ناول

سعي

”سعي“ مانواري ليکڪا ”مهراڻ ايوب“ جو لکيل ناول آهي.
سعي هڪ گهريلو سماجي ناول آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جي تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀريل ڊگهي سفر جو هڪ ڪشٽ سمايل آهي. هن ناول ۾ ڪيئي ڪهاڻيون لڪل آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻيءَ جا الڳ الڳ موضوع آهن، جن تي ڌار ناول لکي سگهجن ٿا، ڇو ته جنهن سماج ۾ اسان رهيا آهيون ان ۾ رهندڙ فردَ بذاتِ خود ڪئين ڪهاڻيون آهن ۽ اڪثر فرد جي چهري مٿان چهرو اوڍيل آهي، انهن کي سمجهڻ ۽ وائکو ڪرڻ لاءِ به ڪئين زندگيون گهرجن. هن ناول ۾ ليکڪا انهن مڪروه چهرن کي بي نقاب ڪرڻ جي هڪ سٺي سعي ڪئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 4309
  • 984
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مهراڻ ايوب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Saee

38

ٻئي ڏينهن منجهند جو ئي معز ڊاڪٽر الطاف جي ڊرائيور ۽ حاجره جي پُڦي (سڀاڳي) کي ساڻ ڪري سردار گهرام خان جي ڳوٺ پهتو. ڳوٺ جي ٻاهران ئي هن سڀاڳي کي گاڏي تان لاٿو، جنهن کي هن سمجهائي ڇڏيو ته هن کي حويليءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي بهاني سان اتي رهڻو آهي ۽ نوڪرياڻين جي ذريعي حاجره جي باري ۾ پڇا ڪرڻي آهي.
معز پاڻ به سوچي ڇڏيو هو ته سردار صاحب سان ملي ان کي ٻڌائيندو ته هو اسلام آباد مان آيو آهي ۽ هن علائقي جي باري ۾ لکڻ ٿو چاهي.
ڳوٺ جي ماڻهن کان سردار جي اوطاق جو پڇي هي سڌو اتي آيو ۽ سردار صاحب جي اوطاق تي پهچي، هن ڪمدار کي سردار صاحب سان ملرائڻ جو چيو.
ڪمدار اندر وڃي سردار صاحب کي ٻڌايو ۽ پوءِ ٻاهر اچي معز کي اندر وڃڻ لاءِ چيو.
“السلام عليڪم سردار صاحب.” معز ڪمري ۾ داخل ٿي سردار صاحب سان مليو. سردار صاحب وچولي عمر جو قدآور مرد هو جنهن جون وڏيون ڪاريون مُڇون هيون، مٿي تي پاتل پڳ هن جي شخصيت کي رعبدار بڻائي رهيون هيون.
“وعليڪم السلام بابا، تشريف رکو.” سردار صاحب به هن سان گرمجوشيءَ سان مليو.
“سائين مون توهان جي ۽ توهان جي علائقي جي ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي، مان هڪ صحافي آهيان ۽ هن علائقي جي باري ۾ لکڻ ٿو چاهيان. هن علائقي لاءِ ڪيل توهان جي وڏن ۽ توهان جون خدمتن جو ذڪر ٻڌم ته توهان وٽ حاضر ٿيس.” معز پنهنجي اچڻ جو تفصيل ٻڌايو.
“معز کي اڄ اندازو ٿيو ته واقعي سچ ڳالهائڻ کان وڌيڪ طاقت ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ لڳي ٿي، ڇو ته ان وقت دماغ سچ کي لڪائڻ ۾ به لڳو پيو هوندو آهي ته ڪوڙ کي ٺاهڻ ۾ به.”
