ڪتاب جو نالو: مُون سي ڏٺا ماءِ
مصنف: پروفيسر محمد اسماعيل، ٿيٻو محمد بخش ٿيٻو
ڇپائيندڙ: سنجها پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 08 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 780 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 148 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سائين لائق سنڌي سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنجها پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر-11
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ناشر پاران
  • پنهنجي پاران
  • انٽرويو

  • سائين لائق سنڌيءَ جو يادگار انٽرويو
  • اخباري مضمون

  • سامي سفر هليا....!!!
  • سائين لائق
  • جيءَ ۾ جادو جاڳائڻ وارو شخص!
  • سنديون کاهوڙين خبرون...
  • محبتن جو نانءُ سائين لائق سنڌي
  • سائين لائق ٿيٻو: لائق استاد، لائق دوست
  • وڙائتو وينجهر: سائين لائق
  • لائق سنڌي: چنڊ لهي ويو
  • جن پروڙيو پاڻ ۾...
  • وياسي وينجهار...
  • هڪڙو هو سائين لائق سنڌي
  • هڪ هو لائق سنڌي
  • سنڌي صحافت ۾ ”گوگل“ جهڙي حيثيت رکندڙ سائين لائق جو وڇوڙو
  • سٻاجهڙي انسان سائين لائق سنڌي جو وڇوڙو
  • سائين لائق ٿيٻي جو وڇوڙو: هڪ استاد، هڪ صحافي ۽ مهربان انسان...!
  • سائين لائق بڙ جيان هو....
  • سائين لائق منهنجي لاءِ ڇپر ڇانَو هو...
  • امن پسند شخص
  • صحافتي ٻوليءَ جو سينگاريندڙ سائين لائق سنڌي
  • سائين لائق جي ياد ۾
  • عُمر سڀ عشق سين!
  • سائين کي جئين مون ڏٺو....!
  • تاثرات

  • صحافتي ڀيٽا
  • ادبي ڀيٽا
  • استاد پاران ڀيٽا
  • سياسي ڀيٽا
  • دوستن احبابن ۽ ڳوٺ واسين پاران ڀيٽا
  • پريس ڪلب حيدراباد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جي رپورٽ
  • تقرير

  • تقرير
  • اقبال ملاح
  • جئه پرڪاش موراڻي
  • فاروق سومرو
  • ہمارے ماسٹر صاحب
  • الطاف کوٹی
  • تاج جويو
  • مهيش ڪمار
  • امين ٿيٻو (موري منگر)
  • علي مراد مشوري (هٽڙي)
  • سيد روشن علي شاهه (ٽنڊو قيصر)
  • اسرار لغاري (تاج پور)
  • حسين بخش ساند (هٽڙي)
  • پهرين ورسيءَ تي اخبارن ۾ ڇپيل مضمون

  • وڇڙيو آ پر وسريو ناهي
  • يار زندهه، صحبت باقي!!
  • هڪڙو ماڻهو هو.....
  • سنڌ جي لائق فرزند جي ورسي
  • اخبارن جو عاشق سائين لائق سنڌي
  • سانگين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان!
  • سنڌي صحافت ۽ ٻوليءَ جو امين سائين لائق...!
  • اخبارن ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل

  • سائين لائق سنڌي جو وڇوڙو
  • سائين لائق جو وڇوڙو
  • سائين لائق جي پساهه جي پڄاڻيءَ جو پل
  • وٿ واري ماڻهو جي موڪلاڻي
  • سائين لائق سنڌيءَ بابت ڪي ٽي اين پاران نشر ڪيل رپورٽ

  • سنجها پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر-11

    سنجها پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر-11

    ڪتاب جو نالو: مون سي ڏٺا ماءِ
    مرتب: پروفيسر محمد اسماعيل ٿيٻو
    محمد بخش ٿيٻو
    موضوع: لائق سنڌي: شخصيت ۽ فن
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: 1000
    سال: 2019ع
    ڪمپوزنگ: محمد بخش ٿيٻو/فهدالرحمان لغاري
    ٽائيٽل: عرفان ميمڻ
    ڇپائيندڙ: سنجها پبليڪيشن حيدرآباد
    قيمت: /300 رُپيا



    Moon se Ditha Mau

    By: Prf. M.Ismail Thebo/ M.bux Thebo
    First Edition: 2019
    Quantity: 1000 Copies
    Lay out: Irfan Memon
    Composing: M.Bux Thebo
    Published by: Sanjha Publication Hyderabad, Sindh


    ارپنا

    ارپنا

    ڏاڏا سائين حاجي محمد اسماعيل ٿيٻي ۽
    ڏاڏيءَ سانئڻ خديجه خاتون جي نانءُ،
    جن بابا سائين (لائق سنڌي) جهڙي پُٽ کي جنم ڏنو.

    پُورَبِيا پُوري ويا،آسڻ اَڄُ صُبُوح،
    خَستُورَيءَ خوشبوءِ،آهي آديسي گيا.
    (شاهه پورب)


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مون سين ڏٺا ماءِ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي سڄاڻ ۽ سنڌ دوست شخصيت سائين لائق سنڌي جي شخصيت ۽ خدمتن بابت سھيڙيل آھي. ڪتاب جا مرتب ڪندڙ پروفيسر محمد اسماعيل ٿيٻو ۽ محمد بخش ٿيٻو آھن.
    سائين لائق سنڌي سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
    ھي ڪتاب سنجھا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آھيون محترم محمد بخش ٿيٻي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ناشر پاران

    ناشر پاران

    تاريخ ۾ اُهي ماڻهو ياد رهجي ويندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪردار ۾ وڏا ماڻهو هوندا آهن. اهڙن ماڻهن تي قومون فخر ڪنديون آهن. سائين لائق سنڌي به سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. ڏٺو وڃي ته هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. تعليم کاتي سان به واڳيل رهيو ته صحافت جهڙي گورک ڌنڌي سان به توڙ تائين نڀايائين. انهن سڀني وابسطگين جي پٺيان جيڪو سندس مقصد هو، سو هو ”سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“ ماءُ ٻوليءَ سان کيس عشق هو، ڇاڪاڻ جو هُن اسڪولن ۾ ٻارن جي ٻوليءَ تي به ڌيان ڏيڻ ضرري ٿي سمجهيو ته صحافتي دنيا ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ سندس مقصد هو.
    سائين لائق صحافتي دنيا ۾ اڻڳڻيا دوست ٺاهيا ۽ اڻڳڻيا شاگرد به پيدا ڪيا. ان سان گڏ پاڻ ادبي ۽ سياسي دوستن سان به لاڳاپيل رهيو. سڄي سنڌ کيس ڀائيندي هُئي ۽ پاڻ هو به محبتن لائق.
    سندس لائق فرزندن پروفيسر محمد اسماعيل ٿيٻي ۽ محمد بخش ٿيٻي پنهنجي عظيم والد صاحب کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري سچ ته پنهنجو فرض پورو ڪرڻ سان گڏ، سنڌ جي نسل جي سامهون هڪ اهڙي ماڻهو جي تاريخ رکي آهي، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ انتهائي مانائتو ۽ وڙائتو مڙس هو. اسان سنجها پبليڪيشن پاران هيءُ ڪتاب ”مُون سي ڏٺا ماءِ“ جهڙو شاهڪار ڪتاب ڇپرائي، پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائي رهيا آهيون. مون کي يقين آهي ته هيءُ ڪتاب سائين لائق جي چاهيندڙن کي بيحد پسند ايندو.

    علي نواز آريسر
    حيدرآباد
    1851018-0334


    پنهنجي پاران

    نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
    اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري. شاهه

    16 جنوري 2014 ع خميس جي ڏينهن اسان کان سڀ ڪجهه کسجي ويو. گهر، جون رونقون، ڪتاب، گهر جا ڀاتي، ٻار ٻچا سڀ يتيم ٿي ويا. ماڻهوءَ جو جيئڻ ۽ مري وڃڻ اِهو روز جو معمول آهي پر ڪن ماڻهن کي اڃان جيئڻ گُهرجي ها، خاص طور اهي ماڻهو، جيڪي جيئندا ئي ٻين لاءِ آهن، انهن کي اڃا وڏي ڄمار ملي ها. اهي قومن ۽ ڌرتيءَ جا سهارا هوندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان اسان جو بابا سائين لائق سنڌي به هڪ هو، جيڪو سفيد ڪپڙن ۽ سنڌي ٽوپيءَ ۾ سدائين سادگيءَ سان زندگي گذاريندڙ، اندر ۾ انيڪ گڻ ۽ خوبيون رکندڙ انسان هو. شايد لطيف سائين به اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته:

    اندر مُلهه املهه، ٻاهر ڪوجها ڪاپڙي

    هو گهٽ ڳالهائڻ ۽ خاموشي پسند هو. سندس چهري تي سدائين هلڪي مرڪ هوندي هئي. سندس سوچ، ويچار، ادارڪ، شعور، ڏکن، سُکن ۾ انيڪ ڪهاڻيون ۽ راز سمايل هوندا هئا. هو زندگيءَ جي مقصد کي پوريءَ طرح پروڙي ۽ پرکي چڪو هو، وٽس ماڻهپي ۽ انسانيت جا سمورا گڻ موجود هئا. هو سڀني کي ڀانئڻ چاهڻ وارو هو، محبتون ۽ قرب ڏيڻ ڪو کانئس سِکي، ننڍن ٻارن توڙي نوجوانن تي ساهه ڏيندو هو. زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي ساڻس جيڪو به مليو، سو سندس قرب جي ڪارچوپ ۾ اُڻجي ويو.
    پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کان ڏاڍو متاثر هو، سائين صوفي نيڀراج سان گڏ ڪيترائي ڀيرا پيرين پنڌ ڳوٺ موري منگر کان ڀٽ شاهه تائين پيرين پنڌ چوڏهينءَ جي رات حاضري ڀرڻ لاءِ ويندو هو. ڀٽائي سان عقيدت جي ڪري ئي هُن انا کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي. سندس هڙ ۾ ڪتاب، اخبارون، خط، ٻارن لاءِ ريجي (سِڪن) کان سواءِ ڪجهه به نه هو. کيس جيڪي ڪجهه پگهر جي پگهار مان ملندو هو، اهو گڏ نه ڪندو هو، ناڻي کي نينهن ٽوڙ سمجهندو هو. هميشه کيسا خالي، غربت هوندي به طبيعت ۾ سخي هوندو هو. سندس سڄي زندگيءَ جو سرمايو دوست يار، احباب ئي هئا.
    بابا جو تعلق بنيادي طور غريب گهراڻي سان هو. سندس والده پورهيو ڪري کيس سنڌي فائنل تائين پڙهايو ۽ پوءِ کيس تعليم کاتي طرفان 1961ع ۾ استاد مقرر ڪيو ويو. جڏهن ٽيچرس ٽريننگ لاءِ کيس حيدرآباد واري ٽريننگ ڪاليج موڪليو ويو ته اتي سندس ملاقات سنڌ جي سخن شناس استاد سائين حيدر علي لغاري سان ٿي هئي، جنهن کيس شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي مڪمل دسترس ڏني، بابا جي زندگيءَ تي سائينءَ جو گهرو اثر هو. بابا زندگيءَ جو تمام وڏو حصو سائينءَ سان گڏ گذاريو، جنهن کيس رچائي راس ڪري ڇڏيو. ان دوران اُتي بابا جي ملاقات سائين غلام محمد گرامي صاحب سان به ٿيندي رهندي هُئي، جيڪو پڻ وڏو عالم هو. اخباري لڏي ۾ بابا، شيخ علي محمد جي قرب جو ڪُٺل هو، آفتاب اخبار بابا جي سڃاڻپ رهي، اتي تمام وڏن اديبن توڙي نالي وارن سياسي اڳواڻن ۽ ورڪرن سان سندس ملاقاتون رهيون. سندس دوستن جو حلقو تمام وسيع آهي. ادبي، سياسي، صحافتي توڙي تعليمي شخصيتين ۾ ايترا نالا آهن جو انهن جو ذڪر ڪجي ته ڪيترائي صفحا ڀرجي ويندا. جن سڄڻن جا هن ڪتاب ۾ مضمون، تاثرات ۽ سنڌي اخبارن ايڊيٽوريل لکي بابا سائينءَ کي سهڻن لفظن ۾ ڀيٽا ڏني، انهن سڀني جا وڏا قرب ۽ ٿورا. هي ڪتاب بابا سائينءَ جي پهرين ورسي تي اچڻ گهرجي ها، پر اسان آڻي نه سگهياسين، جنهن جي لاءِ دوستن کان معذرت. آخر ۾ اسين نهايت گهڻا مشڪور آهيو ن، انهن دوستن جا، جن هن ڪتاب جي تياريءَ جي مختلف مرحلن جي تڪميل ۾ رهنمائي ڪئي ۽ ساٿ ڏنو، جن ۾ آسي زميني، وفا مولا بخش قمبراڻي، علي نواز آريسر، فهد الرحمان لغاري، راز لغاري ۽ ناصر قاضي جن جا وڏا وڙ مهرباني.

    پروفيسر اسماعيل ٿيٻو
    محمد بخش ٿيٻو


    انٽرويو

    سائين لائق سنڌيءَ جو يادگار انٽرويو

    سنڌ جو خدائي خدمتگار سائين لائق ...
    شبير نظاماڻي

    جيڪڏهن توهان کي اوچتو ڪٿي ڪو ماڻهو گڏجي ۽ توهان کي گمان ٿئي ته ”هي استاد بخاري ته ناهي“ ته توهان يقينن سائين لائق سان ملي رهيا آهيو، قد جو پورو پنو، مٿي تي سدائين ڳاڙهي ٽوپي، سنهو جسم، اڇا ڪپڙا پهريل. هڪڙي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهي، ان ٿيلهي ۾ اخبارون، پنا ۽ خبر ناهي ڇا ڇا ڀريل، ٻئي هٿ ۾ سگريٽ.
    پر هي ان شخص جو مڪمل تعارف ناهي، هو پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائي به نٿو، ڪڏهن به هن کان هن جو تعارف پڇيو وڃي ٿو ته هو جيڪو ڪجهه ٻڌائي ٿو، ان کانپوءِ به ڪافي تشنگي باقي رهي ٿي. لڳي ٿو ته اڃان گهڻو ڪجهه آهي، جنهن جي پرده داري ڪئي پيئي وڃي. هن پروفائيل لاءِ جڏهن سائين لائق سان ٻه ٽي ويهڪون ڪيون ويون ته انهن ۾ به هو مڪمل کلي نه سگهيو.
    اسڪول جي رجسٽر موجب هي شخص 19 ڊسمبر 1943ع ۾ موري منگر ۾ ڄائو هو، اهو موري منگر جيڪو سنڌ جي هڪڙي وڏي نالي شيخ علي محمد جو به گهر آهي، حاجي اسماعيل ٿيٻي کي پوڻيٺي جو پٽ ڄائو ته هن ان جو نالو ڏنو لائق رکيو، جيڪو اڳتي هلي هن جو لائق پٽ ثابت ٿيو، هن جو ننڍو ڀاءُ محمد قاسم آهي، ڀينرون به حال حياتي آهن. وڏي ڪڙم سان لاڳاپيل محمد لائق ڳوٺ ۾ ئي داسن ۽ پٽين سان ٺهيل پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي، سيد الهڏنو شاهه هيڊ ماستر هوندو هو، پهريون سبق سائين ابراهيم شاهه ڏنو، ان کانپوءِ يار محمد شيدي ۽ عبدالرحمٰن ٿيٻو پرائمري اسڪول ۾ هن جا استاد ٿيا. سائين لائق جڏهن به پنهنجي استادن جو نالو کنيو ٿي ته اڄ به احترام وچان هن جون اکيون جهڪي ويون ٿي، تڏهن جنوري کان ڊسمبر تائين تعليمي سال هوندو هو، ڊسمبر 1957ع ۾ هن ڳوٺ ۾ ئي ست درجا پاس ڪيا، هن 1958ع ۾ سنڌي فائنل امتحان به پاس ڪيو ان امتحان جو داستان هو وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌائي ٿو، هو ٻڌائي ٿو، ڳوٺ جا ٽي ڄڻا سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان ڏيڻ لاءِ حيدرآباد پهتاسين، هڪڙو آئون هئس ٻيو ڏاتر ڏنو شيخ ۽ ٽيون عيدن خاصخيلي، امتحان جي لاءِ اسان کي سائين عبدالرحمٰن ٿيٻو حيدرآباد وٺي آيو، جتي اسان اوقاف جي جاءِ ۾ رهندا هئاسين، هڪڙي جاءِ ۾ شيخ علي محمد رهندو هو ۽ ٻيءَ ۾ اسان رهياسين، مون سائين صوفي نيڀراج وٽ به امتحان جي تياري ڪئي، عبدالرحمٰن ٿيٻي منهنجي لاءِ چيو ته هي پاس نه ٿيندو، باقي هي ٻئي ڄڻا پاس ٿيندا. اسان رياضيءَ جو پيپر ڏيئي آيا هئاسين، سائين نيڀراج اسان ٽنهي کان پڇيو ته پيپر ڪيئن ٿيو، ٽنهي حسابن جا جواب ٻڌايا، چيائين ته هي هڪڙو پاس ٿيندو، باقي ٻئي ناپاس ٿيندا ۽ ٿيو به ائين.
    سائين لائق ورنيڪيولر امتحان پاس ڪيو ته ان وقت هن جي ڄمار 18 سال به نه هئي کيس پرائمري ٽيچر جي نوڪري ملي، ان وقت سندس ڄمار 17 سال 4 مهينا هئي، ان وقت 18 سالن جي ڄمار کان گهٽ واري ماڻهو کي ماستري نه ملندي هئي، سائين لائق ٻڌائي ٿو ته تڏهن ايس ڊي او رفيع عالم صديقي هو، الهه بخش ٽالپر سپروائيزر کيس نوڪري وٺي ڏني، رفيع عالم چيو ته هن جا 18 سال پورا ناهن ته الهه بخش ٽالپر چيو ته باقي 8 مهينا سروس ۾ پورا ڪندو، نوڪري وارو آرڊر الهه بخش ٽالپر پاڻ لکيو، اهو الهه بخش ٽالپر جنهن جا حسابن کان علاوه ”اُداسيءَ جون آهون“ ۽ ”پرديسيءَ جو پيار“ جهڙا ڪتاب لکيل آهن.
    سائين ٻڌائي ٿو ته اصل ڪهاڻيون وڏيري شاهنواز جوڻيجي جون هيون، هي سانگهڙ وارو وڏيرو نه پر حيدرآباد تعلقي جي راهوڪيءَ جو آهي.
    سائين ان وقت جي پرائمري ڪورس بابت ٻڌائي ٿو ته ان ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست، مخدوم نوح، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ شاهه عنايت ۽ اهڙن ئي ٻين سنڌ جي عظيم شخصيتن تي سبق هوندا هئا، ڳالهه کي وري ٿورڙو پوئتي وٺي وڃون ٿا. پنهنجي خاندان بابت هو ٻڌائي ٿو ته اسان جو وڏو ڏاڏو لائق فقير هر سهائي سومار تي موري منگر ڳوٺ مان پند هالا ويندو هو ۽ ٻئي ڏينهن علي الصبح واپس ڳوٺ موٽي ايندو هو، سائين کي ياد ناهي ته تڏهن هالن جي گاديءَ تي ڪير ويٺل هو پر هو چوي ٿو ته شايد مخدوم ظيهر الدين عرف پکن ڌڻي هو، هو هڪڙي انتهائي دلچسپ ڪٿا اها ٻڌائي ٿو ته اسان جي وڏي ڏاڏي تي مخدومن جي خاص مهرباني هئي ۽ هو ذاتي طور تي هن کي سڃاڻندا هئا، هڪ ڀيري گادي نشين چيو ته جيڪو گهرڻو هجئي ته گهر ڏاڏي چيو ته بس سائين دعائون کپن، گادي نشين چيو ته دعائون ته آهن ئي آهن ٻي ڪا ڳالهه ڪر، گهڻي زوربار تي ڏاڏي چيو ته جيڪڏهن مهرباني ڪريو ٿا ته اها ڏيو ڏاڏي جو اشارو رليءَ ڏانهن هو، جنهن تي گادي نشين ويهندو هو، ان تي هن چيو ته زماني جي ڳالهه ڪر، ڏاڏي چيو ته جي ڏيڻي اٿو ته اها ڏيو. ان تي گادي نشين اها رلي ڏاڏي جي حوالي ڪئي، جيڪا اڃا تائين اسان جي گهر ۾ موجود آهي، هو ٻڌائي ٿو ته اڃا به پوڙهيون پڪيون اينديون آهن ۽ چونديون آهن ته بيمار آهيون، پلاند پسائي ڏيو، سائين لائق اهو انڪشاف ڪندي چيو ته ”اهو ڪم آئون ڪندو آهيان“ هو ٻڌائي ٿو ته اسان جا وڏا اصل موري منگر جا ئي هئا. اهو ڳوٺ ته حيدرآباد تعلقي جي ٽنڊي قيصر ڀرسان آهي، هو ٻڌائي ٿو ته گذر لاءِ ٻنيءَ ٻارو هو، ويهارو کن ايڪڙ پنهنجا هوندا هئا، تڏهن ڦليلي ڦاٽ مان سنڌ واهه وهندو هو، اهو ڳوٺ وچان نڪرندو هو ڳوٺ جو وڏو حصو ديهه ڌماچاڻي ۽ ننڍو حصو ديهه موري ۾ هوندو هو، اهو موري منگر سائين لائق جو به ڳوٺ آهي ته شيخ علي محمد جو به گهر آهي، هو ٻڌائي ٿو ته بابا جي ظاهري تعليم نه هئي، فقراه رنگ وارو هو، زماني جي ڪنهن ضرورت سبب ان زمين مان 12 ايڪڙ تڏهن 15 هزارن ۾ وڪڻي ڇڏيا، هو اهو به ٻڌائي ٿو ته بابا هڪ ڀيري اجمير شريف خواجه معين الدين چشتي رحه جي درگاهه تي به ويا هئا. اها اجمير شريف جتي بئريسٽر جان محمد جوڻيجو به دفن ٿيل آهي، هو ٻڌائي ٿو ته زمين وڪڻڻ کانپوءِ بابا هارپو ڪيو زميندار هوندو هو وڏيرو شير محمد ٿيٻو. هو زميندار جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته اهو پنج ڏيئي 15 لکڻ وارو نه هو، هو ٻڌائي ٿو ته اهو اهو دؤر هو جڏهن کير وڪڻڻ کي گناهه سمجهيو ويندو هو.
    سائين لائق سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ ۾ ئي انگريزي اسڪول کليو ته ان ۾ ٽي سال پڙهيو، هن کي اڃا تائين سائين محمد بخش انصاري خيرپور رياست وارو غلام محمد ابڙو نصرپور وارو، احمد ٿيٻو موري شاخ وارو ۽ محمد الياس بڪيرو بڪيرا شريف وارو چڱي ريت ياد آهن، هو چوي ٿو ته اڄ آئون جيڪو ڪجهه آهيان اهو انهن استادن جي ئي ڪري آهيان، نوجوان لائق ڏني ٿيٻي جي پهرين پوسٽنگ توڪل علي ميرجت اسڪول ۾ ٿي جيڪو حيدرآباد- ٽنڊي محمد خان روڊ تي کٿڙ ويجهو هو، ڳوٺ کان پنڌ وڃڻو پوندو هو يا وري حيدرآباد کان ريل رستي هوسڙي ريلوي اسٽيشن تي لهي 3 ميل پنڌ ڪري اسڪول پهچڻو پوندو هو، وڏو پنڌ هجڻ ڪري هو اتي رهي پيو ۽ هفتي هفتي ڳوٺ ايندو هو ۽ پهرين درجي ۾ 36 ٻار داخل ٿيا هئا، جن مان 18 پاس ٿيا هئا. کيس پهريون پگهار 71 رپيا مليو، جنهن مان 40 رپيا پڪو پگهار هو، 25 رپيا هڪڙو الائونس ۽ 6 روپيا ٻيو الائونس هو، هو ٻڌائي ٿو ته ان اسڪول ۾ هڪ شاگرد بيمار ٿي پيو ته آئون پڇڻ ويس، مير جت ٻروچ ماڻهو هئا، ڌارين کي گهر نه اچڻ ڏيندا هئا، پر مون تي مهربان هئا، هو ٻڌائي ٿو ته ان شاگرد جي ڏاڏي کي گندي جا 20 رپيا ڏنا ته ڳوٺ ۾ ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته استاد راڄائتو ماڻهو آهي ان اسڪول کانپوءِ 1962ع ۾ نوجوان لائق موري منگر پرائمري اسڪول ۾ آيو ماستري دروان ئي هن اديب سنڌي، اديب عالم ۽ اديب جا ڪورس ڪيا. 1963ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ لاءِ حيدرآباد ۾ داخلا ورتي، هو ٻڌائي ٿو ته اسان جو ڪلاس ٽيچر حيدر علي لغاري تاجپور وارو هوندو هو، هن جو پڙهائڻ جو انداز ايڏو ته سهڻو هو جو استادن پيرڊ ڇڏي ان پيرڊ ۾ وڃي ويهندو هئس. ان کان پوءِ سائين حيدر علي لغاري سان نياز مندي جو رستو هلندو اچي، هن کي پنهنجا اهي ڏينهن به انتهائي سهڻا لڳن ٿا، جڏهن سائين حيدر علي لغاري ٽنڊي ڄام هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿي آيو اتي ئي سائين لائق استاد طور مقرر ٿيو، ان کان پوءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد واري اسڪول ۾ ڊيپوٽيشن تي ٽيچر ٿيو، سائين لائق سنڌي 25 سال پورا ڪري ڊسمبر 1986ع ۾ رٽائر ٿيو، تڏهن هن جي ڄمار 43 سال مس هئي، هو ٻڌائي ٿو ته مون پاڻ رٽائرمينٽ ورتي، جيڪا وڏي غلطي هئي.
    نوجوان محمد لائق جي 1966ع ۾ شادي ٿي، جنهن مان کيس 8 ٻار ٿيا، جن مان 4 مالڪ پاڻ وٽ گهرائي ورتا، وڏو محمد اسماعيل پرائمري ٽيچر آهي (جيڪو هن وقت ليڪچرار آهي) ننڍو محمد بخش (جيڪو هن وقت ايم.اي سنڌي ادب”فرسٽ ڪلاس“آهي) وڏي ڇوڪريءَ جي شادي هن پنهنجي ڀاڻيجي محمد موسيٰ سان ڪرائي آهي، جيڪو فوج ۾ آهي، هو ٻڌائي ٿو ته سس سندس سڳي سئوٽ آهي.
    لائق ڏني مان هو لائق سنڌي ڪڏهن ٿيو؟ ان ڳالهه تي هو ٻڌائي ٿو ته مولانا عبيد الله سنڌيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان متاثر ٿي پاڻ کي سنڌي سڏايو. هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هو، تڏهن موري منگر شاخ جو پهريون سيڪريٽري صوفي نيڀراج ٿيو، جنهن سائين لائق جي زندگيءَ تي وڏا اثر ڇڏيا. ان جي صحبت جي اثر ۾ هو شاهه لطيف سان ويجهو ٿيو، ان شاخ جو ٻيو سيڪريٽري امين ٿيٻو هو ۽ ٽيون لائق سنڌي ٿيو. هو ٻڌائي ٿو ته مرڪزي سيڪريٽري رشيد ڀٽي سان پوسٽ ڪارڊ ذريعي لکپڙهه ٿيندي هئي، جيڪا آئون ڪندو هوس، تڏهن سنڌ جي انگريزي اسپيلنگ Sind هوندي هئي، هو ٻڌائي ٿو ته آئون ”D“ کانپوءِ ”H“ جو اضافو ڪري ان کي Sindh لکي ڇڏيندو هئيس، هو ٻڌائي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت جي رڪارڊ ۾ اڄ به اها لکت موجود آهي، جنهن ڳالهه شاهدي تاج جويو صاحب به ڏيئي سگهي ٿو، هو اهو به ٻڌائي ٿو ته هن 1988ع ۾ بينظير کي ذاتي خط لکيو، جنهن ۾ کيس اها گذارش ڪئي ته سرڪاري لکت ۾ سنڌ جي اسپيلنگ صحيح نٿي لکي وڃي ان کي Sind بدران Sindh ڪري لکيو ويو.
    سائين لائق جي صحافت ۾ داخلا تڏهن ٿي جڏهن هو ماڊل اسڪول ۾ هوندو هو، هن شيخ علي محمد جي ادارت ۾ نڪرندڙ آفتاب اخبار جوائن ڪئي، هو شروع ۾ اندرين صفحن ۾ هيڊنگس لاءِ ڪتابت ڪندو هو. ان کانپوءِ هن نوجوانن جو صحفو سنڀاليو، ان صفحي جو نالو ”سرجڻهار“ رکيو ويو، جنهن جو هو انچارج ٿيو، ان سان گڏ سائين لائق ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ ماهوار اخبار تعليم جو پهرين سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ٽنڊي ڄام مان ”هاڪڙو“ پبليڪيشن نڪرندي هئي جنهن جو هو نگران هو، آفتاب اخبار بابت هو ٻڌائي ٿو ته هن جو سنڌ پرستيءَ ڏانهن لاڙو وڌيڪ هو، هو ٻڌائي ٿو ته جن جو به بيان ٻي اخبار ۾ نه ڇپبو هو ته آفتاب ۾ ڇپبو هو.
    ڀُٽي جي دؤر بابت ڳالهائيندي هو چوي ٿو ته تڏهن نظير عباسي ۽ ڄام ساقيءَ جي بيانن تي سختي هئي، پر شيخ صاحب اهي شايع ڪندو هو، تڏهن ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي هئي، نظير عباسي ۽ ڄام ساقي تي گهڻي سختي هوندي هئي، تڏهن به اهي شيخ صاحب سان ملڻ لاءِ روبرو آفيس ۾ ايندا هئا، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن ڄام ساقي ۽ سهيل سانگي وارا گرفتار هئا، ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو ته شيخ صاحب سندن آزادي لاءِ شاهدي ڏني ۽ ضمانت به ڏنائين، هو ٻڌائي ٿو ته جنرل جهانداد شيخ صاحب کي چيو ته سهيل سانگي ڀارت ڀڄي ويندو جنهن تي شيخ صاحب چيو ته هن جي روزگار جو بندوبست به آئون ئي ڪريان ٿو، ان بعد هن سهيل سانگي کي آفتاب ۾ نوڪري ڏني، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن ڀٽي دؤر ۾ سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو ته سندس آزاديءَ لاءِ اخبار ۾ ايڊيٽوريل به لکيائين، هو اهو به ٻڌائي ٿو ته جڏهن ضياءَ جي دؤر ۾ شيخ علي محمد مجلس شوريٰ جو ميمبر ٿيو ته هن اتي سائين جي ايم سيد جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو، تڏهن ان تقرير جا منٽس شيخ صاحب وٽ پهتا، جنهن ۾ لکيل هو ته شيخ صاحب ”ايلڊر پوليٽيشن آف سنڌ“ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي ته شيخ صاحب ان ۾ درستي ڪري چيو ته مون سائين جي ايم سيد جو نالو کنيو آهي، هو ٻڌائي ٿو ته آفتاب ۾ تڏهن اندرئين پيج جو انچارج هوندو هو، محمد بخش جوهر ۽ شام جو عبدالرحمٰن جوڻيجو انچارج هو جيڪو اداڪارا مونا جوڻيجي جو چاچو هو، هن جي ميٽرڪ ممبئي يونيورسٽي مان ٿيل هئي.
    سائين لائق تڏهن جي هڪڙي خبر بابت ٻڌائي ٿو ته سامونڊي جيوت بابت اسٽوري آيل هئي، جنهن تي عبدالرحمٰن جوڻيجي چيو ته سڀاڻي ٻين اخبارن ۾ به هيءَ اسٽوري ڏسجان. فقط آفتاب ۾ سڀني مڇين ۽ بين سامونڊي جانورن جا نالا سنڌيءَ ۾ هوندا ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۾ ڪجهه نالا ته ترجمو ٿيل هوندا، باقي اڪثر نالا انگريزيءَ ۾ ئي هوندا. سائين ٻڌائي ٿو ته واقعي ائين هو، هو ٻڌائي ٿو ته شيخ صاحب چوي ٿو ته خبر ڪيتري به سخت هجي پر سچي هجي، خبر جي ترديد نه ڪبي، هن کي ياد آهي ته شيخ صاحب وٽ مولوي خير محمد نظاماڻي، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سيد سردار علي شاهه ايندا هئا، ان سان گڏ نياز همايوني ۽ شيخ اياز به ڀيرو نه ڀڃندا هئا، هو ٻڌائي ٿو ته شيخ اياز جو سرنهن ۾ نڪتل فوٽو موري منگر جو آهي، هو ٻڌائي ٿو ته مولانا عبدالحق ربانيءَ جو شيخ صاحب تمام گهڻو لحاظ ڪندو هو، هو ٻڌائي ٿو ته تڏهن سنڌ جا اهي سهڻا فرد پنهنجي ديس جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ انهن کي پنهنجي ديس جو تمام گهڻو اونو هوندو هو، انهن وٽ سنڌ جي تصوير هڪ خوشحال ديس جي هوندي هئي، انهن وٽ سنڌ جي سڃاڻپ وطن ۽ ديس واري هوندي هئي، اهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ کي سنڌ لاءِ سڀ کان وڏو نقصان سمجهندا هئا، هو ٻڌائي ٿو ته آفتاب ۾ سائين محمد ابراهيم جويو به لکندو هو، تڏهن ڊيلي نيوز ۾ جي ايم مهڪري (غلام محي الدين مهڪري) انگريزي ۾ لکندو هو، جنهن جا ترجما محمد ابراهيم جويو ڪندو هو، ٻين اخبارن اهي لکتون ڇپڻ کان جواب ڏنو پر شيخ صاحب ڇپيندو هو، پروف جويو صاحب پاڻ پڙهندو هو، پر جڏهن جويو صاحب نه ايندو هو ته ان جا پروف هي گناهگار (پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي) ڏسندو هو، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن مولانا گرامي صاحب لاڏاڻو ڪري ويو. ’آفتاب‘ اخبار موڪل ڪئي هئي، هن کي اهو به ياد آهي جڏهن ضياٰءِ مارشل لا هنئي ۽ ڀٽي کي قيد ڪيو ته ملڪ تي فوج جي قبضي خلاف شيخ صاحب ايڊيٽوريل لکيو هو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته هڪڙي مارشل لا ملڪ ٽوڙيو آهي، ٻي مار شل لا به چڱائي نه ڪندي.
    سائين لائق جو پهريون مضمون پڪي قلعي مان شايع ٿيندڙ هلال پاڪستان ۾ ڇپيو، جيڪو ڀٽي تي سانگهڙ ۾ حملي خلاف هو، ان مضمون جو عنوان هو ”ذوالفقار علي ڀٽو ڪنهن جو آواز آهي؟“ هو ٻڌائي ٿو ته ان ۾ سندس نالو نه ڏنو ويو هو، شيخ صاحب ان مضمون جي هيٺان نالي بدران ”ازعوام“ لکي ڇڏيو، هو ٻڌائي ٿو ته هلال پاڪستان ۾ هن جو پهريون شعر نالي سان ڇپيو، اهو هو.
    سياست سنڌ جي سڌري جو جناب ذوالفقار آيو،
    خزان جو دؤر ويو گذري وري واپس بهار آيو.

    هو ڀٽي صاحب ۽ حيدرآباد جي مير برادران بابت هڪڙو قصو به ٻڌائي ٿو، جيڪو شايد گهڻن کي معلوم ناهي، هو ٻڌائي ٿو ته، جڏهن ڀٽو صاحب قيد هو ته ڀٽي صاحب بيگم نصرت ڀٽو کي چيو ته تون شيخ اياز وٽ وڃ، کيس چئو ته هو شيخ علي محمد سان ملي، جيڪو مير برادران کي نياپو ڪري ته اوهان ٻاهر نڪرو ته ماڻهو به ٻاهر نڪرندا، تڏهن مير علي محمد ۽ مير رسول بخش پيپلز پارٽي ۾ نه هئا، ٻنهي کي ڀٽي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، هي ٻڌائي ٿو ته شيخ اياز اسان جي سامهون وي سي واري گاڏيءَ ۾ چڙهي آيو، هن شيخ صاحب کي نياپو پهچايو، جيڪو ميرن تائين پهتو، مير رسول بخش ٻاهر نڪرڻ تي آماده ٿيو پر چيائين ته وڏو ڀاءُ ويٺو آهي، ان کان پڇو، مير علي احمد چيو ته ڀٽي کي ڦاسي اچڻي آهي، آمريڪا طئه ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ڪوشش اجائي آهي ۽ جلوس به اهي ڪڍن، جيڪي هن سان گڏ ويٺا آهن، پاڻ کي ته پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيائين، سائين لائق ٻڌائي ٿو ته ڀٽي جي نياپي باوجود ميرن جلوس نه ڪڍيو.
    هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن شيخ علي محمد صاحب آفتاب اخبار ڪڍي تڏهن ڪنهن اچي کانئس پڇيو ته آفتاب ڪنهن جي آهي، جنهن تي هن ٻڌايو ته اسان اخبارون ڪڍندا وياسين اخبارو اسان کي ڪڍنديون ويون هيءُ اخبار اهڙي ڪڍي اٿئون جو اسان کي نه ڪڍندي، هو ٻڌائي ٿو ته شيخ صاحب جي وفات کانپوءِ سندس پٽن اخبار سنڀالي پر اهي اخباري مزاج جا نه هئا جنهن ڪري اها اخبار بند ٿي ويئي.
    هو اخباري دنيا جي حوالي سان پنهنجو هڪڙو تجربو شيئر ڪندي ٻڌائي ٿو ته مون کي پنهنجا ڪي دوست يار استاد بخاري ڪري چوندا آهن هو ٻڌائي ٿو ته استاد بخاري آفتاب اخبار ۾ به ايندو هو، هڪ دفعي ڪاوش اخبار جي دفتر ۾ گهمڻ ويو هئس، خادم وطن ۾ ناز سهتي وٽ ويٺو هئس ته ڪاوش جي آفيس مان علي قاضي صاحب، سهيل سانگي صاحب ۽ فقير محمد لاشاري صاحب ايڊيٽر جاڳو اخبار نڪري آيا پئي وڌي انهن سان ملياسين مون فقير کين مخاطب ٿيندي چيو ته استاد بخاري اوهان کي ملهه ماري ويو، ته هو حيرانگيءَ ۾ پئجي ويو تيستائين سهيل سانگي هن سان منهنجو تعارف ڪرايو ۽ چيو ته توهان جي اخبار ”جاڳو“ ۾ استاد جي وفات جي خبر نه ڇپي آهي ان بابت چئي رهيو آهي (اها خبر فقط ڪاوش ۽ عوامي آواز ۾ ڇپي هئي) فقير چند گهڙين لاءِ گم سم ٿي ويو ۽ پوءِ اظهار ڪيائين ته آئون هتي حيدرآباد ۾ هئس ڪراچي ۾ نه هئس تڏهن خبر رهجي ويئي آهي، هو ٻڌائي ٿو ته پروف ڏسڻ وارو ڪم مون لاءِ عيب ناهي، ٻين لاءِ جيڪو عيب آهي مون اهو ڪم ڪيو، روزگار عيب نه هوندو آهي، هو ٻڌائي ٿو ته اخبار خريد ڪري وٺڻ جو شوق 1970ع کان شروع ٿيو، شروع ۾ عبرت، هلال پاڪستان يا وري جنگ اخبار وٺندو هئس، اخبارون سنڀالي رکي ڇڏيندو هئس، منهنجو هڪڙو ڪمرو هو، جيڪو ڀرجي ويو.
    هن سياست ڪڏهن به نه ڪئي، هن کي سائين جي ايم سيد تمام گهڻو وڻندو آهي، ڀٽو به وڻندو اٿس، اها ڳالهه گهڻن ماڻهن لاءِ عجيب هوندي ته ٻه متضاد شخصيتون هن کي ڪيئن وڻن ٿيون، هن کي اڃا تائين سائين جي ايم سيد سان اها پهرين ملاقات ياد آهي، جڏهن هڪڙي سياري ۾ اعجاز قريشي، شوڪت سنڌي ۽ ڪاڪي علڻ ٿيٻي سان گڏجي هو سن ويو، هو ٻڌائي ٿو ته رات بنگلي تي ترسياسين، صبح جو ناشتو سائين سان گڏجي ڪيو.
    سائين لائق هڪڙو انڪشاف اهو به ڪيو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي تڏهن هڪڙو همراهه سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز کي ڪافر سمجهي ٻنهي کي مارڻ لاءِ نڪتو، اهو پهرين ڄامشوري پهتو، جتي شيخ اياز وي سي هو، اتي پوليس گهڻي هئي، ان ڪري هو اتان ٿي سن ويو، جتي جهلجي پيو، سائين سان اصل ڳالهه ڪيائين جنهن تي سائين وري کيس ڇڏي ڏنو، ڪاڪي علڻ ٿيٻي شيخ علي محمد کي آفتاب اخبار ۾ فون ڪئي، تڏهن دادو جو رپورٽر احمد خان کُهرو ويٺو هو، جنهن کي شيخ صاحب فوٽوگرافر مبشر سان گڏجي سن موڪليو،جتي هن ان همراهه جا فوٽو ڪڍيا، اخبارن ۾ خبر ڇپي ته سائين جي ايم سيد تي قاتلاڻو حملو ٿيو آهي، ڀٽي حڪومت وضاحت ڪئي ته اهو ڪوڙ آهي، ڪوبه قاتلاڻو حملو نه ٿيو آهي، جنهن ڏينهن حڪومت جي وضاحت واري خبر آئي، ان ڏينهن شيخ صاحب فوٽو ڇپي ڇڏيو ۽ ان هي هيٺان ڪئپشن ۾ لکيائين ته حملي آور پوليس تحويل ۾.
    مون جڏهن سائين لائق کان پڇيو ته توهان کي سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽو ٻئي وڻن ٿا، جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪڙي جي چونڊ ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته ڪنهن جي چونڊ ڪندا؟
    ته هن اهو ئي جواب ڏنو جيڪو هڪڙو معصوم ٻار ڏيندو آهي، جڏهن کائنس پڇيو ويندو آهي ته توکي تنهنجو پيءُ ٿو وڻي يا ماءُ، هن جو جواب هو ته ٻئي منهنجا سائين آهن، پر هن کي اهو ڏک ضرور آهي ته سائين جي ايم سيد سيد ضياءَ الحق سان ملاقات ڇو ڪئي؟
    هن وٽ ضياءُ الحق جو ڪردار هڪ ولين جو ڪردار آهي، هو چوي ٿو ته سائين جي ايم سيد کي ضياءُ الحق سان ملڻ نه کپندو هو، هو چوي ٿو ته ڀٽو ڪيئن به هو، ضياءُ الحق سان گڏ نه رهيو، ان لاءِ نرم گوشو نه هئس، پر سائين جي ايم سيد کي ضياءُ لاءِ نرم گوشو هو ۽ ان سان ويجهو هو، هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن سڄي سنڌ هڪڙي پاسي هئي، اها ضياءُ کي پنهنجو دشمن سمجهندي هئي تڏهن سيد ضياءُ سان ملاقات ڪئي کيس ائين نه ڪرڻ کپندو هو، هو ان موقعي تي جذباتي ٿي اهو چوي ٿو ته آئون پاڻ وڏو قومپرست آهيان، سنڌ جو خاموش خدمتگار آهيان، ببانگ دهل نه پر خاموش خدمتگار، ائين جيئن خان غفار خان وارا خدائي خدمتگار هئا. تيئن اسين سنڌ جا خدائي خدمتگار آهيون، هو ٻڌائي ٿو ته جنهن ڀينڊي مدرسي ۾ آريسر پوءِ پڙهيو ان مدرسي ۾ آئون اڳي پڙهيس، هو ٻڌائي ٿو ته کيس ذاتي طور تي آريسر اڳ به وڻندو هو ۽ اڄ به وڻندو آهي، هن جي نظر ۾ ڀٽو ۽ جي ايم سيد ٻئي سنڌ جا سپوت آهن، سنڌي ٻوليءَ جي بل کي هو ڀٽي دؤر جي وڏي حاصلات سمجهي ٿو، ساڳئي وقت هو اهو به چوي ٿو ته ڀٽي کي قومپرستن تي سختي نه ڪرڻ کپندي هئي، هو ٻڌائي ٿو ته جي ايم سيد ڀٽي کي ڀائٽيو چوندو هو، ڀٽو وري سائين کي چاچو ڪري سڏيندو هو. 1973ع جي آئين تي نعپ جي اڳواڻن کي صحيح ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ وارين سائين جي ايم سيد جي ڪوششن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هو چوي ٿو ته سنڌ روايتن جي امين رهي آهي، ان سدائين روايتن جي پاسداري ڪئي آهي، سائين جي ايم سيد به ان روايتن جو امين هو، ذاتي طور ڀٽي صاحب فون تي سائين جي ايم سيد کي گذارش ڪئي هوندي، سائين ان ڪري انڪار نه ڪري سگهيو هوندو.
    قومپرستن جي پارليامني سياست کان دوري تي ڳالهائيندي هو چوي ٿو ته شايد ائين هي ٻڌائيندا هوندا ته اسان هن نظام کي قبول نٿا ڪريون، هو اهو چوي ٿو ته سائين قومپرستن کي پارلياماني سياست کان نه جهليو هوندو، ڇاڪاڻ ته سائين جي ايم سيد جا ٻه پٽ هئا، امير حيدر شاهه ۽ امداد محمد شاهه ايم پي اي ٿيا. انهن پاڪستان جي خلاف حلف ته نه کنيو هوندو، ٻيا پاڪستان جو حلف کڻن ٿا ته انهن تي سائين جي ايم سيد جي پارٽيءَ وارن کي ناراض نه ٿيڻ گهرجي. هو ٻڌائي ٿو ته سائين جي ايم سيد جو پوٽو جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ڊپٽي اسپيڪر به رهيو، هو ٻڌائي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي ورسي هئي يا سالگرهه جو موقعو هو، جنهن ۾ سنڌو ديش جو ترانو چيو ويندو آهي، جنهن ۾ اسان صحافين واري پاسي ويٺا هئاسين، اتي اقبال ملاح به ويٺو هو، مون اقبال کي چيو ته جيستائين ترانو ختم نه ٿيندو تيستائين جلال محمود شاهه پنڊال ۾ نه هوندو ترانو وڄڻ کان اڳ جلال محمود شاهه ٻاهر نڪري ويو، اقبال ملاح ان تي حيرت ۾ چيو ته توکي ڪيئن خبر پئي؟
    سائين لائق کي رسول بخش پليجي جي سياست ۾ به سنڌ جي مفادن جي حق ۾ لڳي ٿي هو ٻڌائي ٿو ته اها منظم پارٽي آهي، غير منظم ناهن، اتي سياسي عمل کي پختو ڪرڻ لاءِ ليڪچر ٿين ٿا، وڏو هوم ورڪ ٿئي ٿو، ان جي پاليسيون سنڌ دوستيءَ واريون آهن، هو وفاقي سياست ڪونه ٿو ڪري.
    ان سان گڏ هو جيئي سنڌ ۾ عبدالواحد آريسر جي پذيرائي گهٽجڻ تي ڏکارو آهي، آريسر کي هو پنهنجو مهربان دوست سمجهي ٿو، هو چوي ٿو ته جيئي سنڌ جي ٿنڪ ٽينڪ آريسر ئي آهي، سائين لائق وٽ سنڌ جو تصور ”سنڌ جيئي ۽ سنڌ وارا جيئن“ وارو آهي، سنڌ هن جو محبوب ديس آهي، هو ٻڌائي ٿو ته اسان جو سنڌ وطن آزاد به رهيو آهي ۽ وفاق ۾ به شامل رهيو آهي، سنڌ ۽ سنڌ جي ڪافي ڪردارن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه پنهنجي شاعريءَ ۾ سموعي اَمر ڪري ڇڏيو آهي، ان حساب سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪو رهبر يا رهنما چئجي ته اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه آهي، جنهن سنڌ جي سماجي قصن ۽ ڪهاڻين کي شاعريءَ جو روپ ڏيئي اَمر ڪري ڇڏيو آهي، سندس شاعريءَ ۾عشق، محبت، نياز، نوڙت، جرئت، همت، جاکوڙ ۽ جدوجهد جو سبق سمايل آهي.
    ايستائين جو هو چوي ٿو ته دشمن سان يا مخالف سان جنگ ڪري:
    ”هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار“
    هن جو وڏي ۾ وڏو سبق آهي آئون ان کي ڪائناتي شاعر سمجهان ٿو ۽ درياهه کي ڪوزي ۾ بند نه ڪبو آهي، سنڌ جا باقي شاعر اديب، ليکڪ، پنهنجي جرئت، بهادري ۽ بردباريءَ سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعريءَ جي ڍال ۾ سموعي پنهنجي همت جو اظهار ڪن ٿا، هن جو چوڻ آهي ته سنڌ وطن کي هرڪو سنڌي آزاد ڏسڻ چاهي ٿو.
    هو پنهنجي آتم ڪٿا نه پيو لکي ۽ نه ئي لکڻ جو ارادو اٿس، هن جو چوڻ آهي ته آئون هڪڙو ادنيٰ انسان آهيان، مون سان ڀلائي اها ٿي جو آئون سنڌ جو سنڌي آهيان، آئون روحاني، اخلاقي ۽ سماجي طور تي پاڻ کي ڀاڳوان سمجهان ٿو جو سنڌ ڌرتيءَ تي هلان ڦران پيو ۽ مري به هي خاڪي جسم ان جي خاڪ ۾ پناهه وٺندس.
    ذاتي حوالي سان هو صوفي نيڀراج، سائين حيدر علي خان لغاري، شيخ علي محمد، مولانا غلام محمد گرامي، کان تمام گهڻو متاثر آهي، حاجي حقير ابن مڱڻ، سائين احمد علي نظاماڻي سان سائين لائق جي ذاتي وابستگي رهي ۽ هو انهن جي شفقت ملڻ تي پاڻ کي فخر مند سمجهي ٿو.
    هو ٻڌائي ٿو ته مولوي خير محمد نظاماڻي، سردار علي شاهه، مولانا عبدالغفور سيتائي، شيخ علي محمد، محمد عثمان ڏيپلائي، صحافت جي شعبي ذريعي سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي، هن کي اهو ڏک آهي ته اڄ ڪلهه جا نوجوان صحافي انهن کي نظر انداز ۽ درگذر ڪن ٿا، هو چوي ٿو ته انهن بزرگن جون پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ صحافت لاءِ وڏيون خدمتون هيون، هنن ڪڏهن به ڪا خبر ڪنهنجي چوڻ ته نه روڪي، ڪير روڪڻ لاءِ چوندو هئن ته چوندا هئا، خبر خبر آهي، هنن جي برجستگي قائم ۽ دائم رهندي آئي، انهن جي پورهئي کي اسان جي نوجوان صحافين کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
    جڏهن آئون سائين سان ڪچهري ڪري رهيو هئس تڏهن مون کي هر موقعي تي اهو محسوس ٿيو ته سائين وٽ وڏا داستان آهن، جن کي هو ظاهر نه ڪري رهيو هو، جيتوڻيڪ هن جو آتم ڪٿا لکڻ جو ارادو ناهي پر هن لکڻيءَ ذريعي کيس گذارش ڪجي ٿي ته هو پنهنجو ارادو تبديل ڪري ۽ اهو سڀ ڪجهه لکي وڃي جيڪو پويان ايندڙ جي راهه آسان ڪري، هو آخر ۾ پنهنجي هٿن سان لکيل هڪڙي چٽ منهنجي حوالي ڪري ٿو جنهن تي لکيل آهي ته ”پاڻ کان وڏن جي عزت، پاڻ جيڏن سان محبت پاڻ کان ننڍن سان شفقت، زندگيءَ جا اهي رويا مون ڀرپور نموني سان روا رکيا آهن ۽ موٽ ۾ مون سان به اڃا وڌيڪ گهرائي سان اهي رويا روان رکيا ويا آهن، اهڙن قدرن جو مون ڀرپور نموني سان ڀرم رکيو آهي.
    ها هن اهو به لکي ڏنو هو ته سنڌي اخبارن ۾ خاص ڪري صادق ابڙي جو محاورو ”ڪاٽڪو ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته“ منهنجو ايجاد ڪيل آهي.
    جڏهن مون هي اڌورو پروفائيل اڃا نه لکيو هو ته سائين چيو ته ان جي آخر ۾ لکجانءِ يار زندهه صحبت باقي، سو موڪلاڻي ناهي، يار زندهه صحبت باقي!!!
    [نوٽ: هيءَ ڳالهه ٻولهه ’روزاني ڪوشش‘ 2006ع جي سالگرهه واري ايڊيشن ۾ شايع ٿيل]
     


    اخباري مضمون

    سامي سفر هليا....!!!

