18
“شهلا! عالي جي پڙهائي ۾ ايڏي دلچسپي ڏسي خوشي ته ٿيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن مان ڊڄي به ويندي آهيان.” هڪ ڏينهن زينب شهلا سان پنهنجي دل جو کٽڪو بيان ڪيو.
“آپا ڊڄي ته مان به ويندي آهيان، پر بس هر وقت اها دعا ڪندي آهيان ته الله سائين هن جا رستا آسان ڪري.” شهلا چيو.
“آمين.” زينب چيو.
“السلام عليڪم.” ماهه نور هال ۾ داخل ٿيندي سلام ڪيو.
شهلا ۽ زينب هن جي سلام جو جواب ڏنو ۽ تپاڪ سان هن سان مليون. هوءَ شادي کان پوءِ پهريون دفعو هيڏانهن آئي هئي.
زينب به هن کي پيار ڪري ننڍڙي بالاچ کي هن کان ورتو.
“اڄ وڏا ماڻهو اسان ڏانهن ڪيئن ڀُليا آهن.” سيرت به پنهنجي ڪمري مان نڪري اچي ماه نور سان ملي.
“مس مس ته ماهه نور آئي آهي، هن کي تنگ نه ڪيو سيرت.” شهلا، سيرت کي چيو.
“ها تڏهن ئي چوانس پئي.” سيرت، زينب کان بالاچ کي وٺندي چيو.
“السلام عليڪم.” عالي اندر اچي سڀني کي سلام ڪيو.
“وعليڪم السلام .... لالا ڏسو اڄ ڪير آيو آهي.” سيرت، ڀاءُ جي سلام جو جواب ڏيئي هن کي خوشيءَ مان ٻڌايو.
“ڪيئن آهيو آپا؟” عالي ماهه نور کي ڏسي هن کان پڇيو.
“مان ٺيڪ آهيان. تون ڪيئن آهين ۽ تنهنجي پڙهائي ڪيئن پئي هلي؟” ماهه نور، عالي کان پڇيو.
“ٻئي ٺيڪ پيا هلون.” عالي سيرت کان بالاچ کي وٺندي چيو.
“آپا بالاچ جي طبيعت صحيح آهي؟” عالي هن کي کڻندي ئي ماهه نور کان پڇيو.
“ها بس ٿورو بخار اٿس.” ماهه نور جواب ڏنو.
“ڊاڪٽر کي ڏيکاريو اٿوَ؟” عالي پڇيو.
“نه اڃا.” ماهه نور وراڻيو.
“مون کي به ٿورو ڪمزور پيو لڳي اڄ.” زينب به چيو.
“ها ڏسو نه جيجي خير سان ڏيڍ سال جو ٿي ويو آهي پر صحت مان هڪ سال جو به نٿو لڳي. مان ته هن جي خوراڪ جو به ڏاڍو خيال ٿي رکان پوءِ به.” ماهه نور چيو.
“ائين ٿيندو آهي، ڪنهن ٻار جي هاٺي ئي اهڙي هوندي، وڏڙو ٿيندو ته پاڻ ئي صحيح ٿي ويندو.” زينب ماهه نور کي دلجاءِ ڏني.
“پوءِ به آپا ادا ميربل کي ضرور چئجو ته هن کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاري.” عالي بالاچ جي هٿن پيرن ۽ اکين کي تپاسيو.
بالاچ کي ڏسي عالي جي دماغ ۾ هڪ خدشو پيدا ٿيو، پر هن ان ڳالهه جو ذڪر ڪنهن سان نه ڪيو.
ماهه نور گهر واپس آئي ته هن کان عالي جي چيل ڳالهه وسري ويئي پر ڪجهه ئي ڏينهـن ۾ هن بالاچ جي چهري جي پيلاڻ ۽ اکين جي اڇاڻ محسوس ڪئي. ميربل آيو ته هن ان سان ذڪر ڪيو ۽ ان کي عالي جو نياپو به ڏنو.
ميربل به اها ڳالهه محسوس ڪئي. هو ٻي ڏينهـن ئي بالاچ کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو.
ڊاڪٽر، بالاچ جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه رپورٽون لکي ڏنيون. ميربل ان جون رپورٽون ڪرائي ڊاڪٽر ڏانهن کڻي آيو.
“مسٽر ميربل! توهان جي مسز رشتي ۾ توهان جي ڇا ٿئي؟” ڊاڪٽر ميربل کان پڇيو.
“اها منهـنجي پڦاٽ آهي.” ميربل ٻڌايو.
“توهان جي پٽ کي ٿيليسيميا جي بيماري آهي.” ڊاڪٽر ميربل کي چيو.