“بابا اسان حاضر آهيون توهان جي خدمت لاءِ. جيترا ڏينهن وڻيوَ توهان اسان وٽ ترسي سگهو ٿا. مان هڪ ٻه ماڻهو توهان کي ڏيئي ٿو ڇڏيان جيڪي هن علائقي کي گهمڻ ۾ توهان جي مدد ڪندا. توهان بي فڪر ٿي هتي رهي سگهو ٿا.” سردار صاحب پنهنجي تعريف ٻڌي ته ٽِڙي پيو.
“مهرباني سائين.” سردار صاحب ڪجهه دير معز کان ان جي باري ۾ سوال جواب ڪندو رهيو، پوءِ ان پنهنجي ڪمدار کي سڏيو.
“جي سائين.” ڪمدار ڪمري ۾ آيو.
“ڪمدار! معز صاحب اڄ کان اسان جا مهمان آهن، هنن جو پوري طرح سان خيال رکيو وڃي ۽ ها هتان جي روايت مطابق هنن لاءِ اڄ ڇيلي جي سِجي ڪراءِ. هن علائقي جي باري ۾ لکڻ آيا آهن، ته هتان جي روايتن جي به ته هنن کي خبر هجي نه ڪيئن معز صاحب؟” سردار صاحب معز ڏانهن ڏسندي چيو.
“جي بلڪل سردار صاحب، هتي اچڻ وقت منهنجي دل ۾ ڊپ هو ته خبر ناهي اوهان ڪيئن موٽ ڏيندؤ مون کي، پر اوهان سان ملي اهو ڊپ ختم ٿي ويو. توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.” معز واقعي هتي اچڻ وقت ٿورو ڊنل هو.
“ها ها ها، اسان جي باري ۾ گهڻا ماڻهو غلط راءِ رکندا آهن.” سردار صاحب وڏو ٽهڪ ڏنو.
“سائين ٻاهر مير اسحاق خان صاحب جن آيا آهن.” ڪمري جي دروازي کان اندر اچي هڪ نوڪر سردار صاحب جن کي ٻڌايو.
“انهن کي اندر وٺي اچ.” ڪمدار تون معز صاحب کي مهمانن جي ڪمري ڏانهن وٺي وڃ.
“معز صاحب توهان هتي آرام سان رهو، انشاءالله وري ملاقات ٿيندي.” سردار صاحب ڪمدار کي هدايت ڏيڻ کان پوءِ معز کي چيو.
“جي جي ضرور سر.” معز ڄاڻي واڻي سردار صاحب کي سر چيو.
معز ڪمدار سان گڏ مهمانن جي ڪمرن ڏانهن آيو. ڪمدار هڪ ڪمري ۾ هن جو سامان رکيو.
“سائين ڪنهن شيءِ جي به ضرورت هجيوَ ته ٻڌائجو ۽ توهان جي ڊرائيور کي مان سامهون اوطاق جي ڊرائيور جي ڪمري ۾ رهڻ لاءِ چوان ٿو.” ڪمدار سامهون نوڪرن جي لاءِ ٺهيل ٻن ڪمرن ڏانهن اشارو ڪيو.
“ٺيڪ آهي.” معز چيو.
ڪمدار سردار صاحب جي ڪمري ڏانهن ويو ته معز حويلي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ڏانهن ويو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهـه ڪرڻ لڳو.
رات جو اوطاق جي پويان خالي ڇڏيل ميدان تي ڪرسيون رکيون ويون ۽ اوطاق جا بورچي ڇيلي کي لوهي سيخ ۾ وجهي ان جي هيٺان باهه ٻاري ان کي پچائڻ ۾ مصروف هئا. سردار صاحب جو پٽ ۽ ان جا ڪجهه دوست به معز سان ملڻ آيا. هنن جي هڪ مهمانن لاءِ ايتري تياري ڏسي معز حيران هو. گهڙي کن لاءِ ته هن کان وسري به ويو ته ڪو هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي عالي وارن جي قبيلي سان هن وقت وڙهڻ ۾ مصروف آهن.