    سامي سفر هليا....!!!

    محمد بخش ٿيٻو
    (لائق سنڌيءَ جو فرزند)

    ڪي ماڻهو پنهنجي شخصيت ۾ سادگيءَ، اعلى عمل ۽ ڪردار ائين کڻي هلندا آهن، جو اُهي پنهنجي وجود ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندا آهن، سندن ڪردار گفتار توڙي طرز زندگي ڪنهن مشعل راهه کان گهٽ نه هوندو آهي اهڙا انسان پنهنجي سادگي ۽ عاجزيءَ مان ئي پڌرا هوندا آهن، جن جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرائي سگهبو آهي.
    منهنجي خوش قسمتي ۽ خوش بختي اها چئبي جو مون پنهنجي ولادت وقت اک ئي هڪ اهڙي انسان جي ٻاجهاري جهوليءَ ۾ کولي، جنهن وٽ اخلاق جي اعلى زيور کان وٺي انسانيت وارا سمورا گڻ سندس سادگيءَ ۾ پيوست هئا. بيشڪ منهنجو اهو لائق فائق بابو، سائين لائق سنڌي مون سميت منهنجي وڏي ادا محمد اسماعيل ٿيٻي، اسان جي ٻن ادين توڙي پوري گهر ۽ تر وارن لاءِ ڪنهن اداري کان گهٽ ڪين هو.
    19 ڊسمبر 1943ع تي حاجي محمد اسماعيل ٿيٻي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سنڌ ڌرتيءَ جو خدمتگار، استاد، صحافي، اديب، سنڌي ٻوليءَ جو پارکو ۽ ڪيترين ئي خوبين سان مالا مال سائين لائق سنڌي سچ پچ ته پنهنجي نالي جيئان لائق انسان هو، جنهن تمام گهڻي سادگيءَ سان پنهنجي زندگي گذاري.
    16 جنوري 2014ع نه صرف اسان گهر وارن لاءِ پر پوري سنڌي صحافت جي دنيا لاءِ اهو اڀاڳو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن اسان جي مٿي تان اُهو آٿت ۽ ٻاجهه ڀريو هٿ کڄي ويو ،۽ منهنجي من جو سائين ڀلارو بابا اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو، هر اک آلي هُئي ۽ هر دل ۾ تڏو وڇايل هو.
    مرڪڻو، مهڪڻو، ڳنڀير مزاج،مرڪ سان مڻين کي موڇَ ڪندڙ هيءُ شخص پنهنجي دور جي سادگي جو اعلى مثال ئي ته هو. بڙ جي ڇانوَ ۾ ٻاروتڻ جا ٻاتا ٻول ڪيئن ٻوليندي هن سخن ور جي جهول ۾ گذاري زندگي جي جواني جا پيرا پيشاني تي کڻي هيءُ جو هيترو سفر گهلي اڄ هتي پهتا آهيون،! تنهن جي ته خبر ئي نه پئي پر هينئر جڏهن فطري حقيقت ان سايي کي مٽي جي ڀاڪر ۾ ڏيئي مٽي ڪري ڇڏيو آهي ته ان ڳالهه جي سُڌِ ڀلي ڀت پيئي آهي ته زندگي ڪيئن نه هن شخص جي سادگي جو طواف ڪيو ٿي ۽ هن ان ئي زندگي جي لهس کي اتر جي اوت جي تاثير ۾ ڪيئن نه بدلائي اسان تائين انهن ڪوسن جهولن نٿي اچڻ ڏنو. هي۽ ته ڪلا جو اوتار ٿي زندگي کي سادگي جون ڇيرون پارائي رقص سيکاريندڙ ڪلا ڌڻي هو، جنهن وٽان ڪيترن پياسن زندگي کي جيئنڻ سکيو. اوک ڏيئي ڌرتي پاران دان ڏنل ماڻهن جي حياتي اسونهن لاءِ واٽ ٿيندي آهي.
    لمحن جون سرگذشتون، پنهنجون ڪُرنَشُون ڪري اندر ۾ ڪَرَ موڙين ٿيون!۽ هُو ياد اچي ٿو!
    جھڙو اتر جي اوت جي پالوٽ هميشه ڌرتي ۾ مدفن ٿي ويئي هجي!. پر ائين ٿو لڳي ان جلترنگ جو پرتوو ميرانجِهڙي، ڊڀائَين مٽي ٻڪ مان نڪري آڪاس جو قد ماپيندي هجي
    ساڻس گڏ گذاريل منهنجي زندگيءَ جا 31 سال، جنهن سان ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون کوڙ ساريون املهه يادون سلهاڙيل آهن، جيڪي وسرڻ جهڙيون ناهن ۽ اهي ئي يادون منهنجي لاءِ زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن. هُن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪو ڌن يا ڪا دولت ته نه، پر انسانيت جا سمورا گڻ هئا، سندن اٿڻي ويهڻي، زندگي گذارڻ جا طور طريقا هڪ قسم جو سبق پڻ هئا. مون انسانيت جي بنيادي الف – ب پنهنجي گهر ۾، پنهنجي بابي وٽان ئي سکي ورتي هئي، جيڪا منهنجي لاءِ فخر جھڙي ڳالهه آهي.
    بابا سائين پيشي جي لحاظ کان پهريان پرائمري استاد هئا، پوءِ ڊيپوٽيشن تي سائين حيدر علي لغاريءَ، حنان ميمڻ، فيض محمد نظاماڻي، پير بحش مررڙاڻي، ساجن مڱڻهار سان گڏ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊي ڄام ۾ مستقبل جي معمارن ۾ علم ۽ ڏاهپ جي شمع روشن ڪيائين، جنهن بعد ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ به رهيا ۽ اتان نڪرندڙ رسالي ’اخبار تعليم‘ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور فرائض سرانجام ڏنائون. بابا سائين جن 1986ع ۾ سرڪاري ملازمت تان وقت کان اڳ رٽائرمينٽ ورتي ۽ پوءَ حيدرآباد مان نڪرندڙ روزاني اخبار ’آفتاب‘ جي نوجوانن واري صفحي ’سرجڻهار‘ جي سرواڻ طور صحافتي دنيا ۾ قدم رکندي، پنهنجو پاڻ کي هميشه لاءِ صحافت ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو. هن اخبار جو ايڊيٽر پڻ بابا سائين جن جو ڳوٺائي ۽ دل گھريو مهربان شيخ علي محمد هو، جنهن جي مفيد مشورن سان بابا سائين جي صحافتي ميدان ۾ رهنمائي پڻ ٿيندي رهي. بدقسمتيءَ سان ڪن سببن جي ڪري ’آفتاب‘ اخبار جي بند ٿيڻ بعد بابا سائين صحافت کي جاري رکيو ڇاڪاڻ جو صحافتي زندگي سان ڄڻ ته بابا سائين کي پريم ٿي ويو، ان حوالي سان سنڌ مان جاري ٿيندڙ مختلف سگهارين اخبارن ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’ڪوشش’، ’سنڌ‘ ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۾ بابا سائين صحافتي پيشي سان ڀلي ڀت نڀايو، نـ صرف ايترو پر صحافت ۾ نور جي نچوڙ سان گڏ پريت جو پورهيو پڻ شامل ڪيو، اهوئي سبب آهي جو بابا سائين جو نالو صحافتي حلقي ۾ جُڳن تائين زندھ رهندو.
    بابا سائين هميشه صحافت جهڙي مقدس پيشي سان پيار ۽ محبت ڪندي، سچائيءَ سان عوام جي خدمت ڪئي، پاڻ جنهن به اخبار سان وابسته رهيو ان اخبار جي ٻوليءَ جو خاص خيال رکندو هو. سنڌي ٻوليءَ تي حد کان وڌيڪ عبور حاصل هئس، هو جيئن منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ هو، اهڙي نموني سنڌ ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي نوجوان صحافين لاءِ درس توڙي دعائن جي در جي حيثيت رکندو هو. بابا سائين لاءِ ائين چوڻ غلط نه هوندو ته هُو بڙ جي وڻ جي مثال هو جيڪو پاڻ اُس کي به برداشت ڪري پر ٻين لاءِ ڇانو جو ذريعو بڻيو. باباسائين سادي ۽ درويش طبيعت جو مالڪ هو، جيڪڏهن ڪو به نوجوان صحافي وٽس ڪنهن رهنمائيءَ لاءِ ايندو هو ته پاڻ صدقِ دل ۽ جان سان سندس رهنمائي ڪندو هو ۽ ان نوجوان جي همت افزائي پڻ ڪندو هو. سندس هر دوست دشمن امير غريب لاءِ گهر جو ۽ دل جو دسترخوان هميشه کُليل رهندو هو. سندن قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به ڪو تر جيترو تفاوت ڪونه نظر آيو.
    بابا جو سڀ ڪنهن سان ميل جول ۽ گفتار ۾ اهڙو ته جادو سمايل هوندو هو، جو ڪو به بابا سان جيڪڏهن هڪ ڀيرو ملندو هو ته سندس ڪردار ۽ گفتار تي موهت ٿيندي، سندس دوست بڻجي ويندو هو ۽ انهيءَ ڪري بابا جا دوست ۽ چاهيندڙ تمام گهڻا آهن، ان ڳالهه جي خبر ته اسان کي اول ئي هئي، پر اسان عملي طور تي محسوس تڏهن ڪيوسين، جڏهن بابا جي جنازي نماز توڙي تڏي تي اسان جي ڏ ک جو ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ پرين پيارا اسان وٽ ايندا رهيا، جن مان ڪيترائي ماڻهو اهڙا به هئا، جن بابا سان پوري زندگيءَ ۾ صرف ڪي گهڙيون گذاريون هيون.
    بابا پنهنجي آخري ٽائيم ۾ جنهن اخبار ۾ پنهنجيون صحافتي خدمتون سرانجام ڏنيون، اها ڪوشش اخبار هئي، انهيءَ دؤران بابا سائين جي طبيعت خراب رهڻ لڳي، جنهنڪري اسين بابا کي ڳوٺ وٺي آياسين، جنهن تي بابا سائين ٿورو ناراض به ٿيو، پر پوءِ اسان جي گهڻي اسرار ڪرڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ چوڻ تي بابا سائين اسان جي انهيءَ عرض کي مان ڏنو ۽ صحافتي زندگيءَ کي خيرباد ڪري مستقل طور تي ڳوٺ اچي رهيو. پر بابا سائين جو صحافت سان ايترو ته عشق هو، جو صحافت ڇڏڻ بعد به هر هفتي يا پندرهين ڏينهن بعد پريس ڪلب حيدرآباد ڏانهن چڪر ضرور هڻندو هو ۽ سڀني صحافي دوستن سان روح رهاڻ ڪندو هو. اڄ جڏهن به پريس ڪلب واري رستي کان گذرڻ ٿيندو آهي يا ڪنهن به ڪم سانگي پريس ڪلب جي بلڊنگ جي اندر وڃڻ ٿيندو آهي، تڏهن بابا جي تمام گهڻي ياد ايندي آهي ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي. مون کي اڄ به پريس ڪلب مان بابا جي خوشبوءِ محسوس ٿيندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ بابا اتي موجود هجي. جڏهن پريس ڪلب جي ان ننڍڙي باغيچي ۾ پيل ڪرسين تي منهنجي نظر پوندي آهي، تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اڄ به اتي بابا پنهنجي صحافي دوستن سان ويٺو آهي ۽ منهنجي اچڻ جو انتظار ڪندو هجي.
    بابا سائين عمر جي آخري حصي تائين روزاني جي بنيادن تي سموريون سنڌي اخبارون خريد ڪري پڙهندو هو. سنڌ جا سمورا صحافي بابا سائين جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ بابا به کين تمام گھڻو قرب ڏيندو هو. بابا پنهنجي زندگيءَ ۾ سائين جي. ايم سيد، سائين صوفي نيڀراج، سائين حيدر علي لغاري، غلام محمد گرامي، مومن مليرائي،حاجي حقير ابن مڱڻ ،عبدالسبحان ميمڻ، شيخ علي محمد، عبدالواحد آريسر، ڪاڪي علڻ ٿيٻي سميت ٻين شخصيتن کان بيحد متاثر هو.
    اڄ بابا کي اسان کان جدا ٿيندي پنج سال گذري چڪا آهن، پر پوءِ به الائي ڇو دل مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته منهنجو دلبر بابا هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو آهي. اسان پوري گهر جا ڀاتي اڄ به اهو ئي سمجهون ٿا ته پاڻ اسان کان فقط جسماني طور تي جدا ٿيو آهي، پر روحاني طور تي هميشه اسان سان گڏ آهي ۽ سندن ٻاجهه ڀريو هٿ اسان جي مٿان هميشه رهندو. (آمين)
    ]روزاني `ڪوشش‘، ۾ ڇپيل [


    سائين لائق

    سائين لائق
    احمد خان شيخ

    ثابت لنگهيا سير، لهرن لوڙهيا ڪينڪي،
    وڃـي پـهـتـا پـار کـي، نرتئون منجهان نير،
    مـاءُ پـهـتا مـيـر، ٻار لنگھيائون ٻاجهه سين.

    (شاهه)

    سنڌڙي سونهاريءَ سدائين اَملهه ماڻڪ پيدا پئي ڪيا آهن، جن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان هن ڀلاري ڀونءِ جي ماڻهن جي دل ۽ جان، پيار ۽ محبت سان خدمت ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪري اهي پنهنجا نالا تاريخ جي سُنهري اکرن ۾ لکرائي ويا آهن. انهن سدا سٻاجهڙن ماڻهن ۾ ڳوٺ موري منگر جو لائق ڏنو (سائين لائق) پٽ حاجي محمد اسماعيل ٿيٻو به هڪ هو، جيڪو پوءِ هلي ’لائق سنڌي‘ يا ’سائين لائق‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ڪيترائي ماڻهو کيس ’محمد لائق‘ به سڏيندا هئا.
    جيئن ته سندس وڏا مخدوم سرور نوح جا مريد هئا، جن کي پنهنجي مرشد جي خدمت ڪندي فقيريءَ جي وٽَ ملي ۽ پوءِ هي ’درس فقير‘ سڏجڻ لڳا، انهيءَ فقيريءَ جو اثر سائين لائق تي به پيو ۽ هن پنهنجي سڄي ڄمار ماڻهن سان پيار، محبت، نياز ۽ نوڙت سان گذاري ۽ هن محبتي ماڻهوءَ سان ڪنهن به ماڻهوءَ جي هڪ دفعو ملاقات ٿيندي هئي ته هو هميشه لاءِ سائينءَ جو دوست بڻجي ويندو هو.
    سائين لائق، منهنجو دوست هئڻ سان گڏوگڏ استاد پڻ هو، تنهنڪري آئون ته کيس هر وقت سائين چئي مخاطب ٿيندو هوس، پر ٻيا دوست به سائين لائق کي سندس محبت ۽ بلند اخلاق سبب سائين لائق ئي چوندا هئا ۽ ڪنهن به تقريب يا دعوت ۾ سائين لائق ايندو هو ته هر ڪو کيس اٿي نهايت ادب ۽ عزت سان سلام ڪندو هو ۽ پنهنجي جڳهه ڇڏي کيس ويهڻ لاءِ عرض ڪندو هو.
    جيئن ته سائين لائق بنيادي طور پرائمري استاد هو، جنهنڪري بزرگ استادن، خاص طور تي سائين حيدر علي خان لغاري ۽ سائين صوفي نيڀراج سوٽهڙ جي صحبت ۾ اهڙو ته رڱجي ويو، جو سنڌ جا ڏاها ۽ دانشور به کانئس سنڌي ٻوليءَ جي ڏکين لفظن جي معنى ۽ شاهه جي ڪلام جي ڪنهن به سٽ جي نه ايندڙ معنى ۽ سمجهاڻي پُڇندا هئا.
    سائين لائق سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ شاهه صاحب جي ڪلام جو ته پارکو هو. مگر خاموش طبيعت ۽ سادگيءَ سبب سائينءَ کي اها پذيرائي نه ملي، جنهن جو سائين حقدار هو، اهڙي پذيرائي سائين جي شاگردن کي ضرور ملي. سائين لائق وٽ علم ۽ ادب جو جيڪو ذخيرو هو، جيڪڏهن هو چاهي ها ته ڪيترائي ڪتاب لکي ڇڏي ها، مگر سائينءَ اهو نه ڪيو. هن کي جيڪو علم هو، اهو هن نوجوانن ۽ پنهنجي شاگردن ۾ ورهائي ڇڏيو، جيڪي اڄ وڏا اديب، دانشور ۽ تعليمي ماهر سڏجن ٿا. مون جھڙي ڏڏ ماڻهوءَ کي به هن سڄاڻ ماڻهن جي صف ۾ آڻي بيهاريو.
    جيئن ته 1971ع کان آئون سائينءَ جي صحبت ۾ رهيس، جڏهن ته عمر جي لحاظ کان سائين مون کان وڏو هو ۽ هن جا ان وقت ٻيا همعمر دوست به هئا، جن ۾ سائين پير بخش مرڙاڻي، سائين فيض محمد نظاماڻي ۽ ٻيا شامل آهن. انهن دوستن سان به سائينءَ جا گھرا تعلقات رهيا، مگر مون کي تمام ويجهو رهيو. ڪا راز نياز جي ڳالهه هوندي هئي ته سڀ کان پهريائين مون سان اوريندو هو. ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ به اڪثر گڏ ئي ويندا هئاسين. 23 مارچ 1974ع تي جناب شيخ علي محمد صاحب جڏهن آفتاب اخبار کوکر محلي حيدرآباد مان ڪڍي ته آئون ۽ سائين لائق رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ لڳاسين. ڇاڪاڻ ته سائين لائق ڏينهن جو ماستري ڪندو هو. اتان جڏهن ڊيوٽي ڪري ايندو هو ته پوءِ گڏجي آفتاب اخبار جي دفتر ويندا هئاسين. جيئن ته سائين منهنجو سنڌي پرائمريءَ ۾ ڪجهه وقت استاد به رهيو هو، انڪري ان هتي به منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، جنهنڪري ٿوري وقت کانپوءِ مون کي ’آفتاب‘ اخبار جي ٻاراڻي صفحي جو انچارج بڻايو ويو.
    بهرحال آفتاب اخبار هجي، پريس ڪلب هجي يا سکر سانگهڙ جو دؤرو هجي، هميشه سائين ۽ آئون گڏ رهياسين، جنهنڪري اسان کي ماڻهو ٻه دوست نه پر ٻه ڀائر سمجهندا هئا ۽ اڪثر ائين چوندا هئا ته ’جوڙي سلامت هجي.‘ جيئن ته سائين لائق نه رڳو هڪ سٺو استاد، صحافي ۽ اديب هو، پر هو هڪ سٺو شاعر به هو. هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت موري منگر شاخ جو سيڪريٽري هو ته هو اتي پنهنجي شاعري به ٻڌائيندو هو. سائين لائق بنيادي طور تي قومپرست هو، جنهنڪري هن 1986ع ۾ وقت کان اڳ ماستريءَ تان اهو چئي استعيفى ڏني ته: ”هڪ سنڌي نوجوان لاءِ جاءِ خالي ڪيان ٿو.“ سائين لائق جيئن ته سگريٽ ۽ چانهه پيئڻ جو وڏو شوقين هو، سائين لائق ۾ ايتريون ته صلاحيتون هيون، جو ماستريءَ واري دؤر ۾ اڪثر ڪري کيس ڏاها استاد پنهنجي سيڪنڊري اسڪولن ۾ وٺي ويندا هئا. حيدرآباد ۾ ماسترن واري ٽريننگ ڪاليج ۾ به سائين حيدر علي لغاريءَ وٽ نوڪري ڪيائين ۽ اتي هو استادن لاءِ نڪرندڙ ’اخبار تعليم‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به رهيو. جناب شيخ علي محمد جڏهن ’سينيٽر‘ چونڊيو ويو ته ان وقت به سائين لائق سماجي ڪمن بابت تمام سٺا مشورا ڏنا. سائين لائق جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت ايتري هئي، جو وٽس ٻه پئسا هوندا هئا ته سنڌي ڪتاب يا رسالن خريد ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو، هونئن به هو اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هو، جنهنڪري روزانو ٿيلهو اخبارن جو وٺندو هو. حيدرآباد ۾ هوندا هئاسين ته چانهه پيئڻ کان اڳ اخبارن جي اسٽال تي وڃي سڀ اخبارون وٺي ايندو هو. سائين لائق فڪري حوالي سان سائين جي. ايم سيد جو پوئلڳ هو، جنهنڪري هن سائين جي. ايم سيد جي جلسن يا گڏجاڻين ۾ هميشه شرڪت ڪئي. هو هونئن ته هر انسان سان محبت ڪندڙ هو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شيخ علي محمد ۽ ڪاڪي علڻ خان ٿيٻي سان کيس تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت هوندي هئي. سائين لائق جا صحافي برادريءَ ۾ لالا رحمان سمون، رشيد راڄڙ، اقبال ملاح، علي حسن، محمد حسين، نياز پنهور، جئي پرڪاش، جعفر ميمڻ، خالد کوکر، سهيل سانگي ۽ مدد علي سنڌي دوست هئا، جن سان سائين جون سدائين ڪچهريون ۽ بحث مباحثا رهيا. ڪڏهن به ڪنهن سان ناراض نه ٿيا، هميشه باغ بهار رهيا.
    سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي. سائينءَ تي به پنهنجن استادن جو اثر پيو ۽ هن جو به صوفي ازم ڏانهن لاڙو هو، جنهنڪري هو اڪثر اوليائين ۽ صوفي بزرگن جي مزارن تي ويندو هو ۽ انهن بزرگن ۽ درويشن جو ڪلام دلجوئيءَ سان نه صرف ٻڌندو هو، پر هن ان پيغام تي عمل به ڪيو. منجهس ننڍ وڏائي توڙي رنگ ۽ نسل جو ڪوبه فرق نه هوندو هو. سائين لائق هڪ مڃيل استاد هو، جنهنڪري معاشري ۾ اڄ به کيس تمام وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سائين لائق جا ڪيترا شاگرد اڄ به وڏن سرڪاري عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾: عبدالسبحان ميمڻ، ڊاڪٽر بيکارام ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. سائين لائق سخي انسان به هو. هن وٽ ٻه پئسا هوندا هئا ته ضرورتمندن تي خرچ ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو. پوءِ کڻي کيس گهر کان آفيس تائين پنڌ ئي ڇونه وڃڻو پوي. منهنجو ۽ سائين لائق جو سڄي زندگيءَ ڪو حساب نه رهيو، پوءِ خبر ناهي ته ڪير قرضي هو، پر هاڻي آئون سندس قرضي آهيان ۽ سندس اهو ڏنل قرض سندس ياد تازي ڪندي لاهيندو رهندس. آئون سائين لائق جي ٿورن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان. پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اميدوار طور بيهان يا ڳوٺ جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ بيهان، سائين لائق جي ننڊ ڦٽي ويندي هئي، جيسين آئون اليڪشن ۾ کٽي نه اچان ۽ سائين هار نه پارائي. جڏهن ڪا واندڪائي ملندي هئي ته سائين لائق چوندو هو ته احمد خان! هل ته ٽنڊي قيصر سائين روشن شاهه ۽ سائين فيض نظاماڻيءَ سان ڪچهري ڪري اچون. پوءِ اتي سائين عبدالحسين نظاماڻيءَ سان به ملي وٺندا هئاسين. ڪو شهر يا ٻاهر جو ماڻهو حيدرآباد گول بلڊنگ وٽ اچي ۽ شيخ علي محمد صاحب ۽ اسان ٻن سان نه ملي ته هو ڄڻ حيدرآباد آيو ئي ڪونه هو. سائين لائق ڳوٺ ۾ سائين نيڀراج کانپوءِ ناني بقادار ٿيٻي، ڊاڪٽر عبدالعزيز عمراڻي، فقير محمد علي اوٺي، محمد امين ٿيٻي سان به ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو. سائين لائق شام جي وقت ڳوٺ ۾ والي بال راند به کيڏندو هو.
    سائين لائق ۽ آئون ڪيترا ڀيرا شهيد ڀٽي جي مزار تي حاضري ڏيڻ وياسين. جيئن ته زندگيءَ ۾ ڪيئي سرديون ۽ گرميون اچن ٿيون. اسان جي ڳوٺ موري منگر ۾ به جڏهن اليڪشن جا ڏينهن ايندا هئا ته پوءِ اسين شيخ علي محمد سان گڏ هئڻ سبب مختلف تڪليفن ۾ به آياسين، پر شيخ صاحب جو ساٿ نه ڇڏيوسين. سائين لائق تمام شريف، خدا ترس ۽ ايماندار انسان هو. ڪڏهن به ڪنهن سان ڏاڍو يا تکو نه ڳالهايائين، جنهنڪري هر ماڻهو سندس وڏي عزت ڪندو هو.
    سائين لائق جتي وڏن سان محبت ڪندو هو، اتي ٻارن سان به کيس تمام گھڻي محبت هئي ۽ اسان جي اوطاق تي اسماعيل ۽ جانيءَ جا ٻار ايندا هئا ته هو نه صرف انهن کي خرچي ڏيندو هو، بلڪه مون کي چوندو هو ته انهن کي دڙڪا نه ڏيو ۽ پاڻ ڪرسيءَ تان اٿي انهن کي کڻندو هو ۽ پرچائيندو هو.
    بهرحال سائين لائق الله لوڪ ماڻهو هو. اسان کان جلد سندس جدا ٿي وڃڻ سبب خاص ڪري منهنجو وڏو نقصان ٿيو آهي. مون کي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو واقعو اسماعيل جي اغوا ٿيڻ جو پيش آيو، ان ۾ به سائين لائق مون سان هر گھڙي گڏ رهيو، ايتريقدر جو پنهنجي پريس جي نوڪريءَ تان هٿ کڻي مون سان گڏ سُور سليندو هو.
    ان کانپوءِ هڪ ٻيو واقعو مون کي پيش آيو، جنهن ۾ نوجوان اشتياق کي شهيد ڪيو ويو، ان ڏُکي گهڙيءَ ۾ به سائين لائق مون کي اڪيلو نه ڇڏيو. آئون سمجھان ٿو ته سندس جدا ٿي وڃڻ سان جتي سندس فرزندن جو وڏو نقصان ٿيو آهي، اتي منهنجون به ٻئي ٻانهون ڄڻ ڀڄي پيون آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي هاڻي هڪ اڻپورو انسان سمجھان ٿو، جيسين جيئرو هوندس. سندس يادون ستائينديون رهنديون. الله پاڪ کيس پنهنجن پيارن جو پاڙو نصيب ڪري ۽ مون کي ۽ سندس محبت ڪندڙن کي صبر جي توفيق سان گڏ سندس ٻاريل شمع کي قائم ۽ دائم رکڻ جي همت ۽ طاقت ڏي. آمين.


    جيءَ ۾ جادو جاڳائڻ وارو شخص!

    جيءَ ۾ جادو جاڳائڻ وارو شخص!
    حسن مجتبيٰ

    هُو شهر ۾ سڀني کان پهرين پهچڻ وارو شخص هوندو هو، اخبار وارن کان به پهرين، باک سمي کير کڻي ايندڙ گهوڙي گاڏين کان به پهريان.... هو صبح جي پهرين جهونڪي جيان هو، ائين لڳندو هو ته هو رات جي پڄاڻي ڪري صبح جو سوجهرو ڪرڻ وارو شخص هو.
    لائق ٿيٻو يا لائق سنڌي، سنڌي اخباري دنيا ۾ سائين لائق جي نالي سان سڏجڻ وارو هيءَ عجيب انسان سنڌي صحافت جو هلندڙ ڦرندڙ اسڪول، ۽ سنڌي زبان ۽ تاريخ جو جيئرو جاڳندو انسائيڪلوپيڊيا هو. هو واقعي به هڪ قصه گو شخص هو، ڪهاڻي در ڪهاڻي ۽ ڳجهيون ڪهاڻيون ڄاڻڻ وارو شخص.
    منهنجي صحافت جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ مون کي منهنجي دوست سُهيل سانگي نصحيت ڪئي هُئي، جڏهن توکي شهر ۾ ڪٿي به خبر نه ملي ته تون سائين لائق وٽ هليو وڃجان جڏهن به ڪٿي به خبر نه ملي ته سائين لائق وٽ تنهنجي لاءِ ايڪسڪلوسيو خبر هوندي، هڪ اسڪوپ هوندو هو ۽ اڪثر ڪري ائين ئي ٿيندو هو، ائين به ناهي ته سائين لائق منهنجي خبرن جو ذريعو هوندو هو.
    خبرون ته بس بهانو هونديون هيون شروع شروع ۾ سائين لائق سان گڏ ويهڻ سان ياري باشي خاطر.
    هُو سنڌ جو عاشق هو، بلا جي جمالياتي حسن جو ڌڻي.
    اها به عجيب ڳالهه هُئي ته اڪثر عاشق ماڻهو حُسن جا متوالا هوندا آهن، پر ڪيترائي حسين ماڻهو سائين لائق جا چاهڻ وارا ۽ متولا هوندا هُئا، هُو بقول ڪلاسيڪي سنڌي ڳائڻ جي جيءُ ۾ جادو جڳائڻ“ وارو ماڻهو هو، مان اهڙن حسينن کي سنڌ جا ”قومي سهڻا“ سڏيندو هوس، جن جا نسل وري سائين لائق جي چاهڻ وارن ۾ شمار ٿيندا هُئا.
    مٿي تي سنڌي ٽوپي، هٿ ۾ پلاسٽڪ شاپر، جنهن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي اخبارون ۽ رسالن جا ٿها پيل هوندا هُئا ۽ گولڊ ليف سگريٽ ”ڏيئي مان ڏيئي“ ٻارڻ جيان ڏکائيندو هو، جيئن پروين بوبي دکائيندي هُئي يا جيئن بقول سنڌي شاعري جي.
    سگريٽ سان ئي ڏينهن ٻري،
    سگريٽ سان ئي رات،
    تيلي دکائڻ جو مشغلو،
    جيئن ڪو ڏيئو ٻري،
    يا جيئن ڪوئي منهنجي اندر،
    آهستي آهستي ٻرندو رهيو آ.
    مان سائين لائق سان ڀوڳ ڪندي چوندو هوس ته گولڊ ليف جي پاڪيٽ تي ڇپيل مارڪ واري شخص جي جاءِ تي تنهنجي تصوير هُجڻ گهربي هُئي، مان هُن سان اهو به مذاق ڪندو هوس ته گولڊ ليف جي پاڪيٽ تي جيڪو سُنهري مس سان دستخط ٿيل هو، اهو ڌڻيءَ جو دستخط لڳندو هو، چين سموڪر سائين لائق گلي جي ڪينسر ۾ مري ويو، هُن جي گلي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڪهاڻيون، گيتن وانگر آبشارن جي صورت ۾ نڪرنديون هيون، ائين لڳندو هو ڄڻ سائين لائق جي رڳن ۾ خون نه پر قلم جي سياهي گردش ڪري رهي آهي، ڪهاڻي در ڪهاڻي، اندروني ڪهاڻين جون به ڪهاڻيون.
    ائين لڳندو هو، هُو اخبارن جي لاءِ خبرو گڏ نه ڪندو هو پر سنڌ جي تاريخ جي سينڌ ستارن سان ڀريندو هو. سائين لائق ٽنڊي بهاول ۽ شاهه بندر ۾ ماريا ويندڙ نوجوانن جي قتل عام جي خود تحقيق ڪئي هُئي، مان اُن سان گڏ ٻنهي واقعن جي شڪار ماڻهن جي وارثن سان ملڻ ويو هُئس، سائين لائق سنڌي اخبارن ۾ پروف ريڊر به هو ۽ سنڌي پرنٽ ميڊيا ۽ ٻوليءَ جي نوڪ پلڪ سنوارڻ جو ٻيڙو به هُن پنهنجي ڪُلهن تي کڻي ورتو هو، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ به غلط حرف يا چُڪ تي هُن جو ڪوبه سمجهوتو نه هوندو هو.
    ائين لڳندو هو ته هو اخبارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو مسيحا هُجي بي جان لفظ هُن جي سامهون ڳالهائڻ لڳندا هئا، روشن ٿي ويندا هُئا.
    هُو ٻڌائيندو هو ته ڪيئن نه بينظير ڀٽو جي پهرين دؤر اقتدار ۾ لفظ سنڌ جي انگريزي ۾ هِجي Sind هوندي هُئي، جيڪا هُن جي وزير اعظم کي خط لکڻ کان پوءِ سرڪاري طور درست هِجي ڪري Sindh لکجڻ لڳي هُو به لاهور جي بابا نظام وانگر سنڌي ۽ مُلڪي صحافت ۽ حالتن جو رڪارڊ ڪيپر هو، ڪيترن ئي انقلابين جي دائي.
    هُو ٽنڊو ڄام هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو ۽ پوءِ صحافت ۾ آيو، نوجوان نسل هُن جا چاهيندڙ هُئا، هُو ون يونٽ تحريڪ ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ جو حصو پڻ رهيو هو، هُن جو تعلق هڪ اهڙي ڳوٺ سان هو، جنهن مان هر وقت گلابن جي خوشبو ايندي هئي، اهيو هڪ الميو آهي ته هاڻي اهڙي ڳوٺ جي گلابن جي خوشبوءِ ۾ خون ناحق جي بدبو به شامل ٿي چُڪي آهي، اِهو الميو شايد سڄي سنڌ جو آهي، پوري ملڪ جو آهي.
    [نوٽ: هيءَ تحرير ’بي بي سي اردو سروس‘ لاءِ حسن مجتبيٰ لکي، جنهن تان ترجمو ڪري ’روزاني عبرت‘ ۾ ڇپي وئي.]
    ’روزاني عبرت، حيدرآباد‘ 15 فيبروري 2014ع


    سنديون کاهوڙين خبرون...

    سنديون کاهوڙين خبرون...
    سائين لائق سنڌي
    اسحاق مڱريو

    هو پهرين فقير هو، پر هو پڙهيو لکيو هجڻ ڪري فقيريءَ مان استاد ٿيو ۽ پوءِ وري جڏهن صحافت ۾ آيو ته به هو استاد ئي رهيو. هن ڪيترن ئي صحافين کي آڱر مان جھلي صحافت سيکاري، اهو ئي سبب هو جو هن کي سنڌ جي صحافين جو وڏو انگ ’سائين لائق‘ چئي سڏيندو هو. هن وقت کان اڳ ۾ نوڪريءَ تان استعيفى فقط ان ڪري ڏني، ته جيئن هن جي جاءِ تي ڪو بيروزگار نوجوان نوڪريءَ ۾ کڄي سگهي. هن جي مزاج ۾ جيڪا نياز مندي هئي، ممڪن آهي ته ان جو سبب هن جي گهراڻي کي مخدوم نوح سرور وٽان مليل گودڙيءَ واري اها امانت هجي، جنهن جي حوالي سان پيرائتي جيڪا ڳالهه موري منگر جا رهواسي ٻڌائين ٿا، تنهن ۾ هو چون ٿا ته سائين لائق تي پنهنجي ڏاڏي فقير لائق ڏني جو نالو رکيل هو. فقير لائق ڏنو مخدوم نوح سرور جو فقير هو. هو روزانو پنهنجي ڳوٺ موري منگر مان مخدوم نوح سرور لاءِ هالا تائين پنهنجي مينهن جو کير کڻي ويندو هو. روايت آهي ته هڪڙي دفعي مخدوم نوح سرور لائق ڏني فقير کي چيو ته توکي ڇا گھرجي؟ فقير چيو ته جنهن گودڙيءَ ’پراڻي رلي‘ تي توهين ويٺا آهيو، بس! اها ئي ڏيو. اها گودڙي سائين لائق سنڌيءَ جي گھر ۾ تبرڪ طور محفوظ ٿي رکيل آهي.
    صحافتي ڪم، ڪيترن ئي وزيررن ۽ ڪامورن سان دوستي ۽ تعلق جو سبب بڻبو آهي. انڪري سائين لائق جي پڻ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان واسطيداري هئي، پر سائين ڪڏهن به ڪو ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ وارن مان نه هو. هو هميشه فقيري انداز م رهندڙ هو، هو پنهنجي پگھار اخبارون وٺڻ ۽ سگريٽن تي خرچ ڪندو هو. هو روزاني سموريون اخبارون خريد ڪندو هو، پوءِ اهي ڪيترن ئي ڏينهن جون اخبارون پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجھي پيو هلندو هو. جڏهن ٿيلهي ڪٿان ٽٽي پوندي هئي ته هو ان مٿان ٻي چاڙهي ڇڏيندو هو. اهڙيءَ ريت سائين لائق جي هٿ ۾ کنيل اخبارن جو ٿهو ڪيترين ئي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ويڙهيل هوندو هو.
    سائين لائق جنهن به اخبار ۾ رهيو، ان اخبار جي سنڌيءَ جي درستگيءَ جو ڪم به ڄڻ سائين لائق جي ذمي هوندو هو. نوجوان سب ايڊيٽر ٻوليءَ جي معاملي کي گھٽ اهميت ڏيندا رهيا آهن، پر سائين پنهنجي ڪم کانسواءِ اهڙيون درستگيون به ڪندڙ هو. هڪ دفعي مونکي ڀان سعيد آباد لکڻ لاءِ چوندي، سمجھايائين ته ان شهر ۾ سيد ۽ ڀان رهندڙ آهن، ان ڪري متفق طور تي ان شهر جو نالو ڀان سيد آباد رکيو ويو.
    ساڳئي ريت وڌيڪ مثال ڏيندي چيو هئائين ته قنبر علي خان به ائين ئي آهي، هڪ پاسي قنبر آهي ۽ ٻي پاسي علي خان آهي، جنهن کي گڏائي قنبر علي خان سڏيو ويو. هو جيترو سنڌي ٻوليءَ جو ماهر هو، اوترا وري هن جا اکر به سٺا هوندا، هو سنڌ جي ڄڻ انسائيڪلوپيڊيا هوندو هو. ان ڪري شهرن، ذاتين، قبيلن، راڳين ۽ درگاهن بابت درست نالا ۽ ٻي معلومات ڏيندو رهندو هو. هو ماڻهن جي ايڙهين پيڙهين جي ڄاڻ رکندڙ هو، هو رڳو فقيري مزاج نه پر صوفي مزاج وارو به هوندو هو. سنڌ جي رواداري ڪو هن کان سکي.
    هن ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن واقفڪار جو ڪو مرڻو يا پرڻو نه ڇڏيو. پروفيسر حيدر علي لغاريءَ جو شاگرد ۽ دوست هوندو هو. ان ڪري هن ڪڏهن به پنهنجي علم جي معتبري ظاهر نه ڪئي ۽ انتهائي سادگيءَ سان رهندڙ هو. هو عاشق به وڏو هو، عشق عبادت سمجھي ڪندو هو، تنهنڪري انهيءَ عشق واري لغار لڳل هئڻ سبب هو ماڻهن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو.
    اسين هيرآباد ۾ ڪجهه دوست گڏجي هڪڙي گهر ۾ رهندا هئاسون، اسان جي گهر ۾ فقط هڪڙو ئي وهاڻو هوندو هو، پوءِ روزاني آيل مهمان مان جيڪو وڌيڪ معتبر لڳندو ته اهو تاريخي وهاڻو ان مهمان جي حوالي ٿيندو هو. هڪ دفعي سائين اسان جو مهمان ٿيو.
    عزيز جان بلوچ انهيءَ رات اهو عظيم وهاڻو سائين لائق جي حوالي ڪيو، سائينءَ چيو بابا! وهاڻو مون کي ڪونه ٿو کپي، باقي رڳو بتي وسايو پوءِ ڏسو ته ٻانهون ڪيئن نه وهاڻا ٿي وڃن ٿيون. عام سنڌي ماڻهوءَ وانگر سائينءَ کي به سنڌ جي چورن ۽ چورن جي مشهور وارداتن سان تمام وڏي دلچسپي هوندي هئي ۽ اهڙن چورن ۽ انهن جي وڏين ڪاررواين جا قصا اهڙي ته انداز ۾ سائين ٻڌائيندو هو، جو نوجوان صحافي وات ڦاڙي سائينءَ جون ڳالهيون ٻڌندا هئا.
    سائينءَ وٽ سنڌ جي سمورن سياستدانن جا ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائڻ لاءِ هوندا هئا. چانهه مٿان چانهه، سگريٽ مٿان سگريٽ ۽ سائينءَ جون ڳالهيون. سائين وٽ پيل ماچيس ۾ اڪثر ريجو پيل هوندو هو، جنهن زماني ۾ چار آنا ۽ اٺ آنا به اهم سڪا هوندا هئا، ته سائينءَ جي ماچيس واري دٻيءَ ۾ ان خزاني جي ڪابه کوٽ نه هوندي هئي. سائين جي رهائش جي حوالي سان به هڪ ڳالهه تمام خاص هوندي هئي، جو ان جي ائڊريس هر ڪنهن کي نه ڏيندو هو، سواءِ ان جي جيڪي سائينءَ جا پنهنجا هئا. هونءَ ته سائين سڀني کي پنهنجو سمجھندو هو، پر پرائيوسيءَ وارو حق هو پاڻ وٽ سدائين محفوظ رکندو هو. سائين کان آفيس ۾ مفت سگريٽ پيئڻ وارا سيکڙاٽ موالي به وڏو فائدو وٺندا هئا ۽ سائينءَ جي سگريٽ جي ونڊ ائين پئي هلندي هئي. اڄ جڏهن سائين اسان سڀني کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ٻي پار هليو ويو آهي، ته سچ به اسين سڀ هڪ اهڙي استاد کان محروم ٿي ويا آهيون، جنهن سان هر ملاقات هڪ تربيت هوندي هئي، سائينءَ جهڙا ماڻهو ڪڏهن به دلين تان نه ٿا ميسارجي سگھجن ۽ سائين به اسان جي روح ۾ سدائين رهندو.
    ’روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد‘ 19 جنوري 2014ع


    محبتن جو نانءُ سائين لائق سنڌي

    محبتن جو نانءُ سائين لائق سنڌي
    فدا فاروقي

    سائين لائق سنڌي حياتي جو نانءُ آهي، وڇوڙو سنڌ ۾ سينيئر صحافي ته کوڙ آهن، پر لائق سنڌي نه رڳو سينيئر صحافي هو، پر هو سنڌ جي ان مٽيءَ مان ٺهيل هو، جنهن جو وجود ۾ صرف سنڌ سمايل هئي، هو موهن جي دڙي جي اها تاريخ هو، جنهن ۾ ڌرتي جي سڃاڻپ، محبت ۽ ان سان گڏو گڏ هو سادگيءَ جو اهڙو حسين مجسمو هو، جنهن کي دنيا جي تاريخ ۾ ڳولڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي، اڄ پاڻ هن فاني دنيا ۾ ناهي رهيو، پر سندس يادگيريون ۽ ساروڻيون اسان کان ڪيڏانهن به ناهن ويون، سندس سنڌ پرست عاشقانه روح هميشه سڄي سنڌ جي وجود کي سنڌي ٻولي جي صحيح صورتخطي سمجهائڻ ۾ مصروف عمل هو، آئون سمجهان ٿو ته سائين لائق سنڌيءَ پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سڀ کان وڏو ڪم اهو ڪيو ته سنڌي ٻولي برقرار رکڻ ۽ سنڌي نوجوانن کي سنڌي ٿي رهڻ جو تدريسي عمل ڏيڻ جي ۽ هن پنهنجي سموري حياتي جيڪا نيازمندي ۽ مهمان نوازي ڪري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هن شخص جو وجود هڪڙي ماڻهوءِ جو نه پر سڄي سنڌ جي تاريخ سندس وجود جي آئيني ۾ نظر ايندي هئي، هن شفيق شخص رڳو پنهنجي اولاد تي ڌيان نه ڏني، پر هن هر سنڌي نوجوان کي پنهنجي اولاد مثل ڀانيو ۽ باقاعده جيڪڏهن حقيقت کي بيان ڪجي ته سائين لائق سنڌي باباءِ سنڌ هو، هو سنڌ جي نوجوانن جو روحاني پيءُ هو، هو هڪ پرائمري ٽيچر نه پر مادر علميءَ جي حوالي سان يونيورسٽيءَ جو درجو رکندڙ شخص هو. سندس ڇپر ڇانوَ هيٺ جيڪو رهيو، ان شخص سندس چند لمحن جي عيوض ايترو پرايو هوندو جو هو، پاڻ کي علم جي بلند اخلاق جي فضيلت جي دائري ۾ ضرور محسوس ڪرڻ لڳو هوندو،پر هن شخص جي صحبت سنڌ جي عوامي شاعرن استاد بخاري ۽ اسحاق راهي جهڙن شاعرن سان هئي ته وري صحافتي حلقي ۾ ڏسجي ته هو ”آفتاب“ جي باني شيخ علي محمد، شيخ اعجاز ۽ قاضي عابد جهڙن پڙهيل لکيل ماڻهن کي به سندس موجودگيءَ جو احساس وڻندو هو، هنن به کيس کي ڪڏهن به پاڻ کان پري نه رکيو، باقي هن جي واسطيداري جو ذڪر ڪبو ته پوءِ مون کي هڪ ڪتاب صرف سندس تعلقاتي محب ماڻهن جي نالي جي حوالي سان لکڻ لاءِ سرجڻو پوندو.
    سچ اهو آهي ته سائين لائق سنڌي منهنجو نه رڳو استاد هو، پر روحاني والد به هو، هو جڏهن لاڙ اچي مون کي چوندو هو ته ”مونکي لاڙ جي چانورن جي مانيءَ سان گڏ لسي گهرجي نه پکي ٿا کپن نه ڪڪڙ، نه وري ڪي شاهي طعام، بس آئون لسي سان چانورن جي ماني کائيندس“.
    هل! اهي ڏينهن سانوڻ جون تيز برساتون ڳوٺ ۾ بجلي نه هئڻ ڪري، راتيون گُهگهه اونداهي واريون، ڪچي اوطاق”بتي جو ٻرڻ ۽ لالٽين جي هيڊي پيلي روشني ۾ چاڪي چمڙن جي ڦڙ ڦڙ ۽ ڪچهري جا مزا، هڪ ڀيرو سائين مون وٽ ترسيل هو، ڪچي گنمب جي اوطاق ڪمزور هئي، اوچتو رات جو زبردست برسات وسي پئي، اوطاق جي ڪرڻ جو انديشو محسوس ٿيڻ لڳو، مونکي چيائين بابا فدا! مونکي خبر نه هئي ته لاڙ ۾ ايڏيون تيز برساتون ٿيون اچن ۽ آئون هليو آيس، لسي سان چانورن جي ماني کائڻ، هاڻي ماڳهئين ٿي ماني مهانگي پئي، مون چيو ته سائين! توهان به عجيب مذاق ڪري وٺندا آهيو، چيائين بابا هي اوطاق هاڻي هلي ويندي بس مون ۽ ابن ڪلهوڙو دير ئي نه ڪئي، کٽون بسترا فورن طور تي کڻي ڳوٺ ۾ موجود پرائمري اسڪول جي پڪي بلڊنگ ۾ وڃي رکياسين ۽ پوءِ ڪجهه شانتي محسوس ٿي ۽ واقعي انهي رات واري برسات ۾ اها اوطاق ڊهي پئي هئي، صبح جو ناشتي ڪرڻ مهل سائين چيو ته جيڪڏهن مڙسي نه ڪريون ها ته اڄ پاڻ شايد نه هجون ها!! هل زمانا اها ڳالهه اڄ ساڳئي ثابت ٿي ته سائين لائق اڄ اسان سمورن کان پري هليو ويو آهي.
    خدا جي قدرت ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل عشق ته ڏسو، جڏهن هڪ اخبار ۾ بيماري جي خبر پڙهيم ته چيم ته بس حيدرآباد وڃان ٿو، بس انهي ئي ڏينهن اهڙو بخار بيماري بڻجي آيو، جو ذري گهٽ مري بچو آهيان ۽ مسلسل ٻه مهينا بسترو نه ڇڏيم، ان عرصي ۾ سائين لائق سنڌي، وقت جي لمحن سان گڏجي نه ڄاڻ اهڙي منزل طرف ويو هليو، جو گهٽ ۾ گهٽ زندهه رهي سندس سنڌ جي مٽي جهڙي وجود جي خوشبوءِ کي چمي نٿو سگهجي ۽ اها حسرت ڏاڍي اڻ پوري ٿي رهجي وئي.


