄاتو پئي ته صفا ٻاهر نه ايندي ان ڪري هن مروه کي اوڏنهن وڃڻ لاءِ چيو.
“ڪنوار ته مان آهيان نه، هن کي اچڻ گهرجي.” مروه ناراضگيءَ مان چيو.
“هُن کي لڳي ٿو ته بدنصيبي هڪ viral desease (وچڙندڙ بيماري) آهي جيڪڏهن هوءَ تنهنجي ويجهو ايندي ته توکي به اها لڳي ويندي.” عالي افسوس سان چيو.
“ته اصل وجه اها آهي! مان هن مهل تائين اهو ڇو نه سمجهي سگهيس.” مروه حيرت مان چيو.
“سيرت مون سان گڏ اچ.” مروه تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي صفا جي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي.
هيٺ هال ۾ ويٺل شاهمير جي نظر مروه تي پئي ته هِن کي ائين ٻي ڪمري ڏانهن ويندي ڏسي هن کي حيرت جو شديد جهٽڪو لڳو.
“تون مروه بهرام خان سان شادي پيو ڪرين جيڪا حويلي جي ڇوڪرين جهڙي ناهي، انڪري حيران ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي.” ان وقت ئي شاهمير سوچيو ته هن جي منهن تي مُرڪ اچي ويئي.
“آپا.” مروه صفا جي ڪمري ۾ آئي.
صفا هن کي ڏسندي ئي بيڊ تان اٿي ۽ مروه کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي ائين پوئتي ٿي ڄڻ ته هن کي واقعي ڪا وچڙندڙ بيماري هجي.
“توهان ڪنهن جي چوڻ تي ائين پيا ڪيو آپا، ائين نه هوندو آهي جيئن توهان سمجهو پيا!” مروه صفا جي ڀرسان آئي ۽ هُن جو هٿ پڪڙيو.
“مروه تون هيٺ وڃ، مان نٿي چاهيان ته منهنجي بدنصيبيءَ جو پاڇو به تو تي پوي.” صفا هن جو هٿ پنهنجي هٿ مان ڇڏايو.
“آپا توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، ڪهڙي دور جون ڳالهيون پيون ڪيو. مان توهان جي هڪ به نه ٻڌندم. توهان مون سان گڏ هلندؤ تڏهن مان هيٺ ويندم نه ته نه!” مروه فيصلاڪن لهجي ۾ چيو.
صفا پنهنجي ڀيڻ جي ضد کان واقف هئي ان ڪري خاموش ٿي ويئي. سيرت مروه کي وڏو چُني جو رئو پارائي هن جو گهونگهٽ ڍڪيو ۽ صفا سان گڏ هن کي هيٺ هلڻ لڳي.
مروه سان گڏ صفا کي ڏسي سڀ حيران هئا.
مروه کي ڪرسي تي ويهاري صفا ان کان پرتي ٿي بيٺي. نڪاح ٿي وڃڻ کان فوراً بعد هوءَ واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
دُربيبي جي انا ۽ غرور جي چوٽي ڀڄي ڀور ڀور ٿيڻ لڳي، احساسِ ندامت جي بار هيٺ هوءَ پنهنجي وڏي ڌيءُ جنهن کي هن پنهنجي انا کي تسڪين پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ان کي تسلي ڏيڻ جي قابل ته نه رهي هئي، پر هوءَ پنهنجي لاڏلي ڌيءُ جي خوشين ۾ به پوري طرح سان شريڪ نه هئي. هن کي لڳو هن جي گناهن جي سزا به هن جي صابرين ڌيءُ کي ملي ويئي. هوءَ پنهنجي گنهـگار وجود جو پاڇو پنهنجي ٻي اولاد تي وجهڻ نه پئي چاهي انڪري ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي.
نڪاح جي تقريب کان پوءِ سردار صاحب ۽ هيبت خان ڳوٺ واپس هليا ويا. ٻوڏ هاڻي بند ٿي ويئي هئي پر ٻوڏ جي ڪري فصل ۽ گهر تباهه ٿي ويا هئا، ڪجھه وقت لاءِ سڀني جو ڳوٺ واپس وڃڻ مشڪل هو.
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ عاليءَ حاجره ۽ حسينه کي به ان جي ڀاءُ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. عالي جي هائوس جاب ختم ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه مهينا هئا. هن جي ڊيوٽي ڏاڍي سخت هئي ۽ هو پاڻ به ڏينهن رات محنت ڪري رهيو هو. انڪري هو گهر به گهٽ وڃڻ لڳو. معز ۽ عالي جي ڊيوٽي جي ٽائمنگ به الڳ الڳ هئي، انڪري معز سان به گهٽ ملاقات ٿيندي هئس.
“ڪهڙا حال آهن ڊاڪٽر عبدالعالي صاحب؟” عالي اسپتال ۾ ئي هو ته معز هن وٽ آيو.
“ٺيڪ آهيان، تون ٻڌاءِ، اڄ هن وقت هتي ڪيئن؟” عالي به هن سان تپاڪ سان مليو.