معز موقعي جي تلاش ۾ هو ته ڪٿان ان باري ۾ ٿوري ڳالهه نڪري ته هو هتان جي ماڻهن جي راءِ ٻڌي ان مسئلي جي باري ۾، پر ڪنهن هڪ دفعو به ان جو ذڪر نه ڪيو.
هو رات دير سان ماني کائڻ ۽ ڪچهري مان واندو ٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن ويو. سردار صاحب اڃا پنهنجي آيل مهمانن ۾ مصروف هو. هي به ٻي ڏينهن جي ٿوري گهڻي پلاننگ ڪري سمهي پيو.
صبح جو ڊرائيور هن کي اچي ٻڌايو ته سڀاڳي کي حويلي ۾ رکيو ويو آهي پر هن کي اتي حاجره ڪٿي به نظر نه آئي. هن کي اڃا موقعو نه مليو آهي ته ڪنهن کان حاجره جي باري ۾ پڇي.
اهو به سٺو آهي ته هن کي حويلي ۾ رهڻ جي اجازت ته ملي ويئي. معز جي لاءِ اها به پهرين ڪاميابي هئي.
“سر ٻيو ته رات هن اوطاق جي ڊرائيور هڪ نوڪر سان ڳالهه پئي ڪئي ته ڪلهه جيڪي ماڻهو سردار صاحب وٽ آيا هئا اهي ان مسئلي جي لاءِ ئي آيا هئا.” ڊرائيور معز کي آهستي ٻڌايو.
“هنن وڌيڪ ڪجهه ڳالهايو پاڻ ۾؟” معز پڇيو.
“سر چون پيا ته جيڪو مير صاحب آيو هو! هو ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح جون ڳالهيون ڪرڻ پيو چاهي. هتان جي ڊرائيور جو خيال هو ته شايد سردار صاحب به ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي هو ايتري دير گڏ ويٺا رهيا.” ڊرائيور وڌيڪ ٻڌايو.
“اهي ماڻهو ته پنهـنجا اندازا لڳائي ويهي تجزيو ڪندا هوندا. اصل ڳالهيون ڪهڙيون ٿيون اهي ته انهن کي ئي خبر جيڪي ان وقت اندر هئا.” معز پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو.
“سر اهي چون پيا ته ڪمدار کي هر شيءِ جي خبر هوندي آهي.” ڊرائيور هن جي ڳالهه ٻڌي چيو.
“ٺيڪ آهي، الله ڪندو اڄ ڪا نه ڪا خبر پئجي ويندي.”
معز تيار ٿي ڊرائيور کي گاڏي ڪڍڻ جو چيو ۽ ڪمدار کان موڪلائڻ آيو.
“سائين بيهو مان پنهنجي پٽ کي به توهان سان گڏ موڪليان ٿو، اهو توهان کي هتان جو علائقو گهمائيندو.” ڪمدار پنهنجي پٽ بچل کي معز سان گڏ موڪليو.
معز کي علائقو گهمڻ ۾ ايڏي ڪا دلچسپي نه هئي پر هو ڳالهين ڳالهين ۾ ڪمدار جي پٽ کان ڪا معلومات هٿ ڪرڻ پيو چاهي.
“بچل توکي ته هتان جي هر جڳهه جي باري ۾ وڏي ڄاڻ آهي، پڙهندو آهين؟” بچل معز کي هتان جي ڪجهه جڳهن جي تاريخ جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هو ته معز به هن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.
“بس سائين اسان ته هنن جڳهن جي باري ۾ ننڍائپ کان ٻڌندا پيا اچون، ان ڪري هر شيءِ ياد ٿي ويئي آهي. باقي پڙهندو ناهيان.” بچل روايتي انداز ۾ جواب ڏنو.
“اڇا ڀلا رات جيڪو مير صاحب آيو هو، ان مئسلي کي ڪٿي پهچايو، ڪا خبر پئي؟” معز هن جو اڳ وٺڻ چاهيو.