    سائين لائق ٿيٻو: لائق استاد، لائق دوست

    سائين لائق ٿيٻو: لائق استاد، لائق دوست
    مٺل جسڪاڻي

    سائين لائق ٿيٻو (لائق سنڌي) ٿوري دير اڳ سدائين لاءِ خاموشي اختيار ڪري وڃي ابدي ننڊ ستو، سندس آخري ديدار اڄ (خميس 16 جنوري 2014ع) شام 7 وڳي جنازي نماز بعد حيدرآباد لڳ موري منگر ۾ ممڪن آهي.
    سائين لائق کي آئون 1972-1973ع کان پهرين استاد جي حيثيت ۾، پوءِ دوست جي حيثيت ۾، تنهن کان پوءِ صحافي جي حيثيت ۾ سڃاڻا...
    سائين جو ملڻ، ڀاڪر پائڻ، چهنڊڙيون هڻڻ، اڄ به ياد اٿم، سائين وٽان ملندڙ پنهنجائپ ٻين ٿورن استادن مان ملي...
    سائين سدائين کل مک، مهربان، سونهين جي حيثيت ۾ رهيو، پر زماني جي ڪمن ڪارين سبب ملندي سال به گذرندا رهيا. سائين جيستائين اسڪول ۾ هو گهٽ ملڻ ٿيندو هو ۽ سندس رويو به صرف مهربان استاد وارو ئي هو، سائين جڏهن اسڪول مان بدلي ٿي ويو، ته سندس ملڻ جو انداز استاد سان گڏ شفيق مائٽ جو رويو به رهيو، پر اڳتي هلي اهو رشتو دوستي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو. سائين وٽ گهڻو ملڻ روزاني آفتاب حيدرآباد جي پريس ۾ ٿيندو هو، جتي هو سدائين پنهنجي ڪرت ۾ مشغول هوندو هو، شروع ۾ صرف ڪاتب طور ڏسندا هئاسين پوءِ پروف ريڊر طور به ڏٺم، هفتيوار ادبي صفحي ”سرجڻهار“ جو انچارج به سائين رهيو، تنهن دوران به سندس سلامي ڀربي هئي، شيخ علي محمد کانپوءِ ڳچ عرصو آفتاب اخبار هلي، پر نيٺ بند ٿي وئي، تنهن ڪري سائين سان منهنجو ملاقاتون، ساڻس رستي هلندي يا وري پريس ڪلب ۾ ٿيون، جڏهن ته آفتاب اخبار کانپوءِ روزاني سنڌ، عبرت، ڪاوش ۽ ڪوشش ۾ به سائين ڪم ڪيو.
    سائين لائق جهڙا مهربان، شفيق، ڄاڻ جا ڀنڊار، شاگردن تائين پنهنجي ڄاڻ، پنهنجو علم پهچائڻ وارا استاد تمام گهٽ رهيا آهن، سائين جي دوستي به عجيب ۽ غريب بنا لوڀ ۽ لالچ واري.. اسان دوست ته ڪڏهن ذاتي ڪم سان به وڃي نڪرندا هئاسين، پر مون کي ياد نه آهي ته سائين لائق ڪڏهن ذاتي ڪم سانگي آيو هجي؟ جڏهن ته مختلف سالن ۾ آئون اهڙن هنڌن تي پنهنجا فرائض انجام ڏئي چڪو آهيان، جتي صحافي پاڻ اچي نڪرندا هئا، ڪڏهن ڪنهن اشتهار لاءِ ڪڏهن خبرن لاءِ...
    سائين لائق جون گهڻيون ڳالهيون ذهن تي ائين پيون اچن، جو لکندو وڃان،.... سائين لائق صرف منهنجو سائين نه، تمام گهڻن جو سائين آهي، سائين کي گهڻا اهڙا به سائين چوندا آهن، جيڪي پاڻ به سائين آهن، سائين سڏبا آهن، سائين لائق وڏي حلقي واري شخصيت جو ڌڻي آهي، سندس واسطو، رابطو گهڻ ڀلائي تمام ننڍڙي صحافي کان نالي وارن صحافين، ڪالم نويسين، لکيڪن، دانشورن، اديبن، شاعرن، ساڃاهه وندن سان رهيو.
    سائين لائق جي لائق رويي سبب، جيئن هو پاڻ هر شخص کي مان ڏيندو هو، ان کان مان وٺندو به رهيو.
    سائين لائق جهڙن مٺڙن ماڻهن جي سدائين لاءِ خاموشي گهڻن جو اکيون آليون ڪندي آهي، اڄ صرف اکيون ئي آليون نه هونديون، پر ڪي اکيون ته نيسارا ڪري وهنديون. لائق استاد ۽ لائق دوست سائين لائق سنڌي، (لائق ٿيٻو) جي مغفرت ۽ پونئرن جي صبر لاءِ تمام گهڻيون، هيڪانديون دعائون.
    ’روزاني عبرت، حيدرآباد‘17 جنوري 2014ع.


    وڙائتو وينجهر: سائين لائق

    وڙائتو وينجهر: سائين لائق
    وفا رضا

    سنڌيءَ ٻوليءَ صحافت جو منفرد نانءُ سائين لائق سنڌي به راهه رباني ٿي ويو، سائين لائق سان منهنجي پهرين ملاقات تڏهن ٿي جڏهن هو آفتاب اخبار ۾ هوندو هو ۽ منهنجون اڻپوريون لکڻيون سنواري انهن کي اخبار ”سرجڻهار“ صفحي ۾ ڇپيندو هو، ائين هڪ ڏينهن آئون حيدرآباد اچي پهتس، گول بلڊنگ وٽ آفتاب اخبار جي آفيس ۾ سائين سان ملڻ لاءِ جيئن ئي نوڙيس ته سائين ٻانهن کان وٺي پاڻ ڏانهن ڇڪي ڀاڪر ۾ ڀرينديءَ چيو، سهڻا ڀلي ڪري آئين ۽ پوءِ ڳچ وقت تائين سائين سان ڪچهري ڪيم، منجهند جي ماني سائين کارائي، ائين ٿي پوءِ جڏهن حيدرآباد اچڻ ٿيندو هو ته سائين جي حاضري ضرور ڏبي هئي، سائين لائق جون محبتون ئي مون کي صحافت جي دنيا ۾ وٺي آيون، آئون جڏهن جاڳو اخبار ۾ نوڪري لاءِ ڪراچي پئي ويس ته پهريائين سائين لائق وٽان ٿيندو پوءِ ڪراچي ويس سائين ان ڏينهن مون کي اخباري آفيس جي جهان بابت گهڻيون ئي سمجهاڻيون ڏنيون.
    سائين لائق گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، سائين سان گڏ مون روزاني سنڌ ۽ روزاني عبرت ۾گڏجي ڪم ڪيو، اهي ڏينهن ۽ راتيون ڪيڏيون نه پياريون هونديون هيون، سنڌ اخبار مان ڪاپي ڏيڻ کانپوءِ اڪثر اسان جي ڪچهري سائين لائق جي آشياني تي ٿيندي هئي، جتي لالا رحمان سمون، امداد سومرو، اسحاق مڱريو، صادق ابڙو، جئه پرڪاش مورائي ۽ ٻي سنگت رات جي پوئين پهر تائين روح رهاڻ ڪندي هئي ۽ ان رهاڻ ۾ وڌيڪ رنگ تڏهين ڀرجي ويندو هو جڏهن پيارو ارشاد گلاباڻي به ڪراچي مان ڪهي ايندو هو، بس پوءِ واه واه ٿي ويندي هئي.
    پري کان پڌرو سائين لائق جنهن وٽ سدائين اخبارن جو ٿهو پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ هوندو هو، سائين لائق هجي ۽ سگريٽ کٽن، سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، سائين جي ڄاڻ سڃاڻ توڙي معلومات وڏي هوندي هئي، هو جڏهن به ڪچهري ۾ ويهندو هو ته الائجي ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪرندو هو، ان جي ياد گيرن بابت کوڙ سارا پنا لکجي سگهجن ٿا، صحافين، سياستدانن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، استادن، توڙي ٻوليءَ بابت وڏي معلومات رکندو هو، هو وڏو پارکو ماڻهو هو. سندس اکر به موتي جي داڻن جيان هوندا هئا، سائين لائق آفيس ۾ هوندي ڪڏهن ڪڏهن گهر فون تي ڳالهائيندو هو ته سلپ تي نمبر لکي چوندو هو هي نمبر آهي آپريٽر کان وٺو ته جئين گهر ڳالهائيان ۽ پوءِ سائين پنهنجي هٿ اکرن سان لکيل نمبر وارو پني جو ٽڪرو کيسي يا وري ماچيس ۾ رکندو هو، پڇا ڪرڻ تي چوندو هو بابا پنهنجي شين کي سنڀالي رکڻ گهرجي، پوءِ اها اخبار هجي، ڪتاب هجي يا وري پنهنجي ئي هٿ سان لکيل ڪو اکر يا انگ.
    هو واقعي سنڀال لهڻ وارو سائين هو، هو جڏهن سنگت سان ڪجهه ڏينهن نه ملندو هو ته دوست کيس ساريندا ۽ پڇائون پيا ڪندا هئا، نيٺ کيس ڳولهي وڃي پريس ڪلب ۾ هٿ ڪبو هو، جتي هو کنگهندي کيڪار ڪندو هو، سنڌ اخبار جي نوڪري وقت جئه پرڪاش ۽ آئون جي او آر ڪالوني ۾ رهندا هئاسين، آفتاب قاضي ۽ وزير اوڏ به اتي ئي رهندا هئا، جتي پڻ اسان جي اڱڻ تي سائين لائق ايندو هو، رات جو دير تائين ڪچهري ڪري وري صبح جو سوير جاڳڻ وارو سائين لائق اشارن اشارن ۾ چوندو هو چانهه جو ڪو بندوبست آهي؟ ۽ پوءِ آئون جهٽ ڪري رڌڻي ۾ وڃي چانهه جا ٻه ڪوپ ٺاهي هڪ سائين کي ڏيندو هئس ۽ موٽ ۾ سائين وري مون کي سگريٽ آڇيندو هو.
    سائين لائق ڪم جي حوالي سان ڪوتاهي برداشت نه ڪندو هو ۽ اسان پارن سيکڙاٽ ماڻهن کي سدائين سمجهاڻيون ڏيندو هو، قصو ياد ٿو پئي ته هڪ ڏينهن جيئن ئي سنڌ اخبار ۾ ڊيوٽي تي پهتاسين ته خبر پئي ته لالا رحمان سمون استعيفيٰ ڏيئي ويو آهي، جنهن سڄڻ جي معرفت اخبار ۾ آياسين تنهنجي هليو وڃڻ جو ٻڌي مون به کڻي سلپ کنئي ۽ استعيفيٰ لکڻ لڳس ته اوچتو کنگهڪار ٿي، پٺتي نهاريم ته سائين لائق بيٺل هو، منهنجي اها لکيل اڻپوري استعيفيٰ کڻندي چيائين سهڻا ايڏي تڪڙي چڱي ناهي ۽ پوءِ هو مونکي نيوز روم مان سرڪيوليشن واري ڪمري ۾ وٺي ويو، جتي هن سمجهائيندي چيو ته بابا پاڻ هجون يا نه هجون پر ادارا هئڻ گهرجن، لالا صاحب جي وڃڻ جو مون کي به ارمان آهي، پر پاڻ کي اخبار به ته ڪڍڻي آهي ۽ پوءِ هن منهنجا اهي لکيل ڪجهه اکر منهنجي کيسي ۾ وجهندي چيو في الحال هي رک اڳتي ڏٺو ويندو.
    سائين لائق راڳ جو به وڏو پارکو ماڻهو هو، هڪ ڀيري ضلعي ڪائونسل وٽ پياري دوست محمد علي کوسي جي ڀائرن جي فليٽ تي ڪچهري ٿي جنهن ۾ سائين لائق، لالا رحمان، جئه پرڪاش، محمد علي کوسو، آئون ۽ فقير الياس ٻرڙو گڏ هئاسين، جتي الياس فقير جيڪو صوفي راڳي هو، تنهن جڏهن شاهه لطيف، سچل سائين، حمل فقير، پير اعجاز ۽ سائين احمد شاهه لڪياري جا ڪلام ڳايا ته سائين لائق چيو ابا الياس فقير کي ته ريڊيي تي اچڻ کپي ۽ پوءِ هن الياس فقير کي چيو ٻيهر جڏهن به حيدرآباد اچو ته مون کي ٻڌائجو ته گڏجي ريڊيي تي هلي سنگت کي چئبو ته توهان کان به آئٽم ڳارائين، جنهن تي الياس فقير چيو ته سائين اهي ته اوهان جا وڏا وڙ ٿيندا.
    سائين لائق کي جڏهن به وجهه ملندو هو ته هو ٽنڊي آدم به ڪهي ايندو هو، جتي محمد علي کوسي جي اوطاق تي مانڊاڻ مچندي هئي ۽ هو الياس فقير کان راڳ ٻڌندو هو.
    ذڪر راڳ جو نڪتو آهي ته مون کي اها رات به ياد آهي ته جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سالگره جي موقعي تي هڪ فنڪشن ٿيو هو، اسان عبرت اخبار جي ڪاپي ڏيئي جيئن ئي ريڊيي تي پهتاسين ته سائين لائق اتي اڳ ۾ ئي موجود هو، جنهن ملڻ سان گولڊ ليف جو سگريٽ ڏيندي چيو اڄ عابده پروين تو واري دوست جو ڪلام ٻڌائيندي، مون چيو سائين ڪهڙو ڪلام ۽ ڪهڙو دوست؟ جنهن تي سائين مسڪرائيندي چيو ته ايتري تڪڙ چڱي ناهي بس ڪجهه گهڙيون انتظار ڪر، ائين عابده پروين جڏهن اسٽيج تي آئي ته ان جي شانائتي آجيان ڪئي وئي، عابده پهريون ڪلام مس پورو ڪيو ته پنڊال مان هڪ گيت جي فرمائش ٿيڻ لڳي، جنهن کانپوءِ عابده پروين ”هِن جنم هُن جنم جو وچن ٿو ڪيان“ ڳائڻ شروع ڪيو ته سڄو پنڊال جهومڻ لڳو ۽ انهن گهڙين ۾ ارشاد گلاباڻي جي جهومر به ڏسڻ وٽان هئي، ڪلام جي پڄاڻي تي سائين کي چيم اسحاق ڪهڙو؟ مڱريو يا سميجو، جنهن تي سائين چيو اها شاعري اسحاق تنيي جي اٿئي،
    اڄ اهو مٺڙو سائين لائق سنڌي اسان وٽ موجود ناهي رهيو پر سندس محبتون ڪچهريون ۽ سمجهاڻيون سدائين ياد رهنديون. سائين کي ساريندي جڏهن هي ڪجهه اکر لکڻ ويٺس ته منهنجي نظر سائين پاران سندس هٿ اکر ۾ لکي ڏنل هنن ٻن سٽن تي پئي.
    چڱا ڪن چڱايون، مَدايون مَٺن،
    جو وَڙَ جَڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪَن!

    ’روزاني عبرت، حيدرآباد‘ 19 جنوري 2014ع


    لائق سنڌي: چنڊ لهي ويو

    لائق سنڌي: چنڊ لهي ويو
    مير اعظم ٽالپر

    هن هفتي مون پنهنجي مضمون جو عنوان ”پرين جي پچار“ رکيو هو، پر طبيعت خراب (گردي ۾ تڪليف) سبب لکڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ ان وچ ۾ سنڌي ٻولي جو ماهر علم ادب ۽ تعليم وارو سائين لائق سنڌي اسان سڀني کي ڇڏي ملڪ عدم هليو ويو جتان ڪو به واپس نه موٽيو آهي، مون هن سنڌي زبان جي پارکوءَ کي ان وقت ڏٺو هو، جڏهن هو ٽنڊو ڄام جي اسڪول ۾ استاد بڻجي آيو. منهنجو اخبار سان واسطو پراڻو هو ۽ آئون ڪرڪيٽ ليکڪ طور سڃاڻپ رکندو هئس. هن مون کي هڪ ڏينهن آفتاب اخبار وٺي هلي، سائين شيخ علي محمد کي چئي آفتاب اخبار لاءِ هفتيوار اسپورٽس جو صفحو ”راندين جي دنيا“ ڪڍرايو ۽ ائين آئون آفتاب اخبار ۾ اسپورٽس انچارج بڻجي ويس، جتي اڳ واري سنگت امتياز علي اوستو، مشتاق مسرور باريجو، زاهد سمون سائين احمد خان شيخ ۽ محترم محمد بخش جور موجود هئا.
    آئون جنهن به وقت پريس ۾ ويندو هوس ته سائين پنهنجي مخصوص ۽ مسڪراهٽ واري انداز سان سگريٽ مٺ تي رکي چوندو هو ته اچي ويو”مير ڪرڪيٽ“ پر آفتاب اخبار بند ٿيڻ بعد هو مختلف ادارن ۾ رهيو، هو عبرت ۾ هو ته کل ڀوڳ ۾ چوندو هو ته اخبار ۾ ٻهاري سهاري پيو ڏيان، ڌڻي در دعا آهي ته سائين لائق کي الله جنت ۾ جاءِ عطا ڪندو، سائين جي جنازي نماز (آخري سفر) ۾ عبرت جي وڏي سٿ ۽ سائين جئه پرڪاش، امداد سومرو، حميد ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس دوست مٺل جسڪاڻي، ناز سهتو، سهيل سانگي، اسحاق مڱريو، تعلقه حيدرآباد ٻهراڙي جو پيپلز پارٽي جو صدر مير شير محمد خان ٽالپر ۽ راقم سميت هزارين آلين اکين سان سوڳوار شريڪ هئا.
    آفتاب اخبار کانپوءِ تازو عبرت ۾ ڪم ڪندڙ صحافي عبدالستار شيخ به دل جي دوري سبب گذاري ويو، جيڪو پڻ سائين لائق واري ساڳي قبرستان يوسف شاهه (موري منگر) ۾ مٽي ماءُ حوالي آهي هت هڪ دلچسپ ڳالهه ياد اچي ٿي ته عبدالستار شيخ آفتاب اخبار ۾ گلزار ڀائي جو اسسٽنٽ هو ۽ هي اخبار ۾ اڪائونٽ سنڀاليندو، سو هڪ دفعي اتفاق سان (شايد شهر ۾ ڪرفيو هو) مون کائنس ڏهه روپيه کليا گهريا، جيڪي هن وٽ نه هئا پوءِ ته جڏهن به ملندو هو ته ڏهن روپين جو ذڪر ٿيندو هو ۽ آخري ملاقات عبرت ۾ ڪجهه مهينا اڳ ٿي ته هن کي ڏنو، مون کيس چتائي ڏٺو ته سائين شايد سمجهي ويا هوندا؟ ان تي ڪافي ڳالهين ۾ هن اهو به اظهار ڪيو ته ڪاش شيخ صاحب کيس ڪو سرڪاري روزگار ڏياري ها، جيئن هن ٻين تي مهربانيون ڪيون هيون، هت اهو ڌيان ۾ رهي ته منهنجي سائني لائق سان آخري ملاقات سينيئر صحافي احمد خان شيخ جي پٽ جي تعزيت وقت ٿي هئي، ان کانسواءِ رسمي ۽ دنياوي طرح سان سڀ ڪو آيو ۽ ڪلهي ڪانڌي ٿي منهن ڏسي آخري ديدار ڪري هليو ويو.
    بقول هڪ عقلمند شخص جي ته ”جيڪا ڳالهه اڄ آهي سا سڀاڻي نه هوندي ۽ سڀاڻي واري ڳالهه ۾ پرينءَ اها تيزي نه هوند“ مطلب ته وقت جي وهڪري ۽ ماضي جي اونداهي ۾ سڀ ڪجهه ڌند ۾ غائب ٿي وڃي ٿو ۽ رهن ٿيون وڃي رڳو ان جون يادون جيڪي پوءِ آهستي آهستي هي يادگيريون ماضي جو حصو بنجي وڃن ٿيون، ليڪن جيستائين لائق سنڌي منهنجي زندگي ۾ ماضيءَ جو حصو بڻجي مون سڀ کان پهرين سندس هٿن تي ٿيل ڪتابت ۽ پينٽنگ واريون سڀ اهي اخبارون ڪڍيون جن ۾ هن منهنجن مضمونن کي ڪتابت ڪيو هو يا مضمونن کي پيسٽ ڪيو هو ۽ ان کان سواءِ منهنجا راندين جا اهي هفتيوار صفحا تلاش ڪيا، جيڪي لائق سنڌي جي فرمائش ته ”راندين جي دنيا“ نالي باقاعده هفتيوار اسپورٽس جي شڪل ۾ پهريون دفعو هڪ سنڌي اخبار ۾ شايع ٿيڻ لڳو هو.
    ان کان اڳ مضمون ضرور شايع ٿيندا هئا، هتي هڪ دلچسپ واقعو ياد آيو آهي، هڪ دفعي لائق صاحب جي غير موجودگيءَ ۾ مون پنهنجي ليکي خود پيسٽ ڪندي سندس رکيل سامان مان مضمون کي زبردست باڊر ڪڍي ٺاهي خوبصورت نموني پيسٽ ڪيو ۽ جڏهن سائين لائق اچي ڏٺو ته هڪدم مذاق ۾ چيائين ته مير صاحب هي باڊر هڪ پرائيوٽ ڪمپني جا آهن ۽ ان لاءِ مخصوص آهن، ڪنهن به ليک ۾ نه لڳندا. بهرحال سائين جي هٿ سان پيسٽ ڪيل پراڻيون اخبارون ڪڍي اکيون پوري هڪ لمحي لاءِ اهو خيال ڪيم ته سائين مڻين مٽي هيٺيان آهي، پر ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجي پاسي ۾ شيشي واري ٽيبل تي پيسٽنگ پيو ڪري ۽ آئون سندس ڀر ۾ بيٺو آهيان“.

    ’روزاني سڪار، حيدرآباد‘ 20 جنوري 2014ع


    جن پروڙيو پاڻ ۾...

    جن پروڙيو پاڻ ۾...
    ذوالفقار هاليپوٽو

    گذريل ڪجهه ڏينهن جون اخبارون ڪيترن ئي شخصيتن جي ورسين ۽ سالگراهن جون سرخيون کڻي نروار ٿيون آهن، سائين جي ايم سيد، فاضل راهو شهيد، استاد بخاري ۽ ڪيترائي ٻيا نالا ۽ ڪردار، ڪن سياست ۾ فقيري رنگ سان پنهنجو اثر ڄمايو ته ڪن شاعريءَ جهڙي پيغمبري ڪم سان روح گرمايا، ڪن عوامي انداز سان لوڪ کي موهي وڌو ته ڪن فڪري ۽ تخليقي ڍنگ سان سنڌ کي مالا مال ڪيو، محور سڀني جي پورهئي جو سنڌ رهندي آئي، رڳو گذريل ٻن ٽن ڏينهن جو اخبارون ڏسي خيال آيو ته ڪيئن نه سنڌو جي ٿڃ مان سرڪ هڻندا، مٽيءَ جو مانُ مٿانهون ڪندا ڪيترا نه با ڪمال ڪردار هن وطن ۽ قوم کي نصيب ٿيا آهن ۽ اڄ ايتري بحرانن ۽ طوفانن جي هوندي، تڪرارن ۽ دشمنن جي لوڌ هوندي به سنڌ شايد انهن ڪردارن جي پورهئي، ڪمٽمينٽ ۽ عشق جي ڪري بچي پئي آهي، هو ايندا وڃن ۽ پنهنجو نور نچوئي هلندا وڃن دنيا فاني آهي رهڻو ڪوبه ناهي، سواءِ پورهئي جي سو هو بنا ڪنهن لالچ، لوڀ، نفعي ۽ نقصان جي سنڌ لاءِ پورهيو ڪندا هلندا وڃن.
    متان ٿين ملور، ڪين اڳاهون آهيان،
    ڏسڻ ۾ ڪر ڏور حد ٻنهي جي هيڪڙي. (لطيف)

    هڪڙا اميدي ۾ ته ٻيا فقيري ۾، هڪڙا ڀريءَ ۾ ته ٻيا ڀاڪر ۾، پنهنجي پنهنجي حصي ۾ ڪم ڪندا، بس هڪ ٻئي پٺيان هلندا وڃن، سنڌ تان سر گهوريندڙ هڪڙو اهڙو يگانو ڪردار سائين لائق سنڌي سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏيئي، اسان کان ڌار ٿي ويو، ان نڀاڳي صبح جي شروعات ۾ ڏينهن وانگر گهرجي اڱڻ ۾ هاڪر پاران اڇلايل اخبارون پڙهڻ، انٽرنيٽ تي خبرون ڏسڻ، فيس بڪ ۽ اي ميل چيڪ ڪرڻ سان ٿي رهي هئي، پيشوراڻي ڪم جو به گهڻو لاڳاپو لکڻ پڙهڻ سان آهي، تنهنڪري ڄاڻ جي انهن ذريعن تي ئي سڄو ڏينهن اک رهي ٿي، اڃا ڪجهه وقت گذريو ئي هو ته ناز سهتي جي فيس بڪ تي آيل هڪ پوسٽنگ دل جهوري وڌي، پوسٽنگ سائين لائق ٿيٻي جي وڇوڙي بابت هئي، پوسٽنگ ڄڻ ته تعزيتي ۽ مرتئي جي ”ڄاڻ“ ڏيڻ جو ذريعو بڻجي وئي، ڪجهه گهڙين کانپوءِ مرتضيٰ سيال ۽ ڊاڪٽر ظفر عباسي مهينو کن اڳ سائين لائق سان ٿيل ڪچهري ۽ ان ڪچهري جا نڪتل فوٽ اپ لوڊ ڪيا، اڃا انهن تصويرن مان وجهي ماضي جي يادگيرين جا صفحا ڦلوريا ئي نه هئا ته مراد شاهه بڪيرائي ۽ پياري وفا رضا جا ليک اچي اکين اڳيان پهتا، سائين لائق کي ويجهو رهندڙ دوست ٽربيوٽ پيش ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌي صحافت جو يگانو ڪردار درويش ۽ پنهنجي جونيئرز سان انتهائي پاٻوهه سان پيار ڪندڙ هڪ استاد هڪ دوست سنڌ امڙ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو.
    جن دوستن جو سائين سان استاد، صحافي ۽ اديب جي حيثيت وارو تعلق هو تن چيو ته سائين ٻوليءَ ۽ صحافت جي انسائيڪلوپيڊيا هو، ڪن لکيو ته سائين لائق کي سنڌي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو ۽ سنڌ جي پراڻن خاندانن بابت سائين تمام گهڻي ڄاڻ رکندو هو، ڄاڻ جي ان انتهائي تيز اوزار وسيلي ڪلاڪن اندر سائين لائق جي جدائي جي خبر سائين لائق سان شناسائي رکندڙ انهن سڀني ماڻهن تائين پهچي وئي، جن جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سائين سان واسطو رهندو آيو هو، سائين جي گهران تدفين لاءِ ڄاڻ آيو ۽ آئون پنهل ساريي، جاويد سوز هالائي، ۽ ستار زنگيجي کي ساڻ ڪري موري منگر پهتس، اتي ڪيترائي دوست اڳ ۾ ئي موجود هئا ۽ سائين لائق جي زندگي جي ڪيترن ئي پاسن تي ڳالهائي رهيا هئا.
    منهنجي نظر ۾ سائين هڪ گهڻ رنگي ۽ گهڻ رخي شخصيت هو، سائين هڪڙي هلندڙ ڦرندڙ ڊائريڪٽري هو، هو هڪ اهڙو غير معمولي ۽ غير رواجي شخص هو، جنهن جا ڪيترن ئي نسلن سان دوستاڻا واسطا هئا، مثال طور منهنجو والد به کيس دوست سمجهندو هو. منهنجي والد کان پوءِ واري ٽهي ۾ به کيس دوستي وارو درجو حاصل هو، ائين هو سنڌ ۾ پنهنجي نماڻي ۽ ٻاجهاري طبيعت جي ڪري هر ماڻهو کي پنهنجو ويجهو دوست تصور ٿيندو هو، ڪيترن ئي دوستن کي ان سائين لائق بابت گهڻي ڄاڻ آهي، جيڪو موري منگر مان بدين اسٽاپ يا فتح چوڪ تي فورسيٽر ۾ چڙهي اچي گول بلڊنگ وٽ روزاني آفتاب اخبار جي دفتر ۾ لهندو هو يا وري حيدر چوڪ تي گهمندي ڦرندي نظر ايندو هو، اهو سائين لائق سنڌي جيڪو هڪ اهڙي حيدرآباد جو رهواسي هو جنهن جي پسگردائي سياسي فهم توڙي سماجي سرگرمين ۾ شاهوڪار هوندي هئي، ان شهر ۾ سائين لائق بابت گهڻا قصا ته انهن ڳوٺن ۽ پسگردائي ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ ئي آهن، ٽنڊي ٺوڙهي جا مرزا ڇا ٿا ڪن، شهر جا قاضي صاحبان ڪهڙا سياسي فيصلا ڪرڻ وارا آهن، ٽنڊي مير محمود جي ميرن برادران جي من ۾ ڇا آهي، پٻڻ شريف جا جيلاني پير ڇا سوچي رهيا آهن، شهر جي اردو ڳالهائيندڙ جا ان دؤر جا اڳواڻ، نواب مظهر ۽ مولانا وصي مظهر ندوي پنهنجي ذهنن ۾ ڪهڙي آند ماند رکن ٿا، ڪهڙن ماڻهن جا ڪهڙن نون ماڻهن سان واسطا وڌيا آهن، شهر جا مرڻا پرڻا ڪهڙا آهن، اڄ امامن جا پڙ ڪٿان نڪرندا، اڄ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ڪهڙي ڳوٺ ۾ آهي، ڪنهن دؤر ۾ حيدرآباد شهر جي روحاني قائد مولانا نوراني ڪنهن جي گهر ترسندو، شهر جو نئون ڊپٽي ڪمشنر ڪهڙو اچي رهيو آهي، ڪهڙي اهڙي ڄاڻ هئي جيڪا سائين لائق ٿيٻي کي اڳواٽ نه هجي؟! سندس ڄاڻ جو ڪمال پاسو اهو هو ته هو انهيءَ سموري معلومات کي تمام زبردست سائنسي نموني سان شعبن ۾ ورهائي مختلف مزاحن جي صحافين، ڪالم نگارن، ايڊيٽرن ۽ اخباري مالڪن سان ائين ٽڪرن ۾ شيئر ڪندو هو، جو هرڪو ائين محسوس ڪندو هو ته کين ڪا ايڪسڪليوزو خبر ملي آهي، ترن ۽ تڪن بابت غضب جي ڄاڻ هوندي هئس، خبر جي پوئين پاسي ڌيان هوندو هئس، سندس تنقيدي اک ايتري ميچوئر جو ڪيترائي دوست خبر ۾ ”اينگل“ سمجهڻ يا ڏيڻ جو ڏانءُ سائين لائق کان سکيا، مون کي ياد آهي ته جڏهن 2007ع ۾ ڪوثر ڀٽي صاحب شهيد ڀٽو جي ٽڪيٽ تان اين اي 122 تي قومي اسيمبلي جي اميداور طور ميدان ۾ نڪتو ته مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جو سيد نويد قمر ۽ نواز ليگ جو مير حيدر ٽالپر هئا، بظاهر ڪوثر ڀٽي صاحب جي چونڊ مهم زورن تي هئي ۽ لڳي ائين رهيو هو ته مقابلو زبردست ٿيندو تر جا ڪيترائي با اثر وڏيرا پهوڙ، ٿيٻا، جتوئي، ڪاتيار، ٽالپر، مگسي، نظاماڻي، جهيجا، شيخ ريحان جا ميان وغيره، ڪوثر صاحب جي ورڪ ۾ رڌل هئا، موري منگر ۾ ٿيل هڪڙي جلسي ۾ مون کي ٻانهن مان جهلي چيائين ته ”ذوالفقار پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن جو آهي اڇو مٿو پر بابا تعلقو حيدرآباد پيپلز پارٽي جو ويٽنام اٿئي، ڪوثر کي چئو ته پ پ لاڙڪاڻو هارائي سگهي ٿي، تعلقو حيدرآباد نه تنهنڪري ٻڌائينس ته خرچ مڙئي گهٽ ڪري.“
    سائين لائق نه رڳو صحافت ۽ سياست پر گڏو گڏ عوامي سمجهه ۽ ڏاهپ جي فيض تي آڱر رکي هلندڙ بلاجو انٿراپالاجسٽ هو، طبيعت ۾ ٿڌائي هجڻ ڪري تر جا وڏيرا به سندس دوست ته مولائي اديب ۽ صحافي به سندس ساٿي شهر جي ڪنهن دڪاندار يا سيٺ سان ملو ته اهو به سائين جو واقف، ته ٻئي پاسي سي آءِ ڊي وارا به سائين جا مداح، فقيري طبيعت رکندڙ هڪ اهڙو شخص جنهن گهر جي ٻچن کي به بکيو رکي پرديسين ۽ سنگتين کي ويلا کارايا، ان وقت حيدرآباد شهر جا ڏهه ٻارنهن قديمي پاڙا هئا ۽ چند نالي وارا سنڌي گهراڻا هئا، هيڏانهن ٻي ڪنڊ تي شيخ علي محمد پنهنجي ٿڌي طبيعت سان پيو سوچيندو هو ته پنهنجي سياسي حيثيت کي ڪيئن وڌائجي، اسان جا گهر آفتاب اخبار جي پوئين گهٽين ۾ هئا ۽ ڏسندا هئاسين ته سائين لائق ڪڏهن به شيخ صاحب کي ڪا غلط يا اٻهرائپ واري صلاح نه ڏني، ٿيندو ائين آهي جو ملازم گهڻو ڪري مالڪ جي ها ۾ ها ملائي پيو اونڌيون صلاحون ڏيندو آهي پر سائين لائق پنهنجي فقيري طبيعت جي ڪري نه ڪنهن جي رعب ۾ آيو ۽ نه ئي ڪنهن کي وڻائڻ لاءِ ڪا اونڌي يا غلط صلاح ڏني، نيچر ۽ سونهن سان پيار ڪندڙ ماڻهو هو، هر وقت مرڪي ملندو هو ۽ ڪو نه ڪو جملو سندس چپن تي تيار پيو هوندو هو.
    آئون حسن مجتبيٰ، حفيظ پپي، آغا قيوم آغا سهيل، آغا سيد ۽ ٻين دوستن کي ڪنهن مهل حيدر چوڪ تي سائين نثار حسيني جي آگم واري آفيس ته ڪنهن مهل سائين نياز همايوني جي دفتر ۾ ته ڪنهن مهل نصير مرزا جي ريڊيو پاڪستان جي آفيس ڏسي مرڪي چوندو هو ته سهڻا ڪٿي پيا گهمن، هن وٽ ڄاڻ جو خزانو هو، پر هن ڪڏهن به پنهنجي طبيعت ۾ تونگري نه آندي نه ئي پنهنجي ڄاڻ جو رعب وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، هو هر ٽهي جي دوست سان ان جي سطح تي لهي اهڙو ته تعلق جوڙيندو هو جو بس اهو تعلق ان وقت ئي جڙيو، جنهن وقت سائين لائق سنڌي جي ساهه جي تند ٽٽي پئي، هن ڪڏهن ڪنهن سان تعلق ٽوڙيو هجي، هن بابت ڪنهن ماڻهو ڪا شڪايت ڪئي هجي، اسان مان شايد ئي ڪنهن اهو ٻڌو هجي، اهو رويو خود سندس سڀاڳي ۽ سٻاجهي طبيعت جو وڏو اهڃاڻ آهي، سائين لائق صحافت جي شروعات روزاني ”آفتاب“ حيدرآباد کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي ڪجهه وقت روزاني عبرت ۾ ڪم ڪيائين ۽ آخري گهڙين ۾ روزاني ڪوشش سان لاڳاپيل رهيو، هو پروف ريڊنگ کان وٺي پيسٽنگ ۽ هيڊنگس جي خوشخطي تائين اخبار جي ڪم ۾ شامل هو، پنهنجي شعبي ۾ ماهر هو، غلط ٻولي لهجو ۽ گرامر جهلڻ جي اسڪين مشين هو شل نه غلط سٽ يا اکر سندس اکين اڳيان لنگهي، هو ان جو اهڙو پوسٽ مارٽم ڪندو هو جو لکندڙ پريشان ٿيڻ بدران سائين مان سکندو ۽ سائين کي استاد مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو، سائين جي حوالي سان ڪيترائي قصا ذهن ۾ اچي رهيا آهن، جي لکڻ جي استعمال بابت حساس هجڻ جو رڳو هڪڙو واقعو پيش ڪندو هلان ته سائين لائق سنڌي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي سندس 1988ع واري وزارت اعظميٰ جي ڏينهن ۾ هڪ خط لکي درخواست ڪئي ته سرڪاري فائيلن ۾ انگريزي ۾ سنڌ کي sind لکيو ٿو وڃي جڏهن ته ان کي صحيح ڪري sindh لکيو وڃي ان خط ملڻ کانپوءِ شهيد راڻي انگريزي ۾ سنڌ کي درست ڪرايو، سائين جي وسعت نظر ۽ دور انديشي جو اندازو ان ڳالهه ۾ لڳايو جو 2013ع ۾ وفاقي حڪومت کي اهو خيال آيو ته ان لفظ کي آئيني حيثيت ڏني وڃي ۽ 18 هين ترميم ۾ جيڪي ابتدائي تبديليون شامل آهن انهن ۾ لفظ سنڌ صحيح ڪري لکڻ واري ترميم به شامل آهي.
    سائين لائق ورثي ۾ نه رڳو پنهنجو پورهيو ۽ دوست يار، مٽ مائٽ ۽ گهڻ گهريا ڇڏي ويو آهي پر سائين هڪ سبق سنڌي سماج لاءِ اهو به ڇڏي ويو آهي ته نوڙت ۽ نيٺائي سان پنهنجي حصي جو ڪم جاري رکجي، ساڙ ۽ حسد ڪرڻ بدران چڱي کي چڱو چئجي ته بري جو غريبان جهلڻ بدران پاسيرو ٿي پنهنجي ڪم کي جاري رکجي، سهپ ۽ رواداري سان ماڻهن سان لاڳاپا وڌائجن نه ڪي گهٽائجن سماج جي جج بڻجڻ بدران سماجي تبديلي ۾ پنهنجي حصي جي پتي وجهجي اڄ هو اسان ۾ ناهي پر سندس پورهيو سنڌي سماج جي بنيادي ڳڻن جو حصو رهندو.
    سانجهيءَ سج لهي ويو، ان کان ڪهڙي پوءِ!
    وڃ نه پرين ووءِ، منهنجو جيءُ جُهري پيو.

    (اياز)

    ’روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد‘18 جنوري 2014ع


    وياسي وينجهار...

    وياسي وينجهار...
    واحد پارس هيسباڻي

    ان ڏينهن جڏهن سائين لائق سنڌي کي دفنائي واپس موٽياسين پئي ته منهنجي ذهن ۾ مسلسل بخاري جون اهي سٽون پئي ڦريون ته:
    بخاري جي خوشبوءِ بچي شهر ۾،
    چمن ويو دفن ٿي هلائي ڇڏيو.

    سائين لائق به هڪ چمن هو، جيڪو دفنائجي ويو ۽ سندس خوشبوءِ باقي رهجي ويئي، چمن رڳو زميني سرحدن جا ٿورئي ٿيندا آهن، چمن ته دلين جا به ٿيندا آهن، چمن ته چاهتن جا به ٿيندا آهن، چمن ته سڪ جا به ٿيندا آهن، چمن ته خلوص جا به ٿيندا آهن، چمن ته پنهنجائپ جا به ٿيندا آهن ۽ سائين انهن سڀني جو گلدستو هو، گل سڪي ويندو آهي پر سندس خوشبوءِ ڪڏهن ختم نه ٿيندي آهي، سائين لائق پنهنجي خلوص جي جيڪا خوشبو ڇڏي ويو آهي اها به ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي، سائين لائق ڇا هو؟ سندس تعارف ڪرائڻ ايترو سولو ڪٿي آهي! هو ڄڻ ته ڪو سمنڊ هو، جنهن جو ٻيو ڪنارو ڪنهن به نه ڏٺو، هو ڄڻ ته هوا جو ڪو جهوٽو هو، جيڪو صرف محسوس ڪري سگهبو آهي، هو ڄڻ ڪا روشني هو، هو جنهن اڻ ڳڻين ماڻهن جي جيون ۾ اجالو ڪيو ان رات موري منگر جي اونداهي قبرستان مٿان چنڊ پنهنجي پوري روشنائي سان چمڪيو پئي، ائين پئي لڳو ڄڻ ته هڪ روشنيءَ ٻي روشني کي ڌرتي جي هنج ۾ سمهندي حيرت منجهان ڏٺو پئي.
    سائين لائق سنڌي سينئر صحافي هو، هو بهترين انسان هو.... هي لفظ الائي ڇو سطحي لڳن ٿا، سائين جو قد انهن لفظن کان گهڻو گهڻو مٿانهون هو، هو انهن ماڻهن مان هو جن لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
    هم فقيرون سي دوستي ڪرلو،
    بادشاهي ڪي گُر سکا دينگي.

    پنهنجي طبيعت ۾ هي فقير ماڻهو پنهنجي وجود ۾ پوري بادشاهي رکندڙ هو، اها بادشاهي ڪنهن رياست تي حڪمراني ڪرڻ واري نه پر دلين تي حڪمراني جو منظر ان رات موري منگر ۾ ڏسڻ وٽان هو، جنهن ۾ سندس مٽن مائٽن کان به وڌيڪ اهي ماڻهو شريڪ هئا جن سان هن جو خلوص جو رشتو هو، هر ڪلهو سندس کٽ جو پائو جهلڻ لاءِ آتو هو، سائين لائق سنڌي هڪ استاد هو، ٻولي جو ماهر هو، لطيف جو پارکو هو، اهي سڃاڻپون پنهنجي جڳهه تي پر هو وڏو ماڻهو هو، سندس اصل سڃاڻپ اها آهي ته هو سڀني جي ڏک تي اداس ٿي ويندڙ ماڻهو هو، هو پنهنجي پيٽ جو گرهه به ٻين کي ڏيندڙ ماڻهو هو، هن سڄي زندگي محنت مزدوري ڪئي پر سندس مقصد پئسو ڪمائڻ نه پر قرب ڪمائڻ هو.
    هن پنهنجي 70 سالن جي ڄمار ۾ صرف قرب ئي ڪمايو ۽ خوب ڪمايو، انهن ماڻهن مان نه هو جيڪي پونئيرن لاءِ بئنڪ بيلنس ڇڏي ويندا آهن، پر هي انهن ماڻهن مان هو جيڪو عزت جو بيلينس ڇڏي ويو. بئنڪ جي بيلنس جو ڪونه ڪو انگ هوندو آهي، پر سائين جيڪو عزت وارو بيلنس ڇڏي ويو آهي، ان جو ڪوبه انگ ڪونهي، دنياداري جو ڪوبه ڪلڪيو ليٽر ان حسان جو جوڙ ڪٽ ۽ ونڊ ضرب نه ٿو ڪري سگهي، جيئن ڪنهن جو گهر جو وڏو گذاري ويندو آهي، سائين جي جنازي سان هلندي اسان سڀني ائين ئي محسوس ڪيو. هن جي شفقت، هن جي پنهنجائپ، هن جو خلوص گهر جي وڏي جهڙو ئي هو.
    سائين لائق سنڌي سان جنهن جو به واسطو رهيو پوءِ اهو ڊگهي عرصي وارو هجي يا مختصر عرصي وارو پر شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو هن جي پنهنجائپ کان متاثر نه ٿيو هجي، هي پنهنجي طبيعت ۾ بلڪل ئي سڌو ۽ سادو ماڻهو هو، ڪنهن کيس خوش ڪيو ۽ ڪنهن کيس رنج ڪيو، هن پوري زندگي ان جو ڪوبه حساب ڪتاب نه رکيو، هن جو ڪوبه دشمن نه هو، هن هر ڪنهن کي پنهنجو دوست ئي سمجهيو، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا بردبار ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن، سائين لائق سان اڻ ڳڻيون ڪچهريون ٿيون، هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، پر مون ڪڏهن به کيس ڪنهن جي گلا يا شڪايت ڪندي نه ٻڌو ۽ جيڪڏهن ڪنهن، ڪنهن جي گلا ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ته هي ساڻس سُر ۾ سُر ملائڻ بدران ڪمال ڪاريگري سان ان موضوع کي ئي گول مول ڪري ڇڏيندو هو، هي نه گلا ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هو ۽ نه ڪنهن جي گلا ٻڌڻ ۾، سائين جهڙو ٻاهر جو اجرو ماڻهو هو، جهڙو ٻاهر جو معصوم ماڻهو هو اندر جو به بلڪل ئي ائين هو. سندس زندگي ۾ هڪڙو به اهڙو مثال نه ٿو ملي، جنهن ۾ سائين جي زبان يا هٿ مان ڪنهن کي ڪا تڪليف پهتي هجي.
    هي نيڪي ڪري وساري ڇڏڻ وارن ماڻهن مان هو، ان کان وڌيڪ سندس وڏ ماڻهپ جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته هن پنهنجي شاگردن جي اڳواڻي ۾ هلڻ ۾ به ڪا ارهائي نه بلڪه سرهائي محسوس ڪئي، مان سائين لائق کي هڪ خاموش خدمتگار چوندس، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي پذيرائي وارن چڪرن ۾ نه رهيو، جيڪڏهن سندس منهن تي ڪنهن سندس تعريف ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ته هي آڱر چپن تي رکي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو، هي اهو ماڻهو هو جنهن کان ٻولي جا ماهر به ڏکين لفظن جون معنائون پڇندا هئا، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي ايڪسپرٽ نه چيو هن جي سيني ۾ سياست ادب ۽ صحافت جي هڪ پوري تاريخ دفن ٿيل هئي، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي تاريخدان چورائڻ پسند نه ڪيو هن وٽ اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن جو وڏو رڪاڊ موجود هو ۽ مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ واسطيداري هجڻ باوجود اخبارن ۽ رسالن جون اعزازي ڪاپيون وٺڻ بدران پنهنجي پئسن سان خريد ڪندڙ هو، پر هن ڪڏهن به اها هام نه هنئي ته وٽس هيترن سالن جو اخبارن جو رڪارڊ موجود آهي، ۽ ايترا ڪتاب ۽ رسالا وٽس محفوظ ٿيل آهن، هي گهرج وارن جي خاموشي سان گهرج پوري ڪري ڇڏيندو هو، مون کي خبر ناهي ته سائين جي گهر ۾ موجود لائبرري ڪيتري وڏي آهي پر اها خبر ضرور اٿم ته هن جي سيني ۾ موجود لائبرري وسيع هئي جنهن ۾ هر قسم جي موضوعن وارا دستاويز موجود هئا، محفلن ۾ خاموشي سان ٻين جون ڳالهيون ٻڌندڙ هن شخص ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هن جي سيني ۾ هيترو سارو علم موجود آهي، هن جتي به جيڪو ڪجهه به ڳالهايو اهو ڪم جو ڳالهايو فضول هي ٻڌي ته ويندو هو، پر ڪڏهن به فضول ڳالهائيندو نه هو، سائين لائق پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل انسائيڪلوپيڊيا هو، ڪاش هي پنهنجي يادگيريون لکي ها! اڄ جڏهن سائين اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي ته هڪڙي عجيب قسم جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي، اسين پاڻ کي الائي ڇو اڪيلو اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهيون، وڻ جي گهاٽي ڇانو جيان هو، جيڪا هاڻي اسان جي سرن مٿي نه رهي آهي، هو ڪو وينجهار هو، جيڪو ويو هليو، يتيم صرف محمد اسماعيل، محمد بخش ۽ سندس ٻه ڀينرون نه ٿيون آهن، پر اسان سڀ پاڻ کي يتيم محسوس ڪري رهيا آهيون، سائين لائق جهڙا ماڻهو روز روز پيدا نه ٿيندا آهن، پاڻ واري مفاپرست هن سماج ۾ اهڙا ماڻهو هاڻي پيدائي ڪٿي پيا ٿين، سچ سندس نه هجڻ وارو احساس دل ۾ ڪنهن ڇيت جيان هميشه چڀندو رهندو، سفيد مفلر ڳچي ۾ ويڙهيل ڳاڙهي ٽوپي پاتل ۽ هٿ ۾ اخبارن سان ڀريل ٿيلهي کڻي هلندڙ سائين لائق سنڌي کي هاڻي اسان ڪڏهن به نه ڏسي سگهنداسين، اهو تصور ئي نڙي ۾ هڪ سڏڪو اٽڪائي ڇڏي ٿو.
    بڇڙا ڪڇ اس ادا سي ڪي رت بدل گئي
    اڪ شخص ساري شهر ڪو ويران ڪر گيا.