“بس تون ته ايڏو مصروف ٿي ويو آهين جو ملين نٿو، ان لاءِ سوچيم مان ئي توسان ملي وٺان. اڄ منهنجي رات جي ڊيوٽي ناهي ان ڪري تو ڏانهن آيس ته جيئن ئي تنهنجي ڊيوٽي ختم ٿئي، ته توکي )kidnep اغوا) ڪري وٺان.” معز چيو.
“ٺيڪ آهي، ٿورو انتظار ڪر، مان وارڊ مان رائونڊ لڳائي اچان ٿو.” عالي پنهـنجو ايپرن ۽ ٻيو سامان کڻي ٻاهر ويو.
ٿوريءَ دير ۾ عالي واپس آيو ته هي ٻئي ڀرسان واري هڪ هوٽل تي ماني کائڻ ويا.
“هائوس جاب کان پوءِ ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟” معز، عالي کان پڇيو.
“ڳوٺ ويندس واپس.” عالي جواب ڏنو.
“ڳوٺ! تون ڳوٺ ويندين؟” عاليءَ جو جواب خلاف توقع هو، انڪري معز عاليءَ کان تصديق ڪئي.
“ها.” عالي سادي لهجي ۾ چيو.
“مون کي لڳندو هو تون پنهنجي مستقبل ۾ ڳوٺ جي باري ۾ سوچيندين به نه”. معز اڃا تائين حيران هو پر سندس چهري تي خوشي هئي.
“شروع ۾ ته مون اهو ئي سوچيو هو ته پڙهائي پوري ڪري امي سيرت ۽ پُڦوءَ کي هتي وٺي ايندس پر ڪجهه عرصو اڳ جڏهن هڪ ماءُ کي ان جي ٻچي جي اڳيان تڙپندي مرندو ڏٺم، جڏهن ڌاڙيلن وٽ هڪ رات گذاريم، جڏهن ڪنهن ننڍڙي مسئلي ته جهالت جي هٿان بي گناهه ۽ مظلوم ماڻهن جون زندگيون تباهه ٿيندي ڏٺم ته منهنجي ضمير مون کي اهو فيصلو مٽائڻ تي مجبور ڪيو.
معز، بابا جي وفات کان پوءِ جڏهن اسان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳاسين، ته اتان جون مشڪلاتون ڏسي امي سان شڪايت ڪئي هئم جنهن تي امي مون کي چيو هو ته هتي اچڻ جو اسان جو ضرور ڪو مقصد هوندو ۽ اسان کي اهو ڳولڻو آهي. ان معصوم ٻار جي نماڻين اکين ۾ مون اهو مقصد ڳولي ورتو هو، جنهن جي ڪري مان ڳوٺ کي ڇڏڻ جو ٻيهر سوچي به ناهيان سگهيو.” عالي پهريون دفعو پنهنجي ان احساس جو ذڪر ڪنهن سان ڪيو.
“يار اهو ته نهـايت عمدا خيال آهي، جيڪڏهن سڀيئي اتان کان نڪرڻ جو سوچين ته پوءِ اتي رهندڙ ماڻهن جي باري ۾ ڪير سوچيندو.” معز تعريف ڪرڻ کان بنا رهي نه سگهيو.
“تو ڇا سوچيو آهي؟” عالي ويٽر کي مانيءَ جو آرڊر ڏيڻ کان بعد ۾ معز کان پڇيو.
“مان هتي ويٺي ويٺي سوچيو آهي ته مان به تو سان گڏ ڳوٺ هلي ماڻهن جي مدد ڪندس.” معز ڪجهه سوچڻ کان پوءِ جواب ڏنو.
“پهريون پنهنجي والدين ڏي وڃجانءِ، انهن کان اجازت وٺي پوءِ ماڻهن جي مدد جو سوچجان”. عالي چيو.
“ٺيڪ آهي تنهـنجو اهو شوق به پورو ڪندس پر پڪ ڄاڻ ته انهن جي رويي ۾ تر جيتري تبديلي به نه آئي هوندي”. معز پوري اعتماد سان چيو.
“تون پنهنجا اندازا نه لڳاءِ، ائين ڪو نه هوندو. خير جڏهن وقت آيو ته پوءِ ان ڳالهه کي ڏسبو. جلدي ماني کائي وٺ منهنجي اڄ رات جي به ڊيوٽي آهي”. عالي جلدي جلدي پنهنجي پليٽ ۾ رکيل چائنيز رائيس پورا ڪندي چيو.
“تون مون کي اها ڳالهه پهرين ڇو نه ٻڌائي؟” معز پڇيو.
“ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٽائيم هو ۽ ايترن ڏينهن کان پاڻ مليا ڪونه هئاسين، انڪري توسان گڏ هليو آيس”. عالي ٻڌايو.
معز به جلدي پنهنجي پليٽ خالي ڪرڻ لڳو.
ڊنر ڪرڻ کان پوءِ معز، عاليءَ کي واپس هاسپيٽل ڇڏي پاڻ هاسٽل هليو ويو.