45
عالي به ان انسانن مان ئي آهي. منهنجي گهر جي ماڻهن کان کيس هر قسم جي تڪليف ملي، جيڪڏهن هي چاهي ها ته سردار بهرام خان جي اولاد مان ڪنهن کي به نقصان پهچائي، پنهـنجو بدلو وٺي سگهيو ٿي، پر هن ته هر هڪ فرد جو هر طرح سان خيال رکيو”. مروه، عاليءَ جي باري ۾ سوچيندي سوچيندي ڪيڏي مهل عالي ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي، کيس خبر ئي نه پئي.
“ڇا پئي ڏسين؟” عالي ڪار ڊرائيو ڪري رهيو هو ۽ فرنٽ سيٽ تي ويٺل مروه کي پاڻ ڏانهن تڪيندي ڏسي، هن کان پڇڻ لڳو.
“ڪجهه نه”. مروه جو آواز ڄڻ پري کان آيو پئي.
“مان ته سمجهندو هئس تون هڪ بهادر ڇوڪري آهين، پر تنهنجي چهري تي اها مايوسي ڏسي، لڳي ٿو مون کي پنهنجي راءِ بدلڻي پوندي”. عالي چيو.
“زندگي ۾ پهريون دفعو مون کي واقعي ڊپ ٿو لڳي، ۽ اهو ڊپ ان ڳالهه جو ناهي ته مان ٻئي ڪنهن ملڪ وڃي رهي آهيان، پر مون کي صرف تنهنجي لاءِ ڊپ ٿو لڳي. خبر ناهي بابا سائين وارا توسان ڪيئن پيش ايندا”. مروه پنهنجي پريشاني عالي جي اڳيان بيان ڪئي.
“تون اتي پڙهڻ لاءِ پئي وڃين ۽ مان چاهيان ٿو ته تون پنهـنجون هتان واريون پريشانيون هتي ئي ڇڏي وڃ. توکي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو شاهمير جو آهي جيڪو قانوني ۽ شرعي طرح سان تنهنجي لاءِ ڪو به فيصلو ڪرڻ جو حق رکي ٿو”. عالي، مروه کي سمجهايو.
عالي، مروه جي ايڊميشن لاءِ ڪجهه فڪرمند هو. هن کي اهو اندازو هو ته ڀلي هوءَ هاڻي شاهمير جي بڻجي ويئي آهي پر پوءِ هن جي ايڊميشن ڪرائڻ جو حق شاهمير کي پوري طرح سان ناهي. جيڪڏهن هو زبردستي پاڪستان ۾ ڪٿي به هن جي داخلا ڪرائي ٿو، تڏهن به سردار صاحب لاءِ مروه کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي. ان صورت ۾ صرف هڪ ئي رستو آهي ته مروه کي ڪنهن ٻاهرين ملڪ مان MBBS ڪرائجي. عالي جيترا دفعا ان مسئلي جي باري ۾ سوچيو اوترا دفعا کيس ذهن ۾ اها ڳالهه پئي آئي.
ٻاهرين ملڪ جي ڪاليجن جا فارم به اچي ويا هئا ۽ اتي داخلا وٺڻ لاءِ وقت به ٿورو بچيو هو، ان ڪري عالي جلد ئي شاهمير سان ڳالهائڻ جو سوچيو.
عالي پنهنجي راءِ شاهمير جي اڳيان پيش ڪئي ته هن کي به اها ڳالهه مناسب لڳي ۽ مروه به ٻاهرين ملڪ وڃي پڙهڻ لاءِ راضي هئي، ان ڪري عالي مروه جو فارم چائنا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڀرائي ڇڏيو. مروه جي تعليمي ڪارڪردگي ته اڳي ئي سٺي هئي پر هن يونيورسٽي پاران ورتل ٽيسٽ به سٺي نموني پاس ڪري ورتي ۽ اڄ هوءَ پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻ لاءِ پهريون سفر ڪري رهي هئي.
شاهمير في الحال اها ڳالهه ڪنهن سان به ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، ان ڪري مروه کي ايئرپورٽ ڇڏڻ لاءِ صرف عالي ۽ سيرت ئي آيا هئا.
“عالي هڪ سوال پڇان؟” مروه عالي ڏانهن ڏسي چيو.
“مروه کي سوال پڇڻ لاءِ اجازت جي ضرورت!” سيرت، مروه ڏانهن ڏسي مسڪرائيندي چيو.
“ها پڇ”. عالي جون نظرون سامهون شيشي کان ٻاهر هيون پر سندس ڌيان مروه ڏانهن هيو.