    [’روزاني عبرت، حيدرآباد‘ ”پندرنهن روزه عبرت مئگزين، پهرين فيبروري کان پندرهن فيبروري 2014ع‘]


    هڪڙو هو سائين لائق سنڌي

    هڪڙو هو سائين لائق سنڌي
    نور سنڌي

    موت اٽل ۽ برحق آهي، جيڪو ڏينهن پڄاڻي هر ماڻهو تي اچڻو آهي، اسان جي زندگي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو ٻڌندا رهون ٿا پر زباني اهي لفظ اچي ويندا آهن ته بس يار پڄي آيس، سندس حياتي ايتري هئي، ڪي اهڙيون شخصيتون هونديون آهن، جن جي موت جو ٻڌي يقين نه ايندو آهي، ۽ اکين مان لڙڪ لڙي پوندا آهن، دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي، دل ٻڏڻ لڳندي آهي، اهڙن پيارن ۽ هر دلعزيز سدا بهار شخصيتن مان سائين لائق سنڌي به هڪ آهي، جنهن 16 جنوري تي سول اسپتال حيدرآباد ۾ بيماري جي بستري تي دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس وڇوڙي جي خبر مختلف سنڌي ٽي وي چئنلن تي هلڻ، دوستن جي فون ميسج ذريعي ۽ اخبارن ذريعي جڏهن سندس دوستن، کيس چاهيندڙن تائين پهتي ته جهڙو انهن مٿان وڄ ڪري پئي، ڪنهن کي يقين نه اچي، سائين لائق سنڌي سدا بهار شخصيت هو، پاڻ هڪ ٻئي وقت لاتعداد خوبين جو مالڪ هو، علمي، ادبي، صحافي، سماجي شخصيت هو.
    لائق ڏنو ٿيٻو جيڪو صحافي، ادبي دنيا ۾ لائق سنڌي جي نالي سان مشهور ٿيو، حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ موري منگر ۾ حاجي اسماعيل ٿيٻو جي گهر ۾ جنم ورتو، سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد پرائمري استاد ٿيو، جلد ئي هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو، ننڍي هوندي کان کيس ادب سان لڳاءُ هو، سندس اکر موتين جهڙا هوندا هئا، پاڻ روزانه آفتاب حيدرآباد جي ايڊيٽر شيخ علي محمد جي چوڻ تي اسڪول بعد آفتاب ۾ ڪتابت شروع ڪئي، ڪتابت وارو دؤر ختم ٿيڻ بعد پاڻ پروف ريڊر بعد ۾ سب ايڊيٽر ڪاوش، ڪوشش، عبرت، سنڌ ۾ سينيئر سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، ادب سان ايتري دلچسپي جو سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو ادبي ثقافتي پروگرام ٿيندو هو ته سائين لائق سنڌي هر حال ۾ اتي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پاڻ اديب ۽ فاضل سنڌيءَ جي سَنَدَ به حاصل ڪئي، شاهه لطيف ڀٽائي جي رسالي جو پارکو ۽ سنڌي ٻولي جو وڏو ماهر هو، مشهور اديب به ڪيترن ئي ٺيٺ سنڌي لفظن جي معنيٰ پڇندا هئي. ايتري قدر جو شاهه لطيف جو پارکو ۽ سنڌي ٻولي جو ماهر سڏجندڙ سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏو فتح خان به ڪيترن ئي سنڌي ٻولي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ سائين لائق سنڌي کان معلوم ڪندو هو، پاڻ بهترين تعليمي ماهر پڻ هو، سندس پڙهايل شاگرد سٺين پوزيشن تي آهن، پاڻ لطيف سائين جو ڪوبه ميلو نه گسايو بيمار هئڻ جي باوجود ڪوشش ڪري ادبي ڪانفرنس ۾ اچي نڪرندو هو، پاڻ شاعر ته نه هو پر شاعري سان بيحد لڳاءُ رکندو هو، سندس پسند جي شاعرن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، حضرت سچل سرمست، استاد بخاري، شيخ اياز، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ ٻيا شاعر هئا، جن جا لاتعداد شعر کين زباني ياد هوندا هئا، شاهه لطيف جي رسالي جو ته پاڻ جهڙو حافظ هو، مون جڏهن 1980ع ڌاري آفتاب ۾ نمائندي طور ڪم ڪيو ته اتي سڀ کان پهرين ملاقات سائين لائق سنڌي سان ٿي هئي، ان جي معرفت ادا احمد خان شيخ ۽ شيخ علي محمد سان ٿي پاڻ مون سميت ٻين رپورٽرن جون خبرون پڙهي سمجهائيندو هو، ته اوهان جي خبرن ۾ هي هي کوٽ اڃا آهي، حيدرآباد ۾ ڪيترائي صحافي سندس صحافت ۾ شاگرد هئا، کيس سنڌي ميڊيا تي سنڌي ٻولي جي بگاڙ تي افسوس ٿيندو هو ۽ انهن ادارن کي ان حوالي سان خط به لکندو هو، روحاني طور پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رحه جن جو مريد هو، سياسي طور پاڻ سائين جي. ايم. سيد کي پسند ڪندو هو ۽ سائين جي ايم سيد سندس سياسي آئيڊيل هو، ڪو زمانو هو جو اسان پنهنجي ڳوٺ ملدسي ۾ ادبي، سماجي، فني سرگرميون شروع ڪيون ۽ اسان ملدسي ۾ جيجي زرينه بلوچ سان سرهي سانجهه ۽ استاد بخاري ادبي ڪانفرنس جا پروگرام وڏي ليول تي ڪرايا، پان انهن پروگرامن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ وڏو ساٿ ڏنو، پاڻ جن شعبن سان وابسته رهيو، انهن سان پاڻ ملهايائين، ان ڪري هر ساڃاهه وند ماڻهو سائين لائق جي عزت ڪندو هو، ڪيترائي وڏا وڏا آفيسر، سماجي شخصيتون صحافي، اديب، شاعر ساڻن جهڪي ملندا هئا، هر ماڻهو کيس استاد لائق ۽ سائين لائق سڏيندو هو، شروع کان سندن عادت رهي ته روز تمام اخبارون گهڻو ڪري، سنڌي سڀ اخبارون خريد ڪندو هو، ڳوٺ کڻي وڃي نوجوانن کي پڙاهائيندو هو بعد ۾ فائيل ڪندو هو، پاڻ گهڻو ڪري سنڌي ٽوپي پائيندو هو، سندس ڳالهائڻ جو انداز انتهائي مٺڙو هوندو هو، پاڻ گهٽ ڳالهائيندو هو پر سندس هر لفظ موتي هوندو هو، سندس چهري تي ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڏٺي، ڪاوڙ ۾ به پاڻ کلندو هو، سندس مرڪڻ جو انداز به نرالو هو، کيس ملڪي سياسي تاريخ تي عبور حاصل هو.
    تقريبن هڪ سال کان سندس طبيعت صحيح نه هئي، کيس ڳلي ۾ تڪليف هئي ۽ پاڻ ڳالهائي نه سگهندو هو، ان جي باوجود حيدرآباد جي اخبارن جي ادارن ۾ دوستن سان ملڻ ويندو هو، ساڻن آخري ملاقات گذريل سال احمد خان شيخ جي پٽ جي شهادت تي تعزيت ڪرڻ وقت ٿي، پاڻ اسان سان گڏ مرحوم شيخ علي محمد جي مزار تي به هليو، سائين لائق سان ملندڙ، ڪچهري ڪندڙ، سندس مداح بڻجي ويندو هو.
    وفا رضا بلوچ ۽ مون اهو طئه ڪيو هو ته ڪنهن ڏينهن شام جو موري منگر هلي سائين لائق سنڌي وٽ رات رهبي ۽ سائين سان دل کولي ڪچهري ڪبي ۽ سندس مڪمل پروفائيل لکبو پر اسان کي ڪهڙي خبر ته پاڻ ايترو جلدي اسان کان رسي هليا ويندا، ڪجهه ڏينهن سندس طبيعت وڌي خراب ٿيڻ ڪري کيس سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پاڻ اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويا.
    ’روزاني عبرت، حيدرآباد‘ (رپورٽرز پيج) 24 جنوري 2014ع.


    هڪ هو لائق سنڌي

    هڪ هو لائق سنڌي
    حيدر ملاح

    اسان جي ملاقات ڪو اتفاق نه هئي نه ئي سوچيل سمجهيل ۽ رٿابندي تحت ڪيل ملاقات هئي، ائين ئي هڪ ڏينهن ناز سهتو ۽ گل ملاح گول بلڊنگ جي اقبال هوٽل تي چانهه جون سرڪيون پيئندي ملي ويا، تڏهن ناز سهتو ”آفتاب اخبار“ ۾ ڪم ڪندو هو، جڏهن ته گل اڃا ٽڙيو مس هو، هو غلام قادر مان گل سڏجڻ شروع ٿيو هو، ائين ئي چانهه جي ڪپ تي اسان سان جيڪو چوٿون ماڻهو اچي ويٺو تنهن کي سڀ ”سائين“ چئي مخاطب ٿي رهيا هئا، هن جي هنج ۾ اخبارن جو ٿهو سندس مٿي جا وار اڌ اڇا ۽ اڌ ڪارا هئا، ڏاڙهي لٿل هئس پر چهري تي ڪا ٿڪاوٽ هئي، جا سندس اکين مان بکي رهي هئي، ائين لڳو پئي ڄڻ رات جو ننڊ نه ڪري سگهيو آهي، اها پهرين ملاقات هئي تنهن وقت ۾ بهارنين جي آمد جو سنڌ ڏانهن سلسلو شروع ٿيڻ وارو هو، سنڌ اندر قومپرستن طرفان احتجاج مظاهرا ۽ ڌرڻا لڳي رهيا هئا ۽ ضياءِ جي آمريت جو ڪارو سج اڃا نه لٿو هو، نه انبن جي پيتين ۾ رکيل بم هوا ۾ ڦاٽو هو، مون هن کي ان دؤر ۾ گچيري کان وٺي پياري بند ۾ ٿيندڙ جشن لطيف جي پروگرامن ۾ پويان صفن ۾ بيٺل ڏٺو، هو ائين هو جئين ڌراڙ هوندو آهي، ڌڻ جي پويان هلندو رهندو آهي ۽ ائين ئي ٻهراڙيءَ جي ٻڪر جيان، ان جي ڌڻ جو مان به حصو ٿي ويس، هو صرف اخبارن جي پروف ريڊنگ نه ڪندو هو هن وٽ ته ماڻهن جي پروف ريڊنگ ڪرڻ جو ڏانءُ به هو، ان ڪري هن جي نگاهه جنهن تي پئي تنهن پنهنجي ڪپڙن جي اندر جهاتيون پائڻ شروع ڪيون، هن جون اکيون آرسيون هيون پر زمانو ته پٿر هٿ ۾ کڻي هلي ٿو، جنهن سدائين کيس پيار جي بدلي ۾ الزامن جا انبار ڏنا، هن کي ڏنڀ ڏيڻ وارا پراوانه پر پنهنجا هئا، تنهنڪري، کيس پيار جي بدلي ۾ الزامن جا انبار ڏنا، هن کي ڏنڀ ڏيڻ وارا پراوا نه پر پنهنجا هئا، تنهنڪري سندس مُرڪ ۾ آخري وقت تائين سدائين خاموش احتجاج لڪل رهيو پر شڪوه نه ڪرڻ سندس روح ۾ سمايل هڪ اهڙو احساس هو، جنهن کي هن ائين سنڀالي رکيو، جيئن موکيءَ متارن لاءِ مئه کي سنڀالي رکيو هو، هن منهنجو پهريون نظم ”آفتاب“ جي ٻاراڻي صفحي ۾ ڇپي پاڻ وٽ موجود اخبارن جي انبارن ۾ محفوظ رکيو، تڏهن اڃا سنڌ جي اخبارن کي اشتهارن جي ڪا وڏي لست نه لڳي هئي، نه ڪي وري ترجيحات تبديل ٿيا هئا، اخبارون تجارت بدران صداقت جي پاسي گهڻيون بيٺل هيون، مقابلو ته هو پر گهڻي ڀاڳي اڃا توجهه طلب جا اشتهار ئي اندرين پيجن ۾ سونهن ۽ رونق جو سبب هئا، پريمي جوڙن جون اڃا خبرون اهميت وارلاري نه سگهيون هيون، ان ڪري اخبارن وٽ (Space) جڳهه جو مسئلو نه هو، مختلف اخبارون مختلف صفحا ڇپينديون هيون، جنهن ۾ ٻارن جا صفحا به شامل هئا، جيڪي اڄ جي ڪمپيوٽر دنيا ۾ گهڻو ڪري غائب ٿي ويا آهن.
    هُن ڪڏهن به ٻن شين تي نه ڪرفيو لڳايو، نه ئي 144 قلم هڪ چانهه تي، ٻيو چاهه تي توري جو 1987ع ۽ 1988ع ٻئي سال حيدرآباد جي گهٽين ۾ بارود جي بوءِ هئي، گرين پيس هوٽل جيڪا پوءِ دهشتگردي راڄ جي ڪري تلڪ چاڙهي کان هيٺيان يونيورسل جي ويجهو هئي، سا هڪ رهائشي اپارٽمينٽ ۾ تبديل ٿي وئي هئي، تنهن جي اڱڻ ۾ گرم تيل جي ڪڙهائي ۾ ترجندڙ سموسا ۽ بادامن واري چانهن جا سُرڪا ڌيمي روشني ۾ ڪڏهن هو حسن درس سان گڏ ويهي شاعري ٻڌندي ڀريندو ته ڪڏهن احمد سولنگي جي نگاهن ۾ نگاهون وجهي سندس طويل نظمن جو سٽون ٻڌي، ٿڌا ساهه ڀريندو هو، شيخ اياز انهي گهُٽ ۽ پوسٽ واري ماحول ۾ جڏهن پريس ڪلب جي اڱڻ تي پنهنجي شاعري ٻڌائڻ لاءِ آيو هو ته هن کي ميزبان بڻجي در تي آجيان لاءِ مون بيٺل ڏٺو، اسان جڏهن پنهنجي دوستن سان گڏ، سنڌ جي عالم سائين حيدر علي لغاريءَ سان گڏ پريس ڪلب جي اڱڻ ۾ داخل ٿياسين ته ڪيترن ئي نوجوانن کي پَٽَ تي پلٿي ماري ويٺل ڏٺوسين، تڏهن اڃا جو پريس ڪلب انهيءَ بلڊنگ ۾ تبديل نه ٿيو هو، ڇٻر تي چوڪڙيون لڳنديون هيون ۽ ٿڪل ڦٽل قومي ڪارڪن ٿڪ ڀڃڻ لاءِ پريس ڪلب ۾ اچي پر پکيڙيندا هئا، ڪينٽين جي ماني حيدرآباد جي سمورن هوٽلن کان سستي ۽ سٺي هوندي هئي، انهيءَ ڪري ڪامريڊ پيا مزا وٺندا هئا، موبائيلن جو دؤر نه هو ان ڪري نياپا، نڙا پريس ڪلب جي ذريعي پيا ونڊبا هئا، اياز جي گونجندڙ آواز ۾ خون کي گرم ڪندڙ نظم سچ وڏو ڏوهاري آهي، مون پريس ڪلب ۾ ٻڌو هو، بحثن ۾ ڇڙي گاريون ڏيندڙ صحافين ۽ سياسي ڪارڪن جو ديدار به اتي نصيب ٿيو، اهو سڀ ڪجهه ان قلندر طبيعت انسان جي ڪري ممڪن ٿيو هو، جنهن مون کي هڪ ڏينهن تاڪيد ڪندي چيو هو ته جنهن ڏينهن تو، اخبار نه پڙهي ۽ جنهن رات تو ڪتاب جا ٻه چار صفحا نه پڙهيا، سمجهه اهو ڏينهن ۽ اها رات تنهنجي جنب جي ڪتاب ۾ خالي صفحي جيان آهي ۽ پوءِ زندگي جي هر ڏينهن ۽ رات کي مون صفحا سمجهي لکڻ ۽ پڙهڻ شروع ڪيو، سندس سادگيءَ جو ڇا عالم هو، هن ڪڏهن پنهنجي ڏات کي ڏونڪي جي ڀيرڙ تي نه وڄايو، هو نه ادبي بورڊ جي آفيسر جي درجي اڳيان ڪشڪول کڻي بيٺو، نه سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري اڳيان جهول جهلي بيٺو ته مون کي ٻه چار ڪتاب ڏيو ته مان اوهان کي پروف ريڊنگ ڪري ڏين، سندس نالي تي توڙي جو ڪيترائي اڻ گهڙيا ڪاٺ جيئندا هئا، ۽ ڪتابن جي پروف ريڊنگ ڪري سرڪار کان چيڪ وصول ڪندا هئا، پر هو آخر تائين رات جو رولاڪ رهيو، سندس ڪم ئي اهڙو هو، شام کان شروع ٿي رات جي پوئين پهر ۾ ختم ٿيڻ وارو هو، اخبارن کي تيل ڦليل، مسي مساڳ ۽ ڪجل پارائڻ جو ڪم ڪندو هو، جنهن کي جديد دنيا شايد بيوٽي پالر جو نالو ڏئي وجهي، ان ڪري مون سدائين رات جو هن کي ٻين جا در کڙڪائيندي ڏٺو يا صبح جو سوير اخبارن جي ٿهن سان گڏ دوستن سان ٽهڪ ڏيندي ڏٺو.
    هن تي الزام هنيو پيو وڃي ته هو فلاڻي خان جو پوئلڳ هو حقيقت ۾ هو پوئلڳي جو سخت مخالف هو، مون ڪڏهن به هن کي ڪنهن جي تقليد ڪندي نه ڏٺو، نه ئي وري تنقيد ڪندي ٻڌو، سندس ڌيمو لهجو نه مارڪسي هو نه شائونسٽ قومپرست هو، نه ترقي پسند هو نه تبديلي پسند ۽ هن وٽ ڪنهن جو وزن تورڻ جي ڪا مشين هئي، نه هو واپاري هو، تنهن ڪري الزام تراشي ڪندڙ سڄڻن کي فقط ايترو سمجهڻ گهرجي ته هو اڱرن جي ناتي ڪاروبار ڪندڙ لوهار نه پر لفظن کي مالهائن ۾ پوئڻ وارو سونارو هو، هو گرم سج جهڙو گرم به هو ۽ نما شام جهڙو انتهائي سٻاجهو به هو، هو پنهنجي دؤر جي تاريخ هو جنهن وٽ گناهه ڪبيرن جي جڳهه تي ثوابن جي سوچ وڌيڪ حاوي هئي، هن پنهنجي زندگي گولڊ ليف جي دونهين سان رڳو نه گذاري پر سچ ته اهو آهي ته هو سڄو سون هو، تنهنڪري مان کيس هڪ ئي تعارف سان سڄاڻان ٿو، سنڌ جو لائق پٽ، لائق سنڌي، جنهن پنهنجي زندگي پنهنجي سنڌ جي خدمت ڪندي گذاري مون کي ذاتي طور ڄاڻ آهي ته هو چاهي ها ته سبحان ميمڻ کان وٺي اڪبر لغاري تائين بيوروڪريسي ۾ ويٺل ڪيترائي ساڻس پيار ڪندڙ سندس بيماري جي آخري ڏينهن ۾ علاج لاءِ مدد ڪن ها پر هن جو موت لال بتي جي جنهن بستري تي ٿيو، اهو ان ڪري به سندس لاءِ اعزاز آهي جو هو جنم کان عام ماڻهو بڻجي ويو هن ڪنهن کان زندگي امداد ۾ نه پني، ڇاڪاڻ ته هو لائق سنڌي هو ڪو عام رواجي ماڻهو نه هو.
    ’روزاني ڪوشش، حيدرآباد‘ 22 فيبروي 2014ع.


    سنڌي صحافت ۾ ”گوگل“ جهڙي حيثيت رکندڙ سائين لائق جو وڇوڙو

    سنڌي صحافت ۾ ”گوگل“ جهڙي حيثيت رکندڙ سائين لائق جو وڇوڙو
    محمد بخش ٻٻر

    پوري سنڌ دولتپور جي ٻارڙن سان نوابشاهه ۾ پيش آيل دردناڪ سانحي تي سوڳوار هئي ته اسان ”ڪوشش“ سٿ جي ساٿين ۽ سنڌ جي سمورن گهڻ گهرن جي دلين تي هڪ خبر سوڳ تاري ڪري ڇڏيو، اسان معمول موجب پنهنجي آفيس ۾ ڪم ۾ مصروف هئاسين ته نيوز ايڊيٽر مون کي ٻڌايو ته سائين لائق جي خبر اٿئي؟ ٿوري دير لاءِ آئون پريشان ٿي ويس ۽ مون هن کان معلوم ڪيو ته ”خير ته آهي؟“ جنهن تي اسان کي پنهنجي نيوز ايڊيٽر ٻڌايو ته سائين لائق سنڌي اسان کان موڪلائي تمام پري هليو ويو آهي ۽ هاڻ هو يادن ۾ رهجي ويو آهي، ان وقت هن جو لهجو ڏکارو هو ۽ اسان سڀني جي اکين ۾ غمگيني پر پکيڙي ڇڏيا، اها خبر ٻڌڻ شرط ذهن ۾ 18 سال پراڻيون سائين لائق جون يادون هلڻ لڳيون، سائين لائق کي مون پهريون دفعو 18 سال اڳ ”سنڌ“ اخبار ۾ ڏٺو هو ان وقت اڃا انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جي دنيا جو اسان وٽ وجود نه هو، اڇا ڪپڙا ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي آفيس ايندڙ سائين لائق سنڌي جي هٿ ۾ هڪ ٿيلهي ضرور هوندي هئي جنهن ۾ هو صبح توڙي شام وارين اخبارن کانسواءِ ڪاغذ پَٽَ کڻي هلندو هو، تڏهن سنڌي اخبارون پيج ميڪنگ بدران مينيوئل پيسٽنگ ذريعي ٺهنديون هيون، سائين اخبار کي غلطين کان پاڪ ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو، جڏهن رات جو سروهي صاحب خيبر ميل ريل جي ٽائيم سبب اخبار جلدي ۾ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته آخري ٽائيم ۾ جيڪي غلطيون هونديون هيون ته سائين پاڻ بليڊ سان انهن کي ٺيڪ ڪري پوائنٽر سان درست ڪري اخبار کي وقت تي ڇپائڻ جو ڪم سر انجام ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو هو، سائين لائق ”آفتاب“ ۽ ”ڪاوش“ سميت گهڻين ئي اخبارون ۾ ڪم ڪيو پر هو 15 ورهين کان سينئير سب ايڊيٽر طور روزاني ”ڪوشش“ سان سلهاڙيل هو، سائين لائق بزرگ نوجوان توڙي ٻارڙن سان محبت ۽ اخلاق سان ڳالهائيندو هو، سائين لائق وٽ پاڪستان جي تاريخ کان ويندي صحافتي تاريخ جي وڏي ڄاڻ هوندي هئي، هو ”آفتاب“ اخبار جي مالڪ ۽ پنهنجي ڳوٺاڻي صحافي شيخ علي محمد سائين جي. ايم. سيد، شيخ مجيب، ايم آر ڊي ۽ مارشلائن لساني وڳوڙ جمهوري حڪومتن جي خاتمي ٽنڊو بهاول سانحي ڌاڙيلن جي قصن کان ويندي ڪيترائي داستان اسان کي ٻڌائيندو هو، سائين هڪڙي هٿ ۾ هيڊنگر جو فائيل کڻي پڙهندو هو ته ٻئي هٿ ۾ وري گولڊ ليف سگريٽ سندس هر وقت دکيل هوندو هو، جيڪو گهڻو ڪري سائين جي مصروف هئڻ سبب پاڻ ئي دکي سڙي ويندو هو، جڏهن سائين کي سگريٽ جي ياد ايندي هئي ته هو پنهنجي قميص جي کليل پڦن کي مٿي ڪري هڪڙو ڪش هڻندو هو، هو 2 گولڊ ليف جا پاڪيٽ پاڻ وٽ رکندو هو، جيڪي پاڻ به پيئندو هو ته ساڻس ملندڙ صحافي توڙي دوست به هجت ڪري سگريٽ پيئڻ لاءِ وٺندا هئا، سائين لائق صحافت جي دنيا ۾ ايندڙ هر نئين ماڻهو جي رهنمائي سان گڏ مدد پڻ ڪئي، تڏهن ته نيويارڪ ۾ سنڌ ڄائي بي بي سي جي رپورٽر ۽ مشهور صحافي حسن مجتبيٰ پڻ سائين لائق جا مون کان حال احوال پڇندو رهندو. (حسن سائين لائق سان گڏ ڊان ڊاٽ ڪام جي چيف ايڊيٽر دوست سانول مصدق جي به اوچتي لاڏاڻي تي وڏو ڏکارو آهي) هو چوندو هو ته سائين لائق عظيم انسان آهي، هن جا مون تي وڏا ٿورا آهن، جيڪي مان لاهي به نٿو سگهان، انهيءَ کانسواءِ علي قاضي، سهيل سانگي، علي حسن، لالا رحمان، رشيد راڄڙ، ناز سهتو، اقبال ملاح، امداد سومرو، اسحاق مڱريو، فاروق سومرو، شبير نظاماڻي، چاچو عزيز سومرو ۽ نعمت کهڙو سميت ڪيترائي صحافي ۽ عام ڪارڪن سائين سان ڏاڍا هجائتا هوندا هوا، اڪثر ڪري سائين به انهن سان کل ڀوڳ ڪري وقت پيو وندرائيندو هو، هڪڙي ڀيري مون کي ياد آهي ته اسان جي ايڊيٽر رشيد راڄڙ جڏهن سڄي آفيس جي ورڪرن جي موڪلن واري لسٽ ٺاهي رهيو هو، سڀني ورڪرن جي موڪلن جا ڏينهن طئي ڪيائين جڏهن ته سائين جي نالي هيٺان لکي ڇڏيائين ته يارن سان ڪهڙا ليکا، سائين لائق رڳو صحافي نه هو، هو بهترين استاد سان گڏ لطيف جوبه وڏو پارکو هو.
    جڏهن ته هو ٻڌائيندو هو ته سندس خاندان سروري جماعت جو مريد آهي، ان کانسواءِ سائين چوندو هو ته سنڌ کي پهريائين انگريزي ۾ Sind ڪري لکيو ويندو هو، جيڪو مون ملڪ جي ان وقت جي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو کي خط لکي درست ڪرڻ جو چيو جيڪو پوءِ ئي سنڌ کي Sindh ڪري لکيو ويو، سائين لائق هميشه سادي، نوڙت ۽ صوفياڻي انداز سان زندگي گذاري، هن ڪڏهن زندگي ۾ نشو نه ڪيو، نه ڪڏهن ڪنهن سان جهڳڙو ڪيائين، نه ڪڏهن ڪنهن سان پئسن تي وڙهيو، نه عهدن تي سائين آخر تائين خبرداري سان زندگي گذاري هن ڪڏهن ڪنهن چونڊيل نمائيندي يا آفيسر جو در نه کڙڪايو، نه ئي هن اخبارن ۾ پنهنجي بيماري جي خبر هلائي سرڪاري مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو به عجيب اتفاق آهي ته استاد بخاري جهڙي صورت رکندڙ سائين لائق جو لاڏاڻو وري استاد بخاري جي سالگرهه جي ڏينهن ٿيو، اسان جڏهن سائين لائق جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهتاسين ته رات جو پورو چنڊ آسمان تي اُڀريل هو، جڏهن ته ڳوٺ بجلي وڃڻ سبب اونداهه ۾ ٻڏل هو، مون کي لڳي رهيو هو ته تاريخ سنڀالي رکندڙ ۽ ورهين جي اخبارن جو رڪارڊ سانڍيندڙ، سنڌي صحافت جي سرچ انجڻ ”گوگل“ جهڙي حيثيت رکندڙ سائين لائق جي وڇوڙي کانپوءِ سنڌي صحافت ۾ اها اونداهه ڇائنجي وئي آهي، شايد ئي سائين لائق جهڙو ڪردار وري جنم وٺي ”ڪوشش“ جو سڄو سٿ سائين لائق جي وڇوڙي تي سندس پُٽ اسماعيل ٿيٻي ۽ محمد بخش ٿيٻي سميت پونئيرن سان ڏک ۾ گڏ آهي ۽ دعاڳو آهي ته سائين لائق کي رب پاڪ جنت ۾ جاءِ ڏي آمين.
    ’روزاني ڪوشش، حيدرآباد‘18 جنوري 2014ع


    سٻاجهڙي انسان سائين لائق سنڌي جو وڇوڙو

    سٻاجهڙي انسان سائين لائق سنڌي جو وڇوڙو
    گل حسن لغاري

    انٽر پاس ڪري 6 جنوري 1996ع ۾ ڳوٺ کان حيدرآباد روانگي بعد ايل ايم سي ۾ مختصر ٽي مهينا ڪانٽريڪٽ تي نوڪري ڪرڻ بعد مون اخباري دنيا ڏانهن وک وڌائي اپريل 1996ع ۾ هڪ اخبار ۾ مون کي سرڪيوليشن ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور نوڪري ملي، ان دوران هڪ سٻاجهي پر خلوص ۽ محبت ڪندڙ شخص سان ان اداري ۾ ملاقات ٿي، جيئن ته آئون ننڍي عمر ۾ ڳوٺان نڪري حيدرآباد جي هوائن جو سواد حاصل نه ڪري سگهيو هئس، ڇو جو شهرن جي ٻوساٽيل ۽ ڳوٺن جي کليل ماحول هئڻ سبب مون کي ڪيترائي مونجهارا محسوس ٿي رهيا هئا، پر وڏي پاٻوهه سان مليل ان شخص جي محبت سمجهاڻين ۽ زندگي ڪيئن گذارڻ وارن ڏنل درسن تي آئون پنهنجي ڳوٺاڻي زندگي کي وساري حيدرآباد جي اخباري دنيا جي هڪ خوبصورت شامن ۾ گهلجي ويس، هر روز شام جي وقت اخباري ڊيوٽي تي اچڻ بعد انسانيت سان بي انتها پيار ڪندڙ اهو شخص نيوز ڊيسڪ تان ڪَهي منهنجي آفيس ۾ اچي مون سان وڏي چاهه سان ملندو هو ۽ سڄي ڏينهن جا حال احوال پڇي آخر ۾ انهن منهنجي ڏنل حوالن تي مون کي پنهنجي زندگي جي سمورن تجربن کان روشناس ڪري زندگي ڏکن ۽ سکن ۾ گذارڻ جون هدايتون ڪندو هو، ائين ئي ان شخص جو مون سان روزاني ان اخباري اداري ۾ ملڻ ٿيندو هو، آخرڪار هن پيار ڀري انسان سان هڪ سال کانپوءِ ان اداري مان ته جدائي ٿي پر سندس ڏنل پيار ۽ محبت جو سلسلو حيدرآباد جي مختلف اخباري ادارن ۾ ملاقاتن دوران جاري رهيو، مون کي صحافتي دنيا جي سمورين صنفن کان واقفڪار ڪرائيندڙ اهو شخص ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد 1997ع تي متعارف ڪرائيندڙ سائين لائق سنڌي خالق حقيقي سان وڃي مليو آهي، سائين لائق سنڌي جيڪو هڪ پرائمري استاد هئڻ ۽ اخباري دنيا سان لاڳاپيل هجڻ ڪري سندس سنڌ جي مختلف شهرن توڙي اخباري ادارن ۾ سوين شاگرد اڄ به موجود آهن، سائين لائق سنڌي لاءِ مشهور آهي ته کيس سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا به چيو ويندو هو، سائين لائق جي اها ڏاهپ هئي جو سنڌ جي سموري تاريخ سندس سيني ۾ سمايل هئي، اخباري اداري ۾ ڪن واقعن يا شخصيتن بابت ڪي دوست مونجهاري جو شڪار ٿيندا هئا ته سائين لائق کان رهنمائي حاصل ڪري وٺندا هئا، سائين لائق جي ٻڌايل هر هڪ سٽ صحيح ثابت ٿيندي هئي، جنهن تي هر اهو اخباري اداري سان واسطو رکندڙ شخص مثبت هوندو هو، سائين لائق سنڌي منهنجي لاءِ نه پر ڪيترن ئي اهڙن نوجوانن جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۽ کين مختلف ادارن ۾ نوڪريون ڏيارڻ ۾ به تمام گهڻي مدد ڪئي. جيڪي هن وقت مختلف پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن، هن وقت صرف ايترو ئي افسوس ڪري سگهجي ٿو ته اڄ سنڌ جو اهو سٻاجهڙو انسان اسان ۾ موجود ناهي پر سندس يادون هميشه لاءِ مون جهڙن سندس شاگردن جي دلين ۾ قائم رهنديون.
    ’روزاني شام، حيدرآباد‘، 17 جنوري 2014ع


    سائين لائق ٿيٻي جو وڇوڙو: هڪ استاد، هڪ صحافي ۽ مهربان انسان...!

    سائين لائق ٿيٻي جو وڇوڙو: هڪ استاد، هڪ صحافي ۽ مهربان انسان...!
    اسلم انجم سومرو

    سنڌي صحافت ۾ خاموشي سان سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندڙ استاد صحافي ۽ اديب محمد لائق ٿيٻو پيدائش (19 ڊسمبر 1943ع) جنهن کي سنڌي ادب صحافت ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ ماڻهو پيار مان سائين لائق ڪري ڪوٺيندا هئا، سندس شخصيت ۾ ٻوليءَ سان پيار ۽ نوجوانن جي همت وڌائڻ اهڙيون ٻه اهم خاصيتون هيون جنهن ڪري حيدرآباد جي ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ هن جي لاءِ بي پناهه پيار ۽ احترام هو، ديمي لهجي ۽ ماٺيڻي مزاج وارو هي انسان سادگي پسند به هو ساڳئي وقت هر قسم جي ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو نموني وٺندو هو، جيتوڻيڪ هو پيشي جي لحاظ کان استاد هو پر هن ڪڏهن به ان کي پيشو نه سمجهيو، ڇاڪاڻ ته بقول سائين لائق جي تعليم ڏيڻ سان نه رڳو هو پنهنجي نوڪري سان انصاف ڪري ٿو پر تعليم ڏيڻ هن کي دلي طور پسند آهي، جڏهن ته صحافت ۾ هو پنهنجي زماني جي مشهور اخبار ’آفتاب‘ ۾ ان ڪري ڪم ڪندو هو ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي ڪنهن به قسم جي بگاڙ ۽ خطري کان بچائي سگهجي.
    اهڙي ريت هو علم جي لاٽ به ٻاري رهيو هو ۽ ٻوليءَ جي مشعل به پنهنجي هٿن ۾ کڻي رهيو هو، هن سڄي زندگي پنهنجي ڳوٺ موري منگر مان حيدرآباد جو سفر ڪري ڄڻ ته علم کان ادب ۽ صحافت ڏانهن اهڙو نه کٽندڙ سفر ڪيو، جنهن سفر جي پڄاڻي هن جي جسماني وڇوڙي سان خميس 16 جنوري 2014ع تي ٿي آهي، سائين لائق سنڌ جو اهو صوفي منش انسان هو، جيڪو سنڌ جي هنن سمورن انسانن ۾ هميشه زنده رهندو، جيڪي سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪن ٿا ۽ جن کي سنڌ سان پنهنجي مٺڙي امڙ جيترو انس آهي.
    سائين لائق جو وڇوڙو هڪ فرد جو نه پر هڪ اداري جو وڇوڙو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي نگراني ۽ تربيت هيٺ سنڌ جا اهڙا ڪئين نوجوان ٻوليءَ ۽ صحافت جي سکيا وٺي، ڪاميابين جي منزل تائين پهتا. جن مان ڪافي هينئر به صحافت جي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي رهيا آهن ته ٻئي پاسي تعليم جي شعبي ۾ هن جي خدمتن جي نتيجي ۾ هن ايماندار انسان جي ٻوليءَ سان لڳاءُ ۽ علم جي اهميت جي آگهي هجڻ جي ڪري ٻهراڙيءَ جا اهي معصوم ذهن جيڪي شايد هونئن راهن ۾ رلي وڃن ها، انهن کي به سائين لائق جي شڪل ۾ هڪ مهربان استاد مليو، هر ماڻهوءَ کي پنهنجي حصي جو ڪم ۽ زميواري مڪمل ايمانداريءَ سان پوري ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان سائين لائق انهن ٿورن انسانن منجهان ڳڻي سگهجي ٿو، جنهن پنهنجي زندگيءَ کي ڪارائتو بڻايو نه رڳو پنهنجي اهڙن سوين هزارين ماڻهن لاءِ جيڪي حيدرآباد ۾ گهلندڙ ٿڌين هوائن ۾ گول بلڊنگ جي ان ڪنڊ ۾ هن جا چيل گفتا ٻڌي اڳتي جي لاءِ سفر جي تياري ڪندا رهيا آهن.
    ’روزاني جيجل، حيدرآباد‘17 جنوري 2014ع.


    سائين لائق بڙ جيان هو....

    سائين لائق بڙ جيان هو....
    ڪوثر ٻرڙو

    مان جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1987ع جي آخري مهينن ۾ بدلي ٿي آيس ته ٿورن ڏينهن ۾ ئي ڪافي دوست پيدا ڪري ورتم تن ۾ ڪجهه قريب، ڪجهه قريب تر ۽ ڪجهه قريب ترين رهيا. ابتدا ۾ الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب جي معرفت جن دوستن سان منهنجي قربت پيدا ٿي نه رڳي پيدا ٿي پر جلد ئي وڌي وڻ به ٿي وئي تن ۾ ناز سهتو به شامل آهي جيڪو ان وقت آفتاب اخبار ۾ صحافتي مزدوري ڪندو هو. ناز جي ڪري منهنجو آفتاب اخبار ۾ اڪثر وڃڻ ٿيندو هو جتي سائين لائق سنڌي، احمد خان شيخ، مشتاق مسرور باريجو ۽ ٻين سان ملاقاتون ٿيون ۽ اهي ملاقاتون هڪ مضبوط نياز منديءَ ۾ تبديل ٿي ويون. سائين لائق سنڌي جو وجود مونکي هڪ گهاٽي بڙ جيان محسوس ٿيندو هو. هو هڪ کرو ۽ سچو انسان هوندو هو. نه منافقي ڪندو هو ۽ نه کيس منافق ماڻهو پسند هوندا هئا. سائين لائق جنهن کي هر ڪو دوست ”سائين لائق“ ئي ڪوٺيندو هو. سائين لائق بيشمار خوبين جو مالڪ هوندو هو. هو پنهنجي نالي وانگر لائق انسان هو. هو پاڻ به حق حلال ۽ محنت سان روزي ڪمائڻ جو قائل هوندو هو ته ٻين کي به اهڙي ئي هدايت ڪندو هو. سدائين خلوص، ٻاجهه، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ سان مرڪي ملندو هو. هو هڪ بيباڪ استاد ۽ صحافي هوندو هو جنهن ڪيترن ئي سيکڙاٽ صحافين جي نه رڳو همت افزائي ڪئي پر انهن کي صحافت جي ميدان ۾ خود ڪفيل بنائي ڇڏيو.
    سائين سان منهنجو تعلق تيستائين جڙيل رهيو جيستائين منهنجي حيدرآباد بدلي ٿي وئي ۽ اهو عرصو لڳ ڀڳ اٺن سالن تي مشتمل آهي. ان ڊگهي عرصي دوران بيشمار ڪچهريون ٿيون. هو هڪ سچو قوم پرست ۽ سنڌ دوست انسان هو ۽ هو فڪر ۽ آدرشن جو ڏاڍو قدر ڪندو هو. هو هڪ تاريخ هو ۽ تاريخ کي گڏ ڪندڙ به هو. اخبار ۾ ڪم ته ڪندو ئي هو اهو سندس روزگار هو پر اخبارون خريد ڪرڻ ۽ وري اهي جمع ڪري رکڻ سائين لائق جو پسنديده مشغلو هوندو هو. اسان کي ڪڏهن به ڪا اخبار جيتري به پراڻي هوندي هئي گهربي هئي ته اها سائين لائق وٺان ئي ملندي هئي. هو پيار جو پوڄاري هو. هڪ وڙائتو ۽ اصول پسند ماڻهو هو. هو قلمڪار، دانشور ۽ صحافي هو ان ڪري يقيناً کيس ٻين اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ به ٿيندي رهندي هئي، جتان شايد کيس معاوضو به وڌيڪ ۽ بروقت ملڻ جو آسرو اميد هجي، پر اهڙو ذڪر نڪرندو هو ته سائين لائق اهو ئي چوندو هو ته: ”سائين پيسو ئي سڀ ڪجهه ڪونهي شيخ صاحب (علي محمد شيخ صاحب) ڀانئين ٿو، عزت ڏئي ٿو، ان ڪري آفتاب اخبار مان هروڀرو ڀڄي وڃڻ مناسب ڪونه ٿو لڳي.“ پريس ۾ جڏهن به وڃبو سائين لائق ٻن ڪمن ۾ ئي مصروف نظر ايندو هو، هڪ پيسٽنگ ڪرائڻ ۾ ۽ ٻيو ٻيڙي پيئڻ ۾ توڙي جو سائين اسان کان عمر ۾ گهڻو وڏو هو، رتبي ۽ شان شوڪت ۾ به وڏو هو ۽ سماجي ۽ علم ودانش جي ميدان ۾ به اسان کان وڏو هو پر سائين ڪچهري ڪرڻ وقت ڀوڳ مذاق به ڏاڍو ڪندو هو. هو زنده دل ۽ ملنگ طبيعت رکندڙ انسان هو. ڀوڳ مذاق ڪندو به هو ۽ برداشت به ڪندو هو. سچ پچ ته سائين لائق سنڌي هڪ با ڪمال ۽ عملي جدوجهد ۽ محنت جو اهڃاڻ هو. جنهن سدائين هڪ نرسريءَ جو ڪردار ادا ڪيو.
    الله سائين کان دعا آهي ته کيس جنت ۾ جڳهه عطا ڪري، اهڙا سٺا سچا ۽ سادا انسان ۽ پنهنجي پيشي سان عشق ۽ رومانس ڪرڻ وارا ماڻهو تمام ٿورا هوندا آهن.


    سائين لائق منهنجي لاءِ ڇپر ڇانَو هو...

    سائين لائق منهنجي لاءِ ڇپر ڇانَو هو...
    صوفي ڊاڪٽر ڪرشن سوٽهڙ

    سائين لائق سنڌي نه رڳو اسماعيل لاءِ پر منهنجي لاءِ به ڇپر ڇانَو هو، سائين وارن جو ۽ اسان جو هڪ گهر آهي، سائين اسان جو ڀاتي ٿي رهيو، ننڍي هوندي سائين لائق منهنجي والد صوفي نيڀراج جو تمام گهڻو پيارو ۽ دادلو رهيو.
    پڙهڻ سان گڏ گهمڻ ڦرڻ، مشاعرن وغيره ۾ به بابا سان گڏ سائين لائق ضرور هوندو هو، بابا سائين سان پيار جو هڪ واقعو ٻڌايو ته هڪ دفعي سائين مخدوم طالب الموليٰ ٽنڊو حيدر مريد وٽ آيو ۽ بابا کي سائين ملاقات لاءِ گهرايو ته بابا حسبي معمول سائين لائق کي وٺي ويو، اتي خليفي چيو ته سائين صرف توهان سان ملندو جنهن تي بابا اسرار ڪيو ته لائق منهنجو ٻچو اولاد آهي، ان کي به ملاقات جو شرف ملي جنهن تي سائين طالب الموليٰ اجازت ڏني ۽ سائين لائق بابا سان گڏ مخدوم صاحب سان ملاقات ڪئي.
    سائين لائق تمام گهڻو پيار ڪندڙ، سچو ۽ کرو انسان هو ۽ ڪڏهن به وڏائي نه ڪندو هو، ڪڏهن به ڪنهن محفل ۾ سائين لائق سان گڏ وڃڻ ٿيندو هو ته سائين اڳين سيٽن تي ويهڻ بدران پويان ويهڻ کي ترجيح ڏيندو هو.
    ڪنهن بلڪل صحيح لکيو آهي ته سائين لائق، سنڌي جو گوگل هو، سائين لائق کي وڏيون يادگيريون ۽ حافظو هوندو هو، ڪٿي جي به ڳالهه ڪبي هئي ته سائين ان علائقي جي مڪمل ڄاڻ ۽ تاريخ مهيا ڪندو هو.
    سائين لائق بلڪل لازوال صلاحيتن جو مالڪ ۽ سنڌي تي عُبور حاصل هئس، ملڻ جهلڻ ۾ اهڙو ته ماڻهو کي موهي وجهندو جو هر ماڻهو سائين جو معتقد ٿي ويندو هو.
    سائين لائق تمام سخي دل جو مالڪ هو. ٻارن سان گهڻي محنت هوندي هئس، سائين گولڊ ليف جو چين سموڪر هو ان مهانگي سگريٽ کي محفل ۾ ويٺلن کي خوشي سان پياريندو هو، سندس کي ٻارن سان ايتري محبت هوندي هئس جو جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته سڀني ٻارن کي خرچي ضرور ڏيندو هو، منهنجي ننڍي پٽ ورون نيڀراج سان تمام گهڻي دل هئس، اهو سائين کي ڏاڏا چئي پيرين پوندو هو ۽ سائين جڏهن بستري تي ڳالهائڻ کان لاچار هو، تڏهن به ان لاءِ خرچي ضرور ڏيندو هو، سائين هميشه اخبارون پنهنجي پيسن سان وٺندو هو ۽ هڪ ٿيلهي ۾ اخبارن کان علاوه گهڻا پنا به رکندو هو.
    ڳوٺ ۾ ادا احمدخان شيخ کان علاوه منهنجي ڪلينڪ به سندس ويهڻ جو ٺڪاڻو هوندي هئي، جيستائين مونکي نه ڏسي سک نه هوندو هئس، مون سان اسماعيل کان به وڌيڪ پيار هوندو هئس، سائين کي ياد ڪندي هميشه اکيون آليون ٿيو وڃن، سڄي سنڌ کي لطيف وانگر گهمي مشاهدو ڪندڙ شخص هو، منهنجي نوڪري دروان سائين جون بي تهاشا مددون رهيون آهن.
    بيماري دوران سائين کي کلائڻ به منهنجي فرض ۾ شامل هو، سائين ان عرصي ۾ صرف اسماعيل ۽ منهنجي ڳالهه مڃيندو هو، سائين لائق ڇا لکان هوته اسان لاءِ آسمان مثل هو، ان جي ڇپر ڇانو ۽ شفقت ۾ پاڻ کي ڀاڳن وارو محسوس ڪندو هئس، بابا کان پوءِ هي به بابا هو جيڪو هن فاني دنيا ۾ هڪ دفعو ٻيهر يتيم ڪري ويو.
    لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي....


    امن پسند شخص

    امن پسند شخص
    پروفيسر عبد العزيز عمراڻي

    سائين لائق سنڌي کي مون سنڌي فائنل امتحان جي تياري وقت ڏٺو، موري منگر ڳوٺ ۾ سائين مرحوم عبدالرحمٰن ٿيٻو جي رهنمائي ۾ ڪجهه شاگردن سنڌي فائنل جي تياري پئي ڪئي. رات جو گولا ٻاري پڙهائي ڪئي ويندي هئي، ان وقت سنڌي فائينل پاس ڪرڻ ڪو آسان امتحان ڪونه هو. انوقت سائين لائق سنڌي سان گڏ استاد ڏاتر ڏنو شيخ حاجن ٿيٻو موريءَ وارو ۽ ڪجهه ٻيا امتحان جي تياري ڪري رهيا هئا. منهنجو ايترو قريبي تعلق ڪونه هو. البت هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئاسون، ان وقت آءٌ ڳوٺ پنيل ڳاهي ۾ رهندو هئس. سائين سان ملاقات جو سلسلو آفتاب اخبار جي نئين سر شايع ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيو. جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته سنڌي صاحب فراخدلي سان وقت ڪڍي زماني بابت ڳالهه ٻولهه سان گڏ چانهه جي پيالي پياريندو هو. پنهنجي وس آهر دوستن جي ڪم ڪار ۾ مدد به ڪندو هو.
    جڏهن آءٌ اسلام آباد ۾ نوڪري سانگي هئس ته ڪو دوست اسلام آباد ايندو هو ته ان کي خط لکي ڏيندو هو ته جيئن ان جي ڪنهن طريقي سان مدد ڪجي يا رهنمائي ڪجي. سنڌي صاحب جي گفتگو ۾ مون ڪڏهن ڪو غير مهذب لفظ نه ٻڌو. گفتگو ۾ آهستگي ۽ شائستگي هوندي هئي. عام طرح خاموشي پسند پر ويجهن دوستن سان کُلي ڪچهري ڪندو هو. جهڳڙن ۽ فساد کان تمام پري رهندو هو. پاڻ امن پسند ۽ حليم طبيعت جا هئا. سائين خود به اديب هو ۽ علم دوستن سان اڪثر صحبت هئس، عام ماڻهونءَ سان گفتگو نه برابر هئس ڇو ته علمي ۽ ادبي گفتگو کان خالي ڳالهه ٻولهه کيس متاثر نه ڪندي هئي. سنڌي صاحب ادبي سنگت ۽ اخباري صحافت ۾ اچڻ سان شهرت حاصل ڪئي، سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ سندس سڃاڻپ ٿي سائين جي پروف ريڊنگ ۾ مهارت هئي، جنهن ڪري جڏهن سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ٺهيون ۽ ان جي ڇپائي جو ڪم لاهور ۾ هڪ پبلشر کي ڏنو ويو ته ان جي پروف ريڊنگ لاءِ سنڌي صاحب کي لاهور گهرايو ويو، جتي ڪجهه مهينن تائين ڪم ڪيائون سندس گفتگو ۽ ڪردار جي ڪري پريس مالڪ ايترو متاثر ٿيو جو هُن ڪجهه روا ڀرائڻ لاءِ کيس ڏنا جڏهن ته هو واپس اچي رهيو هو ۽ وري لاهور وڃڻ جو ارادو ڪونه هئس، اُهي روا ڀرت ڀرائڻ کانپوءِ مون ان شخص کي اسلام آباد ويندي لاهور ريلوي اسٽيشن تي ڏنا.
    اصل قصو ائين آهي ته سائين کيس چيو ته آءٌ ته ڪونه ايندس مون تي توهان ڪيئن ٿا اعتبار ڪريو، ان پريس جي مالڪ چيس ته نه مليا ته به خير آهي، مقصد آهي ته سائين تي ان شخص جو اعتبار ۽ اعتماد هو جيڪا سندس سُٺي ڪردار جي خوبي هئي، جڏهن ڳاهن جي ڳوٺ مان لڏي منگرن ۾ اچي آباد ٿيس ته سائين پهريون شخص هو جنهن سڄي گهر جي دعوت ڪئي هئي، طبعيتاً دل جا سخي ۽ همدرد انسان هئا، مون کي نٿو ياد پوي ته ڪو ڪنهن کي ڏکويو هوندائين، ڌڻي در دعا آهي ته سائين لائق سنڌي صاحب کي سچي سعادت ۽ دائمي سڪون ملي ۽ سندس درجا بُلند ٿيندا رهن.