بچل هن ڏانهن حيران ٿيندي ڏٺو، ٿوري دير لاءِ هو چپ لڳي ويئي.
“سائين توهان کي ڪيئن خبر پئي؟” بچل حيرانگي مان چيو.
“مان سردار صاحب جي پٽ جو دوست آهيان، مون کان هو ڪا به ڳالهه نه لڪائيندو آهي.” معز هڪ دفعو ٻيهر انڌيري ۾ تير اُڇليو.
“الائي سائين چون ٿا ته اڄ رات تائين سائين وارن جي نياڻي واپس اچي ويندي.” بچل کي پڪ ٿي ته معز کي واقعي سردار صاحب جي پٽ سڄي ڳالهه ٻڌائي آهي.
“اها واپس اچي ويندي ته پوءِ ان کي ڇا ڪندا؟” معز هن کان پڇيو.
“سائين توهان کي ته خبر آهي نه، ته سردار صاحب جي اها نياڻي دماغي طرح سان ٺيڪ ناهي رهندي، هن معذور ويچاريءَ کي ڇا چوندا، بس هميشه وانگر هن کي ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندا.” بچل هن کي وڏي ڪم جي ڳالهه ٻڌائي. معز جا ته ڪن کڙا ٿي ويا
“پوءِ هنن هروڀرو سردار بهرام خان وارن سان ايڏي جُٺ ڇو ڪئي آهي؟ معز نارمل ٿيندي پڇيو.
“سائين انهن جي نوڪر جي به ته غلطي هئي، هو جيجي کي ڳوٺ مان ڪڍي ته ويو هو نه.” بچل چيو.
“پر هوءَ ته پنهنجي مرضي سان ويئي هئي نه، ۽ هاڻي جڏهن واپس به اچي ٿي، ته پوءِ هنن سان جهيڙو ڇا جو!؟” معز کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي.
“سائين هاڻي ڀلا هنن جو ايڏو نقصان ڪرڻ کان پوءِ سردار صاحب وارا مڃيندا ڇا ته هنن ڏي ڪو ڏوهه هو ۽ وڏي ڳالهه ته اها آهي ته هي اها ڳالهه مري به نه مڃيندا ته ڪو انهن جي نياڻي پاڻ گهران نڪتي هئي. متان هو اها ڳالهه ظاهر به نه ڪن ته جيجي حويلي واپس اچي ويئي آهي.” بچل اندازو لڳايو.
“پوءِ ان ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيندو جنهن کي هي اغوا ڪري آيا آهن؟” معز نيٺ پنهنجي مطلب جي ڳالهه پڇي.
“سائين اها ته وڃي شايد مالڪن کي به پُڳي، اها ڪجهه وقت اڳ حويلي مان نڪري ڀڄي ويئي آهي. سردار صاحب جن ان جي ڳولا ۾ به آهن.” بچل ته هڪ نئين ڳالهه ٻڌائي ڇڏي.
معز حيران هو ته جيڪڏهن حاجره هتان نڪري ويئي آهي ته پوءِ آخر ويئي ڪيڏانهن!
“هيڏي وڏي حويلي مان اها نڪتي ڪيئن؟” معز پڇيو.
“سائين، سردار صاحب ان جو نڪاح بابا سان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن ڏينهن نڪاح هو، هوءَ ان ڏينهن ئي منجهند جو الائي ڪيئن حويلي جي پوئين دروازي کان نڪري ويئي.” بچل هن کي تفصيل ٻڌايو.
معز ته اها ڳالهه ٻڌي چپ ٿي ويو، هن جي پريشاني اڃا وڌي ويئي.
“هل بس واپس ٿا هلون.” معز جي دل هاڻي هتي هڪ منٽ به بيهڻ نه پئي چاهي، هن ڊرائيور کي چيو ۽ واپس اوطاق ڏانهن ويا. هن کي لڳو هاڻي ته هتي هن جو ڪو مقصد نه رهيو آهي پر پوءِ به هو ايترو جلدي هتان نه پيو وڃڻ چاهي.