“اها ڪهڙي بيماري آهي؟” ميربل هن بيماري جو نالو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٻڌو هو انڪري ڊاڪٽر کان پڇائين.
“هي رت جي بيماري آهي جنهن ۾ ٻار جو رت نه ٺهندو آهي. ان لاءِ ان کي هر مهيني رت جون ٿيلهيون لڳنديون آهن.” ڊاڪٽر صاحب ميربل کي آسان ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“منهنجو پٽ ٺيڪ ته ٿي ويندو نه؟” ميربل پريشاني مان پڇيو.
“ها توهان کي هن جو علاج سٺي نموني ڪرائڻ گهرجي پر هن جو علاج هاڻي تيستائين هلندو جيستائين هي زندهه هوندو.” ڊاڪٽر هن کي پريشان ڏسي وڌيڪ تفصيل نه ٻڌائي.
ميربل پنهنجي معصوم پٽ ڏانهن بيحد ڏک منجهان ڏٺو.
“سائين ان علاج لاءِ توهان سٺي ۾ سٺي اسپتال ٻڌايو. مان پنهنجي پٽ جو اتان ئي علاج ڪرائيندم.” ميربل ڏک ۽ پريشاني مان چيو.
“ڪراچي ۽ لاهور ۾ ان علاج لاءِ سٺا سينٽر آهن جتي توهان جي پٽ جو سٺي نموني علاج ٿي سگهي ٿو.” ڊاڪٽر هن کي ٻڌايو ۽ ڪراچي وڃي ڪجهه ڊاڪٽرن سان ملڻ جو مشورو ڏنو.
“توهان جي مهرباني.” ميربل، ڊاڪٽر کان موڪلائيندي هن سان هٿ ملايو.
ميربل اهڙي ڏکاري خبر ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. ڳوٺ ڏانهن ايندي هو سڄي واٽ بالاچ کي ائين ڪڇ ۾ کڻي ويٺو هو ڄڻ ڪوئي ان کي هن کان ڦري رهيو هجي.
“عالي کي خبر هئي ته ميربل اڄ بالاچ کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو هو. هي ان جي طبيعت پڇڻ جي ارادي سان نئين حويلي ڏانهن آيو.
“اڄڪلهه جي ماين جي خبر ئي نٿي پوي ٻارن کي اڃا ڪجهه ٿيو مس آهي ته انهن کي مڙسن جي حوالي ٿيون ڪري ڇڏين. اسان ته پنهنجي ٻارن کي ان وقت ئي مرشدن ڏانهن کڻي ويندا هئاسين. جن جي دعا سان ان وقت ئي ٻار ٺيڪ ٿي ويندو هو.”
دُربيبي هال ۾ ويٺي تيز آواز ۾ شاهه بي بي سان سرٻاٽ ڪري رهي هئي.
“ادا ميربل اچي ويو؟” سلام ڪرڻ کان پوءِ عالي ماهه نور کان پڇيو.
“نه اڃا نه آيا آهن.” ماهه نور ٻڌايو.
ايتري ۾ ميربل جي گاڏيءَ جو آواز آيو ته عالي ٻاهر نڪري آيو.
حويلي جي اندرين دروازي وٽ عالي کي ميربل مليو.
“ادا خير ته آهي، دير ڪيوَ؟” ميربل جي چهري تي پريشاني ڏسي عالي هن کان پڇيو.
ميربل هٿ ۾ پڪڙيل رپورٽون عالي کي ڏيئي اندر هليو ويو.
عالي صبح کان ئي دعائون ڪيون هيون ته هن جا خدشا غلط ثابت ٿين پر ائين نه ٿي سگهيو. عالي رپورٽون پڙهي ڪجهه دير اتي ئي بيٺو رهيو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ميربل کي ڪيئن دلاسو ڏي.
ماهه نور بيڊ تي ويٺي بالاچ جا ڪپڙا بدلائي رهي هئي. عالي ميربل جي ڀرسان اچي ويٺو.
“ادا ان بيماريءَ جو علاج آهي، توهان بالاچ کي ڪراچي کڻي وڃو، اتي سٺا ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽر الطاف کان مان توهان کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر جو ڏس وٺي ڏيان ٿو.” عالي، ميربل کي چيو.
بيماري جي ڳالهه ٻڌي ماهه نور جو ڌيان به هنن ڏانهن ڇڪجي ويو.
“مان اڄ ئي بابا سائين سان ڳالهه ٿو ڪيان.” ميربل چيو.
عالي اتان اٿي پراڻي حويلي ڏانهن ويو.
عالي پراڻي حويلي اچي زينب ۽ شهلا سان بالاچ جي بيماري جو ذڪر نه ڪيو، پر شام جو مروه هنن وٽ آئي، ته کين اها ڳالهه ٻڌايائين.