    صحافتي ٻوليءَ جو سينگاريندڙ سائين لائق سنڌي

    صحافتي ٻوليءَ جو سينگاريندڙ سائين لائق سنڌي
    خطائي ٿيٻو

    سنڌ جي دانشگاهه واري شهر حيدرآباد جنهن جي ٻهراڙيءَ واري تعلقي جي ڳوٺ موري منگر جي سنڌ ۾ هڪ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رهي آهي، شيخ علي محمد جهڙو برک صحافي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ڊيوٽي آفيسر محمد اشرف ٿيٻو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو مرڪزي آڊيٽر شاعر ۽ ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سنڌ امين ٿيٻو ۽ پروفيسر محمد اسماعيل ٿيٻو جو تعلق به موري منگر سان رهيو آهي، منهنجو ساڻن محبت ۽ نيازمندي جو رشتو رهيو آهي، منهنجي لاءِ هر وقت مهربان رهندڙ سائين لائق سنڌي ته هن ڳوٺ جي جان هو، لطيف چواڻي:
    جيءَ منهنجو جن، انگڙيارو وڍيو،
    پڄاڻان پرينَ، سُبان سڄو نه ٿئي.

    16 جنوري 2014ع جو ڏينهن سنڌ جي استاد ۽ صحافي سائين لائق سنڌي جي وڇوڙي جي خبر کڻي آيو، ساڻس پيار ڪندڙ شاگرد ۽ دوست سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سندس اباڻي ڳوٺ موري منگر پهچن ٿا، هن خطائي تي مُٺ کُٽائپ، هميشه مهربان رهي آهي، اِئين آئون شرڪت کان رهجي ويس.
    سندس وفات کان اڳ ساڻس ملاقات لاءِ موري منگر پهتو هوس، سندس برادر چاچا قاسم، امين ٿيٻي، چاچا موسيٰ ٿيٻو ۽ احمد خان شيخ جي موجودگيءَ ۾ ملاقات ٿي هئي، اجگر بلا جهڙيءَ بيماري سان جهيڙيندڙ هن شخص جي چهري تي پر اعتمادي ڏٺم، اُهائي آڌر ڀاءُ اُها ئي مهربان نگاهه، اُها ئي سادگي ۽ اُهائي پنهنجائپ مجال آهي جو سندس مزاج ۾ فرق اچي، فرق به ڪيئن ايندو جن ماڻهن سدائين سچ جو وکر ورهايو هجي، ڪوڙ کان ڪنارا ڪشي ڪئي هجي اهي ماڻهو ڪڏهن مايوس ٿي نه مرندا آهن، پر مسڪرائيندي موت سان هٿ ملائيندا آهن، سائين لائق سنڌيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 1998ع جي زماني ۾ منٺار فقير راڄڙ جي صوفياڻي ميلي ۾ هڪ صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ ٿي هئي، علي بابا، وفا ناٿن شاهي، لالا رحمٰن سمون، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، تاج جويو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب شاعر هن محفل ۾ هئا، محمد بخش ضامن ۽ سرفراز راڄڙ صاحب محفل جا ميزبان هئا. سائين لائق سنڌي کي اعزازي مهمان ڪيو ويو هو، اُتي سائين لائق سان منهنجو محبتن جو رشتو جڙيو، جيڪو سندس زنده رهڻ تائين قائم رهيو، حيدرآباد ۾ جڏهن به ڪو ادبي پروگرام ٿيندو هو ته عمر ڪوٽ کان حيدرآباد پهچي، سڀ کان پهرين ته سائين لائق جي حاضري ڀربي هئي، پوءِ ادبي پروگرام ۾ شرڪت ڪبي هئي، جڏهن مون حيدرآباد سنڌ لا ڪاليج ۾ وڪالت ۾ داخلا ورتي ته سائين لائق سنڌي، مون کي ڏاڍو همٿايو ۽ چيائين سٺو ڪم ڪيو اٿئي پٺتي پيل علائقي جي ماڻهن کي هن چٽا ڀيٽي جي دؤر ۾ تعليمي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهڻ کپي، تنهنجو ادبي ڪم پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ پر هيءَ ڪم تمام سٺو آهي،سائين لائق سنڌي صحافتي ٻوليءَ جو سينگاريندڙ هو، سندس ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيل خدمتون سنڌ جي صحافت جي تاريخ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، اخباري ٻوليءَ جي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ لائق سنڌي جو اهم ڪردار رهيو آهي.
    سائين لائق سنڌي، سائين جي. ايم سيد جو پڪو پوئلڳ هو، سندس مزاج صوفي ۽ غريب پررور رهيو، آفتاب اخبار کان ويندي ڪاوش گروپ تائين لائق سنڌي پنهنجي ذميواري نڀائي. پيشي جي اعتبار کان به هميشه پابندي سان علائقي جي ٻارن کي تعليم ڏنائين. سندس تعليمي ۽ صحافتي ٻوليءَ جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي سنڌ هميشه ياد رکندي، اُميد ته سندس حق ۽ سچ جي ٻاريل روشني جي لاٽ کي سندس شاگرد ۽ فرزند ڪڏهن به اُجهائڻ نه ڏيندا.


    سائين لائق جي ياد ۾

    سائين لائق جي ياد ۾
    ظهيرالدين ٽالپر (بابر ٽالپر)

    اڄ 16 جنوري 2014ع تي تقريباً 01 لڳي 45 منٽن تي محمد اسماعيل ٿيٻي جو فون آيو ته بابا سائين لائق سنڌي، هن جهانِ فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    انهيءَ خبر کي ٻڌندي ئي، مون کي اٽڪل 24 سال پوئتي جي، ان ڏينهن جي ياد آئي، جڏهن آءٌ پهريون ڀيرو سائين لائق سان مليو هئس.
    آءٌ ۽ اسماعيل مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهندا هئاسين هڪ ڏينهن اسان ڪاليج مان ٿي آفتاب اخبارجي آفيس وياسين ته پهريون ڀيرو سائين لائق سان ملاقات ٿي. سائين هڪ نهايت ئي شفيق سادو ۽ مٺن لفظن ڳالهائڻ وارو انسان هو. ان پهرين ملاقات مون تي سائين جي شخصيت جو تمام گهڻو اثر وڌو. ان کان پوءِ جڏهن به سائين سان مليس هر دفعي سندس شخصيت جو هڪ نئون پهلو ڏٺم ۽ ان مان متاثر ٿيس.
    سائين کي هر موضوع تي عبور ۽ تمام گهڻي ڄاڻ هوندي هئي جڏهن به ڪنهن موضوع تي بحث مباحثو ٿيندو هو ته سائين وٽ معلومات جا انبار هوندا هئا، ڄڻ انسائيڪلوپيڊيا هجي. سندس ان گهڻ رخي شخصيت جو هڪ پهلو اهو به هو ته (منهنجي سوچ مطابق) سائين جي سنڌ جي تقريباً هر اهم ماڻهوءَ ۽ سندس خاندان سان واقفيت هوندي هئي. ڪنهن شخصيت جو اگر ذڪرنڪرندو هوته سائين سندس پوري تاريخ ۽ جاگرافي پيو ٻڌائيندو هو ۽ آءٌ حيراني سان پيو ٻڌندو هئس.
    سائينءَ جي شخصيت جو اثر نه رڳو اسان نوجوان شاگردن، صحافين ۽ عام ماڻهن تي هو، پر وڏا وڏا ڪامورا ۽ بيوروڪريٽس به سندس تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. 1992ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ گهڻين برساتن ۽ ٻوڏن جي صورتحال هئي، تڏهن سانگهڙ ضلعو گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت جي ڊي . سي جناب عبدالسبحان ميمڻ، سائين لائق جي چوڻ تي اسان جي اوطاق تي آيا ۽ بابا (مير ضيغم الدين ٽالپر) سان ملاقات ڪيائون. ان ڪچهري ۾ آفتاب اخبار ۽ ٻوڏ ستايلن جي امداد وارا موضوع زير بحث رهيا، ڇاڪاڻ ته ان وقت سانگهڙ جي ٻوڏ ستايل عوام سان آفتاب اخبار ڀلي ڀت نڀايو.
    ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سائينءَ جي طبيعت ناساز هئي. تڏهن آءٌ موري منگر۾ سندس گهر ويس ته سائين پاڻ هلي ٻاهرئين ڪمري ۾ آيا، گلي ۾ تڪليف جي ڪري سندن آواز ته هلڪو پئي آيو پر ان باوجود به اسان سان ڪافي دير ويٺو ڪچهري ڪندو رهيو.
    اڄ ان فون کان پوءِ سائينءَ سان 24 سال پراڻو ظاهري ملاقاتن جو سلسلو ته شايد ختم ٿيو، پر سائينءَ سان جيڪو محبت وارو رشتو هو، سو ڪڏهن به ختم نه ٿي سگھندو.
    آخر ۾ آءٌ دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ سندن پونئيرن محمد اسماعيل ٿيٻي ۽ محمد بخش ٿيٻي کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ کين سگهه ڏئي ته سائينءَ جي محبت ۽ محنت جي لاٽ کي روشن رکن.


    عُمر سڀ عشق سين!

    عُمر سڀ عشق سين!
    مسڪين سمون

    دنيا ۾ ماڻهوءَ جي جيئڻ جا ٻه رستا هوندا آهن، هڪڙو پنهنجيءَ ذات جي لاءِ جيئڻ وارو، خسيس، بي بقا ۽ فاني رستو، جنهن تي هلڻ سان، ماڻهو حياتيءَ ۾ ئي مري ويندو آهي، ٻيو رستو اهو هوندو آهي، ته ماڻهو زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ، ڪنهن عظيم مقصد لاءِ پنهنجيءَ ذات کان مٿانهون ٿي، هزارين، لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن جي لاءِ پاڻ کي وقف ڪري، حياتيءَ جو پل پل با مقصد گذاري ڇڏي.
    ”جهانَ ۾ زندگي ائين گذار،
    جو جڏهن مري وڃين،
    ته ماڻهو ايئن نه چون ته ڪو فلاڻو
    ”مري ويو!“ (حافظ شيرازي)
    گوئٽي چيو هو:
    ”ڇا تون سچ پچ،
    ڪجهه ڪرڻ گهرين ٿو؟
    ته مهل هيءَ اٿئي،
    جيڪي ڪجهه ڪري سگهين ٿو،
    يا جيڪي سمجهين ٿو ته،
    آئون ڪري ويندس،
    تنهن کي اُٿي شروع ڪري ڇڏ،
    هينئر جو هينئر
    اِجهو بِنهه هِن مهل! (گوئٽي)“
    جيڪي ماڻهو، گوئٽي جي ان اصول تي عمل ڪندا آهن، تن جي زندگيءَ کي معنيٰ، ۽ مرڻ کان پوءِ سندن مِٽيءَ کي به مانُ مِلي ويندو آهي.
    سنڌي صحافت، جيڪا گهڻي ڀاڱي زرد ۽ ڪرپٽ ٿي چڪي آهي، وڏيرڪي ۽ جاگيرداڻي سماج ۾ اڪثر صحافي ذاتي مفادن لاءِ سونَ تي سيڻ مٽائي، ضميرن جو سودو ڪري ڏاڍا سستا ۽ جمعي بازار جي مال وانگر وڪامي رهيا آهن، اتي ڪي اهڙا به معتبر نالا، سنڌي صحافت جي ميدان ۾ نظر اچن ٿا، جن جو ڪردار، عمل ۽ سوچ، ايترا ته صاف، پاڪ ۽ سندن دامن ايترا ته بي داغ ۽ مقدس آهن، جو سندن عظمت جي اڳيان احترام مان ڪنڌ جُهڪائڻا پون ٿا. اهڙن محترم ۽ باڪردار صحافين ۾ سائين لائق سنڌيءَ جو نالو به سِر فهرست آهي. جنهن سڄي زندگي، بااصول، بامقصد ۽ بي داغ صحافت کي ارپي ڇڏي، ڪنهن به دٻاءُ ۽ لالچ، هن شخص کي ڪمزور ڪري نه جُهڪايو!
    ايماندار ۽ اصول پرست صحافيءَ لاءِ هن سماج ۾ قلم جو ڀرم رکڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، ڪئين لالچون، دٻاع ۽ ٻيا انيڪ طوفان، لوڏڻ لاءِ گهُلي پوندا آهن. وڏا وڏا تناوَر وڻ پاڙئون پٽجي ويندا آهن، پر جيڪي پنهنجو وجود قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، سي تاريخ ۾ ڪڏهن به مرندا ناهن.
    ”جيڪو رڳو پڙهيل آهي، ڪڙهيل ناهي،
    تنهن کي جڏهن به ڪو خريدار ملندو،
    تڏهن پنهنجي علم کي، بازاري شيءِ وانگر وڪڻي ڇڏيندو!
    (مولانا رومي)“
    سائين لائق سنڌيءَ کان سينيئر ۽ سندس همعصر صحافي، ڪک پتيءَ مان لک پتي ٿي ويا، گاڏين ۽ بنگلن جا ڌڻي ٿي ويا، پر سائين لائق سنڌيءَ ”ڀَلي بُکَ ڀَرَمَ جي، شالَ مَ وڃي شانُ“ جي اصول تي هلندي، سنڌي صحافي ۾ جيڪو مقام، مانُ ۽ مرتبو حاصل ڪيو، تنهن جي آڏو، دنيا جون دولتون ۽ ظاهري ٺَٺَ ڪا به اهميت ۽ حيثيت نٿا رکن.
    مستقبل جو مؤرخ، جڏهن سنڌي صحافت جي تاريخ لکڻ ويهندو، تڏهن سائين لائق سنڌيءَ جو ذڪر، انتهائي احترام سان، انهن باضمير، پاڪدامن ۽ نه وڪامندڙ صحافين سان گڏ ڪندو، جن جي عظمتن آڏو هماليه جبل به ڏاڍو ننڍڙو لَکبو آهي.
    اڄ به سائين لائق سنڌيءَ جي ذڪر ٿيڻ تي پڪ ڄاڻو، ڪرپٽ ۽ داغدار دامن رکندڙ صحافين جا ڪنڌ شرم کان جُهڪي ويندا هوندا. سندن ساهَه مُنجهي پوندا هوندا ۽ سندن ضميرَ، کين چُهنڊڙيون وجهندا هوندا ۽ ٻئي پاسي دنيا جون سموريون عظمتون، رُتبا، مرتبا، عزتون ۽ شُهرتون، سائين لائق سنڌيءَ جهڙن اعليٰ شانَ ۽ ڪردار وارين آڏو جُهڪي، سلام پيش ڪندا آهن ۽ تاريخ گواهي ڏئي ڇڏيندي ته، پنهنجو ايمان سلامت رکندڙ ماڻهو، ڪڏهن به فنا ناهن ٿيندا.
    عُمر سڀ عشق سين، پُنهون جي پُڇن،
    رِيسَ ريزاليون تن سين، ڪُڄاڙي لئه ڪَنِ؟
    مارڳ جي مَرَن، وڏا طالع تن جا. (شاهه)


    سائين کي جئين مون ڏٺو....!

    سائين کي جئين مون ڏٺو....!
    شهروز اشرف ٿيٻو

    جيڪڏهن دنيا جي اندر الله تعاليٰ ڪا عظيم شيءَ خلقي آهي ته اُهو آهي ”انسان“ ڇاڪاڻ ته انسان کي ”اشرف المخلوقات“ بنايو ويو آهي. ۽ ان کان به وڌيڪ عظيم آهي ”انسان جو فڪر“ جيڪو هن کي پنهنجي وجود ۾ اڃا به اُتم بڻائي ٿو. تاريخ ۾ ”فرد جي ڪردار“ تي گهڻو لکيو ۽ بحث ڪيو ويو آهي. ان ڪري ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ”فرد“ تاريخ جا پير هوندا آهن. ان کانسواءِ تاريخ اڌوري هوندي آهي. لطيف، سچل، سامي ۽ اياز جي سنڌ ۾ ڏاهن، شاعرن اديبن، صحافين ۽ بهادر انسانن جي هڪ اڻ کٽ قطار آهي. جيڪا هوش محمد شيدي، ڊاڪٽر علامه آءِ آءِ قاضي، سائين جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، استاد بخاري کان ويندي سائين حيدر علي لغاري تائين جهڙن ماڻهن جي هڪ لازوال قطار آهي. جن سنڌ جي حقيقي تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، اها ڳالهه چوڻ ۾ آئون ڪابه هٻڪ ۽ هرج محسوس نه ڪندس ته انهيءَ سفر جي هلندڙ هڪ قافلي جو ”گمنام سپاهي“ ۽ آدرشي انسان جو به پورهيو شامل آهي. اُهو آهي سائين لائق سنڌي جنهن پنهنجي سموري زندگي سچائي ۽ ايمانداري سان گذاري ۽ حياتي جا 25 سال تعليم جي شعبي کي ارپيا. ان کانپوءِ جڏهن هن کي صحافت سان جنونيت جي حد تائين عشق ٿيو ته بجاءِ صحافت ۽ ماستري کي گڏ هلائڻ جي(جئين هينئر عام جام آهي) سائين رٽائرمينٽ کي ترجيع ڏني. ۽ باقي رهيل سمورو زندگي جو حصو صحافت کي ارپيائين.
    سائين کي جئين مون ڏٺو ته سائين تمام گهٽ ڳالهاهيندڙ پنهنجي جملي ۾ مقصد جي ڳالهه ڪرڻ جو قائل هوندو هو. سائين سنڌي ٻوليءَ جو پارکو هو. سائين هڪ کرو انسان هو. سنڌ سان پيار ڪرڻ وارو سچو سپوت هو، سنڌ سان سندس عشق جو اندازو سندس نالي مان ئي لڳائي سگهجي ٿو.
    سائين واقعي هڪ محب وطن، وطن پرست ۽ انسان دوست ماڻهو هو. منهنجي والد مرحوم اشرف ٿيٻي پنهنجي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ ذڪر ڪندي ٻڌايو ته جڏهن آئون آگسٽ 1989ع نوڪري ۾ ڀرتي ٿيس ته منهنجي جوائنگ لاءِ سائين لائق مون سان گڏ دادو هليو هو جتي تڏهوڪي DC عبدا لسبحان ميمڻ سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ هن اسان جي تمام گهڻي عزت ڪئي.
    ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سائين لائق سنڌي جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. ڀلي اهي انسان اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويا هجن، پر فڪري طور تي هو اسان سان هر وقت گڏ هوندا آهن.
    ان لاءِ ڪنهن اردو جي شاعر چيو آهي ته:
    ”کون کهتا هي کي موت آئي تو مين مرجاؤن گا“
    ”مين تو درياه هون سمندر مين اتر جاؤن گا“

    ( اسسٽيٽيوٽ آف انگلش لنيگويج ۽ لٽريچر يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو.)




    تاثرات

    صحافتي ڀيٽا

    صحافتي ڀيٽا
    سنڌي صحافت جو قلندر سائين لائق...!
    لالا رحمان سمون

    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين.
    آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين.
    جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه)

    سائين لائق سنڌي اسان جو اهو محترم استاد هيو، جنهن اسان جو ڪو باقاعده ڪلاس يا پيرڊ ته نه ورتو، پر هلندي گهمندي، اٿندي، ويهندي، واندڪائيءَ جي گهڙي هجي يا اخبار ۾ ڪم دوران اهڙا گفتا، لفظ، چوڻيون، ڳجهارتون ۽ صحافتي صنفون ائين سمجهائي ويندو هو جو گهڙي پل لاءِ سوچ ۾ پئجي ويندا هئاسين، سائين پنهنجي سڀاءُ ۾ صوفي هو ۽ علم ۾ قلندري واٽ هيس، کيس سدائين هٿ ۾ ٿيلهي هوندي هئي، سائينءَ جو سڄو علم، پروڙ ۽ پورهيو ان ٿيلهيءَ ۾ اوتيل هو، سندس ونڊ ان ٿيلهيءَ مان هر خاص ۽ عام لاءِ هو. سائين لائق لطيف وارو نسورو سنڌي هو، جنهن وٽ مزاحمت، هوڏ، نماڻائي، ٻاجهارائپ، رواداري ۽ حياءَ جا گُڻ هئا، سندس وڇوڙو جهوريندڙ آهي. هر شيءِ فنا جي مصداق ئي آهي. سندس پيار ۽ اُڪير اسان کي سدائين ياد رهندي، هو اسان کي پنهنجي ابي وانگر ئي لڳو، رب تعاليٰ کيس پنهنجي ٻاجهه ۾ پناهه ڏئي.
    دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس
    (شاهه)


    سائين لائق سنڌي
    مدد علي سنڌي

    محترم محمد لائق سان منهنجي دوستي صحافت دوران ٿي. سنڌ نيوز، عبرت، مهراڻ ۽ آفتاب اخبارون، اڄ کان 40 ورهيه اڳ حيدرآباد شهر جون اهم اخبارون هيون. 1980ع ۾ سنڌ نيوز جي آفيس گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ هوندي هئي، سائين لائق مون وٽ ايندوهو. اهو اخبارن جو مشڪلات وارو دور هو. اخبارن تي سينسر شپ جاري هو. اخبارون روزانو سينسر ڪرڻ کانسواءِ نه نڪري سگهنديون هيون. اهڙي وقت ۾ هو، مون وٽ ايندو هو، ڪيترا ڀيرا ڏاڍا ڪارائتا مشورا به ڏيندو هو. ڪجهه وقت لاءِ سنڌنيوز ۾ به ڪم ڪيائين. پوءِ ته آفتاب اخبار جو، هن سان آخري دم تائين لاڳاپو رهيو. مان بعد ۾ عبرت آفيس ۾ هليو ويس. پر آئون سنبران ته ڪو اهڙو ڏينهن نه هجي ته هن مون وٽان ڀيرو نه ڀڃيو هجي. شاهه سائينءَ تي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي کيس دسترس حاصل هوندي هئي، هاڻ اهڙا ماڻهو ڪٿي؟ ڏيئو کڻي ڳوليون ته به ماڻهو نه لڀندا سائين لائق جهڙا. شل جنت ۾ جايون ولاري، اسان کي سدائين ياد ايندي رهندي باقي ته:دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس.
    18.01.2014


    اندر ۾ گور صوفي طبيعت رکندڙ
    سهيل سانگي

    هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو منهنجو به دوست هو، منهنجي چاچا سچل جو به ته وري منهنجي پٽ رياض جو به دوست هو. سچو نهٺو، ماٺيڻو ماڻهو پر اندر ۾ گور صوفي طبيعت رکندڙ، پڙهيل لکيل عالمن وانگر. پر ڪڏهن اهڙو ڏيکاءُ نه ڏنائين، سنڌ ۾ هر چرندڙ ڦرندڙ ماڻهو پوءِ کڻي اُن جو ڪهڙي به شعبي سان تعلق هجي، ان سان ذاتي ڄاڻ سڃاڻ، ساڳي وقت سنڌ ۾ هر سطح تي اٿندڙ هر تحريڪ، چرپر تي گهري نظر سنڌ اڄ 50 سالن جي تاريخ جي ڊيٽا پارکو ۽ اينٿرا پالاجسٽ کان محروم ٿي ويئي.


    لِڪا ڀڻن لوڪ ۾....!
    ناز سهتو

    ٻيو ڪير مڃي يا نه مڃي، پر آئون وڏي واڪ چوان ٿو ته 1980ع ۾ آئون جڏهن حيدرآباد آيس ته جن ماڻهن ٻئي ٻانهون کولي منهنجي مدد ڪئي، انهن ۾ سائين لائق سنڌي سڀني کان اڳيان هو. روزاني آفتاب ۾ لڳاتار 8 سال ۽ پوءِ ڪاوش گروپ ۾ ڪيترائي سال سائينءَ سان اسان گڏ رهياسين. هو سدائين اسان جو رهبر رهيو، جتي منجھياسين، سائين لائق اسان جي رهبري ڪئي. هو ڀٽائيءَ جي سر رامڪليءَ وارو جوڳي هيو.......
    16 جنوري 2014ع


    هڪ بهترين استاد ۽ بهترين صحافي
    خالد کوکر

    سائين لائق سنڌي هڪ بهترين استاد ۽ بهترين صحافيءَ سان گڏ هڪ بهترين انسان پڻ هو. يگاني طبيعت وارو هي انسان انتهائي شفيق ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو هو. 1980ع واري شروعاتي دؤر ۾ جڏهن مون روزاني آفتاب ۾ ڪم شروع ڪيو، تڏهن سائين لائق سان ملاقات ٿي ۽ جنهن شفقت پاٻوهه ۽ پيار سان هو پهرين ڏينهن مليو، زندگيءَ جي آخر تائين هو ائين ئي شفيق رهيو. هو سنڌي ٻوليءَ جو نهايت پارکو هو ۽ اسان جي هُن ٻوليءَ جي باري ۾ تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. فقيري طبيعت واري هن محنتي انسان کي اسان ڪڏهن به ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو ۽ نه وري سندس چهري تي چڙ وارو گهنج ڏٺو. سندس وڇوڙو سندس خاندان جي ڀاتين سان گڏو گڏ سندس دوستن ۽ اخباري حلقن ۾ به سوڳ وارو ماحول ڇڏي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سائين لائق جي دوستيءَ جو هڪ تمام وڏو حلقو آهي. سائينءَ جي وڇوڙي تي اهي سڀ سوڳوار آهن. ڌڻي در دعا آهي ته شل الله تعاليٰ سائين کي پنهنجي رحمت ۾ رکي.
    ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر، ’روزاني جيجل‘19.01.2014


    يار زنده ته صحبت باقي...!
    شبير نظاماڻي

    سائين لائق کان جڏهن به موڪلائبو هو ته چوندو هو، ”يار زنده ته صحبت باقي!“ پر اڄ اهو شفيق انسان اهي لفظ چوڻ لاءِ موجود ناهي. سوچيان پيو ته هاڻ اهي لفظ ٻڌڻ لاءِ اسان وري الائي ڪڏهن ملنداسين. روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ حيدرآباد


    استاد لائق سنڌيءَ جو وڇوڙو
    صالح بلو

    استاد لائق سنڌيءَ جو وڇوڙو سنڌي ٻولي سنڌي صحافت ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو، جيڪو تاريخ جو انمول هيرو هو، جنهن سنڌي ٻولي علم، ادب ۾ وڏي خدمت ڪئي، خاص طرح صحافتي دنيا ۾ سندس وڏو نالو رهيو، جيڪو پروف ريڊر کان وٺي پيسٽنگ ڪندو هو ته ساڳئي وقت سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ ان جي اهميت کي اجاگر ڪندو رهيو.
    سائين لائق سنڌي آفتاب اخبار، عبرت بعد جڏهن سنڌ اخبار جيڪا 1995ع ۾ شروع ڪئي سين ته اسان وٽ به آيو يار ويس، کلڻو ملڻو، سگريٽن جا سوٽا جنهن انداز سان هڻندو هو، هو هر ڪنهن سان ڀاڪر پائي قرب سان ملندو هو، سندس زندگي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۽ اخباري ٻوليءَ کي سڌارڻ ۾ گذري. اخبار ۾ ٿيندڙ غلطين کي سڌارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو هو، جنهن ڪيترائي بهتر شاگرد پيدا ڪيا. سنڌ اخبار بعد ڪوشش ۾ رشيد راڄڙ سان گڏ ڪم ڪندو هو، ليڪن سنڌ اخبار ڀرسان سندس رهائش هوندي هئي، جنهنڪري روز صبح جو ضرور اچي ڪچهري ڪندو هو. لائق سنڌي جنهن جي ڪڇ توڙي هٿ ۾ ڪيتريون اخبارون هونديون هيون، سندس رهائش اخباري لئبرري بڻيل هئي. سائين لائق سنڌي جيڪو جسماني طور اسان وٽ موجود ناهي پرسندس ڪيل خدمتون، يادون تاحيات زندهه رهنديون ۽ تاريخ جو حصو رهنديون.
    ايڊيٽر سنڌ گرين نواب شاهه 22.01.2014

    مرڪون وکيريندڙ انسان
    خالد چانڊيو، سنڌ ٽي وي

    سائين لائق سنڌي سنڌ ۾ علم، ادب ۽ صحافت جي حوالي سان تمام شفيق ۽ محنتي ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو. منهنجي خوشقسمتي آهي، جو مون سائين لائق سنڌيءَ سان گڏ ڪم ڪيو ۽ ان دوران ان کان گهڻو ڪجهه سکيو. سائين لائق سنڌي پنهنجي طبيعت ۾ انتهائي پيار ڪندڙ ۽ هميشه مرڪون وکيريندڙ انسان رهيو. سائين پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ سنڌ دوست، تعليم دوست ۽ انسان دوست شخص هو، هو سنڌ جي حالتن تي سدائين ڏکارو رهندو هو ۽ ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ هميشه تلقين ڪندو رهندو هو، چوندو هو ته ڀوتارن کي ڇا ڪجي جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي نقصان ڏنو آهي. بهرحال سائين لائق سنڌي هڪ استاد هئڻ سان گڏ علم، ادب ۽ صحافت جو تمام سهڻو ۽ ناميارن نالن جيان مشهور ۽ عظيم شخص هو، جنهن کي سنڌ هميشه ياد رکندي.


    سائين لائق اسان جو استاد
    فيض کوسو،ڪي ٽي اين

    آئون ٻارهوس ته مون کي منهنجي ڀائرن حضور بخش ۽ فيض محمد ٻڌايو ته سائين لائق اسانجو استاد آهي. انهن ڏينهن ۾ سائين لائق آفتاب اخبار ۾ ڪتابت ڪندو هو. پهريون ڀيرو منهنجو فوٽو ۽ ڪجهه لکڻيون آفتاب اخبار ۾ شايع ٿيون هيون. ان اتساهه کانپوءِ آئون اخبارن ۽ پوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان واڳجي ويس، آئون اڪثر پنهنجي والد صاحب سان گڏ آفتاب اخبار ۾ ويندو هوس، سائين لائق هميشه اسان سان ٻاجهه ۽ محبت سان پيش ايند هئا، اهڙا اتساهيندڙ ماڻهو دنيا ۾ بنهه گهٽ پئدا ٿيندا آهن. اسان ته بهرحال هڪ راڄ جا آهيون، انڪري هن اخباري دنيا ۾ مون کي سونهون ڪرڻ لاءِ بنهه گهڻو اتساهيو. يقين نٿو اچي ته سائين لائق سنڌي هاڻي اسان ۾ نه رهيو آهي، هو بهرحال پنهنجي سنڌ امڙ جي هنج ۾ ستو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هو بنهه آسودو ۽ خوش هوندو، ڇاڪاڻ ته ڌرتي ماءُ پنهنجي ٻچڙن کي ڪڏهن به ڏک ۽ تڪليف نه ڏيندي آهي. هو ڌرتي ماءُ جو سچو پچو عاشق هو. 18.01.2014


    سائين لائق سنڌي جديد سنڌي صحافت جو اکين ڏٺو شاهد هو. هُن پنهنجي خوبصورت سوچ ۽ صوفي مزاج سبب پيار ورهايو. هن وٽ ڪنهن لاءِ به ننڍي وڏي جو ڪو فرق نه هوندو هو. هن سدائين محبتون ورهايون، نوان ماڻهو اڀاريا ۽ انهن ۾ جذبو اڀاريو ۽ ڪيترائي ليکڪ سندس ان عمل سبب ناليوارا ٿيا، انهن سنڌي شاعري ادب ۽ سياست ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ ادا ڪري رهيا آهن.
    اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ ٻن ماڻهن/ شخصيتن تي هر مڪتبه فڪر چاهي سياسي، ادبي هجي ان جي Atraction ۾ ڪو فرق نه آيو ۽ سندن ڳالهه ۽ سڀاءُ جو هر ماڻهو پيو هام هڻندو هو. هڪڙو هو حفيظ قريشي ۽ ٻيو هي اسان جو سائين لائق سنڌي. سائين هميشه ملندي رستي تي پنڌ ويندي ڳوٺ نه اچڻ جي ۽ نه ملڻ جي ميار ڏيندا هئو ۽ اڄ توهان ڏي آيا آهيون ته توهان هليا ويا آهيو؟ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا آهن. سائين! سدائين گڏ.
    جاويد سوز هالائي، پنهل ساريو، تاريخ 16.01.2014


    سائين لائق سنڌيءَ جي وڇوڙي هر اُن عمر واري شخص کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ساڻس هڪ دفعو ملاقات ڪئي هئي، جهڙو سندن نالو هيو اهڙوئي لائق شخص. هر ماڻهوءَ سان پيار ڪندڙ سائين لائق مون سميت سمورن انهن دوستن جو دوست هيو، جيڪي انسانيت سان محبت ڪندڙ آهن. سائين پنهنجي سموري عمر ۾ سواءِ محبت جي ٻي ڪا به پرچار نه ڪئي. آئون سائينءَ جي انهن شاگردن مان آهيان، جيڪي ساڻس تمام گهڻو ويجهو رهيا، سائين سان گڏ گهاريل 2 سال زندگيءَ جا يادگار سال آهن، انهن سالن دوران سائين لائق کان جيڪو ڪجهه سکيو، اهو منهنجي سموري زندگيءَ جو سرمايو آهي، آئون هن وقت صحافتي دنيا ۾ جيڪو ڪجهه به آهيان، سائين لائق جي ڪري آهيان، ساڻس سموريون ڪچهريون، يادگار ۽ دل تي نقش ڪندڙ آهن، سائين لائق هن وقت اسان ۾ ناهي پر سندس يادون ۽ نصيحتون اسان سان سموري حياتي گڏ هونديون.
    گل حسن لغاري سب ايڊيٽر روزاني شام ‘حيدرآباد


    پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
    انهيءَ ڪري نه ٿو چوان، جو هن مون کي (ڪابل ۽ قابل)، (نظر ۽ نذر)، (قتل ۽ ڪتل) ۽ ٻيا نه ڄاڻ ڪيترائي لفظ، اچار جي صورت ۾ ريڊيو ٻڌي سيکاريا، پر هن عبرت ۾ ڪم ڪندي ڪيترن ئي اصل ۽ نقل لفظن ۾ فرق ڪرڻ به سيکاريو. هن جو خلوص، پيار ۽ شفقت وارو هٿ سچ پچ ته وسري نه سگهندو. دعا آهي ته شال سائين لائق سنڌيءَ کي رب پاڪ جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري. آمين
    امين ارباب
    (ريڊيوحيدرآباد)


    لائق سنڌي هڪ مخلص ماڻهو ۽ مخلص صحافي هو، لائق سنڌي سنڌي ميڊيا جي علامت طور سڃاڻپ رکندو، مون هڪڙي ڀيرو هن کي اخبار جا پروف چيڪ ڪندي ڏٺو ۽ مون کي ريس ٿي ته ڊيسڪ تي ڪم ڇڏي جيڪر پروف وارو ڪم ڪجي، لائق سنڌي، سنڌي صحافت جو ڪلاسيڪل ڪردار هو، اسان جي سنڌي اخبارن توڙي صحافي ليڊرن کي لائق سنڌيءَ جي ياد ۾ ڪو وڏو ميڙاڪو ڪوٺائڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ هن جي حياتي ۽ هن جي ڪم بابت ڪو يادگار ڪتاب ڇپائڻ گهرجي، ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل سنڌي صحافت جي ڪم کان واقف ٿئي.
    واحد ڪانڌڙو، صحافي/ قومي ڪارڪن


    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه اچي بوءِ بهار جي.

    ماڻهو، ماڻهوءَ منجهه مڻيا شامل هوندي آهي، سائين لائق ذاتي زندگي ۽ عملي زندگيءَ ۾ هڪ لائق ۽ آدرشي انسان هو. شفيق۽ محبتي استاد سان گڏ محبت ڪندڙ ۽ هميشه شاباس ڏيندڙ هڪ زندهه دل انسان هو. اخباري دنيا ۾ اچڻ بعد مون سان سندس هڪ خاص تعلق جڙيو هو. ڪڏهن ڪڏهن دڙڪا به ڏيندو پر انهن دڙڪن ۾ به پنهنجائپ ۽ پيار شامل هوندو هو. جڏهن سائين جي هدايت سخت لهجي ۾ هوندي هئي ته وري جهٽ ۾ منهن تي مرڪ آڻي چوندو هو ته جمالي تون مون کي اسماعيل وانگر پيارو آهين. هڪ ڀيرو 1995ع ۾ جڏهن ڪاوش اخبار تڏهوڪي ڊپٽي ڪمشنر بدين جناب سبحان ميمڻ خلاف لکيو هو ته سائين لائق پنهنجائپ واري انداز ۽ صحبت ۾ چيو هو ته جمالي آئون ڳو ٺ اچي توکي مار ڏيندس، ائين جيئن اسماعيل (سندس پٽ) کي سختيءَ سان سمجھائيندو آهيان. مون مرڪي جواب ڏنو هو ته توهان استاد، وڏا ۽ والدين جهڙا آهيو.
    اڄ اهي يادون سائين جي محبت ۽ شفقت ٻيهر ياد ڏيارين ٿيون. الله تعالى کيس جنت ۾ جاءِ عطا ڪري ۽ سائين لائق ٿيٻو جون نصيحتون اسان کي به ياد رهن، جنهن لاءِ پڻ آئون دعاگو آهيان. اميد ته مون سميت سائين لائق جا ادب ۽ صحافت جا ساٿي توڙي کانئس سبق حاصل ڪندڙ سڀئي شاگرد کيس اهڙي ئي محبت ۽ اڪير سان ياد ڪندا رهن.
    مصطفيٰ جمالي، 8 آڪٽوبر 2014ع، ڪاوش بدين

    هڪ انتهائي لائق استاد سائين لائق سنڌي صاحب جي وڇوڙي تي سچ پچ ڏک جي ڪيفيت ان ڪري به وڌي وئي، جو ڪيترا سال اڳ سائين جنهن ڪاليج ۾ جنهن تعليمي رسالي جا ايڊيٽر هئا اڄ ان ساڳئي ڪاليج ۾ ان ساڳي رسالي ۾ ساڳي جاءِ تي آئون به آهيان ۽ سندن ان دؤر جا ڇپايل ڪتاب پڙهي ساڻن روحاني عقيدت هئي، دعا آهي ته شال رب پاڪ کين پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي. آمين.
    علي عمران سمون، حيدرآباد، 17.01.2014


    سائين لائق سنڌي صحافت جو هڪ اسڪول هو، جنهن مان هر ان ماڻهو فيض حاصل ڪيو هو، جنهن جي دل ۾ سنڌ لاءِ درد موجود هو، سائين اڄ اسان کان جسماني طو وڇڙي ويو آهي پر سندس صحافت جي سکيا وارا سبق تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا.
    جاويد ڀٽي، روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘ حيدرآباد.


    ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
    محترم سائين لائق سنڌيءَ جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ صحافت جو وڏو نقصان آهي، سائين لائق هر نئين صحافيءَ لاءِ رهنما ۽ رهبر جو ڪردار ادا ڪيو، پريس ڪلب حيدرآباد جو سائين واحد صحافي هو، جيڪو اخبار پنهنجي پئسن جي پڙهندو هو، هو هڪ باڪردار، با اخلاق، با شعور استاد هو، سنڌ هڪ سٺي سنڌي ڄاڻوءَ کان محروم ٿي وئي آهي، الله سائين استاد محترم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.
    عبداللطيف ملاح، سينيئر صحافي پريس ڪلب حيدرآباد.




    الله رب العزت ان عظيم انسان کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي، جيڪو سنڌ جي هلندي ڦرندي انسائيڪلوپيڊيا، اسان جو سينئر ۽ پيارو هو، رب پاڪ سائين لائق جا درجا اڃا بلند فرمائي. ’آمين‘ سيد سعيد افضال، ڪاوش حيدرآباد

    سائين لائق لاءِ آئون ڇا لکان؟ هڪ دوست هڪ ساٿي ۽ هڪ سڄڻ هو. هن منهنجا اخباري دنيا ۾ ڪرڪيٽ جا مضمون پيسٽ ڪيا ته آفتاب ۾ راندين جو صفحو به ڪڍايو هو.
    منهنجي لاءِ اهوئي کوڙ اعزاز آهي ته هڪ صفحي جو انچارج سائين لائق ڪرايو.
    مير اعظم ٽالپر، 19.01.2014


    سائين لائق سنڌي
    چاچو لائق سنڌي صحافت جو هڪ نرالو نانءُ هو، هن سنڌي صحافت ۾ ڪيترائي نوان ٽرينڊ ۽ نوان لاڙا آندا، هو هميشه فقير منش هوندي به ڪڏهن لڪير جو فقير ٿي ڪم نه ڪيو. هن جو صحافتي دنيا ۾ ڪيل ڪم سمنڊ مان سپون ڳولهڻ برابر هو. هن پنهنجي سموري عمر صحافت ۾ گذاري ڇڏي، پر صحافت جو ساٿ هرگز نه ڇڏيائين. هن پيرسنيءَ ۾ پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان اخبارن ۾ رهجي ويل غلطين کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن جو سنڌ سان به عجيب عشق هو! عشق به اهڙو جو، هن جي رڳ رڳ ۾ شامل ٿي، هن جي ذات ۾ شامل ٿي ويو، پر آخري گھڙين تائين هن سنڌ سان عشق واري جنون کي جھڪو ٿيڻ نه ڏنو. توڙي جو هو ڄائو ته ٿيٻا قبيلي جي خاندان ۾ هو، سندس پالنا ۽ پرورش به ان ذات ۾ ٿي هئي، پر جڏهن سمجھه ڀريو ٿيو ته هن پنهنجي ذات واري انسيت کي سنڌ سان اهڙو ته ضم ڪري ڇڏيو، جو هميشه لاءِ پنهنجي نالي پٺيان ’سنڌي‘ لکي پاڻ ’لائق ٿيٻي‘ مان ’لائق سنڌي‘ بڻجي ويو. ان کان وڌيڪ هن جو سنڌ سان عشق جو ٻيو ڪهڙو ثبوت هوندو! عام طور تي ڪيترن کي اها خبر به نه هئي ته چاچو لائق سنڌي ذات جو ڪو ’ٿيٻو‘ آهي! چاچي لائق سنڌيءَ جون سنڌي صحافت لاءِ انيڪ قربانيون آهن، جيڪي هن جي دفن ٿيڻ سان ڪڏهن به دفن ٿي نه ٿيون سگهن. اڄ چاچو لائق سنڌي اسان جي وچ ۾ موجود ته ڪونهي، پر سندس غير موجودگيءَ جو اهو خال گهر ڀاتين جيئن دوستن جي دلين ۾ به ڇيت جيئن چڀندو رهندو!
    ائين ڇڏائي هٿ مان هٿ ويا ڄڻ نه هئا منهنجا،
    آلا ڪپڙا وقت سڪايا ڳل نه سڪيا منهنجا،

    ساجد چانڊيو


    ائين ئي سرد موسم هئي، جنوري هُئي يا نه پر ايترو ياد آهي ته هڪ سرد ڏينهن جي اُداس شام تي منهنجي سائين لائق سان ملاقات ٿي هئي. هو پهريون دفعو ملڻ سان ئي ائين لڳو ڄڻ منهنجي مٿي تي ڪنهن ملندي ئي پنهنجي شفقت جو هٿ رکي ڇڏيو هُجي. ان کانپوءِ آفتاب اخبار جي آفيس ڄڻ اسان جو مسڪن بنجي وئي. حيدرآباد ايندي ڪم ڪار لاهي ٿڪبو هُئس ته ٿڪ ڀڃڻ جي جاءِ اهو آکيري جهڙو ڪمرو هوندو هئو. ايندي ئي پڇڻ ماني کاڌي اٿئي!! ۽ منهنجي ”نه“ تي اقبال هوٽل تي هلڻ، مون کي لڳندو هئو شايد هو مون کي سڀني کان وڌيڪ ٿو ڀانئي. اهو منهنجو يقيناً وهم به نه هئو. هن سان ملڻ سان سدائين پاڻ کي اهم ئي سمجهندو هُئس، پر هن جي محبتن جو حلقو ايترو ته وسيع هئو، جو مون جهڙا الائي ڪيترا هئا، جن کي سائينءَ جي قرب جي ڪمند ائين ئي جڪڙي رکيو آهي. ڪافي وقت کانپوءِ مون اسماعيل جي وال تي هن جي تصوير ڏٺي، هن جي اکين ۾ اهائي جوت هئي، ساڳي ئي محبت، ساڳي ئي شفقت!!
    وڃڻو سڀ ڪنهن کي آهي، رهندو رب جو نالو، پر سائين لائق پنهنجي زندگي جو هڪ هڪ پل سجايو گذاريو، وڏي ڳالهه ته نفرتن جي هن جهان ۾ هن فقط محبتون ونڊڻ ئي ڄاتو هئو ۽ محبتون ونڊيندي ئي وڇڙي ويو.
    شبير ملاح، حيدرآباد


    چاچا لائق سنڌي سنڌ جي صحافت جو هڪ اهڙو خاموش خدمتگار هو، جنهن جو خال وڏي عرصي تائين محسوس ڪيو ويندو.
    هو محبت جو ڀنڊار هو، منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ ننڍڙي لاڪون ٿي، جڏهن هو آفتاب اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، اهو زمانو ضيائي مارشلا وارو هو ۽ صحافتي لڏي ۾ ڪو ڪو اهڙو ڪردار هوندو هو، جيڪو سرعام سنڌ سان محبت جي دعويٰ ڪندو هجي.
    هن هميشه اسان سان محبتون ونڊيون، اسان هن کي ڪڏهن به هيڻو ٻوليندي نه ڏٺو، سندس محبتون اسان جي دلين ۾ سدا آباد رهنديون.
    رب تعاليٰ کان دعا آهي ته هن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. سارنگ سهتو، 22.01.2014


    سائين لائق سنڌيءَ جو وڇوڙو سنڌ جي صحافت لاءِ وڏو نقصان آهي. اسان سڀ گهمندڙ ڦرندڙ لائبرري ۽ سيني ۾ تاريخ سانڍي هلندڙ بزرگ کان محروم ٿي ويا آهيون. سائين لائق انتهائي سٻاجهو، گهٽ ڳالهائيندڙ، ڪم سان ڪم رکڻ وارو بي لوث انسان هو، هُن اسان جهڙن صحافين، جن کي هن ميدان ۾ 20، 20 سال گذري ويا آهن، تن کي چيچ کان وٺي صحافت سيکاري ۽ پنهنجي تجربي کان فيضياب ڪيو. صحافتي ڪٽنب پنهنجي وڏي کان محروم ٿيو آهي.
    پروفيسر عبدالعزيز سومرو، روزاني ’سنڌ ايڪسپريس‘، حيدرآباد.


    سائين لائق سنڌي هڪ شفيق استاد
    سنڌي صحافت ۾ جڏهن پير پاتم ته سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ کان اڻ واقف هئس. سنڌيءَ جي الف – ب جي ڄاڻ ڪوشش اخبار ۾ اچي تڏهن ٿيم، جڏهن سائين لائق جي رهنمائي ملي. خبرون ٺاهڻ وقت جڏهن ٻولي ٿوري به بگڙيل هوندي هئي، ته سائين تمام گهڻو ڪاوڙبو هو. ان مهل اسان کي سائينءَ جو غصو ٺيڪ نه لڳندو هو، پر اڄ جنهن منزل تي پهتا آهيون. جيڪڏهن سائينءَ جي رهنمائي حاصل نه هجي ها ته شايد اهو مقام نه ملي سگهي ها.
    طارق بلوچ ’سنڌ ايڪسپريس‘حيدرآباد


    مئا مَنجهه مقام، سڪن ٿا سلامن کي،
    نه آڇين ڪپڙو، نه طلبين طعام،
    الله اهو ڏينهن آڻ، جو ڏسان مُنهن محبوب جو.

    سائين لائق سنڌي، سنڌ جي گهڻ طرفي شخصيت هئي، هڪئي وقت استاد، اديب، صحافي ۽ ٻين کي پنهنجو ڪرڻ واري شخصيت جو مالڪ هيو، آئون ننڍڙو هيس ته پاڻ ٽنڊو ڄام ۾ وڪيل چاچي مشتاق ميمڻ عاقلاڻي جي اوطاق تي ايندو هيو، ڪچهريءَ ۾ پير سليم زرعي يونيورسٽي سپاف اڳواڻ سميت ڪيتريون اهم شخصيتون اينديون هيون، پاڻ بابي دادن عمراڻيءَ سان به ويجهي صحبت رکندو هيو.
    گولڊ ليف سگريٽ ۽ سائين لائق سنڌي ٻئي لازم ملزوم هوندا هيا، سنڌي ٽوپي ۽ اخبارن جي ٿيلهي سائينءَ سان سدائين گڏ هونديون هيون.
    مون کيس سدائين کل مک ڏٺو پر ڀاءَ محمد اسماعيل جي شاديءَ ۾ بيحد خوش نظر آيو ڇاڪاڻ وهانءَ ۾ سياسي، ادبي ۽ صحافتي ۽ اهم شخصيتون شريڪ هيون، مون پارن جون اکيون کلي ويون، ته سائينءَ جو ڪيڏو نه اٿڻ ويهڻ آهي.
    صحافتي تربيت گاهه ۾ جناب سبحان ميمڻ سابق چيف سيڪريٽري سنڌ، نامور صحافي ناز سهتو ۽ مون (رياض عمراڻي) سميت ڪيترائي نامور قلمڪار سندس تربيت هيٺ رهيا.
    اتفاق اهو به هيو ته جڏهن روزانه آفتاب ۾ آئون ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج هيس ته پاڻ مون کي مُرڪي وڏو ماڻهو سڏيندا هيا. سندس وڇوڙي تي جيترو به ڏک ڪجي اوترو گهٽ آهي، رب پاڪ سندس پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏي ۽ مرحوم کي جنت الفردوس عطا فرمائي. آمين.
    جان جان هئي جيئري ورچي مَ ويٺي،

    وڃين ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين. (شاهه)
    رياض عمراڻي، ٽنڊوالهيار، تاريخ 17.01.2014


    سائين لائق سنڌيءَ جي وڇوڙي تي ڏاڍو ڏک پهتو. سائين لائق سنڌي انهن سڀني نوجوانن جي مدد ڪندو هو، همٿائيندو هو، جيڪي نوجوان روزگار سانگي حيدرآباد ايندا هئا.
    منهنجي ملاقات 1997ع ۾ پهريون ڀيرو ٿي، سياري جا ڏينهن هئا، سائينءَ جي هٿ ۾ سگريٽ هو، مسڪرائيندي پڇيائين نوجوان ڏي خبر ڪٿان آيو آهين؟ سائين دادوءَ مان هتي روزگار لاءِ آيو آهين يا موٽي ويندين؟ مون چيو سائين روزگار مليو ته ڪندس جي نه ته موٽي ويندس، سائين وڌيڪ ڪجهه ڪون ڳالهايو، سائينءَ کي ڪيڏانهن وڃڻو هيو ويو پوءِ ڪجهه وقت کان بعد مليو، چيائين ابا ڪم مليو؟ نه سائين. پوءِ سائين چيو فڪر نه ڪر ڪم ملي ويندو.
    هڪ دفعي سائينءَ ٻڌايو ته مون کي فقط سنڌي ٻوليءَ سان پيار آهي، ان ڪري آئون فقط پروف ريڊنگ ڪندو رهيو آهيان، اخبار ۾ اهم ۽ ضروري ڪم پروف هوندو هو، ان ڪري مون سڄي حياتي پروف ڪندو آهيان، اخبارن وارا سائين لائق کان فون تي پڇندا هئا ته سائين هيڊنگ سمجهه ۾ نه ٿي اچي، توهان سمجهايو پوءِ سائين لائق هنن کي فون تي هيڊنگ پروف به ٻڌائيندو هو.
    خدا تعاليٰ سائين لائق کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي. ’آمين‘ ظفر برهماڻي، ڄامشورو


    سائين لائق سنڌي اسان جي نظر ۾ هڪ تمام ڏاهو، خوش مزاج، بهترين ۽ انتهائي لائق انسان هو، ساڻس ڪوشش اخبار ۾ ملاقاتون ۽ کل ڀوڳ ڪڏهن نه وسرندي، سندس نالو تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو، سنڌ لاءِ نظم آهي ته ”سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان“ اسان ان کي ائين لکنداسين ته سائين لائق تنهنجي لاءِ ڇا لکي ڇا لکان؟
    مرتضيٰ منگواڻو/شاهنواز ٿيٻو، ڪاوش گروپ


    سائين لائق واقعي هڪ لائق، هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان هو، ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون ڪڏهن به وسري نه سگهنديون، سائين کي سنڌ سان بي انتها محبت هئي، هو ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي هلندڙ گهمندڙ تاريخ هو، هو وڏڙن سان گڏ وڏڙو، جوانن سان گڏ جوان ۽ ٻارن سان گڏ ٻار هوندو هو، سندس وڇوڙو نه رڳو عزيزن، دوستن پر سنڌ سڄيءَ لاءِ ڏکوئيندڙ آهي. تاج ميمڻ، ’روزاني ڪاوش‘ حيدرآباد


    حق موجود
    تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پَسڻ پرينءَ جو،
    ڪهڙي ڪاتب! ٿو ڪرين مٿي پنن پيهه.
    جي ورڪ ورائين ويهه، تان پڻ اکر مڙوئي هيڪڙو.