“تو ڪڏهن بابا سائين جن کان بدلي وٺڻ جو ناهي سوچيو؟” مروه سوال ڪيو.
“ڇا جو بدلو؟” عالي حيرت مان مروه ڏانهن ڏٺو.
“چاچا سائين جن جي قتل جو ۽ توهان سان ڪيل ايترين ناانصافين جو بدلو”. مروه جو لهجو ٿڪل هو.
“توکي اها خبر ڪيئن پئي؟” عالي حيرت مان مروه ڏانهن ٻيهر ڏٺو.
سيرت ته پنهنجي جڳهه تي ساڪت ٿي ويئي، اڄ تائين اها ان حقيقت کان اڻ واقف هئي، کن پل لاءِ ته هن کي ائين لڳو ڄڻ مروه غلطيءَ ۾ ڪجهه چئي ڏنو هجي.
“مون کي گهڻو وقت اڳ اها خبر پئي هئي ۽ ان ڏينهن ئي مون پنهنجي پيءُ کان ان ڳالهه جو بدلو وٺڻ جو سوچيو هو. تون به ته ڪڏهن نه ڪڏهن بدلو وٺڻ جو سوچيو هوندو نه؟” مروه جي لفظن ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ ڪوڙاڻ هئي.
“مون چاچا سائين جن لاءِ ڪڏهن به اهڙي ڪا ڳالهه نه سوچي آهي ۽ مان انهن جو دل سان احترام ڪيان ٿو. جڏهن مون کي ان ڳالهه جي خبر پئي هئي تڏهن ئي مون پنهنجو معاملو الله تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو”. عالي، مروه کي هر طرح مطمئن ڪري موڪلڻ پيو چاهي.
گاڏي ايئرپورٽ تي پهتي ته عالي مروه جو سامان کڻي هنن کي اندر وٺي آيو.
“تون پنهنجي دل ماڻهن لاءِ ايتري صاف ڪيئن رکي سگهندو آهين عالي! مان ته ڪڏهن به ائين نه ڪري سگهندي آهيان.” فلائيٽ جي انائونسمينٽ جو انتظار ڪندي مروه وري عالي کان نماڻائيءَ مان پڇيو.
“جڏهن آئيني کي صاف ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ پنهنجو عڪس وڌيڪ چٽو نظر ايندو آهي نه، ساڳئي طرح جڏهن پنهنجي نيت صاف ڪري ڇڏبي آهي نه ته دل به نئين نڪور ٿي پوندي آهي، سمجهئي؟” عالي مروه ڏانهن مسڪرائيندي ڏٺو پر مروه جي اکين ۾ پاڻي هو.
“هاڻي تون هڪ نيڪ مقصد لاءِ پئي وڃين ان ڪري تون به پنهنجي دل مان چاچا سائين جن لئـه اهڙيون ڳالهيون ڪڍي ڇڏ”. عالي چيو.
ايتري ۾ مروه جي فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي، ته هن سيرت سان ڀاڪر پائي روئندي موڪلايو.
“عالي الله پاڪ توهان سڀني سان انصاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ سردار بهرام خان کي ان جي ڪيل ڏوهـه جي سزا به ڏيئي ڇڏي آهي، ان ڪري ته اڄ ان جي اولاد مان هڪڙو به پرسڪون ناهي”. مروه، عالي ڏانهن منهن ڪندي چيو ۽ اندر هلي ويئي.
واپسي تي رستي ۾ سيرت ۽ عالي ٻئي خاموش رهيا. صبر و تحمل قدرت هنن کي ورثي ۾ ڏنو هو. ڀيڻ کي خبر هئي ته هن جي ڀاءُ ان حقيقت کي تسليم ڪندي خاموشيءَ سان پنهنجي جذبات تي ضبط ڪيو هوندو، ۽ ڀاءُ به ڄاڻي پيو ته هن جي ڀيڻ ان واقعي کي الله جي رضا سمجهندي آهستي آهستي برداشت ڪري ويندي.
شاهمير ڳوٺ ئي هو ۽ مروه کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي باري ۾ پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کي به هن اتي ئي ٻڌايو.
ٻئي ڄڻا اها خبر ٻڌندي ئي تپي باهه ٿي ويا.
“تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي ڇا، هي تون ڪهڙي بڪواس پيو ڪرين!؟” سردار صاحب شاهمير کي ڪالر کان پڪڙيندي چيو.