اوطاق تي اچي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. رات تائين سڀاڳي به حويلي مان ٻاهر نه اچي سگهي هئي. هو رات جي ماني کائي ٻاهر نوڪرن جي ڪمرن ڏانهن آيو. اڄ اوطاق ۾ سردار صاحب ۽ ان جي گهر جي مردن مان ڪوبه نه هو ۽ ڪافي نوڪر به ان سان گڏ ڪيڏانهن ويل هئا.
بس ٿورا ئي نوڪر ويٺا هئا جن جي ڳالهين مان هن کي خبر پئي ته سردار صاحب پنهنجي ڌيءُ کي وٺڻ لاءِ ويل آهي. ڪافي دير انهن جو انتظار ڪرڻ کان پوءِ به هو واپس نه آيا، ته معز پنهنجي ڪمري ۾ آيو. هن عالي کي فون ڪري هتان جي سڄي صورتحال ٻڌائي ڇڏي.
رات جا تقريباً ٽي ٿيا هئا، معز جي اڃا اک مس لڳي هئي ته ٻاهر گاڏين جا آواز آيا. هي جلدي ۾ ٻاهر نڪري آيو. هن ڏٺو ته سردار صاحب پنهنجي گاڏيءَ مان نڪري تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو ۽ ڪمري جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو. هن جي منهن تي عجيب قسم جي دهشت تاري هئي. ٻين گاڏين مان اوطاق جا ٻيا ماڻهو به لهي پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا.
معز به واپس ڪمري ۾ اچي سمهيو پر ننڊ هن جي اکين مان آڙيءَ وانگي اڏامي ويئي هئي. هو حاجره کي ڳولڻ جا طريقا سوچي سوچي ٿڪجي پيو پر هن کي ڪو طريقو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڇا ڪري. صبح ٿي ويو، پر هن کي ننڊ نه آئي، هو اٿي ٻاهر نڪري آيو. حويلي جي گيٽ وٽ هن کي سڀاڳي نظر آئي. ان وقت اتي ماڻهو به نه هئا ان ڪري معز هن ڏانهن آيو.
“توهان کي ڪا خبر پئي حاجره جي؟” معز سڀاڳي کان پڇيو.
“ها سائين ان کي حويلي جي هڪ عورت ڀڄائي ڇڏيو آهي هتان ۽ رات سردار صاحب جي ڌيءُ واپس گهر اچي ويئي آهي.” سڀاڳي رازداريءَ سان ٻڌايو.
“پوءِ هن ڪجهه ٻڌايو ته هوءَ ايترو عرصو ڪٿي رهي؟” معز هن کان پڇيو.
“نه سائين هن کي ته ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو. رات جو سڀ ستا پيا هئا جنهن وقت سردار هن کي حويلي آندو ۽ پوءِ ڪمري ۾ بند ڪري هن کي ايتري مار ڪڍيائين جو هوءَ اڃا تائين بي هوش پئي آهي.” سڀاڳيءَ ٻڌايو.
“ٺيڪ آ توهان شام تائين هتان نڪري ڳوٺ کان ٻاهران بيهجو، اسان کي اڄ واپس هلڻو آهي.” معز پنهنجو پروگرام سڀاڳيءَ کي ٻڌائي واپس اوطاق تي آيو.
شام جو هو سردار صاحب کان موڪلائي واپس ڊاڪٽر الطاف وٽ پهتو. معز هنن کي سڄي ڳالهه پهرين ئي ٻڌائي ڇڏي هئي، ان ڪري ڊاڪٽر صاحب هن کي چئي ڇڏيو ته هاڻي ٻيهر هو حاجره جي تلاش ۾ ڪيڏانهن به نه ويندو.
معز به ڊاڪٽر صاحب جي ڳالهه مڃي ۽ ان سان ان جي ڪم ۾ لڳي ويو.