    (شاهه)
    حياتيءَ جي هڪ گهڙي چاليهه ڀيرا چاليها ملهائڻ کان وڌيڪ آهي، هي دار الفنا آهي، جتي انساني دم پاڻ سڃاڻڻ لاءِ کن پل لاءِ لنگر انداز آهي. مُون کي سائين لائق سنڌيءَ جو معراج جناب شيخ علي محمد صاحب جي اخبار روزانه ”آفتاب“ حيدرآباد ۾ ٿيو. ماٺيڻي طبيعت، سُلڇڻو ورتاءُ، بُردبار ۽ لطيف سائينءَ جي ٻوليءَ جو اڻموٽ پارکو، خدمتگار، سنڌيت جو لاثاني ڪردار، سادو سٻاجهو ۽ پنهنجائپ سان ٽمٽار مُرڪن جو مالڪ، سائين لائق صاحب جيئن سندس نالو، تهڙو ئي عملي نموني جو مظهر هو. صحافت ۾ مختلف موقعن تي خاص طور ٻوليءَ جي اصليت ۽ پرک جي ماهرن ۾ حقيقتن جي تهن کان سونهو ٿي مدد ڪندڙ بلاشڪ هڪ لائق شخصيت جو مالڪ هو. چوندو هو ته ” ڪابه سنڌي اخبار پڪوڙن ۾ ويڙهڻ يا باهه ٻارڻ لاءِ نه پر سانڍي تاريخ جو دستاويز بچائڻ برابر آهي“. صحافت ۽ براڊ ڪاسٽنگ ۾ مون کي همٿائيندڙ سائين لائق سنڌي بابت کانئس ئي معلوم ٿيو ته سيد صالح محمد شاهه (منهنجو ثقافتي استاد) فتح خان سان به سندس واسطو هو، مولا کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ عطا ڪري. ’آمين.‘
    صوفي فقير جانڻ چن
    آدم الله آهي، آدم نٿو مري،

    موٽيو وڃي پنهنجي ملڪ تي
    پوءِ هيءَ جاءِ ٿي ڪِري.

    فقير نذير لغاري، 19.01.2014


    محترم سائين محمد لائق سنڌي صاحب اسان جو مهربان ۽ شفيق استاد رهيو، جنهن اسان جي تدريس علم سان گڏ بهتر تدريسي علم ۾ رهنمائي ڪئي، سائين استاد سان گڏ صحافت سان لاڳاپيل رهيو، جنهن ۾ آفتاب اخبار ۽ ڪاوش سان لاڳاپيل رهيو، اسان سماجي سياسي ۽ پورهيت جدوجهد ڪئي، ان ۾ سائين جن جي رهنمائي اسان لاءِ مشعل راهه هئي، هُن اسان جي ذهني تربيت ڪئي، جنهن ۾ اسان کي عزت، آجپي ۽ خوشحاليءَ جي دڳ جي معلومات ملي، اهڙي طرح شعور، امن، تنظيم، ترقيءَ جي هر لفظ جي معنيٰ ۽ منزل جي آگاهي ڏني. هي هڪ فرد جي روپ ۾ هڪ ادارو هو، هن جي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو ۽ رب العزت جي در دعا آهي ته سائين کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر وتحمل عطا فرمائي.
    محمد الياس کوکر، ٽنڊوڄام 17.01.2014


    آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
    سائين لائق جي وڇوڙي تي مون وٽ ڪي لفظ نه آهن جن سان سائينءَ کي ڀيٽا ڏيئي سگهجي، بيشڪ هو وڏو ماڻهو هو. سائين لائق پنهنجي سڄي زندگي سنڌ امڙ جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي، اهڙا سڀاڳا سدورا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، جن جي وڃڻ سان جيڪي خال پيدا ٿيندا آهن، اُهي صدين تائين ڀرجي نه سگهندا. آئون دعاگو آهيان ڌڻي در ته شال الله پاڪ سائين لائق کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي. سائين لائق تنهنجي ياد اسان جي دل ۾ هميشه زنده رهندي، انهيءَ لاءِ ته توهان وسارڻ جهڙا نه آهيو.
    مير عبدالجبار ناريجو، ايڊيٽر روزانه قومي آواز گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد.


    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
    گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي،
    اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
    جا دنيا کي بدلائي ٿي.
    سائين لائق سان ڪا نئين شناسائي نه هئي، اهو 1980ع جو ڏهاڪو هو، جڏهن اسان قومي تحريڪ جا بانبڙا پائيندڙ ڪارڪن هئاسين، جساف ۾ رهندي هڪ ڀيري جڏهن آفتاب اخبار ۾ پريس رليز ڏيڻ ويس ته سائين خبر پڙهي ۽ نالي مان سڃاڻي هڪدم ڀاڪر پاتائين ۽ وڏڙن جا واسطا ڪڍڻ لڳو ۽ پراڻا واسطيدار نڪري پياسين لائق سائين ايڏو مهربان ۽ سٻاجهو شخص هو جو کانئس ڪو ورلي وڃائجي سگهندو ڇو ته هو سڄي سنڌ کي سڃاڻندو هو ۽ ڌرتيءَ جي انچ انچ کان واقف ۽ واسطيداري جي ڪري مشهور هو، 80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن پيارولنڊ ۾ جيئي سنڌ پاران جشن لطيف ملهايوسين ته پاڻ پنهنجي ننڍڙي فرزند اسماعيل آزاد کي تقرير لاءِ تيار ڪري آيو هو ۽ ان وقت منهنجي ڄمار اسماعيل جي لڳ ڀڳ هوندي ۽ اسماعيل جي ڳيتون ڏنل تقرير مون کي اڃان به ياد آهي.
    حيدرآباد توڙي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن قومي ڪاڄ يا تقريب ۾ وڃبو هو ته سائين لائق سان ملاقات ضرور ٿيندي هئي، رب پاڪ شل سائين لائق کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي. آمين.
    خير انديش ناگور سنڌو، ٽنڊو الهيار17.01.2014


    سائين لائق جي شخصيت تي ڇالکجي. جيڪو به وقت پاڻ مون سان گڏ رهيا آهن، ان ۾ چڱايون ئي چڱايون.1981ع کان وٺي منهنجي يادگيرين ۾ سندس ڪاوڙ وارو چهرو مون کي نٿو نظر اچي. 1981ع ۾ ئي پهريون ڀيرو ڪنهن دوست سان آفتاب اخبار ۾ ساڻس ملاقات ٿي، اهو ڏهاڙو 5 سيپٽمبر جي تاريخ هئي ۽ 6 سيپٽمبر جي حوالي سان سپليمينٽ جي تياري هئي ۽ اشتهار ڪتابت پئي ٿيا، منهنجا اکر سٺا هئا ۽ مون ڪوشش ڪري ڪجهه اشتهار شوقيه لکيا. ٻئي ڏينهن سائين لائق مالڪن کان اجوري جا پئسا وٺي منهنجي گهر وحدت ڪالوني حيدرآباد پهتو، مون چيو سائين اهو ڪم ته مون شوقيه ڪيو هو، پاڻ چيائون ته نه تو محنت ڪئي آهي ۽ تنهنجو حق آهي، ان مان سندس انسان پروري جي پروڙ پئي ٿي. آفتاب اخبار ۾ منهنجي انٽري به سائينءَ جي ڪري ٿي، ان کانپوءِ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ۽ ڊگري وٺڻ ۽ هن منزل تائين رسڻ ۾ سائينءَ جو وڏو ڪردار آهي، اهي سائينءَ جون محبتون هيون، جو اڄ سندس لاڏاڻي تائين رابطي واري تند نه ٽٽي هئي، جيڪا اڄ سندس وڇوڙي سبب...............!
    اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سُڳنڌ سان.
    مشتاق اڄڻ، 18.01.2014


    ادبي ڀيٽا

    ادبي ڀيٽا
    جت نه پکيءَ پير، تِتي ٽمڪي باهڙي
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ کير ريءَ!

    سائين لائق سنڌي، جهڙو نالو تهڙو لائق انسان هو. هو سنڌي صحافت جي نرسري هو. استاد جي حيثيت ۾ اخبار تعليم جو ايڊيٽر هو. وقت کان اڳ 25 سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ وٺي، ’آفتاب‘ اخبار ۾ اچي شامل ٿيو. شيخ علي محمد جي اخبار کي سائين لائق جي اچڻ کانپوءِ چار چنڊ لڳي ويا. سائين لائق ۽ احمد خان شيخ جو جوڙ هو. ادبي صفحا ۽ ٻارن جا صفحا آفتاب اخبار جا هڪ اهڙي درسگاهه هئا، جتان الائي ڪيترا اديب ۽ صحافي تيار ٿي نڪتا. صحافت جا نمايان نالا ناز سهتو، حسن مجتبى ۽ ٻيا ڪيترائي سائين لائق جي شاگرديءَ ۾ رچي ريٽا ٿيا. هو سڄاڻ صحافي نه پر صحافت جو رهبر هو، ساڳئي وقت هڪ استاد هئڻ ڪري ’لسانيات‘ ۽ ٻوليءَ تي وڏي دسترس رکندو هو. هي اهو واحد شخص هو، جنهن سڄي ڄمار اخبارن جي ٻوليءَ تي ڪڙي نظر رکي. هو جنهن به اخبار سان وابسته رهيو، ان جي ٻوليءَ جي مانيٽرنگ ته ڪندو هو، پر ٻين اخبارن تي به نظر رکندو هو. پاڻ نه ته اولاد، يارن دوستن کان فونون ڪرائي، خط لکرائي اخبارن ۾ ڪتب ايندڙ غلط ٻوليءَ جي نشاندهي ڪرائيندو هو. سائين لائق صحافت جي دنيا ۾ رڳو دوست ٺاهيا، نه ته صحافت جي دنيا م رڳو دشمنيون پرائبيون آهن. سائين لائق زندگيءَ ۾ رڳو دوست ٺاهيا. وڏا توڙي ننڍا سڀ دوست. ڪيترا بيروزگار نوجوان سائين لائق ذريعي اخبارن ۾ ملازمت ۾ آيا، پر جيسين کين پگهار ملي، ماني ٽڪي سائين لائق جي کنڌي. آفتاب اخبار جي ڀرواري ڪينٽين يا بعد ۾ پريس ڪلب جي ڪينٽين تي الائي ڪيترا نوجوان ماني کائيندا هئا.
    هن جي دوستيءَ جو حلقو تمام وڏو هو. سمورا سياسي ڪارڪن، اديب ۽ صحافي سائين لائق جي هڪ جهڙي عزت ڪندا هئا. علڻ خان ٿيٻو، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر، مؤمن مليرائي، نياز همايوني، خاڪي جويو، شوڪت سنڌي اسان سڀ هن جا هڪ جهڙا صحبتي هوندا هئاسين.
    سائين لائق ئي 1983ع ۾ موري منگر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪرائي، صوفي نيڀراج ۽ امين ٿيٻو هن جا ساٿي هوندا هئا. سائين لائق سنگت جي بسنت هال واري 1985ع واري ڪانفرنس توڙي ٽنڊي ٺوڙهي واري ڪانفرنس ۾ پس پرده جيڪا اسان جي مدد ڪئي، سا ڪنهن ٻئي نه ڪئي.
    سائين لائق جهڙن ماڻهن لاءِ لطيف سائينءَ چيو آهي ته:
    هيءَ جا ٻري هير، ڪاڇي ڏونگر ڪنڌئين،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ کير ريءَ!

    تاج جويو 16 جنوري 2014ع


    اسان جو ساٿي ۽ مهربان دوست سائين محمد لائق ٿيٻو صاحب اسم با مسمي هئا. يعني جيئن سندن نالو لائق پاڻ به ائين ئي هئا. مون کي فخر آهي ته منهنجي ساڻن والهانه دوستي، حُجت ۽ پنهنجائپ هئي.
    هلڻو هر ڪنهن کي آهي، پر لائق صاحب جن جي لاڏاڻي جو دلي صدمو ته پهتو پر اطمينان به آهي ته قدرت سندن ذمي جيڪي ڪم رکيا، اهي پاڻ هر حالت ۾ پورا ڪري ويا.
    نهايت، محبوب، ملن سار ۽ محبتي انسان هئا، مؤلا کين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏيندا. آمين.
    نصير مرزا، 17.01.2014


    لائق سنڌي صاحب، پنهنجي وجود ۾ سنڌ جي صحافتي تاريخ جو درجو رکي ٿو. هڪ بي لوث ۽ مخلص انسان، جنهن جي چوڻ ۾ رهندي ڪيترائي نوجوان اڄ جا ناليوارا صحافي ٿي ويا آهن. لائق صاحب جو وڇوڙو سچ پچ ته صحافت، ادب ۽ ادبي سنگت جو وڏو نقصان آهي، مون کي پنهنجي ڏک ۾ شريڪ سمجهندا.
    اياز گل


    اخبار ”آفتاب“ جي دؤر کان سائين لائق سنڌيءَ سان جيڪو محبت سان گڏ ادبي سفر شروع ٿيو، ان ۾ ڪڏهن به وقفو نه آيو پر افسوس اڄ سدائين لاءِ جدائيءَ جو ڏينهن ڏسڻو پيو. پر ساڻن گهاريل گهڙين جون سارون سدائين ساڻ رهنديون.
    نه تنهنجي نه منهنجي مٺا زندگي،
    ازل کان اها آ اجل جي سکي!

    آسي زميني


    سائين لائق سنڌ جو هڪ غير روايتي ۽ غير معمولي ڪردار هو. اُن وقت ٽيڪنالاجي نه هوندي به هُو ڄاڻ جو وڏو خزانو ۽ انسائيڪلوپيڊيا هو، نه رڳو صحافي طور سياسي، معاشي، سماجي لاهن چاڙهن کان واقف رهندو هو پر راڄوڻي طور هر رنگ کان واقف هو. تاريخ تي دسترس هيس، سماجي لاڳاپن جو وڏو ڄاڻو ۽ پاسدار.
    تفصيلي سندس لاءِ ڪنهن مضمون ۾ لکندس هت چوندس ته سائين ڪيترين پيڙهين جو ڳانڍاپو هو.
    ذوالفقار هاليپوٽو، حيدرآباد 16.01.2014


    سائين لائق جي تعزيت ڪئي ويئي، هن پنهنجي نالي سان واهه جو نباهيو. استادي پيشي ۾ ڀرتي ٿي علم جون جهوليون ٻارڙن ۾ ورهايون.
    تعليم کاتي مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به هن صحافي جي حيثيت سان پنهنجي امڙ جي ٻولي جي خدمت ڪئي.
    استادي ۽ صحافت جي پيشي ۾ سندس پيدا ڪيل حلالي شاگرد هن کي ڏاڍو ياد ڪندا.
    حيدرآباد شهر جي اخباري بوڪ اسٽالن جا فرد به هن کي ياد ڪندا، ڇو ته هي روزانو پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ڀري اخبارن جي خريد ڪري سڀ اخبارون پڙهندو هو.
    سائين لائق ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو، سائين حيدر علي لغاريءَ جي مڪتب فڪر جا اسين شاگرد هئاسون. سندس لائق فرزند محمد اسماعيل ۽ محمد بخش اميد ته پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلي پيءُ جو نالو روشن ڪندا.
    قادر بخش طالباڻي، ڪوٽڙي، تاريخ 17.01.2014


    ڀاءُ محمد لائق سنڌيءَ جي جدائيءَ تي مون کي نهايت ئي ڏک پهتو آهي، جو عزيز دوست ۽ سراپا محبتي ۽ مٺڙي سڄڻ سان لاڳيتو ياد جو سلسلو تقريباً 45-40 سالن کان لاڳاپيل آهي. روشن ضمير عالم سائين محترم حيدر علي خان لغاري جي توسط سان ڀاءُ لائق سان گهرو گھاٽو دوستيءَ جو واهپو 1970ع کان به اڳ جو آهي. سندس بي لوث تعليمي خدمتون، مخلصانه صحافتي لياقتون ۽ ان کان به منفرد سندس مثالي ۽ قابل فخر ذاتي وضعداريون ۽ محبتون وسرڻ جون ئي ناهن! ڀاءُ لائق الحمد الله هر وجهه، بجا طور تي هڪ لائق ۽ فائق شخص هو، جنهن کي سندس گوناگون ۽ اڪيچار صلاحيتن ۽ محبتن جي حوالي سان ادب علم، صحافت توڙي سماج سُڌار حلقن ۾ وڏيءَ سڪ ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو، ذاتي ارمان کي قلم سان لفظن جي روپ ۾ جيئن جو تيئن بيان ڪرڻ ممڪن ڪونهي! رب ڪريم کيس مغفرت سان نوازي!
    غمزده نفيس احمد شيخ، 17.01.2014


    ماڻهوءَ جي خوشبوءِ ڪڏهن به ختم نه ٿيندي آهي، ائين ئي اتهاس ڪجهه ماڻهن کي ڪڏهن به ميساري ناهي سگهندو، مِٽي انهن ماڻهن جو مان رکندي آهي، جيڪي مٽيءَ جو قدر ڄاڻندا آهن، ڌرتيءَ جو قرض چُڪائيندا آهن.
    سائين لائق سنڌي هڪ فرض شناس، اصول پرست ۽ بنهه سچو کرو شخص هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو ڪم وڏي سليقي سَچائي ۽ خودداريءَ سان گذاريو/ هلايو.
    زندگيءَ ۾ بس هڪ ئي حسرت رهجي وئي ته آئون سائينءَ سان آخري ڏيهاڙن ۾ ملي ڪونه سگهيس، جيتوڻيڪ ڪيئي ڀيرا سندس فرزند محمد بخش سان پروگرام به رٿيم پر دنيا جي نفسا نفسي ڪارڻ، بس اُها حسرت ئي رهجي وئي، جنهن جو ارمان سموري عمر رهندو.
    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ ڪي ماڻهو ادارا ٿيندا آهن سائين لائق سنڌي به هڪ اِتهاس، هڪ ادارو هو جنهن کي سمجهڻ ۽ ڳائڻ لاءِ ايندڙ زمانا فيصلو ڪندا. بس دعاڳو آهيان ته مالڪ سائين سندس مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي. ’آمين‘
    ضراب حيدر


    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    وڃين ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻن. (شاهه)
    اسان جو محترم سائين محمد لائق سنڌي! اڄ اسان وٽ موجود ناهي رهيو پر، سندس قلم ۽ پريت جو پورهيو سدائين ياد رهندو، هر دلعزيز انسان اسان کان وڇڙي وڏو خال وجهي ويو.
    اسان جي رب پاڪ جي بارگاه ۾ اهائي التجا آهي ۽ ڪندا رهنداسين ته سائين محترم لائق سنڌيءَ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبرو تحمل عطا فرمائي. آمين.
    دعاڳو:
    وڪيو پيرزادو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد 17.01.2014


    سائين لائق سنڌيءَ جو وڇوڙو نه صرف سنڌي ڪلاسڪ صحافيءَ جو وڇوڙو آهي پر هو هڪ سٺو استاد ٿي پنهنجن شاگردن لاءِ وڇوڙو بنجي ويو آهي.
    سائين لائق سنڌي ٽريننگ ڪاليج کان وٺي ۽ منهنجي ڀاءُ جي دوڪان تي مختلف وقتن تي سندس مخصوص انداز سان مذاق ڏاڍي پنهنجائپ ۽ شفقت ڀري رهي. کيس حيدرآباد شهر ۾ گهڻي عرصي کان نه ڏٺم ته وفا مولابخش کان سندس طبيعت ۽ حال چال جي خبر وٺندو رهندو هيس، پر اچانڪ ڪالهه ئي سائين مدد علي سنڌيءَ، سائين لائق جي تڏي تان ٿي آيو ته خبر پئي ته اهڙو ڪلاسڪ صحافي ۽ مانوارو استاد اسان کان وڇڙي ويو. هن جو سڀني سنڌي اخبارن کي پڙهڻ ۽ انهن کي ايڊٽ ڪرڻ جي عادت روز جو معمول هئي. سندس مخصوص انداز سان سگريٽ ڇڪڻ به ڪافي وڻندڙ هو، هاڻ اهڙو انداز ۽ هلڻ چلڻ ٻئي ڪنهن ۾ نظر ڪون ٿو اچي. سندس يادون ۽ سندس هر اسڪول جي ٻار کي ڏنل چميءَ واري مذاق ڪير به وساري نه سگهندو. اهڙي سٻاجهي سڀاءُ واري محترم شخصيت جو وڇوڙو جهوريندڙ آهي. في الحال ته ڪير به ان جو خال ڀري نه سگهندو. الله سائين سندن پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏئي. ’آمين.‘
    موهن مدهوش، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 19.01.2014


    سائين محترم لائق سنڌي صاحب جي تعزيت تي سچ پڇو ته سائينءَ جي ئي پيار جي کوٽ پئي محسوس ٿي، سائين سان منهنجي ويجهي دوستيءَ واري ويجهڙائپ نه رهي آهي، پر جڏهن به جتي به ملاقات ٿيندي هئي ته اهڙو ته پيار سان ڀاڪر پائيندو هيو جو دل چاهيندي هئي، ان جي پڄاڻي نه ٿئي، سائين لائق صاحب جي لائق فرزند محمد اسماعيل ٿيٻو صاحب سان اسان جي گڏيل پياري ۽ محبوب دوست پروفيسر منظور احمد ڏيٿو صاحب جي ذريعي جيڪا ويجهڙائي ٿي اها امُلهه آهي. شال اسماعيل صاحب سان اها سڪ ۽ محبت قائم رهي، سائين لائق صاحب لاءِ دعا ته رب سائين کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سندس پونيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. ’آمين.‘ گل ڪونڌر، 17.01.2014


    سائين لائق سنڌي، سنڌ جي صحافت جي انهن اڏيندڙن مان هڪ هو، جن انتهائي ڏکئي وقت ۾ سنڌي صحافت جا بنياد مضبوط ڪيا. هو پنهنجي پوري حياتي صحافت جي پيشي سان محبت ۽ عقيدت جي حد تائين واڳيل رهيو. ادب ۽ صحافت سان وابسته سنڌ جو هر ساڃاهه وند کيس سدائين عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. سندس وڇوڙو سنڌي ادب ۽ صحافت لاءِ يقيناً وڏو نقصان آهي، پر سندس ڪم ڪمٽمينٽ، وابستگي ۽ پنهنجي پيشي سان ايمانداري اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي. کيس سدائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو ياد رکندا ۽ کيس خراج پيش ڪندا رهندا.
    خالد آزاد، امين لغاري، ابراهيم ڪنڀر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي


    سائين لائق سنڌيءَ سان دوستن معرفت ملاقاتن جو سلسلو سن 2000ع کان شروع ٿيو. سائين جي محبتي مزاج ۾ ايتري ته پنهنجائپ محسوس ٿي، جو عمر ۾ سالن جي فرق باوجود به سائين اسان کي پنهنجو دوست محسوس ٿيندو هو. ايتريقدر جو گڏجي سگريٽ به پيئندا هئاسين. پاڻ ڊپلوميٽ پيئندو هو، پر اسان يارن دوستن لاءِ هميشه پسند جو فليور يعني گولڊ ليف ساڻ رکندو هو. پريس ڪلب جي ڪينٽين اسان پارن دوستن لاءِ سندس اوطاق ۽ لنگر خانو هئي، جتي ويهي نه صرف سائينءَ جي ڪچهري ٻڌندا هئاسين، پر دل سان مانيءَ کي ٻرو به ڏيندا هئاسين. سنڌ جي خاندانن جو تفصيل سائينءَ کي بر زبان ياد هو. پاڻ سنڌ جي روايتي سماجي جوڙجڪ جو حمايتي، ايمبيسيڊر ۽ حقيقي امين لڳندو هو. استاد جي حيثيت ۾ سفيد لباس هميشه زيب تن رهيس. پاڻ به ان سفيد لباس جيان هميشه بي داغ رهيو.
    سائين لائق جي سائين حيدر علي خان لغاريءَ سان عقيدت ڏسڻ وٽان هئي، اها خبر نه پوندي هئي ته منجهائن ڪير عاشق آهي؟۽ ڪير معشوق؟ پر جيڪڏهن آئون پنهنجي راءِ ڏيان ته اڄ سائينءَ جي مرتئي تي جيڪي دوست گڏ ٿيا آهن، اهي سڀ جا سڀ سندس عاشق هئا ۽ پاڻ انهن سڀني جو اڪيلو معشوق هو...!!!
    خان محمد جروار، حيدرآباد


    اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳين ذات (شاهه)
    سائين لائق سنڌي صاحب هڪ بهترين استاد ۽ سٺو صحافي هو، سندس سنڌي ٻولي، ادب ۽ صحافت لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. زاهد اوٺو، مُهراڻو، ٿرپارڪر سنڌ


    سائين لائق سنڌي، سٻاجهڙو، محنتي، سچو ۽ سادو شخص، پر هن کي هڪ ’ادارو‘ سڏجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
    ساڻن پهرين ملاقات 2004ع ڌاري ٿي هئي. آءُ تڏهن پڙهندو هوس ۽ قاسم آباد ۾ رهائش دوران شام جي وقت ڪڏهن ڪڏهن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بُڪ اسٽال تي چڪر لڳندو هو، جتي اسان جي دوست خان محمد جروار سان ڪچهريون ٿينديون هيون، هڪ شام جو اسان گڏجي علي پئلس شادي هال ۾ هڪ دعوت تي ويا هئاسين، جتي خان محمد، وفا مولابخش ۽ ڪي ٻيا دوست به هئا، کل ڀوڳ به ٿي، اُتي هڪ شخص سادي سنڌي ٽوپي ۽ عينڪ پهريل، هٿ ۾ اخبارون، اجرڪ ويڙهيل گيٽ اپ سان هال ۾ داخل ٿيو، ۽ پوءِ اسان جي ڪرسين جي ڀرسان آيو، خان محمد ۽ وفا سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ته مون به احترام مان کيس مرڪي هٿ ملايو، دوستن ٻڌايو ته هي سائين لائق سنڌي آهي! ٿيٻي صاحب جو اهو گيٽ اپ ڏسي مون کي سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري ياد اچي ويو! جنهن کي مون رڳو تصويرن ۾ ئي ڏٺو آهي، سائين لائق دوستن سان گهڻو حُجائتو ۽ بي تڪلف رهندو هو، لائق صاحب سان ٻي ملاقات ڪاوش اخبار جي آفيس ۾ ٿي هئي، اخبار بيني ڪندي هن عمر جو ڳچ حصو لفظن جي رهنمائي ڪندي کين درست جاءِ تي بيهاريو ۽ اخبار جي ٻوليءَ کي سنواريندي نُور نچويو، دُعاگو آهيان ته مالڪ کيس اُتي به پنهنجي ٻاجهه ۾ رکي.
    نانءُ ئي ڪافي آ جنهن جو،
    لياقتون ڪهڙيون لِــــــکُون!

    شوڪت چاچڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد


    سائين لائق جو نالو مون پنهنجي آفيس سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ سندس ئي ننڍي پٽ محمد بخش جي واتان ٻڌو. محمد بخش سان دوستي هجڻ جي ڪري اڪثر سائين لائق جو ذڪر هلندو هو، محمد بخش جي ڳالهين مان مون کي اندازو ٿيندو هو ته سائين لائق واقعي سنڌ جي ڪا وڏي شخصيت آهي، ان کان اڳ مان سائين لائق جي باري ۾ ڪجهه به نه ڄاڻندو هئس. سائين لائق ڇا هو ان جي خبر مون کي تڏهن پئي جڏهن آئون سندن وفات تي سندن ڳوٺ موري منگر تعزيت لاءِ ويس پهرين ڏينهن دير سان خبر پوڻ ڪري مان تڏي تي وڃي نه سگهيس ۽ ٻئي ڏينهن آئون آفيس مان ڪجهه پهرين موڪل وٺي تعزيت لاءِ سندن ڳوٺ موري منگر ويس. اُتي پهچي منهنجي حيرانگي جي حد ئي نه رهي، مون کي محسوس ئي نه ٿيو ته ڪو سائين لائق ڪالهه گذاري ويو هو، ماڻهن جي ايتري رش مان ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ سائين لائق ڪالهه نه اڄ وفات ڪري ويو آهي، سندن اوطاق ۾ ويهي مان هر ماڻهوءَ کي غور سان ڏسڻ لڳس ته هر ماڻهوءُ جي اک آلي هئي، هر دل ۾ تڏو وڇايل هو. اي ڪاش جي هڪ دفعو به مان سائينءَ سان ملي سگهان ها! پر هاڻ اها خواهش حسرت بڻجي دل ۾ قيد ٿي وئي آهي. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن محمد بخش مون کي چيو ته بابا جو تعزيتي ڪتاب ڇپائڻو آهي ۽ ڪمپوزنگ تون ڪري ڏي، منهنجي لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي جو هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ منهنجي هٿان ٿي. دعا آهي رب پاڪ سائين لائق سنڌيءَ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي. ’آمين‘
    فهد الرحمٰن لغاري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد


    سائين لائق سان پهرين ملاقات ٽنڊوڄام اسڪول جي حوالي سان ٿي، بعد ۾ اسان ٻنهي گڏجي روزانه آفتاب ۾ ڪم ڪيو، سائين ۽ منهنجي ڪمپني ڪافي عرصو رهي، سائين هڪ انسان پرور ۽ دلبر ماڻهو هو، هو سدائين کلندو رهندو هو ۽ ڪابه پريشاني ايندي هئي ته ان کي به کلي منهن ڏيندو هو، ريڊيو حيدرآباد تي رهڻ دوران سائينءَ سان اڪثر ڪچهريون ٿينديون هيون. منهنجي دعا آهي ته الله کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق بخشي. ’آمين‘
    محمد ايوب نظاماڻي، رٽائرڊ ڪنٽرولر نيوز، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد


    استاد پاران ڀيٽا

    استاد پاران ڀيٽا

    سائين لائق منهنجو تمام ويجهو دوست، ڪئين مستيون، ڀوڳ، علمي بحث سائينءَ سان هوندا هئا. اسان جي وچ ۾ سائين حيدر علي خان ڳانڍاپو هوندو هو، سائين لائق جي دعويٰ هوندي هئي ته آئون توکان سينئر شاگرد آهيان، جيڪا درست هئي. لائق ويو هليو، اسان کي وڃڻو آهي، دنيا پئي هلندي. فيض نظاماڻي، ٽنڊو قيصر


    سائين لائق سنڌي اسان جو ٽريننگ ڪاليج فارمين جو ساٿي ۽ بهترين دوست هو. اسان کيس تدريسي سرگرمين سان گڏ تاريخي ”اخبارِ تعليم“ جي اشاعت سندس حوالي ڪئي. ان کانپوءِ لاڳيتو سنگت رهي. حيدر علي لغاري صاحب ۽ اُن جي سنگت ۾ گهڻيون ڪچهريون ۽ نظرياتي بحث ٿيندا هئا. سائين هڪ خاموش ۽ نهٺي طبيعت جو مالڪ، سدائين سڪون سان ملندو ۽ مُرڪندو رهندو هو. اسان جو ساڻس هڪ استاد جي رشتي ۾ ساٿ رهيو ۽ ساڻس صرف استاد سائين لائق سان ئي شناسائي رهي ۽ رهندي آئي.
    الله کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سندس لواحقين کي صبر جميل ۽ برڪتون عطا ڪري، اسان جو دعائون سندس ٻچن لاءِ رهنديون، شال! کين رب پاڪ هر ڪوسي واءُ کان بچائي.
    سيد شير شاهه، رٽائرڊ پرنسپال ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد، سنڌ


    سائين لائق ڏنو سنڌي بيشڪ هڪ لائق انسان هو، هن سان جيڪو مليو، سو هن جي محبت جي دام ۾ ڦاسي ويو، خوش خلق، خوش مزاج، چلولو ۽ ارڏو انسان پنهنجن دوستن جي دل تي نقش رهيو ۽ رهندو.
    اسان 1963ع ۾ ٽريننگ ڪاليج (فارمين) حيدرآباد ۾ هڪ ئي ڪلاس ۾ ٽريننگ حاصل ڪئي، اسان تي سائين حيدر علي خان تاج پور واري جو دست شفقت هو، اسان سائين حيدر علي خان جي صحبت ۽ شاگرديءَ ۾ رهي ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو.
    اڄ محترم لائق سنڌي اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس يادون هميشه ياد رهنديون، الله کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين ثم ’آمين‘
    جَرَ تي ڦوٽو جيئن لهرن لڳي اڌ ٿئي،
    تون پڻ آهين تيئن، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.(شاهه)

    علي مراد مشوري، هٽڙي.


    سائين لائق هميشه حق جو پاسو وٺڻ وارو، سچ جو رکوالو، هميشه سچ لکيائين، سچ ڳالهايائين، مون سان ته الستي محبت هيس، اسين گڏ پرائمري ماستر هياسين، 1962ع کان جيڪو رستو رهيو، اُن کي آخر تائين نڀايائين. سائين جهڙا ماڻهو صدين ۾ پئدا ٿيندا آهن، دعا آهي شال رب سائين سائين لائق کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي.
    عبدالحنان ميمڻ



    سائين لائق صاحب اسان جي علائقي جي محترم شخصيتن مان هڪ اعليٰ استاد هو. هن جو شعبو نه صرف ايجوڪيشن پر سياست به رهي. جيڪا نج مثبت انداز جي رهي. اميد آهي ته هن خاندان مان اهڙي قسم جون ٻيون ڪيتريون محترم شخصيتون پيدا ٿينديون. آمين.
    ڊاڪٽر شفيع محمد ڪوري، ٽنڊو حيدر


    سائين استاد محمد لائق تمام انمول هيرو هو، هن سان منهنجي پهرين ملاقات اسان جي ڳوٺ اڇي مسجد لڳ ٺارو شاهه ۾ ٿي، جڏهن سائين پهريون ڀيرو اسان جي ڳوٺ آيو ۽ مون سان ملاقات ٿي ته چيائين ته مشتاق اڄڻ کي سڏ ڪجو. مون چيو سائين هتي مشتاق اڄڻ ڪونه رهندو آهي، مون کي خبر نه هئي ته ساجن کي مشتاق چوندا آهن. جڏهن مشتاق کي چيو ته ساجن حيدرآباد کان ماڻهو آيا آهن چون ٿا ته مشتاق کي سڏي اچ سو اسان جي ڳوٺ ۾ مشتاق ته آهي ئي ڪونه چيائين ته منهنجو نالو ئي مشتاق آهي. بعد ۾ سائين اسان جي ڳوٺ ترسيو ۽ تمام گهڻي ڪچهري ٿي. اسان جون بعد ۾ حيدرآباد ۾ آفتاب اخبار ۾ سائينءَ سان ڳوٺ سڌار سنگت جي بهاني ملاقاتون ٿينديون هيون ۽ تمام گهڻيون ڪچهريون به ٿينديون هيون. سائينءَ جي جڏهن گذارڻ جي خبر پئي ته تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ دل کي آٿت ڏني ته هن فاني جهان مان سڀني کي هلڻو آهي. الله سائين سائين لائق جي پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ۽ سائين لائق مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين.
    عبدالعزيز اڄڻ
    ڳوٺ اڇي مسجد، تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوشهروفيروز، حال رهندڙ وحدت ڪالوني حيدرآباد

    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.

    نزاڪت نظاماڻي، 19.01.2014


    سائين لائق سنڌيءَ جي وفات سنڌي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هڪ وڏي کوٽ ۽ خلا پيدا ڪئي آهي، جيڪا شايد هڪ عرصي تائين ڀرجي نه سگهي، سائين جي وفات جي خبر ٻڌي ڪيترن ماڻهن مون سان منهنجي تعزيت ڪئي، بهتر هجي ها اگر عزرائيل سائينءَ جي بجاءِ منهنجي ايڊريس تي اچي وڃي ها، هڪ عالم ماڻهو وڌيڪ جي پوي ها.
    دعا آهي ته الله سائين کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس پونئيرن کي ۽ سڄي سنڌ جي علم دوست ماڻهن کي سندس علم دوستيءَ کي اپنائڻ جي توفيق ڏي. آمين.
    پروفيسر لائق ٿيٻو، ميرپورخاص 17.01.2014


    سنڌ ڌرتيءَ اهڙا انمول هيرا پيدا ڪيا آهن، جن هميشه پنهنجي وطن سان محبت ڪري زندگي گذاري ڇڏي، سائين لائق ٿيٻو به انهن انسانن مان هو. هن جو وڇوڙي تي نه صرف سائينءَ جي خاندان کي نقصان پهتو آهي، پر سنڌي قوم کان هڪ سجاڳ پارکو ۽ محبت جومتوالو انسان کسيو.
    ڌڻي در دعا آهي ته سائينءَ کي جنت الفردوس عطا ڪري ۽ پونيئرن کي سائين جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏي. ’آمين‘
    لياقت عزيز، 20.01.2014


    سائين لائق صاحب سان واقفيت ڪوشش اخبار جي اڱڻ ۾ ٿي، جڏهن سپلا جي پريس واري ڪم سان لاڳاپيل رهيس، پوءِ سائينءَ سان ڪچهري ٿيندي هئي، ڪڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي حوالي سان، ڪڏهن استاد تنظيمن جي حوالي سان. هڪ لائق ۽ فائق ماڻهو هو، الله پاڪ کين جنت ۾ جايون ڏئي. دعاڳو: يعقوب چانڊيو


    سائين لائق ٿيٻو منهنجو چاچو به ۽ وڏو ڀاءُ به هو. ننڍڙا هوندا هئاسين ته بابا تعارف ڪرايو ته ٻڌايائين ته هي اهو ماڻهو آهي، جيڪو مال چاري پڙهيو ۽ هاڻي لکيل پڙهيل ماڻهن جي صف ۾ شامل آهي، پر جڏهن زماني جي سمجهه آئي ته خبر پئي ته سائينءَ جو تعلق ادب جي دنيا سان به آهي ۽ ادبي صفحو سنڀالي ٿو، سائين سدائين ڀانيو ۽ اسان کي چيچ مان وٺي اچي ادب جي ميدان ۾ لاٿو، جڏهن به ملياسين ته سڄي گهرجي هڪ هڪ ماڻهوءَ جي باري ۾ خبر چار وٺي وري سڀني لاءِ چوندو هو ته سلام ڏجو. بس هاڻي يادون ئي آهن . الله کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي. ’آمين‘ پروفيسر علي حسن خاصخيلي، ٽنڊوالهيار،

    سائين لائق سنڌيءَ سان محبت ڀريو پراڻو تعلق هو، جهڙو نالو لائق هئس اهڙوئي لائق هو. انتهائي بيباڪ، نڊر سهڻو انسان هو. سائين جڏهن به ملندو هو ته چوندو هومانس ته سائين توهان ته Ever Green ماڻهو آهيو، سائين لاءِ دعاڳو آهيون ته رب پاڪ مغفرت ڪري. آمين.
    دعاڳو: پروفيسر احمد نواز جوڻيجو، راهوڪي

    سرور ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم جن جو ارشاد گرامي آهي ته پنهنجي ٻارن جا نالا سٺا رکو، ڇاڪاڻ جو انهن جو طبيعت تي اثر پوي ٿو. سائين لائق تي به واقعي انهيءَ حديث مبارڪ جو خوب اثر پيو. موري منگر جا سينگار هئا، خوش طبع، يارن جا يار ۽ قوم جا خدمتگار هئا. مون کان عمر ۾ وڏا هئا، پر ائين سمجھندو هئس ته هم عمر آهن. جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، پاڻ کان اولاد تائين خير خيريت معلوم ڪندا هئا. الله جل شانه هُو کان دعاگو آهيان ته سندس اولاد کي صبر جي توفيق ڏي.
    ڪالهه پڻ ڪالهه هئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو،
    مڙهيءَ ۾ مدن چئي، ويهي ڪنگ ويو،
    جـــــــــــــنهن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو.
    الله سائين کين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ’آمين‘
    پروفيسر علي اصغر ڏيٿو


    سائين لائق ۽ آئون 1966ع ڌاري وڏيري مال خان ٿيٻي جي ڳوٺ ملياسين ۽ پوءِ ملندا رهياسين. سائين حيدر علي لغاري جيسين تاج پور ۾ رهيا، تيسين ته ساليانه ملاقات رهندي هئي پر حيدرآباد ۾ اچڻ کانپوءِ سائين لائق ۽ سائين لغاري صاحب سان ملڻ تمام ضروري هوندو. مون سڀ انهن کان پرايو ۽ انهن سان ونڊيو.
    انسان پنهنجي خصلتن جي واديءَ ۾ جڏهن راسخ ٿي ويندو آهي، تڏهن سندس سڀ هاڪاري خوبيون سرهاڻ سموئي چوڏس سڳنڌ جو هڳاءُ وسائينديون آهن. سائين لائق هڪ اهڙو سڌي، چٽي، شخصيت جو مڪمل مصداق هو، جيڪو نهوڙيلن کي نماءُ ڏيندو هو. ڏکويلن کي ڏِک ويهاريندو هو، مونجهارن کي مقيد ڪري مسروريتون بهم پهچائيندو هو. اُها به ويل ويرم، گهڙي، ساعت ڪانه هئي سندس وجدان ۾ جنهن انسان ذات لاءِ پڄرڻ، پسرڻ ۽ سندن تدارڪ لاءِ هڙان وڙان دامي درمي، صلاح، پير ڀرڻ جهڙن جهروڪن ۾ پاڻ کي تحليل ڪري حاجتمندي نه ڪندو هو. هي ماڻهو ئي حقيقت ۾ انسان ٿيڻ جي اعليٰ منصب تي فائز ٿيڻ جو حقدار ٿيئي ٿو. دعائون، دم دلاسا، لڙڪ، ٿڌا ساهه هن ارپڻ کان هي گهڻو مٿاهون هو.
    پروفيسر خادم حسين ميرجت، حيدرآباد.

    محترم سائين لائق سنڌي صحافتي دنيا ۾ هڪ سچو ۽ کرو صحافي هو، جنهن هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو. آفتاب اخبار کان ويندي ڪوشش اخبار تائين سائين هميشه صحافتي دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کانسواءِ سائين هڪ سٺو استاد ۽ انسان دوست به هو. اسان جو دوست محمد اسماعيل ٿيٻو ان جو فرزند آهي. الله تبارڪ وتعالى ان کي صبر جميل عطا ڪري. سائين جيڪا واٽ قائم رکي، اميد ته اسماعيل به ان جي نقش قدم تي هلي ڳوٺ واسين جي ڏک سک ۾ گڏ هوندو. محمد علي لغاري
    ليڪچرر سنڌي شعبو، قاسم آباد ڪاليج، حيدرآباد 16 جنوري 2014ع

    سائين محمد لائق ٿيٻو هميشه مسڪرائيندڙ، نوجوان سوچ رکندڙ جهونو نوجوان هو. بنا سبب ۽ بلاوجهه هميشه محبت ونڊيندڙ شخص ۽ قومي سوچ ۽ ساده طبيعت ماڻهو هو.
    الله سائين شل سندس لاءِ جنت الفردوس ۾ جاءِ مخصوص ڪري. آمين. پروفيسر سيد ميرل شاهه، دريا بيگ مغل حيدرآباد

    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
    آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جيڪي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
    سائين لائق سان اسان جي خاندان جا تمام پراڻا ناتا هئا. منهنجي والد صاحب حيدر علي لغاريءَ سان سائينءَ جو تمام قرب، عقيدت ۽ احترام وارو رشتو هو. مون ننڍپڻ کان سائينءَ کي بابا سائينءَ وٽ ڳوٺ تاجپور ۾ ايندي ڏٺو.
    مون کي انهن ڏينهن ۾ ائين لڳندو هو ته ڄڻ سائين لائق اسان جي ئي فيمليءَ جو ڪو فرد آهي. پاڻ تمام قرب ۽ محبت ڏيڻ وارا انسان هئا. مون کي هميشه پنهنجو مرشد ڪري سڏيندا هئا ۽ اچڻ کانپوءِ چوندا هئا ته مرشد اڄ ڳاڙهو ٻوڙ ضرور کائبو. سائين لائق هڪ قابل استاد ۽ سنڌيءَ ٻولي جو تمام وڏو ڄاڻو هئو. سندن وفات سان سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو شايد ئي ڀرجي سگهي. الله سائين کين جنت ۾ جايون ڏي. ’آمين‘دعاگو
    اسرار لغاري، 18.01.2014
    سائين لائق ٿيٻو اهڙو گنائتو فقير هو، جنهن سدائين مرڪون ورهايون، ڏات ورهائي ۽ ڏات وارن کي سڌاري سنواري اڳتي آندو، الله کيس مرهيندو. اهڙا ماڻهو وري الائي ڪڏهين ملندا.
    عطا الله بخاري، 20.01.2014

    مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
    ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن، ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
    ٿا تنهنجا ڀاري ڀُرج لُڏن، تون هيڻو آ هٿيارن سان.