“عالي تون ته بالاچ جي بيماري جي ڳالهه ئي نه ڪئي، اسان سان؟” زينب، عالي کي اڱڻ ۾ ايندي ڏٺو ته پڇيو.
“بس مون سوچيو اوهان سڀ پريشان ٿي وينديون ۽ ان وقت ئي ماهه نور ڏانهن هليون وينديون. هوءَ اڳي ئي پريشان هئي اوهان کي ڏسي ويتر پريشان ٿي وڃي هان.” عالي جواب ڏنو.
“عالي اها بيماري ڇو ٿيندي آهي؟” مروه پنهنجي ذهن ۾ آيل سوال پڇيو.
“اها هڪ موروثي بيماري آهي. جيڪا ماءُ پيءُ ٻنهـي مان ڪنهن تي ٿورو به اگر مائينر ٿيليسيميا جو اثر هوندو ته اهو انهن جي اولاد تي ٿيندو، جنهن کي ميجر ٿيليسيميا چئبو آهي.” عالي هن کي تفصيل سان ٻڌايو.
“پوءِ هاڻي بالاچ جو ڇا ٿيندو؟” مروه پڇيو.
“هن بيماري ۾ ماڻهو جي جسم ۾ رت نه ٺهندو آهي ۽ ان کي وقتن بوقتن رت جي ضرورت پوندي آهي. انڪري هاڻي بالاچ کي به ٿوري وقت کان پوءِ رت ڏنو ويندو.” عالي هنن کي وڌيڪ سمجهايو.
“پوءِ ادا ميربل جا ٻيا ٻار به ائين ئي هوندا؟” سيرت ڪجهه سوچيندي سوال ڪيو.
“شايد ها، ان لاءِ ئي ڊاڪٽرن جو مشورو هوندو آهي ته شادي کان پهرين ٿيل بلڊ ٽيسٽ ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي ۽ حمل جي دوران به بلڊ گروپ چيڪ ڪرائي سگهجي ٿو پر اسان وٽ اڃا انهن ڳالهين جو شعور ڪونهـي، ان لاءِ اها بيماري هاڻي ٻارن ۾ وڌندي پئي وڃي.” عالي پنهنجي ڄاڻ مطابق هنن کي اُن بيماريءَ جي باري ۾ ٻڌايو.
“مطلب بالاچ هميشه علاج هيٺ ئي رهندو؟” زينب به عالي جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهي هئي.
“ها پُڦو، ۽ ان بيماري وارا ٻار وڌ ۾ وڌ 25 سالن جي ڄمار ماڻي سگهندا آهن.” عالي افسوس مان چيو.
“پر ان ڳالهه جو ذڪر ڪوئي به ماهه نور يا ادا ميربل سان نه ڪري.” عالي سڀني کي خاموش ڏسي چيو.
سڀني کي ماهه نور ۽ ميربل جي تڪليف جو احساس هو. سڀئي خاموش رهيا ۽ سڀني جي اڳيان ننڍڙي بالاچ جو معصوم چهرو اچڻ لڳو.
ميربل سردار صاحب سان سڄي ڳالهه ڪئي. سردار صاحب ڳالهه ٻڌي فڪرمند ٿيو.
“ٺيڪ آ تون ماهه نور کي وٺي ڪراچي هليو وڃ.” سردار صاحب چيو.
“ماهه نور ڇو؟” ڀرسان ويٺل دُربيبي چيو.
“خبر ناهي هن کي ڪيترا ڏينهـن لڳن، بالاچ ماءُ کان بنا ڪيئن رهندو.” سردار صاحب چيو.
“مان پنهنجي ننهـن کي اڪيلي نه ڇڏينديس. مان به ان سان گڏ وينديس.” دُربيبي چيو.
“ٺيڪ آهي، ڪا ملازمه به تيار ڪر ۽ سڀاڻي ئي ڪراچي هليا وڃو، مان ملازمن کي فون ڪري اُتان واري بنگلي جي صفائيءَ جو چوان ٿو.” سردار صاحب چيو.
“خبر ناهي منهـنجي گهر تي ڪهڙي بدنصيب جو پاڇو پئجي ويو.” ٻي ڏينهن زينب ۽ شهلا ماهه نور کان موڪلائڻ آيون ته انهن کي ڏسي دُربيبي چيو.
ميربل هنن کي وٺي ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿيو.
عالي ڊاڪٽر الطاف سان رابطو ڪري هنن کي اتان جي هڪ سٺي ڊاڪٽر جو نمبر وٺي ڏنو.
ڪراچي پهچي ميربل ٻي ڏينهـن ئي بالاچ کي ان ڊاڪٽر وٽ کڻي ويو. جنهن هن کي ان بيماريءَ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو ۽ علاج شروع ڪيو.
............................