“ادا سائين اهو يقيناً ان عالي ۽ ان جي ماءُ جو ڪم هوندو، نه ته شاهمير اڪيلو ائين نٿو ڪري سگهي.” هيبت خان، شاهمير کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“اها سڀ تنهنجي غلطي آهي. اڙي مون ڪيترا دفعا توکي سمجهايو هو ته پنهنجي پٽ کي جهل ان ڇوري کان، پوءِ به تو نه جهليس، آخر ان ئي گهر ۾ منهنجا پٽ به ته هئا نه، انهن کي مون روڪيو به نه، پوءِ به هُن کان پري رهيا.” سردار صاحب جون اکيون ڪاوڙ ۾ ڦوٽارجي ڳاڙهيون ٿي ويون.
“ادا سائين، مان ته هن کي گهڻا ئي دفعا روڪيو هو.” هيبت خان ڀڻڪيو.
“ان ۾ عالي جو عمل دخل ناهي! اها مروه جي پنهنجي خواهش هئي ۽ مون کي ان تي ڪو اعتراض ناهي. مان ان جو مڙس آهيان ۽ ان جي باري ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ جو پورو حق آهي مون کي.” شاهمير ڳالهايو.
“تون شرافت سان ٻڌاءِ ته منهنجي ڌيءُ ڪٿي آهي نه ته تنهنجو حشر نشر ڪري ڇڏيندس.” سردار صاحب شاهمير جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
“ها ته جيئن توهان هن جي پڙهائي شروع ٿيڻ کان پهرين ئي ختم ڪرائي، ان کي واپس گهرائي ڇڏيو. ڀلي توهان مون سان ڪهڙو به سلوڪ ڪيو پر مان نه ٻڌائيندس ۽ ٻي ڳالهه اها ته ان جو پتو عالي يا گهر جي ٻي ڪنهن به فرد کي ڪونهـي ته هوءَ ڪٿي آهي.” شاهمير چيو.
“هيبت خان هن کي گهر ۾ نظربند رک ۽ جيستائين هي مروه جي باري ۾ نٿو ٻڌائي تيستائين هيءُ گهر کان ٻاهر نه ويندو سمجهيئي!؟” سردار صاحب پنهنجو آخري فيصلو ٻڌائي ٻاهر نڪري ويو.
هيبت خان به پنهنجي پٽ تي هڪ قهر آلود نظر وڌي ۽ ٻاهر هليو ويو.
شاهمير انهن ٻنهي جي ان ردِعمل لاءِ تيار هو، ان ڪري هو گهڻو پريشان نه ٿيو. هن کي خبر هئي ته هو هن سان، ان کان وڌيڪ ڪجهه نٿا ڪري سگهن.
...........................
سيرت جي داخلا به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فلاسافي مضمون ۾ ٿي ويئي. عالي هن جي رهڻ جو بندوبست هاسٽل ۾ ڪرايو. ميربل عالي کان گهڻا ئي سوال جواب ڪيا پر عالي هن کي نرم لهجي ۾ جواب ڏيئي ڇڏيو ته هن جي ڀيڻ جي زندگيءَ جي فيصلي جو حق هو حويليءَ جي ڪنهن به مرد کي نه ڏيندو.
ميربل کي عالي جو جواب پسند نه آيو هو پر هو ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي پيءُ سان نه پئي ڪري سگهيو ڇو ته هو اڳي ئي مروه جي لاءِ پريشان هو.
مروه اتي پهچندي ئي عالي ۽ سيرت سان فون تي ڳالهايو ۽ هنن کي پنهنجي هاسٽل ۽ اتان جي ماحول جي باري ۾ ٻڌايو. ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ مروه سردار صاحب ڏي فون ڪري ان کي به ٻڌائي ڇڏيو ته هوءَ خيريت سان آهي ۽ هو جيڏانهن به ويئي آهي پنهنجي مرضي سان ويئي آهي.
آخر ۾ هن سردار صاحب کي اها ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن هن کي ڳولي زبردستي واپس گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته هوءَ قانون جو سهارو وٺي پنهنجي حق لاءِ وڙهندي.
سردار صاحب، مروه جي ڌمڪي ٻڌي خاموش ٿي ويو پر هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ متل هئي. هاڻي هو بلڪل بيوس هو، هن جي حالت ان بکايل شينهـن وانگر ٿي ويئي جنهن جو شڪار ته سامهون هوندو آهي پر پڃري ۾ بند هئڻ جي ڪري هو سواءِ گجگوڙ ڪرڻ جي ڪجهه به ناهي ڪري سگهندو.