    پروفيسر اياز علي هاليپوٽو، حاجي خان ميتلو،
    منٺار بروهي، ڪاشف ۽ انور 21.01.2014

    سائين لائق سنڌيءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي! سچ پچ ته هڪ عظيم انسان هو. منهنجي ساڻس آفتاب اخبار جي زماني کان وٺي محبت ۽ پريت هئي. ڪڏهن به همٿ هارڻ جي ڳالهه نه ڪيائين. سدائين حوصلي ۽ سچائيءَ سان جيئڻ ۽ لکڻ جا ڏس ڏيندو هو. سنڌي صحافت ۾ سندس خدمتون نمايان رهيون آهن. تمام گھڻن صحافين کان منفرد ۽ مختلف هو. سندس نالو صحافت ۽ محبت جي دنيا ۾ هميشه قائم رهندو. بهرحال سندس وڇوڙي سان ساڻس محبت ڪندڙن جي محبت جو خال ڏاڍو ڏکيو ڀربو. دعا آهي ته الله تعالى کيس جنت الفردوس ۾ جايون ڏي. آمين ثم آمين.
    ممتاز علي لغاري، ليڪچرر بوائز ڊگري ڪاليج، سانگھڙ 16 جنوري 2014ع

    گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    سائين لائق سنڌ ڌرتي، سنڌي ٻولي، سنڌي سماج جو هڪ سچو عاشق ۽ مخلص ماڻهو اڄ اسان ۾ نه رهيو آهي. جسماني طور ڀلي هو اسان کان وڇڙي ويو هجي، پر سندس ڪم ۽ يادگيريون هميشه اسان جي وچ ۾ رهنديون. الله سائين سندس درجا بلندي ڪري ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. ’آمين‘
    پروفيسر عباس لغاري، سانگهڙ


    محترم جناب استاد لائق ڏنو (سائين لائق سنڌي) جنهن پنهنجي سموري زندگي تعليم، سماجي ڀلائي ۽ خلق جي خدمت کي ارپي ڇڏي، پاڻ هڪ مڪمل استاد، رهبر، دوست ۽ فرض شناس انسان هئا، انسانيت سندس سڃاڻپ ۽ پرچار هئي، ڪڏهن به ڪنهن سان ”اڙي“ ڪري به نه ڳالهايائون، آءٌ جڏهن به ساڻس ڪنهن مسئلي تي گفتگو يا ڪا راءِ ۽ رهنمائي وٺندو هئس ته پان ان بابت گهري فڪر ۽ مڪمل نموري واضح حل ڪري سمجهائيندا هئا ۽ مونکي هميشه سندس لاءِ لطيف جي اها سٽ ياد اچي ٿي.
    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
    الله تعاليٰ شال سائين جا ٻئي جهان موچارا فرمائي.’آمين‘
    انجنيئر آسنداس، موري منگر

    تحقيق االله جا دوست مَرن نه ٿا.
    بلڪه اُهي مُنتقل ٿين ٿا هڪ گهر کان ٻئي گهر ۾.
    سائين لائق ٿيٻو هڪ لائق انسان، صبر وارو، گهٽ ڳالهائڻ وارو اَمُن پسند، اَمن واريون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي ديس سنڌ سان گهڻي محبت رکندڙ مُحترم سائين جي ايم سيد جو عاشق، ننڍن نوجوانن کي همٿ ڏيارڻ وارو اسان کان جدا ٿيو آهي، جنهن جو اسان جي دل کي ڏاڍو ڌچڪو پُهتو آهي، اهڙا انسان تمام گهٽ ملندا آهن.
    سائينءَ سان منهنجو اَدبي دُنيا ۾ واسطو ٿورو وقت ٿيو ته بدقسمتيءَ سان سائينءَ جو آواز گلي جي تڪليف سبب گهٽجي ويو، جنهنجي ڪري سائين جون گهڻيون ڳالهيون آئون سمجهي نه سگهيس، بحرحال سائين کي مون لکي ڏنو پني تي ته سائين ڪجهه پنهنجي زندگيءَ جون يادون لکي ڏيو ته آئون اسانجي والد صاحب اُستاد سيد حاجي الهڏنو شاهه بن مهر شاهه جي ڪتاب ”يادون منهنجو ڳوٺ ۽ پسگردائي“ جي ٻئي ايڊيشن ۾ ڇپرايان. پاڻ واعدو ڪيائون ته بلڪل آئون توهان کي لکي ڏيندس، جيئن ته اسانجو والد صاحب سندن به پيارو استاد هو ۽ پاڻ سندن ئي رهبريءَ ۾ رهيا ۽ تمام گهڻي ويجهڙائپ ۾ رهيا.
    الله سائينءَ کان دعا آهي ته سائين لائق کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري ۽ دنيا ۾ جيڪي خطائون انسانن کان ٿي وينديون آهن، پنهنجي حبيب جي صدقي معاف فرمائي. دعاگو
    سيد افضل حسين شاهه، موري منگر


    سياسي ڀيٽا

    سياسي ڀيٽا

    سائين محمد لائق جي تڏي تي وڃڻ ٿيو، سندس آستان ڏسي ماضيءَ جا ڪيترائي داستان ذهن تي تري آيا، سائين شيخ علي محمد جي آفتاب اخبار کان وٺي عبرت ۽ ڪوشش اخبار سان لاڳاپيل رهيو، هن جو مرڪز پريس ڪلب حيدرآباد هوندو هو، منهن تي مرڪ ۽ هٿ ۾ سگريٽ خاص نشاني هو، سنڌي صحافت ۾ هن جهڙو پروف ريڊر ڪو ناهي، ڪيليگرافيءَ ۾ به ماهر هو، سندس وڏي خوبي اها هئي ته رڪارڊ رکندو هو، ۽ هر اخبار جا فائيل پاڻ وٽ رکندو هو، سندس پونئير هن جي اخبارن جو رڪارڊ حفاظت ۾ رکن. سڄي عمر سنڌ کي سنڌ وارن سان ملائڻ ۾ سلهاڙيل رهيو، افسوس جو قدرت اهڙن ڀلارن ماڻهن کي جلدي پنهنجي گرفت ۾ قابو ڪري کڻي وٺندي آهي. دعا آهي ته کيس ڀلارن جي پاڙي ۾ جاءِ نصيب ٿئي. ’آمين‘
    سائين لائق جو قربدار عبدالواحد آريسر، چيئرمين جيئي سنڌ قومي محاذ

    سائين لائق ٿيٻو پنهنجي ڪردار ۾ هڪ کرو ۽ سچو انسان هو، صحافت ۽ قلم کي پيٽ جو ذريعو نه بنايو. آخري ايامن تائين خودداريءَ سان زندگيءَ جا پساهه پورا ڪيا، ڪنهن به سرڪاري خيرات لاءِ هٿ ٽنگڻ جو خواهشمند نه رهيو. STP ۽ مون سان دلي محبت ۽ بي لوث خدمت جو رشتو اعتماد جي بنياد تي ڳنڍيندي اسان جو علمي، عملي ۽ قلمي سفير رهيو. سندن ساٿ سان اسان کي سياسي، اخلاقي ٻلهه ملندو رهيو. هر اها خبر جيڪا سنڌ خلاف هوندي هئي ان کي رد ڏيڻ ۽ ان جي مزاحمت لاءِ بي چينيءَ سان سنڌ جا سڄڻ ڳولهي کين همت ڏياريندو هو. لائق سنڌي سڄي سنڌ جو عاشق ۽ محافظ هو. خدا تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري.
    ڊاڪٽر قادر مگسي
    سنڌ ترقي پسند پارٽي چيئرمئن

    ڪنهن سچ چيو آهي ته: ”جنهن سان کِليو آهين، ان کي وسارڻ سولو آهي، پر جنهن سان رُنو آهين، ان کي وسارڻ ڏکيو آهي.“ چاليهن سالن جي رفاقت ۾ اسين گڏ کِليا به آهيون ته اسين گڏ رُنا به آهيون. خاص طور تي اسان جي رنج وارين حالتن کيس گھڻو رنجيندو ڪيو. هو مون کان ڪي سال وڏي هجڻ سبب مون لاءِ وڏي ڀاءُ جي حيثيت رکندو هو ۽ هو به وڏي ڀاءُ وانگر ئي منهنجين غلطين تي تنبيهه ڪندو هو. سندس سگريٽ جو وڏو سوٽو هڻي مرڪڻ جو انداز ڏاڍو موهيندڙ هو، جنهن کي ياد ڪري دل جهري ٿي پوي. هو ڀاءَ هو، هو رفيق هو ۽ دلبر دوست هو، جنهن کي مرڻ گهڙيءَ تائين وسارڻ مشڪل آهي. لطيف سائين اهڙن ئي املهه ماڻهن لاءِ چيو آهي.
    اڄ نه اوطاقــــــن ۾، طالـــب تـــــنواريـــــــــن،
    آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مـــــــــون مـــــارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
    حسين بخش ٿيٻو، 16 جنوري 2014ع

    سائين لائق سنڌيءَ پنهنجي پوريءَ سچائيءَ سان سچي سنڌيءَ جي حيثيت سان هڪ گمنام سپاهيءَ طور صحافت توڙي استادي پيشي سان نينهن نڀايو، سندس ٻنهي شعبن ۾ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن ۽ سندس ڪيل خدمتون سنڌ هميشه ياد رکندي. دعا آهي ته شال رب پاڪ کيس پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس پٽن کي اها ئي راهه ڏيکاري جيڪا سائين لائق ڇڏي ويو آهي. اهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جا سپوت ٿي سنڌ سان ناتو نڀائين.
    صنعان قريشي/ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ قومي محاذ


    سائين لائق جي وصال تي تمام وڏو ڏک پهتو، هو ماٺيڻو انسان هو، هو تمام وڏو ماڻهو هو. وڏو ماڻهو ان کي ڪو نه چئبو، جنهن وٽ گهڻو پئسو ۽ وڏيون گاڏيون ۽ بنگلا هجن پر وڏو ماڻهو اهو آهي، جنهن وٽ علم، فهم هجي برداشت هجي. خلوص ۽ پنهنجائپ هجي. مون اهي سڀ خوبيون سائين لائق ۾ ڏٺيون. سندس ادبي ۽ صحافتي پورهيو تمام وڏو آهي، هو سنڌي ٻوليءَ جو خاموش خدمتگار هو. شال رب سائين کيس جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوين کي صبر تحمل ڏي.
    پير امجد حسين شاهه جيلاني، سابق صوبائي وزير

    Marhoom LAIQ SINDHI was a humble man. Who made huge contributions to the Sindhi language, literature, education & journalism His absence will be difficult to fill.
    Syed Naveed Qamar (MNA) 25-01-2014

    سائين محمد لائق منهنجو نه رڳو دوست هيو پر هي منهنجو مائٽ ۽ هن سان قرب جا سڀ رشتا هيا، مون کي دلي صدمو پهتو آهي. هن کي خدا جنت ۾ جايون ڏي مون وٽ اهي لفظ نه آهن جو وڌيڪ لکان.
    دعاڳو روشن علي شاهه، ٽنڊو قيصر

    سائين لائق ٿيٻو جو جهڙو نالو هو، اهڙو ئي لائق ماڻهو هو، پاڻ استاد هو تمام گهڻا شاگرد پيدا ڪيائون. صحافت جي ميدان ۾ به وڏو نالو پيدا ڪيائون، تمام گهڻا ۽ باضمير صحافي سندس شاگرد آهن. سنڌ دوست ۽ سنڌ سان تمام گهڻي محبت ڪندڙ انسان، اسان جي خاندان سان تمام گهڻي محبت ڪندڙ آئون سندس محبت ڪڏهن به وساري نه سگهندس، الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏيندو ۽ سندس وارثن کي صبر جي توفيق ڏيندو.آمين.
    امير علي ٿيٻو، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تاريخ 17.01.2014


    سائين محترم لائق سنڌي، پنهنجي نالي جيان سنڌ جو لائق پٽ هو. سندس زندگي سنڌ سان عشق ۾ گذري، هو پنهنجي ڪردار ۾ ايتروئي طاقتور هو، جيترو هڪ غيرتمند محب وطن کي ٿيڻ گهرجي. سندس ڏنل محبت ۽ پيار هميشه اسان کي ائين ياد رهندا جيئن هڪ اولاد کي والدين جو پيار ياد رهندو آهي. اسان جي تربيت ۽ ڪردار جي تشڪيل ۾ سائين لائق سنڌيءَ جو اهم ڪردار رهيو آهي، اڄ سندس مرتئي تي ائين لڳي ٿو ته اسان جو سڳو پيارو اسان کان وڇڙي ويو آهي، سائين لائق سنڌي نه سرڪار جي وظيفي ۽ نه وري ڪنهن ڪوڙي ايوارڊ کي اهميت ڏني، بس هن جي ساهه جي سڳي ۾ فقط سنڌ ۽ سنڌ هئي. حيدر ملاح، حيدرآباد، سيڪريٽري جنرل ايس ٽي پي، 20.01.2014


    سينئر صحافي سائين لائق ٿيٻي جي لاڏاڻي جي خبر مون کي سوشل ميڊيا تي پئي، سائين لائق دوستن جو دوست، پيارو ماڻهو هو، مون کي سائينءَ جي هڪ ڳالهه تمام حيران ڪن لڳي ته هن خودداريءَ کان ڪم وٺندي پنهنجي بيماريءَ لاءِ سرڪار توڙي ڪنهن به سرنديءَ واري کي اپيل نه ڪئي، جيڪا شيءِ اسان گهٽ ماڻهن ۾ ڏٺي. صحافت ۾ هوندي ايمان سلامت رکيو، جيڪا پڻ تمام وڏي شيءِ آهي.
    ستار زنگيجو- سياسي، سماجي ڪارڪن تاريخ: 16.01.2014

    سائين محمد لائق تمام گهڻو نيڪ ۽ قابل احترام شخص هو. سائين جن جي اسان جي والد صاحب وڏيري بوبڪ ٿيٻو سان تمام گهڻي ويجهڙائي هئي، اسان سان پڻ گهڻي ويجهڙائپ هئي.
    هڪ قلم ۽ پنو ڪافي ناهي سائين لاءِ لکڻ جي لاءِ. ڪجهه ماڻهو تاريخ تي پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو تاريخ بڻجي ويندا آهن. سائين محمد لائق صاحب پڻ هڪ تاريخ آهي، الله پاڪ سائين جن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. ’آمين‘ وڏيرو عباس علي ٿيٻو


    پنهنجي نالي جهڙو لائق ۽ پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ لائق جنهن سان اسان جي وڏن جو تعلق ۽ دوستي هئي پر جڏهن به ملندا هئا ته اسان کي پنهنجو وڏو لڳندو هو ۽ دوست مطلب هر خصوصيت سان ٽمٽار هئا ۽ صحافت جي دنيا ۾ بغير ڪنهن لالچ ۾ سنڌ جي خدمت ڪيائين سندس وڇوڙو اسان لاءِ گهر جي ڀاتيءَ جي وڇوڙي وانگي آهي، الله شل جنت ۾ جاءِ ڏيس.
    ذوالفقار علي ٿيٻو، منظور آباد

    سائين محمد لائق هڪ کلڻو ملڻو ماڻهو هئو، ڪچهرين جو مور هئو، سندس صحافت جي زندگي وسارڻ جوڳي نه آهي، الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ عطا ڪندو. مولا بخش مشوري، هٽڙي 18.01.2014


    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
    محترم اسان جو عظيم استاد سائين محمد لائق ٿيٻو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، رب پاڪ کيس جنت نصيب ڪندو.
    سائين جون سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ خدمتون قابل تعريف آهن، رب پاڪ کان دعا آهي، سندس اولاد کي به سائين جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏي. آمين ثم آمين. دعاگو خير انديش
    مير عبدالرشيد ٽالپر P.A ٽو منسٽر شرجيل انعام ميمڻ صاحب. 20.01.2014

    مـــــاڻهو سڀ نه سهڻا پــــکي ســـــڀ نه هـــــــنج.
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه اچي بوءِ بهار جي.
    محترم سائين لائق ٿيٻو صاحب علمي، ادبي ۽ صحافتي حوالي سان محترم شخص. منجهس تمام گھڻي پرک هوندي هئي. هر انسان لاءِ شفقت ڀريو، پيار ۽ محبت جو مظاهرو ڪندو هو. سڀني سان تمام گھڻو پيار ڪندو هو. اسان نوجوانن سان ته تمام گهڻو پيار ڪندو هو. مان سمجھان ٿو ته سنڌ هڪ ادبي، علمي ۽ سياسي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي، اهو خال سالن تائين ڀرجڻ جو نه آهي.
    غلام نبي سمون، مرڪزي پريس سيڪريٽري، سروري جماعت

    سائين محمد لائق ٿيٻو جيڪو منهنجي والد علي اصغر زنئور جو دوست هو. جنهن سان ڪيترائي سال هڪ ئي اسڪول ۾ استاد رهيو، منهنجون ڇهين ڪلاس کان وٺي هن سان ڪچهريون رهيون. پاڻ سدائين منهنجو حُجتي دوست ۽ چاچو هو، جنهن سان تمام گهڻيون ڪچهريون رهيون. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو پارکو هو. جڏهن به بابا سائينءَ وٽ ايندو، سدائين چوندو هو ته ڳاڙهو ٻوڙ کائيندس.
    سائين نه وسارڻ جهڙو املهه ماڻهو هو، الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي. ’آمين‘
    محبوب علي زنئور، ڳوٺ بهاول زنئور


    دوستن احبابن ۽ ڳوٺ واسين پاران ڀيٽا

    دوستن احبابن ۽ ڳوٺ واسين پاران ڀيٽا

    سائين لائق منهنجو محسن استاد Mentor ۽ سفر جو ساٿي- لطيف، اياز، سنڌي ادب، صحافت، رک رکاءُ ۽ مزاج مطلب ته هر صنف ۽ شخصيتن جي ڀرپور ڄاڻ ۽ اُنجو منهنجي شاگردي ۽ نوڪري واري سفر ۾ رهنمائي. اهي سڀ خوبيون ۽ ڳالهيون. پر افسوس جو آئون کيس زندگيءَ جي آخري سفر ۾ ساٿ نه ڏئي سگهيس.
    سُبحان ميمڻ، 18 جنوري 2014ع

    سائين لائق جي اوچتي وفات جو ٻڌي تمام گھڻو افسوس ٿيو. سائين لائق گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هو بهترين استاد، بهترين صحافي، بهترين اديب، سخن شناس، ماٺيڻو ۽ سادو انسان هو، جنهن سان به تعلق هوندو هئس، ان کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو، هر ٽهيءَ جو ماڻهو ائين سمجھندو هو ته سائين لائق منهنجو دوست آهي، اهو سندس قربائتي شخصيت جو اثر هو. هو نه فقط واسطو رکندو هو، پر نڀائيندو به هو. هر حال ۾ سڀني وٽان ڀيرو ڪندو هو. ائون جڏهن پيٽارو ۾ پڙهندو هوس ته مون سان ملڻ لاءِ اتي به ايندو هو. تعليم جي اهمت ۽ افاديت کان نوجوانن کي آگاهه ڪندو رهندو هو، سندس صحبت ۾ رهڻ وارا تمام وڏن عهدن تي پهتا. ٻوليءَ جي صحيح استعمال لاءِ هن زندگي وقف ڪري ڇڏي. هن جون ڪيل خدمتون، ڏنل محبتون هميشه ياد رهنديون. اهڙا انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن. سندس وفات نه فقط سندس خاندان، ڳوٺ ۽ ٿيٻا برادريءَ ۾ خال پيدا ڪيو آهي، پر صحافتي ۽ ادبي لڏي ۾ به سندس جاءِ ڀرڻ ۾ وقت لڳندو.
    غلام قادر ٿيٻو ، ايڊيشنل آءِ . جي ڪراچي

    سائين لائق مون کان تقريباً 15 کان 20 سال عمر ۾ ننڍو هو، اسان جو ويجهو عزيز هو، سادي طبيعت رکندڙ انسان هو. هو جيترو مون سان ويجهو هو، اوترو ئي منهنجي پٽن ۽ پوٽن سان. سڀ ڪو سمجهندو آهي ته سائين لائق منهنجو دوست آهي. هميشه ڇوڪرن کي پڙهڻ جي تلقين ڪندو هو. راڄ ڀاڳ جي لهواري اوڀاري يا سياسي اٿل پٿل جي وڏي ڄاڻ رکندو هو. سڄي سنڌ ۾ وڏو واسطو هئس. مرڻي پرڻي سڀني وٽ ويندو هو. پاڻ غريب ماڻهو هو، پر دل جو سخي هو. سدائين اخبارون ۽ رسالا ٿيلهيءَ ۾ هوندا هئس. اسان کي به اخبارون وٺڻ جي اهڙي هير وڌائين، جو سڀ اخبارون اوطاق تي گھرائيندا آهيون. هو سدائين ياد رهندو. اهڙا ڀلا ماڻهو گهٽ پيدا ٿيندا آهن.
    ڏاڏو مال خان ٿيٻو

    اسان جو خاندان حضرت مخدوم سرور نوح رحه جو مريد آهي ۽ اسان جي خاندان جو وڏو ڏاڏو فقير لائق ڏنو درويش صفت ماڻهو هو، مرشدن سان تمام گهڻي عقيدت هجڻ ڪري مرشدن کيس نو لک گودڙيءَ سان نوازيو، جيڪا اڄ به اسان وٽ تبرڪ طور موجود آهي! ۽ سندس نالي سان هالا ۾ مرشدن جي درگاهه تي حجرو به ٺهيل آهي. سندس نالو پيڙهي درپيڙهي ڦرندو منهنجي ڏاڏي تي رکيو ويو، جنهن کي ٽي فرزند محمد سليمان، حاجي محمد اسماعيل ۽ پير بخش هئا. انهن مان حاجي محمد اسماعيل اسان جو والد هو، جنهن کي پڻ ٽي پٽ هئا، جن ۾ لائق ڏنو (لائق سنڌي)، محمد قاسم (يعني آءٌ) ۽ محمد بخش جيڪو جوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو ۽ ٽي نياڻيون هيون.
    جڏهن آئون ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ته اسان جو والد 1969ع ۾ وفات ڪري ويو، ان کانپوءِ منهنجي پرورش، پڙهائيءَ جو ذمو منهنجي وڏي ڀاءُ جنهن کي سڄي سنڌ لائق سنڌيءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿي ان پنهنجي ڪلهن تي کنيو. مون جڏهن 1974ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ته مونکي يونين ڪائونسل ٽنڊو حيدر ۾ ناڪي منشي طور نوڪري وٺي ڏني. انهن ڏينهن ۾ علي پيلس جو مالڪ سيد بشير احمد شاهه تعلقي حيدرآباد جي يونين ڪائونسلن جو ايڊمنسٽيٽر هو ۽ سبحان ميمڻ جو دوست هو، جنهن جي معرفت مون کي نوڪري ملي.
    جڏهن منهنجي ڀاءُ صحافتي دنيا ۾ پير پاتو ته مرحوم شيخ علي محمد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي اخبار هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هو، جيڪا اخبار پڪي قلعي حيدرآباد مان نڪرندي هئي ۽ 73-1974ع ۾ شيخ علي محمد وري پنهنجي اخبار ”آفتاب“ نالي ڪڍي ته ادا به ان اخبار ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ ڪجهه وقت مون به آفتاب اخبار ۾ سرڪيوليشن مئنيجر طور ڪم ڪيو.
    اسان وٽ ڪجهه ايڪڙ زمين هئي، ٻي ڪا خانداني ملڪيت نه هئي، اها زمين به ڪجهه وقت وڏيري بقادار ٿيٻي وٽ مقاطي ۾ هئي پوءِ والد صاحب پنهنجي زندگي، ۾ ئي کپائي ڇڏي. انهن ڏينهن ۾ ڀاءُ ماستري جي نوڪري ڪندو هو ۽ گهر جو سڄو خرچ ۽ اسان جون پڙهايون سڀ ڀاءُ جي پگهار تي ئي هلي رهيون هيون. گهٽ آمدني هجڻ باوجود ادا سائين مون کي پڙهائي پيءُ وارو فرض نڀائيندو رهيو. جيڪا شفقت اسان کي ڀاءُ طرفان ملي شايد ايتري بابا به نه ڏيئي سگهي ها، ڪڏهن به بابا جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏنائين، پنهنجون ضرورتون پنهنجي دل ۾ رکي هميشه منهنجون جائز ناجائز خواهشون پوريون ڪندو رهيو. پيءُ وارو پيار اسان کي ڀاءُ طرفان ئي مليو، آءُ به سندس تمام گهڻي عزت احترام ڪندو هئس. ادا سائين هر رشتي کي تمام سٺي نموني سان نڀائيندو رهيو. ادا کي جي پيءُ جي نظر سان ڏسجي ته هُو باوقار با ڪردار پيءُ هو، جي ڀاءُ جي نظر سان ڏسجي ته هُن جهڙو ڀاءُ ڪٿي نه ملندو ۽ جي دوست جي نظر سان ڏسجي ته ادا دوستيون بيخوبي نڀائڻ ڄاڻندو هو. سندس طبيعت سادي پر اهڙي ته نرالي هوندي هئي جو ڪير هڪ دفعو ملي ته هر هر ملڻ جي خواهش ظاهر ڪري ۽ اهو سندس طبيعت جو ئي ڪمال هو ته ادا ڪڏهن به اڪيلو نظر نه ايندو هو، هر وقت ڪو نه ڪو دوست ساڻس گڏ هوندو هو.
    هڪ ڀاءُ جي ڪردار تي مان ڪهڙي روشني وجهان ان جو اندازو هن مان لڳايو ته جڏهن منهنجي شادي ٿي ته اهڙي شان سان ڀت ڪيائين جنهن جو مثال ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان جي علائقي ۾ هلندو هو. صوفي طبيعت جو مالڪ منهنجو ڀاءُ نه ته نفرت ڪرڻ ڄاڻندو هو ۽ نه وري سندس دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪو حسد هو، ادا جي وڇوڙي اسان کي جهوري وڌو آهي، سچ پڇو ته هاڻ نه صرف اسماعيل ۽ محمد بخش يتيم ٿيا آهن پر انهن سان گڏ آءٌ ۽ منهنجو اولاد به يتيم ٿي ويا آهيون، ڇو ته ادا سائين مون کي ۽ منهنجي اولاد کي به پنهنجي اولاد جهڙو سمجهندو هو. بيشڪ ادا جو وڇوڙو ڪنهن قيامت کان گهٽ نه آهي، اهڙي طرح 58 سالن جو ساٿ 16 جنوري 2014ع تي ختم ٿي ويو ۽ هاڻ پنهنجي اولاد ۽ ادا جي اولاد هوندي به پنهنجي پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان. اڄ ادا اسان سان گڏ ناهي پر اسان جون دعائون هميشه ادا سان گڏ رهنديون. دعا آهي ته الله پاڪ منهنجي ڀاءُ کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ’آمين‘
    محمد قاسم ٿيٻو، موري منگر

    سائين لائق کي آئون ماما چوندو هوس، هو منهنجو سڳو مامو ته نه هو، پر سڳن مامن کان به وڌيڪ ڀائيندو هو. سائين جي سهري چاچي نور محمد ٿيٻي جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان ٽي ڪلوميٽر پري هو، جڏهن به سائين اوڏانهن ويندو هو ته آئون کيس جيپ ۾ ڇڏي ايندو هوس. هڪ ڀيري رات جو اوطاق تي ويٺا هئاسين ته اوچتو خيال آيس ته ڀائو گل محمد وارن ڏانهن ٿو وڃان، مون جيپ ڪڍي اوڏانهن وياسين پئي ته رستي تي واٽر کليل هو، گاڏيءَ ڪيئن واٽر ڪراس ڪيو، ڪا خبر ئي نه پئي ۽ اسين معجزاڻي طور تي بچي وياسين. شايد اهو سائين جي فقيراڻي طبيعت جو ڪمال هو. واپسيءَ ۾ جڏهن آئون ساڳي جڳهه تي پهتس ۽ گاڏيءَ مان لهي ڏٺم ته اچرج ۾ پئجي ويس ته مار! هتان آئون ڪيئن گاڏي اڪاري ويس. خير واپسيءَ ۾ همت ڪونه ساري سگهيس ۽ ڪيترائي همراهه گهرائي واٽر لٽرائي پوءِ گاڏي ڪڍيم. سائينءَ سان ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن، هو ڀائيندو هو، چاهيندو هو، سمجهائيندو هو. اخبارن پڙهڻ جو شوق ڏياريائين. سندس وڇوڙي تي وڏو ڏک پهتو آهي، سندس ياد هميشه رهندي، سلام سائين لائق.
    جان محمد ٿيٻو، سابق چيئرمين يوسي ڊاسوڙي

    مون جڏهن کان شعور جي اک کولي ته سائين لائق سان ويجهڙائپ جو سلسلو شروع ٿيو، آفتاب اخبار هجي يا پريس ڪلب، حيدرآباد، موري منگر هجي يا اسان جي ڳوٺ واري اوطاق سائين لائق سان طويل ڪچهريون اڄ به ياد آهن، هو پڙهيو لکيو، سمجهدار، نظرياتي ۽ فڪري انسان هو. اخبارن، ڪتابن، رسالن، ادبي ڪچهريون ادبي ۽ صحافي دوست سندس ڪُل سرمايو آهن. مون سان گڏ ڪيترائي ڀيرا حيدرآباد کان اسان جي ڳوٺ مسال خان ٿيٻو تائين سفر ڪيائين، سندس ڪچهري ۾ وڏو مزو ۽ لطف هوندو هو، ڄاڻ جي کاڻ هوندي هئي، هڪ تعليم دوست انسان هو، منجهس تمام گهڻا گڻ هئا. ٿورو ڳالهائڻ ٿورو کائڻ، ٿورو سمهڻ سندس فطرت هئي. هي نوجوانن سان پيار ڪندڙ انسان هميشه ياد رهندو.
    روشن ٿيٻو، ڳوٺ مال خان ٿيٻو


    سائين لائق منهنجي پياري دوست محمد اسماعيل ٿيٻو جو والد مون کي به پنهنجي والدين جيان هو. هو منهنجي والد مرحوم الهڏنو ڳاهو ۽ مامي احمد خان ڳاهو مامي خير محمد ڳاهو جو دوست هو. ساڻس تعلق جا اڻ ڳڻيا قصا ۽ يادون اڄ ذهن تي تري آيون آهن. هو مون لاءِ ڇپر ڇانوَ وانگر هو. اسان جي ماروي ٽائون واري گهر تي ايندو هو ته بابا سان خوب ڪچهريون ڪندو هو، صبح جو سويل اٿندو هو ۽ بابا کيس ناشتو ڪرائيندو هو ۽ پوءِ سائين لائق ۽ سندس اخبارن جو ٿيلهو. اخبارون، ڪتاب، چاءِ ۽ سگريٽ سائين جون پسنديده شيون هيون. منهنجي نوڪري اڪثر ٽنڊو آدم ۾ هوندي هئي ته سائين مون سان گڏ ٽنڊو آدم هلندو هو اتي پريس ڪلب ۾ وفا رضا، شفيع ٻجورو، مرحوم صادق ابڙو، علي ٿهيم، امداد راهي ۽ ٻين دوستن سان ملندو هو، جيڪي سائين جي ڪري مون کي به ڀائيندا آهن. حيدرآباد جا صحافي، لالا رحمان سمون، مهيش ڪمار، اقبال ملاح ۽ ٻيا به ڪيترائي ڀيرا گڏيل ڪچهريون ڪندا هئاسين، آڌيءَ رات تائين، ڪيتريون ڳالهيون ڪجن سائين جون سندس وفات تي تمام گهڻا ماڻهو تڏي تي آيا، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو لکيو ويو. اِهو ئي سندس سرمايو هو، سائين جون يادون هميشه ياد رهنديون، سائين کي ڌڻي تعاليٰ جنت ۾ جايون ڏي ۽ پونيئرن کي صبر ڏي. ’آمين‘
    فدا حسين ڳاهو

    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
    اديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جيڪي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

    منهنجو پيارو ”ماما وڏو“ جيڪو نه صرف منهنجو رشتي ۾ ”مامو“ هو، پر اَبو هو. جنهن کي اسين سڀ ڀاڻيجا، ڀائيٽيا، پٽ، پوٽا، ڏُهٽا مطلب ته سڀ هن شخص کي ابو سمجهندا هئاسين، هو اسان سڀني لاءِ ڇپر ڇانو هو، اسين سڀ کيس بابا سائين چئي مخاطب ٿيندا هئاسين ۽ هن شخص به ڪڏهن اسان ۾ فرق نه رکيو، سڀني سان هڪ جهڙو پيار، محبت ڪندو هو.
    ’ماما وڏي‘ ڪنهن به انسان کي ڪابه تڪليف نه ڏني ۽ نه ڏيڻ پسند ڪندو هو، ڇو جو هو انسان ذات سان محبت ڪندڙ انسان هو.
    سچ پڇو ته منهنجي والد گل محمد ٿيٻي جي وفات تي به مون پاڻ کي يتيم نه سمجهيو هو پر 16 جنوري تي ماما وڏي جي وفات کان پوءِ آئون پاڻ کي يتيم محسوس ڪري رهيو آهيان.
    مون کي اڄ به اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن منهنجي بابي مون کي اسڪول نه وڃڻ تي لڪڻ به هنئي پر ماما وڏي اسان کي هميشه قرب ۽ محبت ۾ سمجهايو ۽ ڪڏهن هٿ اولاري هڪل به نه ڪئي، قرب ۽ محبت جي هن شخص وٽ انتها هئي، ان ڪري هو سڀني جو سائين هو، اهو وڏو هجي يا ننڍو سڀ ماما وڏي کي سائين لائق چئي مخاطب ٿيندا هئا، اها عزت هن پاڻ ڪمائي هئي ۽ هو سندس نالي جهڙو ئي لائق انسان هو.
    مون لاءِ وڏو اعزاز آهي ته منهنجي پرورش ان شخص وٽ ٿي، مون کي پڙهائڻ، نپائي وڏو ڪرڻ مون ۾ انسانيت جا گڻ پيدا ڪرڻ، انسانن سان محبت ڪرڻ، زندگي گذارڻ جا طور طريقا هن شخص سيکاريا. پاڻ هميشه صبر تحمل سان زندگي گذاريائون ۽ اهو ئي سبق ٻين کي به ڏنائون، رب تعاليٰ کان دعا آهي ته هن جي ڏنل واٽ تي هلون ۽ منهنجي دعا آهي ته باباجي مصداق ماما وڏي کي آخرت۾ ڀلارن جو پاڙو نصيب ٿي. آمين. خير محمد ٿيٻو، موري منگر

    ناليواري صحافي ۽ استاد سائين لائق سنڌيءَ ڳوٺ موري منگر، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي تعليم پرائڻ جو شوق هوندو هو، هن پڙهائيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ محنت ڪئي، سندس ڪيل محنتن جي نتيجي ۾ کيس استاديءَ جهڙو عظيم پيشو پلئه پيو ۽ پاڻ هڪ عظيم استاد جي حيثيت سان ڄاتو سـڃاتو ويو. سندس زير نگراني ڪيترن ئي شاگردن تعليم پرائي، جنهنجي نتيجي ۾ اهي شاگرد اڄ وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن. سائين لائق هڪ جاکوڙي انسان هو، کيس سنڌ سان تمام گھڻي محبت هوندي هئي، جنهنڪري هن پنهنجي نالي سان گڏ هميشه لاءِ نسبت ’سنڌي‘ جوڙي ڇڏي. سائين لائق سنڌ جي ثقافت جي به پرچار ڪئي، اهو ئي سبب آهي ته سنڌي ٽوپي توڙي اجرڪ هميشه سائينءَ جي لباس توڙي شخصيت جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهيا.
    سائين لائق سنڌي هڪ سماج سڌارڪ پڻ هو ۽ پنهنجي ڳوٺ جي ترقياتي ڪمن ۾ مرحوم سينيٽر علي محمد شيخ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساٿ ڏيندو رهيو. پاڻ پنهنجي حال سارو ڳوٺ توڙي تر جي مسڪين ماڻهن سان مددي هٿ پڻ ونڊائيندو رهندو هو، جنهنڪري سندس ڳوٺ موري منگر توڙي آس پاس جي ڳوٺن ۾ هن جو نالو پڻ مشهور ٿيو. سائين لائق سنڌي مٽن مائٽن، يارن دوستن ته ڇا، پر هر هڪ شخص سان محبت سان پيش ايندو هو. پاڻ خوش طبيعت ۽ مرڪڻ وارو انسان هو ۽ گڏوگڏ وفا جي وکر سان به سرشار هو.
    افسوس جو اسان جو اهو پيارو سائين، هڪ عظيم شخصيت جو مالڪ 16 جنوري 2014ع تي اسان کان هميشه هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، الله تعالى کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندس اولاد کي صبرِ جميل عطا فرمائي. سائين لائق سنڌي جي وفات کانپوءِ خاص ڪري ٿيٻا برادري ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي. دعا آهي ته سائين لائق سنڌي جهڙا پٽ ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندا رهن. آمين
    لوڊاڻا لطيف چئي، کڻون کنيائون
    وڃي ڪاڪ ڪنڌين تي، لڏو لاٿائون
    ڇڏي حيلا هليا، وڃي مومل ماڻيائون،
    ڀيرو ڀڳائون، وڃي آسڻ آرامي ٿيا.

    محمد حسن ٿيٻو، ڳوٺ حاجي پيرو ٿيٻو، لڳ پيارو لنڊ، ڊاسوڙي


    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
    سائين لائق نالي وانگر تمام گهڻا لائق، شفيق، محبتي، با اخلاق ۽ تمام وڏا انسان هئا.
    سندن وڃڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته پاڻ سر سيد، مرحوم نور محمد صاحب وانگر ڪيترن شاگردن تعليم جي زيور سان سنگاريو پر پاڻ انهن جي مالي مدد به ڪندا رهندا هئا. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ سندن اولاد ۽ خاندان کي به انهن اعليٰ اخلاقن سان هميشه آرستا رکي (آمين).
    سائين لائق جي خاندان سان اسانجي سيد خاندان جا مائٽن کان به ويجها رشتا آهن. چاچو امين به اسانجي سڳن چاچن جهڙو هو ۽ پاڻ هميشه ڏکي وقت ۾ مائٽن کان به وڌيڪ ڪم آيا.
    ادا اسماعيل ۽ ادا محمد بخش جيڪي سائين لائق جا هونهار فرزند آهن، اهي به اسانکي مائٽن وانگر ويجها ۽ پيارا آهن. منهنجي الله پاڪ کان دعا آهي ته سندن خاندان هميشه سائين لائق جي نقش قدم تي هلي ۽ کين ڪوسو واءُ به نه لڳي ’آمين‘ دعاڳو.
    ڊاڪٽر منظور احمد شاهه ولد سيد حاجي عبدالرحمٰن شاهه، موري منگر
    ***
    سائين اهو خوش نصيب انسان هو جيڪو ’سنڌ‘ جي هڪڙي ڳوٺ ۾ رهڻ جي باوجود به روشن خيال ۽ ادب سان محبت ڪندڙ مزاج جو مالڪ هو. سائين سنڌ جي جديد ادبي، سماجي، سياسي لاڙن تي نه صرف نظر رکندو هو پر تمام بهترين اڳ ڪٿيون به ڪندو هو.
    منهنجي گهڻي ڪچهري سائين سان سياسي ۽ ادبي موضوعن تي ٿيندي هئي، مثلا منهنجي ڏاڏا سائين جي لکيل ڪتاب ’ڪليات نورل‘ ته ڪافي سمجهاڻي ڏيندا هئا ۽ سندن شاعري جي مختلف خاصيتن کي اجاگر ڪندا هئا.
    منهنجو پسنديده موضوع سنڌ جي سياسي خاندانن جو مختلف سياسي ڪردار هوندو هو. مثلا ’ايوب خان‘ جي دور ۾ ڪهڙا سياسي خاندان ميدان ۾ عمل ۾ هئا يا ’ذوالفقار علي ڀٽو‘ صاحب جي سياسي سفر ۾ ڪهڙا خاندان ميدان عمل هئا ۽ انهن جو ڪردار ڪهڙو هو مطلب ته سائين سان ٿوري دير جي ڪچهري ۾ مونکي ۽ دوستن کي سنڌ جي سياسي تاريخ جي هڪ مڪمل تصوير ملي ويندي هئي.
    آئون الله کان دعا گهران ٿو ته الله تعاليٰ اسان جي ڳوٺ (موري منگر) ۾ وري سائين لائق جهڙا بابرڪت شخص پيدا ڪري جيڪو انهي روشن خيالي جي مشعل کي روشن رکي ۽ ڳوٺ جي نوجوانن ۾ ادبي، ثقافتي ۽ مثبت سياسي لاڙن کي پروان چاڙهن.
    سيد نور احمد شاهه، موري منگر

    There were so many times when I got help from SAIN LAIQUE. Indeed, whenever I wrote any article for any sindhi newspaper, it was none else, but SAIN LAIQUE who extended helping hand. It is truly patient to mention here that the interest of mine to write in newspapers, was because of SAIN LAIQUE. Apart from all this, the due to quality of SAIN LAIQUE was to remain relax and smiling.
    May God rest his soul in external peace. Ameen.
    Zulfiqar Thebo 19-01-2014

    سائين لائق جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، سائين وڏن سان وڏو هوندو هو ننڍن سان ننڍو هوندو غريب ۽ امير سان برابري رکندو هو.
    سائين هر ماڻهو جي مدد ڪندو هو ۽ جيڪو به ڪم ڪندو هو ته محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هو ته هي مون ڪرايو آهي. آئون اڄ جنهن به منزل تي آهيان سائين لائق جي ڪري آهيان.
    حاجي گلزار ٿيٻو(مولان)


    ڪڏهن اِئين هُياس جهومڪ جهڙو ڪٿئين،
    هاڻ اِئين ٿياس، سانجهيئڙي جيئن سُپرين.
    محتر سائين لائق سنڌي منهنجو شفيق استاد، انتهائي احترام جي لائق، سندن جو شمار والدين ۾ ٿئي ٿو، مون کي آڱر کان وٺي جنهن دُنيا ۾ مون کي هلڻ سيکاريو، سو اڄ هن دنيا ۾ ناهي رهيو، ائين ٿو لڳي ڄڻ اڄ مان هڪ دُعا جي در کان محروم ٿي ويو آهيان. هڪ رهبر يا سونهي کان الڳ ٿي ويو آهيان، مان پنهنجي محترم استاد لاءِ ڪجهه لکڻ کان قاصر آهيان، هڪ گهڻ رُخي شخصيت جي سڀني پهلوَن تي هن ننڍڙي پني تي روشني وجهڻ انتهائي مشڪل آهي.
    هڪ هڪ ٿي منهنجا استاد خالق حقيقي ڏانهن وڃي رهيا آهن، الوداع چئي رهيا آهن، تڏهن لطيف جي مٿئين بيت جي تشريح واضح ٿي ويئي آهي ته! اڄ سانجهيءَ جي تاري جيان خود کي ايترو اڪيلو ٿو لڳان. ڌڻيءَ در دعا آهي شل مالڪ ڪريم سندس سڀ خطائون درگذر فرمائي کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عنايت ڪري. آمين.
    ڊاڪٽر رضا محمد چانڊيو، ٽنڊو ڄام تاريخ 17.01.2014

    محترم سائين لائق جيترو وڏو قد ايتري وڏي شخصيت، نهايت شفيق انسان ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ ساده ۽ درويش طبيعت، سنڌي ٻوليءَ جا پارکو. الله پاڪ کان دعا آهي ته الله کيس جنت الفروس ۾ جڳهه ڏي. آمين.
    ڊاڪٽر واجد علي ٿيٻو(ڊاسوڙي)

    پهرين ڳالهه اها آهي ته الله سائين، سائين لائق کي جنت نصيب ڪري. سائين سان آئون ٻه ٽي دفعه مليو آهيان پر لڳي ائين ٿو ته سائين کي روز ٿو ڏسان. سائين لائق دل جو نرم ماڻهو هو. سائين جهڙي شخصيت مون اڃا تائين ڪون ڏٺي آهي. سائين جي اها خبر ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو پر چوڻي آهي ته الله سائين کي جيڪا شيءِ ڏاڍي پياري هوندي آهي الله سائين ان کي جلدي پاڻ ڏانهن گهرائيندو آهي.
    اسامه ٿيٻو، مولان (ڪلاس ستون)

    سائين لائق سنڌيءَ جي وفات جو ٻڌي ائين سمجهو منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي. سائينءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 1994ع ۾ گول بلڊنگ حيدرآباد جي پاسي ۾ مرحوم شيخ علي محمد جي آفتاب اخبار جي پريس ۾ ٿي، جڏهن آئون مذڪوره اخبار جو (سلطان آباد) ضلعي ٽنڊوالهيار جو رپورٽر ٿيس، سائينءَ سان پهرين ملاقات ۾ ائين محسوس ٿيو ته ڪيترن سالن کان هڪٻئي جا واسطي وارا هجون. مطلب ته ڪابه نولائي محسوس ڪونه ڪيم.
    سائين اسان صحافين لاءِ هڪ گهاٽي بڙ جي وڻ جيان ڇپر ۽ ڇانو هئا، هڪ وڏي صحافيءَ جي حيثيت ۾ هر خبر کي ٺاهڻ ۽ خبر جي ايڊيٽنگ ڪرڻ سندن هڪ معجزو هوندو هو. اسان جي هر موڙ تي رهنمائي ڪيائون. جڏهن به حيدرآباد اچڻ ٿيندو هو ته وس ڪري سائينءَ سان ملڻ لاءِ پريس ڪلب ويندو هوس. جيڪڏهن اتفاق سان نه ملندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ حيدرآباد اچڻ منهنجو فضول هو.
    جڏهن به ملندو هو ته ڏاڍي پيار سان ڀاڪر پائي ملندو هو. ماني ۽ چانهه کانسواءِ نه ڇڏيندو هو، مطلب ته سائينءَ جو وڇوڙو سنڌي صحافت ۽ سنڌي، ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. آخر ۾ دعا آهي ته شال رب سائين هن پياري محسن کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ پونئيرن کي صبر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ’آمين ثم آمين‘
    قائم خاصخيلي، پيارو لنڊ ضلعو ٽنڊو الهيار

    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
    محترم استاد ۽ صحافي سائين لائق ٿيٻي جهڙي زنده دل انسان کي مرحوم لکڻ تي دل نٿي مڃي، منفرد ڪردار ۽ مزاحيه انداز ۾ سائين جن ملندا ۽ پيار ڪندا هئا. آئون ننڍو هوندو هئس ته سائين جن مون کان انگريزي سوال جواب به پڇندا هئا ۽ همت افزائي پڻ ڪندا هئا. صحافت جي دنيا ۾ سندن وڏو نالو رهيو، ان معاملي ۾ منهنجي ڪافي مدد ڪندا هئا. جڏهن اسان جو هڪ دوست SDM مسٽر اشرف سيال حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو ته مون هڪ تعزيتي خط تربت بلوچستان مان سائينءَ کي لکيو، جيڪو سائينءَ آفتاب اخبار ۾ شايع ڪيو. ان کان علاوه هڪ سفرنامو جيڪو اسان سنڌي ڊپارٽمينٽ جي استادن ۽ شاگردن جي ڪينجهر جي سير سفر بابت لکيو هو، اهو به سائين جن روزنامه آفتاب ۾ شايع ڪرايو. مطلب ته عملي طور تي خدمت ۽ همت افزائي ڪرڻ وارا اهڙا انسان اڄڪلهه تيزيءَ سان گهٽجندا پيا وڃن. الله پاڪ کان دعا آهي ته کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي، آمين. سندس لائق فرزند سائين محمد اسماعيل سان اسانجي ملاقات ليڪچرار ٿيڻ جي عمر کانپوءِ ٿي پر سٺو ٿيو جو اهو رشتو ادا منظور مرحوم ساڻ ساڳئي ڪاليج ۾ گڏ هئڻ ڪري وڌيڪ مضبوط ٿيو.
    محبوب ڏيٿو

    سائين محمد لائق اصل ۾ ٿيٻو آهي، پر اسان وٽ درس فقير سڏبا آهن، ڇاڪاڻ جو سائين جن مخدوم هالن وارن جا مريد آهن، سائين جي سيرت ٻن سبب ڪري مشهور ۽ سٺي هئي هڪ ته سائينءَ تي سندس وڏي محمد لائق فقير جو نالو هو، وڏي محمد لائق روايت آهي ته هو هر سومر رات کير کڻي پنڌ هالا ويندو هو ۽ هڪ دفعي برسات وسندڙ ۾ اتي پهتو ته مخدوم صاحب پڇيو ته فقير مينهن کان بچيا؟ جواب ڏنائون ته سائين اسان برسات کان مٿان آيا آهيون پوءِ مخدوم سائين هن کي تو گودڙي ڏني جيڪا اڄ تائين سائينءَ جن وٽ رکيل آهي، انهيءَ گودڙيءَ جي برڪت سان سائين لائق جي سيرت مٿي آهي، صبر سميت. سائين کي اسان ڄمار ۾ ڪاوڙ ڪندي نه ڏٺو. آئون سائينءَ جي فرزندن کي خاص ڪري محمد اسماعيل کي مشورو ڏيندس ته درس فقير ٿئي ۽ گودڙيءَ جو فائدو حاصل ڪري جيڪو آخرت ۾ ڪم ايندو. سائينءَ کي رب پاڪ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ اسان کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏي. آمين ثم آمين.
    سليم قمبراڻي، موري منگر تعلقه حيدرآباد

    ڪيترن نوجوانن ۽ وڏن جي استاد جي وڇوڙي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون، سائين لائق سنڌي صاحب پنهنجي سموري حياتي سيکارڻ ۾ صرف ڪري ڇڏي.
    صوفي شوڪت، ٽنڊو قيصر

    ٽيون ڏينهن انٽرنيٽ تي فيس بڪ کوليم ته پنهنجي فيس بڪ جي صفحي تي محترم ناز سهتي طرفان لکيل چند لفظ پڙهي پنهنجي اندر ۾ جهوري محسوس ٿي. ناز سهتي صاحب سائين لائق ٿيٻي جي رضا الاهيءَ جو ڄاڻ لکيو هو. يقين ڄاڻو، چند منٽ مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيس، سائين لائق سان اسان جو گهرو تعلق هو، بابا سائينءَ جو دوست، ڀاءُ هو، سائينءَ جي وڇوڙي سان قلم ڀڄي پيو آهي، لفظ رت روئن ٿا، هڪ ته سنڌ ۾ اڄ ڪلهه ماڻهن جو اڳئي قحط آهي، هر طرف ويرانو نظر ٿو اچي، ان وقت سائين لائق جهڙي لائق، سچي، ايماندار، سنڌ دوست صحافي، قلمڪار، انسان دوست ماڻهوءَ جو وڇوڙو، اسان لاءِ هڪ وڏو قومي نقصان آهي، پر موت برحق آهي. سائين لائق سان جڏهن به ملياسين، ڪجهه نه ڪجهه پرائي اٿياسين، سائين وٽ جڏهن به پريس ۾ ڊيوٽي دوران وياسين، پوءِ ڀلي مارشلا جو دؤر هجي، قلم تي پهرو هجي، اخبارن تي بندش هجي، پر سائين وٽ جڏهن به وڃبو هو ۽ عرض ڪبو هو ته سائين هي اسان جي جماعت جو بيان ڇپرائڻو آهي، ته ڪڏهن به نه جو جواب ڪونه ٻڌوسين، چوندو ته ضرورو لڳندو ۽ پوءِ اهو ضرور لڳندو هو، سائين لائق تي ڇا لکان هو سنڌ جو سچو محبت ڪرڻ وارو پٽ هو، ان جي اندر ۾ سنڌ جي حالت لاءِ جهوري هوندي، تڙپ هوندي هئي، سندس روح بيچين هوندو هو.
    اڄ جي صحافي دؤر کي ڏسجي ٿو ۽ منهنجي وڏي، منهنجي چاچي لائق جو دؤر ڏسبو ته وڏو فرق محسوس ٿيندو، ڪهڙا لفظ لکان، سائين لائق جهڙو نالو هوس تهڙو مڙس هو، هو هميشه ياد رهڻو آهي، زنده رهڻو آهي، سنڌ جي باشعور سمجهه ڀريي ماڻهن جي ذهن، قلم ڪاري، صحافي دنيا ۾ هميشه ياد رهڻو آهي، سنڌ اڄ وري هڪ پنهنجي سچي سپوت ۽ سچي پٽ کان محروم ٿي آهي، الله تعاليٰ سائين جن کي جنت فردوس ۾ جايون ڏيندو ۽ سندس پونئيرن کي هن ڏک جي گهڙيءَ کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏيندو. آمين.
    ڊاڪٽر انور لغاري، بخشو لغاري، 18.01.2014

    سائين لائق جهڙو هو ماڻهو تهڙو هئس نالو. ڇا چئجي هڪ لائق انسان، لائق استاد، لائق ڄاڻو وري لائق سنڌي، واهه!
    اڄ سائينءَ جي تڏي تي ايندي کوڙ ساريون ساروڻيون ۽ مرڪون ياد ڪندي پاڻ به مُرڪندي آياسين، اهوئي ساڳيو سائين لائق اڇن ڪپڙن ۾ اخبارن جي ٿيلهي ساڻ، ننڍو ٽوال ڳچيءَ ۾، هٿ ۾ ٻيڙي کلندي منهن تي، ڏيٺ ويٺ ۾ سڌو سادو محبت جا مڻ من ۾ کڻي سنڌي ٻوليءَ جي عشق ۾ هلندو رهيو، اسان ته ساڻس ويهه ٻاويهه سالن کان سائين لائق جي سولي سنڌيءَ ۾ ٿڪ بُجي ۾ رهياسين، پنهنجي اولاد جيان هميشه سائين چوندو هو ته ڇورا ڪونه سڌرندا، ڪڏهن ڪم ڪار لاءِ دڙڪا ڪڏهن نه ملڻ جي ڪري جُٺون، سائين لائق جو دڙڪو هڪ اهڙي پيار سان ٽمٽار هوندو هو جيڪو هميشه ياد رهندو، سائين لائق جي مرڪ زنده باد سائين زنده باد.
    جا ڀون پيرين مون سا ڀونءَ مٿي سڄڻين،
    ڌنڱَ لٽبا ڌوڙ ۾ اُڀي ڏٺاسون،
    ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.

    انور سولنگي

    Ah SAIN LAIQUE:
    He was the person who is not worthy but so courageous & sincere. I think few peoples are like him. I will remember him as a bold person. Ghulam Qadir Talbani Tando jam

    اي موت مئا شل موت اچئي-!
    تو ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ماريا-!
    سائين لائق سنڌ جو هڪ يگانو ڪردار هو. گولڊ ليف جو سگريٽ ۽ اخبارون ساڻ، نه ڪنهن کي ڏکوئڻ نه وري ڪنهن مان ڪو عيب ڪڍڻ ته سائينءَ جي خمير ۾ ئي شامل نه هو، هر وقت اها ڪوشش ڪندو هو ته ڪهڙي طريقي سان اصلاح ڪجي. جڏهن ايم .آر. ڊي جي تحريڪ پئي هلي ته آفتاب اخبار ۾ روز ملاقات ٿيندي هئي، چاچي علي محمد شيخ کي هڪ ڏينهن منهنجو تعارف ڪرايائين ته رئيس احمد خان ٽنڊي قيصر واري جو پٽ اٿو ته شيخ صاحب چيو ته اڄ مون کي ڀائٽي سان ملاقات ڪرائي ڇڏي اٿئي. سائين لائق جڏهن به پريس رليز کڻي به پهچبو هو ته چانهه پيارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو هو.
    مشتاق نظاماڻي، ٽنڊو قيصر 18.01.2014


    علم، ادب ۽ ساڃاهه جو گهر، اسان جو پيارو استاد ۽ بهترين محسن جنهن جي آڱر جهلي هن دنيا ۾ هلڻ سکيوسين، مائٽن وانگر شفقت ڏيندڙ پيارو انسان، جنهن کي لفظن سان ڀيٽا نٿي ڏئي سگهجي.
    الله تعاليٰ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عنايت ڪري ۽ محمد اسماعيل ۽ پوين کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين. مقصود احمد زنئور، 18.01.2014

    سائين لائق ٿيٻي جي شخصيت هڪ شفيق استاد ۽ رهبر طور ياد رهندي. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي. آمين.
    عبدالوهاب ٿيٻو، 18.01.2014


    پکين پوکي پوک، پکي هيئڙا فقير،
    لڳين اهڙي هير، ڇو پڪل پوک ڇڏي ويا.

    سائين لائق ٿيٻو ته ايترو لائق انسان هو، جو انهيءَ جي لاءِ آئون لکڻ جي لائق ته ناهيان پر پوءِ به پنهنجي بزرگ ۽ هر دل عزيز انسان لاءِ ڪجهه لکان ته ٿورو ٿيندو. سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ کي الله سائين جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي، سندس پوين کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏي. آئون ايترو چوندس ته محمد اسماعيل صرف سائينءَ جي سنگت کي سنڀاليو ته لک کٽئين. فقط دعاڳو
    غلام محمد ولد حاجي نور محمد ٿيٻو، ٽنڊوالهيار 18.01.2014

    سائين لائق بهترين استاد هو ۽ سيکارڻ وارو استاد هو. هو تمام مهربان هو هن جو خال صدين ۾ به نه ڀربو. فقير علي محمد ڏيرو ، ٽنڊوآدم

    سائين سٺو استاد سٺو تجزيي نگار ۽ سٺو صحافي رهيو، جنهن سان سندس بيماريءَ دوران ملاقات جي خواهش هئي، جيڪا اسان جي سستيءَ جي ڪري هميشه لاءِ رهجي وئي.
    رسول بخش لغاري، 19.01.2014

    سائين لائق سان منهنجو واسطو آفتاب اخبار دوران ٿيو، جڏهن ڪا سڃاڻپ نه هجڻ باوجود آئون سائينءَ وٽ هڪ دوست جي شاعري شايع ڪرائڻ لاءِ کڻي ويس ۽ سائين لائق اها شايع ڪئي، ان بعد سائين لائق سان ڪاوش، خادم وطن ۽ عبرت ۾ گهڻو وقت گڏ ڪم ڪيو، سائين لائق اسان کي پنهنجي علم سان فيضياب ڪندو رهندو هو، سائين لائق سڀني سان پيار ۽ شفقت سان ورتاءُ ڪندو هو، جنهنڪري سڀئي سائين لائق کي وڏي مائٽ واري حيثيت ڏيندا هئا، اڄ اهو مائٽ اسان کان وڇڙي ويو آهي، رب کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. آمين. علي رضا لغاري، ليڪچرار لا فيڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

    سائين لائق ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، الله تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ اسان سڀني کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي. آمين.
    سائين لائق سان منهنجي پهرئين ملاقات روزانه آفتاب ۾ 1980ع ۾ ٿي، منهنجي نائين ڪلاس جي رزلٽ آئي هئي، پاڻ انهيءَ وقت کان وٺي پيار ۽ محبت سان ۽ پنهنجي رهنمائيءَ سان نوازيو، هر وقت سٺيون سٺيون ڳالهيون ڪندو هو ۽ سمجهائيندو هو. پاڻ بي لوث انسان هئا. فضل قادر ميمڻ، ايڊووڪيٽ

    سائين لائق سنڌي هڪ لائق انسان سان گڏ هڪ گلڙن جو گلدستو هو، جنهن جي خوشبوءَ سان اسان به واسيل رهياسين، سائين لائق اسان جو ڪُل وقتي استاد رهيو، جيڪو اسان کي هر پل بُرن ڪمن کان بچڻ ۽ اڳتي وڌڻ جون هدايتون ڪندو هو، اسان سائين لائق کي رڳو استاد نه پر پنهنجو پيءُ تصور ڪريون ٿا. الله سائين سندس سٺن عملن جي ڪري جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري.
    وزير لغاري، اڳوڻو ڪمپيوٽر آپريٽر۽ هاڻوڪو يوسي سيڪريٽري يوسي 19 سٽي حيدرآباد


    سائين لائق سنڌي نيڪ ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. آئون پوسٽ آفيس کاتي جو ملازم رهيو آهيان ۽ اڪثر شهرن ۾ منهنجي پوسٽنگ هوندي هئي ۽ سائين لائق جو ڪڏهن به انهن شهر ۾ اچڻ ٿيندو هو ته سائين ضرور مون وٽ ايندو هو ۽ انهن شهرن جا صحافي به سٺي نظر سان ڏسندا هئا ۽ اڪثر ٻار ڪتاب ڇپرائڻ يا ٻارڙن جو مواد پوسٽ ڪرڻ لاءِ پوسٽ آفيس ايندا هئا ۽ معلومات وٺندا هئا ته انهيءَ سلسلي ۾ انهن ٻالڪن کي اڪثر سائين لائق سنڌيءَ ڏانهن پريس ۾ موڪلندو هوس ۽ سائين انهن جي رهنمائي ڪندو هو، سائين لائق سنڌيءَ جي وفات تي سندس اولاد سان برابر ڏک ۽ همدرديءَ ۾ شريڪ آهيان. سائينءَ جي ياد دل ۾ آهي ۽ هميشه رهندي.
    غلام رسول خاصخيلي، رٽائرڊ پوسٽ ماسٽر، موري منگر


    محترم مانواري سائين لائق جي سنڌ جي لاءِ ڪيل خدمت کي وساري نٿو سگهجي. سائين محنت ڪش ماڻهو هو، جنهن محنت سان پنهنجي قلم جي مدد سان سنڌ جي خدمت ڪئي ۽ ان سان گڏو گڏ هن ڳوٺ جي خدمت ڪئي، سائين مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندو رهيو، ۽ صحافت ۾ هڪ وڏو مقام حاصل ڪيو، سائين جي خدمت ساراهڻ جوڳي آهي. اسان جي دعا آهي، الله تعاليٰ سائين لائق کي جنت ۾ جاءِ ڏي. ’آمين ثم آمين‘ دين محمد ٿيٻو

    سائين لائق هيوئي لائق، هميشه مٺو ۽ سٻاجهڙو ڳالهائڻ وارو، اسان جو واسطو 1974ع کان وٺي ٿيو. جڏهن مان ٽنڊي ڄام زرعي ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ بشير احمد ٿيٻي سان واقفيت ٿي ته سائينءَ سان به رشتو جڙيو جيڪو اڃان تائين قائم آهي، سائين هميشه مهربان رهيو، پهريون حيدرآباد ۾ هجڻ جي ڪري جلدي جلدي موري منگر اچبو هيو پر هاڻي پري هجڻ جي ڪري ڪافي عرصي کان سائين سان حال احوال ڪونه ٿيو. جنهن جو گهڻو افسوس آهي الله سائين سندن مغفرت ڪندو ۽ کين جنت نصيب ڪندو.
    بشير احمد ڀٽو، اڳوڻو ڊائريڪٽر پي. ٽي. سي. ايل 24.01.2014
    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
    آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
    جي جيءَ کي جيارين سي لاهو لڏي ويا.

    سائين لائق سنڌي اسان جي علائقي جا برابر لائق انسان هئا، جن جو ادبي ۽ علمي دنيا ۾ خال ڀرجڻ مشڪل آهي، سندن لائق اولاد بلخصوص سائين محمد اسماعيل ٿيٻو صاحب سائين جن جي رهيل علمي ۽ ادبي مشن کي پائي تڪميل تي پڄائڻ ۾ ڪابه ڪثر نه ڇڏيندا. سائين جن تي جيترو به لکجي اُهو گهٽ آهي.
    عبدالڪريم ٽالپر، شيخ ڀرڪيو 24.01.2014


    مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

    محبوب سائين لائق ٿيٻو به هٿ، هٿ مان ڇڏائي هليو ويو، ان منزل جو راهي ٿيو جتي سڀڪو هلندو پر ڪي ڪي وڇوڙا اذيت ڏيندا آهن، ائين جيئن سائين لائق جي وڇوڙي شديد تڪليف ڏني آهي. شل رب کيس مرهي.
    غفار عرف جبل ملڪ، حيدرآباد، 26.01.2014

    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي
    جهڙا آيا جــــــــــڳ ۾، تــــــــــهڙا ويا مـوٽي
    تن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. (شاهه)

    استاد لائق سنڌي سڄي زندگي فقير ٿي گذاري. جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي واري ڳالهه هئي. سائينءَ جهڙا ماڻهو اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن.
    اسماعيل خاصخيلي، پٻڻ شريف

    سائين لائق جون علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون سنڌ جي عوام کي سونهري باب جيان ياد رهنديون، اهڙا ڏاها ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. گل حسن درس (سروري جماعت)

    اسان جي محترم سائين لائق سنڌيءَ سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي، هو تمام بهترين انسان هو، هن جي دل ۾ هر ماڻهوءَ سان محبت جو رستو هو تمام شفيق ۽ مهربان هو . هن سدائين سچ جو ساٿ ڏنو.
    غمزده، عبدالقدير ڀٽو

    محترم سائين مرحوم سائين لائق سنڌي هن دنيا جو وڏو ماڻهو هو. دنيا جي لحاظ کان نه پر سچائيءَ جي لحاظ کان منهنجو واسطو ٿورن سالن جو رهيو. ان ۾ مون کي سائينءَ مان رت جي رشتي کان وڌيڪ پنهجائپ محسوس ٿيندي هئي، سائين هڪ فرد نه پر هڪ ادارو هو. جنهن جي تعريف منهنجي وس کان ٻاهر آهي، اهڙا ماڻهو صدين ۾ به پيدا ڪون ٿيندا. غريبي ۽ مسڪينيءَ ۾ به رهي پنهنجو نالو روشن ڪيو، هن جا شاگرد وڏن عهدن تي فائز آهن. هن جي لاءِ لطيف سرڪار جي هن بيت ۾ ذڪر ڪجي ٿو، جنهن تي سائين پورو لهندڙ هو.
    سڌائتي سڀ ڪا بک نه باسي ڪا
    جيهه تيهه ذات جي جنبش ڪانهي جا
    مون سان هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.

    (شاهه(
    سائين لائق پنهنجو جيءُ جوکي ۾ وجهي ٻين کي فيض ڏنو.
    فقير ارشاد حسين، نصرپور

    الله تعاليٰ سائينءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏئي. ’آمين‘
    شهزاد ڪاڪا، حيدرآباد


    محترم استاد لائق سنڌي مرحوم زندگيءَ ۾ لائق تحسين شخصيت اسان کي اکرن جي درستگي ڄڻ زندگي جي درستگي ڏئي ويو. سائين لائق هميشه مهربان رهيو ۽ سائينءَ سان منهنجو رشتو مرڻ تائين قائم رهيو. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته الله تعاليٰ سائين جن کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي. ’آمين‘
    عبدالڪريم ڀٽي )سيڪريٽري جنرل سنتپت(

    سائين لائق نه صرف اسان جو وڏو پر سنڌ جي صحافي برادري ۽ استادن ۾هڪ شفيق انسان ۽ محبت ڪندڙ انسان هو، الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون ڏي. ’آمين.‘ الهڏنو ٿيٻو، ڳوٺ موري شاخ

    سائين لائق سنڌي صاحب انتهائي باڪردار، خوش مزاج، ملنسار ۽ خصوصي شفقت سان ڀرپور ڪردار جو نالو ۽ امتزاج هيا. اسان لاءِ ته تمام مهربان استاد، شفيق ۽ مُربي رهنما هيا. سائين خاص طور تي هر حال ۾ مُرڪ کي تشبيهه ڏيندڙ زندگيءَ جا اهڃاڻ هيا. هي فاني دنيا هر ڪنهن کي ڇڏڻي آهي پر ابدي زندگي به اهڙي سُهڻي رب پاڪ سائينءَ کي عطا ڪري جهڙي زندگي سائين محترم هي عارضي زندگي گذاري، جو هنن جي وڃڻ کانپوءِ هر ذي شعور ماڻهوءَ جي اک آلي هئي ۽ دل رنجيده. ذوالفقار علي پرهياڙ، ٽنڊوغلام محمد

    اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
    لاهوتي لڏي ويا مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه)

    سائين لائق سان اڪثر ڪري ملاقاتون ٿينديون هيون، جڏهن سائين اچي اسانجي ڀاءُ بزرگ زوار پير بخش خان مرڙاڻي سان ملندا هئا ۽ ادبي ڪچهري ٿيندي هئي. اڄ سائين اسان وچ ۾ نه آهي، الله سائين کيس جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي. ابد حسين مررڙاڻي، 18.01.2014


    سائين لائق سان منهنجي اٽڪل 40 چاليهه سالن جي رفاقت هئي. سائينءَ جو ٽنڊو قيصر ۾ 1970ع جي ڏهاڪي کان اچڻ هيو. خاص ڪري سائين فيض وارن سان گڏ. سندس اولاد ادو اسماعيل به ايترو ئي سهڻو ۽ خوشبوءَ وارو آهي، الله سائين کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. ’آمين‘
    فضل احمد نظاماڻي، ٽنڊوقيصر

    وڏي وٿ هيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾
    سائين لائق سنڌيءَ جو جهڙو نالو هو، تهڙو ئي لائق انسان هو، مون کيس 1984ع کان ڏٺو ۽ واسطو جڙيو. سائين ان وقت آفتاب اخبار ۾ ڪم ڪندا هئا، ۽ آئون سياسي ورڪر جي حيثيت ۾ وٽس پريس بيان کڻي ويندو هئس. عمومن ته سياسي ورڪر ۽ نيوز ڊيسڪ واري جو ٺاهه گهٽ هوندو آهي، پر سائين لائق اسان کي ڪڏهن به شڪايت جو موقعو نه ڏنو ۽ پاڻ اسان جو بي حد خيال رکندو هو ۽ پنهنجائپ محسوس ڪرائيندو هو ۽ پوءِ اهو سلسلو ”آفتاب“ اخبار کان آخر ”ڪوشش“ اخبار تائين هلندو آيو. پاڻ هڪ بهترين انسان ۽ قوم پرست سوچ جو مالڪ هو ۽ قومي پروگرامن ۾ پڻ ايندو هو. اڄ هو اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، ليڪن سندس يادون هميشه گڏ رهنديون. الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
    غلام حيدر ڀٽو، چيئرمين جيئي سنڌ محاذ

    سائين ته منهنجي من جو سائين هو. هميشه سچ ڳالهائڻ جي هدايت ڪندا رهيا، سچ پڇو ته منهنجو هڪ وڏو استاد نه پر پيءُ جي (والد جي) جڳهه تي هو. هڪ شفيق ڀاءُ، شفيق دوست، شفيق مائٽ ڄڻ ته ڪائنات ۾ پيدا ٿيل هڪ املهه ماڻڪ هيرو هو. الله پاڪ کان دعا آهي ته اُن جي مغفرت فرمائي، جنت ۾ جايون ڏي ۽ پونئيرن کي صبرو جميل عطا فرمائي. ’آمين ثم آمين‘ جميل احمد شيخ


    محترم جناب سائين لائق سنڌيءَ سان اسان جو مائٽاڻو واسطو هو. منهنجو ملاقاتون سائينءَ سان مختلف جڳهن ۽ دعوتن ۾ ٿينديون رهنديون هيون. سائين هميشه تعليم جي بهتري ۽ نياڻين کي تعليم ڏيڻ جي نصيحت ڪندو هو. سائينءَ کي الله جنت ۾ جايون ڏي.
    اسد سومرو، ڀينڊو شريف

    ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
    ٿر ۾ واري ٿورڙي، تهان گهڻيرا،
    ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا.

    سچ ڀائين ته مون کي بيحد دلي خوشي محسوس ٿي جڏهن ادي اسماعيل مون کي چيو ته بابا متعلق ڪتاب پيو ڇپايان، ان لاءِ ڪجهه لفظ لکي ڏيندا ته ڪتاب ۾ شامل ڪريون. آئون هڪ حقير ۽ فقير ماڻهو، چاچا لائق جي باري ۾ ڇا ٿو لڳي سگهان. پر ايترو عرض ڪندس ته چاچا لائق جي طبيعت تمام مهربان ۽ ملنسار هئي. هو ننڍي کان وٺي وڏي کي قرب سان ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ ڪجهه گهڙيون بيهي يا ويهي ضرور روح رهاڻ ڪندو هو.
    آئون ته تمام ننڍڙو، پرائمري درجي ۾ پڙهندو هوس جڏهن مون سائين کي نوجوان ڏٺو. ايترو ياد اچي ٿو ته منهنجي سرڳواسي ڪاڪا صوفي نيڀراج سان ته ڪي روح جا رشتا هوس. جيستائين شام جو هڪٻئي سان نه ملن ۽ ويهي ڪچهري نه ڪن ته ڄڻ اهو ڏينهن ئي نڀاڳو چئبو. وري سندن ڪچهري به وڻندڙ ۽ سڪون واري هئي، ويٺي ويٺي پيا شاهه سائينءَ جا بيت چوندا هئا ۽ اُن جي معنيٰ پيا ٻڌائيندا هئا. اِهو به ياد اچي ٿو ته مرحوم شيخ علي محمد صاحب جي روزانه اخبار ”آفتاب“ ۾ پڻ ڪجهه عرصو گڏجي ڪم ڪيائون.
    آئون ته سندن پٽ برابر آهيان، پاڻ سرڳواسي ڪاڪا صوفي نيڀراج وٽ پاڙي ۾ گڏ رهيا ۽ گهر ۾ ئي پٽن وانگر نپيا ۽ اسان وري وٽس اولاد وانگر پلجي وڏا ٿياسين. اسان کي جڏهن اسڪول ويندي ڏسندو هو ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو. هڪ ٻه دفعا ته مون کي پنهنجي کيسي مان انڊ پين ڪڍي پڻ ڏنائين ته وڃي لِک.
    پنهنجي متعلق هڪ قصو ياد آيم ته هڪ ڏينهن گرمين ۾ شام جي وقت آئون پنهنجي دوست محمد حسن لغاري سان گڏ قاسم آباد ۾ واڌو واهه لڳ ان وقت جي مشهور سومرا هوٽل تي ڪنهن ڪم سانگي وڃي ويٺاسين ته چاچا لائق اوچتو اُتي اچي ويو. يڪدم مونکان پڇيائين ته پُٽ ڏي خبر هِتي ڪيئن آيو آهين. ٻڌايومانس ته سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر مسٽر سومري صاحب سان ڪم آهي، اِن لاءِ آياسين ته پاڻ مون کان يڪدم ڪم جو تفصيل پُڇي چيائين ته دير گهڻي ٿي وئي آهي، توهان هاڻي جلدي گهر وڃو. آئون سڀاڻي سومري صاحب سان ملندس ۽ توهان جو ڪم ٿي ويندو. ٿيو به بلڪل ائين ۽ ٻئي ڏينهن منهنجو ڪم گهر ويٺي ٿي ويو. اِن معاملي ۾ سندس ڪو ثاني نه هو.
    سندس پيريءَ جا ڏينهن پڻ آئون وساري نٿو سگهان، گهٽي ۾ ڏسندو بيهاري ڇڏيندو ۽ سڀني مائٽن، دوستن، احبابن جون خبرون پڇندو ۽ سلام پڻ ڏيندو هو. ٻه ٽي شاهه جا بيت ٻڌائيندو هو. اخبار اڪثر هٿ ۾ هوندي هوس ان مان ڪا سٺي خبر پڻ پڙهي ٻڌائيندو هو.
    اسان جي پريوار، پاڙي ۽ ڳوٺ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. شال الله سائين اهڙن ماڻهن تي سدائين پنهنجي رحمت ۽ بخشش ڪري . ’آمين‘
    ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪا ندا سنگ ۾،
    ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارو ڌار،
    نه ڄاڻ ٻيهار، ڪير ملندو ڪنهن سين.

    گنگواڻي لڇمڻ داس سوٽهڙ، موري منگر، حيدرآباد.

    هڪ پياري انسان ۽ سٻاجهڙي شخصيت جي مالڪ کان هميشه لاءِ محروم ٿي وياسين. سائينءَ جي شفقت، همدردي ۽ اصلاح وارين نصيحتن لاءِ شايد هميشه واجهائيندا رهنداسين. سائينءَ جي وڇوڙي جو خال شايد صدين تائين ڀرجي نه سگهي. ڌڻي در هميشه دعاگو آهيان ته مرحوم عظيم انسان کي پنهنجي جوار رحمت ۾ بلند درجا عطا فرمائي. ’آمين.‘
    انجنيئر مير امجد ٽالپر، ڇنڇر 18.01.2014

    هڪ عظيم استاد، صحافي، نه وسرڻ جهڙو سادو انسان جنهن جي جيڪا تعريف ڪجي تمام ٿوري آهي. اهو انسان جنهن جو هر وقت پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان برابري محبت ۽ پيار وارو رشتو رهيو، سائين جن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي نه استاد سمجهو نه ئي هڪ وڏو صحافي سمجهو. اسان سادن ماڻهن سان کين ايتري محبت ۽ پيار هوندو هو جو ائين محسوس ٿيندو هو ته جهڙو ڪر مان سائين جن سان هر وقت گڏ هجان. هڪ نه وسرندڙ عظيم انسان جيڪو سدائين دلين ۾ ياد رهندو. الله تعاليٰ سائين محمد لائق کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پوئين کي صبر عطا فرمائي. ’آمين.‘
    شمس الدين نظاماڻي (ٽنڊوقيصر)

    اي موت مئا شل موت اچئي
    تو ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ماريا.
    ڪالهه 17 جنوري سنڌ جي وچولي سن جي سائين ۽ لاڙ جي فاضل راهوءَ جي سالگرهه ۽ ورسي خبر پڙهڻ لاءِ جيئن نظر پئي ته سنڌ ۽ حيدرآباد جي سدابهار ۽ درويش صفت انسان سائين لائق سنڌي جي مرتئي جي خبر ۽ تصوير تي نظر پوڻ سان ئي ڄڻ ته اڻ ڳڻيون ساڻس وابسته يادگيريون اکين ۾ لڙڪن سان گڏ تري آيون ۽ آئون سائين جي لاءِ سندس عظمت ۽ شفقت لاءِ وڌيڪ لکڻ ۽ اظهار کان قاصر آهيان. بس اهو ته سندس چيل لفظ پهاڪا ۽ ڳالهيون منهنجي دل ۽ ذهن تي هميشه اڪريل رهنديون.
    عبدالغفار گل کوکر، جليل الله کوکر
    مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

    (شاهه)
    اڄ سنڌ جي هڪ ٻئي باب جي پڄاڻي ٿي آهي. مون وٽ اهي لفظ ئي نه آهن جو آئون ڪجهه بيان ڪري سگهان.
    مُون شخص جي ڪهڙي مجال جو آئون اهڙن اديبن، محققن ڄاڻن عالمن ۽ وڏي سوچ رکندڙن جي باري ۾ ڪجهه چوان يا ڪجهه لکان.
    جي ها بلڪل آئون اڄ ان ئي شخص جي باري ۾ لکي رهيو آهيان جيڪو دوستن جو دوست، يارن جو يار، وڏن سان خوش اخلاقي، ننڍن سان محبت ڪندڙ هو. جي ها بلڪل ”سائين لائق سنڌي“ جي باري ۾ ئي پيو چوان.
    سنڌي ادب ۽ صحافت سان واسطو رکندڙ سائين لائق سنڌي جنهن سان اسان جو ڪو خون جو رشتو ته نه هو پر الائي ڇو جڏهن به سائين اسان کي سڏ ڪندو هو ته مان ڊوڙندو ويندو هئس. سائينءَ سان جيترو به وقت گذاريندو هئس ڄڻ ائين لڳندو هو ته سائين مون کي ڪجهه وقت لاءِ گهرايو آهي. اسان جي بلڪل گهر جي سامهون ئي سائينءَ جو گهر آهي، اسان جي اُهائي خوشقسمتي آهي.
    سائين سان مون کي گهٽ وقت گذارڻ لاءِ ملندو هو. پر جڏهن به ملندو هو دل کي سڪون ۽ راحت ايندي هئي.
    سائين اڪثر گهر اندر ئي رهندو هو، پر شام ڌاري سائين اڪثر ٻاهر واڪ لاءِ ضرور نڪرندو هو. عمر جي تقاضا آهي سائين اسان تمام پوڙهو ڏٺو. پر پوءِ به سائينءَ سان ڪچهري ڪندي تمام سٺو لڳندو هو. سائينءَ جي سنڌ لاءِ بلڪه سنڌي ٻوليءَ لاءِ به تمام گهڻي جاکوڙ هوندي هئي. اهڙا تمام گهٽ ماڻهو سنڌ جي تاريخ ۾ ملندا. سائينءَ جي جاکوڙن مان هڪ جاکوڙ اها به هئي ته ڪجهه عرصو پهريان ’سنڌ‘ کي انگريزي ۾ (Sind) لکيو ويندو هو. سائين لائق سنڌي جي جاکوڙ سبب (Sind) کي هڪ حرف وڌائي (Sindh) لکڻ درست ڪيو ويو. جنهن وقت سائينءَ جي وفات جو ڄاڻ منهنجي ڪنن تي پهتو، ان وقت مون کي ايترو ته شديد ڏک ٿيو جو ان کي واضح نٿو ڪري سگهجي.
    الله تعاليٰ سائين لائق سنڌيءَ کي جنت الفردوس ۾ مديني واري سائينءَ جو پاڙو نصيب عطا فرمائي. آمين. سندس پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. اهي به شال سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ اهائي جاکوڙ ڪن ۽ ڌڻي کين ان جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏي. ’آمين.‘ سيد فتح علي شاهه، موري منگر 18.01.2014

    هڪ دؤر جي پڄاڻي
    سنڌ هميشه عظيم ھستين کي جنم ڏنو ، تن مان سائين لائق سنڌي به هڪ هو.
    سائين لائق ڏنو نه صرف هڪ صحافي پر هڪ با اخلاق شخصيت جو مالڪ پڻ هو، سائين جن سان جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي تڏهن هو اسان کي تمام محبتن سان ملندو هو، اسان سائين لائق ڏني لاءِ دعاگو آهيون، الله سائين کين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي.
    سيد صداقت شاهه، 18.01.2014

    سائين لائق سنڌي هڪ وڏو اديب، دانشور، استاد، والد ۽ عظيم انسان هو. هو نه صرف انسان پر هڪ عظيم سنڌي سپوت هيو. هن جي وڇوڙي سان سنڌ ۽ سنڌي صحافت کي وڏو نقصان پهتو آهي. الله پاڪ ڪري اهو نقصان اسماعيل جي روپ ۾ پورو ٿئي. سائين صحافت ۽ ادب ۾ منهنجو استاد ۽ رهبر ۽ بهترين دوست هيو. جنهن کي ساري عمر ياد رکيو ويندو. عابد سيتائي لاکير


    هڪڙو ماڻهو هو موتيءَ داڻو هو
    سائين لائق هڪ نفيس ۽ معتبر انسان ۽ رهنما هو. سائينءَ سان جيڪو وقت گذريو، کائنس تمام گهڻو سکيو، جيڪو ڪجهه سکيو، ان تي عمل ڪيو ۽ ان کانپوءِ زندگي سنوارجي وئي، سائينءَ جا احسان ڪڏهن به وساري ڪونه سگهبا. سکيا جو مڪمل گهر هوندو هو، ڪڏهن به ڪهڙي تاريخ جي اخبار کپندي هئي ته سائينءَ وٽان ضرور ملندي هئي. سائين لائق جهڙا ماڻهو ڪڏهن به ڪونه وسرندا.
    الله سائين کيس جنت الفردوس نصيب ڪري. ’آمين‘
    قادر بخش سهتو، ڳوٺ گاجرا شريف، ٺارو شاهه، 19.01.2014

    سائين محمد لائق لاءِ ڪهڙا لفظ لکجن. حقيقت اها آهي ته سائين محمد لائق جهڙو نالي ۾ لائق، تهڙو شخصيت ۾ لائق هو. مرحوم جڏهن به اسان سان ملندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ اسين ٻالڪپڻ جا دوست ۽ ساٿي رهيا آهيون، پر حقيقت ۾ هو اسان جو مهربان ۽ عزت ڏيندڙ استاد هو، الله پاڪ شال سندس مغفرت فرمائي ۽ مرحوم جي قبر کي جنت جي باغن مان هڪ باغ بنائي. دعاڳو
    پير منير شاهه، فيض آباد

    چند سِٽون سائين لائق جي نانءُ
    اها اسانجي خوش قسمتي چئجي، جو زندگيءَ جي ڪن پلن ۾ سائين لائق سنڌيءَ سان ملاقات نصيب ٿي. اُن هڪ ملاقات اسان تي وڏي ڇاپ ڇڏي، ۽ اسان سائينءَ جن جي شخصيت مان تمام گهڻو متاثر ٿياسين ۽ اسان سائين جن لاءِ هميشه دعاڳو رهنداسين.
    صبح سانجهي، پيئندي ڪانجهي، منشي مور ۾ وڪيا مانجهي
    قول عزم تي قائم رهندي گهوٽءَ، قبولي هليا گهاڻو.

    You will always remain in our Hearts.
    تلميز الحسنين ڀيو، ٽنڊو الهيار

    نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
    پَسئو بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
    (شاهه)

    رب! سندس اصلي ماڳ جون سڀ دنيائون آباد ڪري. آمين.
    حسين بخش ساند (هٽڙي)

    چند سٽون سائين لائق سنڌيءَ لاءِ
    اڄ محسوس ٿئي ٿو، ڪاش سائين لائق سان ڪجهه وڌيڪ ملاقاتون ڪري سگهان ها.
    سائين لائق هڪ نفيس انسان هيو، سندن ڳالهائڻ جو انداز، ويهي ڪچهري ڪرڻ جو انداز مونکي اڄ به ياد آهي، سندن ڳالهيون ياد ڪندو رهندس. مان سائين اسماعيل جو ٿورائتو آهيان جن مونکي سائين لائق جهڙي شخصيت سان ملايو ۽ ساڻس گڏ وقت گذارڻ جو موقعو نصيب ڪيو. نويد احمد ملڪ، 18.01.2014

    سائين لائق ٿيٻو صاحب تمام بهترين طبيعت جو مالڪ هو، اسان جي ويجهي عزيز حيدر علي لغاري صاحب جن سان تمام ويجهڙائپ هئن، جنهن ڪري اسان سان به تمام شفقت سان پيش ايندا هئا. سندس فرزند اسماعيل ٿيٻو اسان کي ڀائرن وانگر آهي. الله تعاليٰ لائق صاحب جي پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏي.
    ذوالفقار لغاري، تاجپور 20.01.2014

    لائق سائين جيترو اندران اُجرو اوترو ئي ٻاهران، واه واه..... بس گڏ آهيون ۽ گڏ هونداسون انشاالله العزيز.
    مشتاق عاقلاڻي، ٽنڊوڄام

    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي مڙئي نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.

    سائين لائق جي متعلق شاهه سائينءَ جوهي بيت ڄڻ منڊي ته ٽڪَ.
    دلدار علي، 21.01.2014

    اسان ننڍي هوندي کان وٺي جيئن چاچو لائق سنڌي ٻڌو هئوسين، ائين ئي کيس ڏٺوسين. چاچو لائق سنڌي، سنڌي صحافت جو خدائي خدمتگار هيو، جنهن کي ڪڏهن به زندگيءَ ۾ ڪنهن سان ارهو ٿيندي نه ڏٺوسين سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.
    حسن علي لغاري، سوشل ويلفيئر آفيسر، ڪوٽڙي

    اڄ اسين هڪ عظيم استاد، ليکڪ ۽ معروف اديب کان محروم ٿي وياسين. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي. ’آمين‘
    لعل بخش ڇلگري

    سائين لائق سنڌيءَ جي وفات جي خبر قلات ۾ مون کي ملي. جيئن ته سائين مرحوم سان اسان جي والد صاحب جا سٺا لاڳاپا هئا ۽ گڏو گڏ سندس شفقت جو هٿ منهنجي والده جي استاد جي ناتي سان پڻ منهنجي مٿان هئو، تنهنڪري انهيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، سائين مرحوم منهنجي گهر جو هڪ فرد هو، جنهن جي وفات تاريخ جو هڪ وڏو الميو آهي. منهنجي سندس آخري ملاقات ساڻس گهر تي ٿي ۽ سائين مرحوم خدمت جو موقعو ڏنو. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته رب تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. ’آمين‘ دعاگو
    امداد حسين کوسو، جهنڊو کوسو حيدرآباد، 25 جنوري 2014ع

    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.

    سائين لائق ٿيٻي جو وڇوڙو سنڌي صحافت ۽ سنڌي ثقافت لاءِ وڏو سانحو آهي. سائين لائق سنڌي تمام شفيق ۽ پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو، مون وٽ ته اهي لفظ ڪونه آهن، جيڪي سائينءَ لاءِ لکجن. وڏو مهربان هو خاص طور تي منهنجي لاءِ گهڻو شفيق هو. سائين جهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. الله سائين کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ۽ سندس پونئيرن کي صبر جي توفيق ادا ڪري. دعاگو
    آصف انور خواجه، سلطان آباد ٽنڊو الهيار

    سائين لائق هڪ يگانو صحافي هو. سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلن جي جدوجهد ۾ هميشه اڳيان اڳيان هوندو هو. اسان جهڙن ورڪرن کي همٿائيندو هو، سنڌ لاءِ سدائين فڪر مند رهندو هو، الله سائين جي در دعاڳو آهيان ته کيس جنت ۾ جاءِ ملي. ڊاڪٽر سومار مڱريو
    محترم سائين لائق صاحب هڪ بهترين استاد هو، هن تعليم جي لاءِ وڏو ڪم ڪيو، اسان جي علائقي ۾ خاص طور حيدرآباد تعلقي ۾ هڪ سٺو صحافي ۽ ادب جي لحاظ کان وڏو نانءُ هو. اسان سندس مغفرت لاءِ دعاڳو آهيون. عبدالعزيز صبح پوٽو، (ٽنڊو ڄام)

    هڪ عهد جي پڄاڻي
    سائين لائق سنڌيءَ سان واقفيت روزانه آفتاب اخبار حيدرآباد ۾ ٿي. کائنس سنڌي صحافت ۽ صحافتي دنيا بابت گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو. سائين هڪ نهايت ئي شفيق استاد وانگر سيکاريندو هو. سڳن والدين وانگر سمجهائيندو هو ۽ زندگيءَ جي انتهائي اوپرن پيچرن ۽ اڙانگن گسن تي هلڻ سيکاريندو هو.
    سائين هڪ مخلص ۽ پيار ڪندڙ انسان هو، سندن واتان ڪڏهن به ڪنهن جي لاءِ ڪو برو لفظ نه ٻڌو، سدائين دوستن ۽ ساٿين جي واکاڻ ڪندو رهندو هو. سندس واتان اڪثر سائين حيدرعلي لغاري ۽ شيخ علي محمد صاحب جن جو تذڪرو ۽ واکاڻ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو انتهائي ڄاڻو ۽ پارکو هو. جنهن مون کي سنڌي لفظ ”ڪاروائي“ درست ڪري ”ڪارروائي“ لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو.
    اڄ اسين سندس شفقت کان هميشه لاءِ محروم ٿي وياسين. رب پاڪ سندس اولاد کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. ’آمين‘
    جت نه پکيءَ پير، اُتي ٽمڪي باهڙي.
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙي کير ريءَ.

    (شاهه)

    مير جمالي، سب انسپيڪٽر، حيدرآباد ڇنڇر 18.01.2014

    اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا.
    ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن.
    سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.

    سائين لائق مرحوم سان 1985ع کان وٺي صحافتي دؤر کان وٺي آخري گهڙيءَ تائين گڏ رهڻ جو وقت مون کي پنهنجي وڇڙي ويل پيءُ جو پيار مليو، سندن منهن تي هر وقت مُرڪ هوندي هئي، سندس وڇوڙي سان هڪ استاد، هڪ رهبر، هڪ انسان دوست کان نه مرحوم ٿي ويو آهيان، آفتاب اخبار ۾ پروف ريڊنگ جي سکيا، سب ايڊيٽري جي سکيا کان وٺي سرڪيوليشن مئنيجر واري رتبي سان گڏ گذريو، اهو ڪڏهن به نه وسرندو ، الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبرِجميل جي توفيق عطا فرمائي.
    عبدالحڪيم کوسو، جهنڊو کوسو، حيدرآباد.19.01.2014


    سائين استاد لائق ٿيٻو هڪ بهترين انسان ۽ خوش مزاج شخص هو. جهڙو نالو هئس انهيءَ کان وڌيڪ لائق اديب ۽ انسان هو، سندس جيتري ساراهه ڪجي اها گهٽ هوندي، الله سائين کيس جواءِ رحمت ۾ جڳهه عطا ڪندو ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
    شفقت حسين شاهه، سابق ناظم موسيٰ کٽياڻ تاريخ: 17.01.2014

    منهنجي والد مرحوم جي وفات کانپوءِ پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ واري سائين لائق جي گذاري وڃڻ کانپوءِ آئون پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان، الله تعاليٰ پونئيرن کي صبر ڏي. ’آمين‘
    عمران ٿيٻو، ڪي ٽي اين

    سائين لائق سنڌي صحافت ۾ ايماندار، با ڪردار ۽ سچو قوم پرست انسان هو. سائين سان جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته سائين پنهنجي قرب ۽ محبت سان پيش ايندا هئا، اهو خلوص سائين جي طبيعت ۾ شامل هو.
    سائين جي وڇوڙي تي اسان سندس خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
    مسعود عالم پيرزادو، درگاهه سخي دائود واهي ٺاروشاهه 17.01.2014

    سائين لائق سنڌي جهڙا ماڻهو گهٽ ٿيندا آهن، سائين لائق ننڍن سان ننڍو وڏن سان وڏو هوندو هو، اسان جو تمام پيارو هو ۽ اسان سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، اسان جي دعا آهي ته سائين کي الله تعاليٰ جنت ۾ جاءِ ڏئي. ’آمين.‘
    محمد عثمان چانڊيو، ٻانڌي، نواب شاهه



    سائين لائق سنڌي

    سائين سان اسان جو مائٽاڻو رشتو هو. هو اسان جو رشتي ۾ مامو لڳندو هو ۽ سائين تمام گھڻو لائق ۽ شفيق انسان هو. سائينءَ جي منهنجي بابا سان به تمام گھڻي دوستي هوندي هئي. سائين جن ڏي اسان جي اچ وڃ گهڻي هوندي هئي. تمام گھڻي محبت ڏيڻ وارو ۽ جتي ملندو هو ته چوندو هو، ” ته بيهو! ڪيڏانهن ٿا وڃو، بيهو ته ڪچهري ڪريون.“ هو ته هو ئي محبتن ڏيڻ وارو انسان، الله تعالى سائين جن کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي. ’آمين‘
    سيد شبير احمد شاهه ولد سيد صالح محمد شاهه
    ف
    سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي! (لطيف)
    سائين لائق سان منهنجون ڪچهريون محدود پر گهرائي لامحدود محسوس ٿي. پنهنجائپ ۽ پيار محسوس ڪرائڻ سندس انتهائي وڏو وَڙ هيو. سنڌ سجاڳي ۽ ساٿين سان ساٿ نڀائڻ سندس سچي ريت هئي، جنهن ۾ ڪڏهن به ڪُريت نه ڪيائين. صحافت جي ميدان ۾ سندن نانءُ اڻمٽ رهندو. پاڻ سدائين سچ جو جوڳي ٿي رهيو ۽ واهه جو جوڳ پچايائين. پاڻ ٿورو پڙهيو پر باعمل رهيو، سَچن ساٿين سان هر سُکَ ۽ ڏک ۾ ساٿ ڏيڻ سندن اَجهَل ڪرت هئي. سائين حيدر علي لغاريءَ جو سچو ساٿي ٿي، هر ڏک ۾ ساٿ نڀائڻ سندس زندگيءَ جو هڪ سونهري مثال آهي. صحافت جي شعبي ۾ سٺا شاگرد پيدا ڪرڻ سندس علمي سخاوت جو اعليٰ نمونو آهي. سندس وڇوڙو سڄي سنڌ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي.
    شوڪت اڄڻ، حيدرآباد18.01.2014


    هڪ بيباڪ شخصيت

    سائين لائق سنڌي نه صرف هڪ صحافي ۽ استاد هو پر هو هڪ بهترين انسان هو. اسان سان ته ويجهڙائپ جي ڪري ۽ ماءُ سان ٿڃ شريڪ هئڻ جي ناتي اسان سائينءَ کي ماما لائق سڏيندا هئاسين. سائين هميشه سادو رهندو هو ۽ سندن طبيعت به سادي هوندي هئي. اسان جي والد صاحب سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي، ڇو جو اسان جو ڳوٺ به هڪ هو، سائين هميشه ياد رهندو، پاڻ نه وسرندڙ شخصيت هو. اسان جو والد صاحب ۽ پاڻ تمام ويجها دوست به هئا سندن وچ ۾ ڪڏهن به نه ٽٽڻ وارو ناتو رهيو. سندن خال هميشه رهندو.
    اسان جي دعا آهي ته الله سائين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
    سيد ڪبير احمد ولد سيد صالح محمد شاهه، ڳوٺ دريا بيگ مغل موري منگر


    لائق ماڻهوءَ جو وڇوڙو
    منهنجي بدقسمتي چئجي جو آئون سائينءَ سان ڪڏهن رُوبرو نه ملي سگهيس. سائينءَ جي وفات کان ٻه ڏينهن پهرين سائينءَ سان ملاقات جو پروگرام هيو پر قسمت ساٿ نه ڏنو. سائين لائق سنڌي ٻوليءَ جو ماهر ۽ هلندڙ ڦرندڙ ادارو هو. سائين لائق منهنجي بابا جو استاد ۽ ٻوليءَ جو سرواڻ آهي، سائين لائق جي شخصيت کي ڪافي غور سان پڙهيو آهي ۽ گهڻن جي واتان ٻڌو آهي. ’Legends never die ‘
    انجنيئر اظهار مٺل جسڪاڻي، ٽنڊو ڄام

    جهان تازه ڪي هي، افڪار تازه سي نمود.
    ڪي سنگ و خشت سي هوتين هين يي جهان پيدا.

    “Plato said that idea rules the world”
    It is regretful that we have lost a jewel of our village. Late Mr. Laique was among few lettered people on our village. His revives for Sindhi community will always be remembered.
    Junaid Shah S/o Sayed Dost Ali Shah.


    پريس ڪلب حيدراباد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جي رپورٽ

    پريس ڪلب حيدراباد ۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي جي رپورٽ

    31 جنوري 2014ع تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ صحافين جي تنظيم ’وي جنرلسٽ‘(We Journalist) پاران، سنڌ ڪميونٽي فائونديشن جي تعاون سان سنڌ جي نامور صحافيءَ، استاد، اديب ۽ ٻوليءَ جي پارکوءَ سائين لائق سنڌيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ صحافين ۽ سماجي اڳواڻن سائين لائق سنڌيءَ کي عظيم لفظن سان ڀيٽا پيش ڪئي.
    ان تعزيتي ميڙاڪي جي ميزباني سينئر صحافيءَ جعفر ميمڻ ڪئي. ان تقريب ۾ سينيئر صحافي اسحاق مڱريي چيو ته سائين لائق سنڌي هڪ بهترين صحافي، ۽ وڏو شفيق استاد هو. ريڊيو جي معروف براڊڪاسٽر ۽ نامياري ليکڪ نصير مرزا خطاب ڪندي چيو ته سائين لائق سنڌي پيدائشي استاد جيان هو. ان موقعي تي ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سائين لائق ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هميشه چڱايون ونڊيندو هو. ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽي پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو ته سائين لائق سنڌي خبر پٺيان خبر رکندڙ صحافي هو. سماجي اڳواڻ پنهل ساريي چيو ته سائين لائق سنڌي صحافت سان گڏ هڪ سياسي سوچ رکندڙ شخص پڻ هو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ عبدالرزاق عمراڻيءَ چيو ته سائين لائق سنڌي هڪ شخصيت جي روپ ۾ هڪ ادارو هو. جڏهن ته سماجي اڳواڻ جاويد سوز هالائيءَ چيو ته سائين لائق سنڌي انهن ماڻهن مان هو، جيڪي پنهنجي ايندڙ نسل کي صحيح واٽ ڏيکارڻ وارو ڪردار ادا ڪندا آهن. سينئر صحافي احمد خان شيخ پنهنجي خيالن جو اظهارهن ريت ڪيو ته سائين لائق بهترين استاد، صحافي ۽ سڀني جو سٺو دوست پڻ هو. سينئر صحافيءَ شبير نظاماڻيءَ چيو ته سائين لائق سنڌي چوندو هو ته انسان جو عمل سندس ڳالهايل لفظ هئڻ گهرجي ۽ سائين لائق جي پوري زندگي ان فلسفي تي عمل ڪندي گذاري.
    ان موقعي تي سائين لائق جي وڏي فرزند محمد اسماعيل ٿيٻي چيو ته بابا سائين لالچ ۽ لوڀ نه رکندو هو، هن ڪڏهن به اسان کي دڙڪو به نه ڏنو هو ۽ بابا صحافت ۾ ڪنهن سان به نا انصافي نه ڪئي. اهڙي طرح هي تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.


    پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ٿيل پهرين ورسيءَ جي رپورٽ

    16 جنوري 2015ع تي سائين لائق سنڌيءَ جي پهرين ورسي، پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ملهائي ويئي. هن تقريب جي صدارت سائين لائق سنڌيءَ جي دل گھري دوست ساٿي سائين فيض محمد نظاماڻي ڪئي جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ لالا رحمان سمون،ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، محمداسماعيل ٿيٻو، سهيل سانگي، اقبال ملاح ، علي حسن ، الطاف ڪوٽي،امداد سومرو،جئه پرڪاش مورائي،تاج جويو، امين ٿيٻو،قادر بحش طالباڻي،مولا بخش مشوري ۽ حسين بخش ساند شامل هئا.تقريب جي ڪمپيئرنگ منصور مريءَ ڪئي.هن تقريب ۾ سائين لائق سنڌيءَ کي ڀيٽا پيش ڪندي مقررن پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ کيس سنڌي صحافت جو رکوالو قرار ڏنو.


    سائين لائق سنڌيءَ جي پهرين ورسي تقريب ۾ ڪيل تقريرون

    فيض نظاماڻي
    (رٽائرڊ استاد)
    سائين لائق جا سڀ دوستو، منهنجا سلام قبول ڪريو، ڪنهن، ڪنهن جو نالو وٺجي فهرست وڏي ٿي ويندي...
    دل چوي ٿي ته آئون سائين لائق کي ڇڏي سائين حيدر علي خان لغاريءَ تي ڳالهايان، هن کان اڳ ٻه ٽي تقريبون ٿيون، جيڪي سائين حيدر علي خان جي نالي تي ٿيون ۽ آئون انهن ۾ هئس پر ان ۾ هنن مون کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ منهنجي الاهي خواهش هئي ته سائين حيدر علي خان تي ڳالهايان، اتي مون کي ڏک انهيءَ ڳالهه جو ٿيو جو اُتي اهڙا اهڙا وڏا عالم آيا انهن حيدر علي تي ڳالهايو پر انهن ئي چيو ته اسين حيدر علي خان سان ڪڏهن مليل ڪو نه هئاسين ۽ مون کي لڳي ٿو ته هن کان جي سئو سال اڳ حيدر علي خان هجي ته اسان جو مرشد هجي ها ۽ سائين حيدر علي خان جو مريد خاص سائين لائق هجي ها. سائين لائق ادبي حوالي سان جيڪي ڪجهه هو اها سائين حيدر علي خان جي ڏنل ميراس آهي ۽ منهنجو حال ڪجهه گهٽ هو ۽ سائين لائق جو حال چڱو هو، جو اهو ٻوليءَ جي حوالي سان ڪجهه وڌيڪ سکي ويو.
    هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته اسين سائين لائق سڀ گڏجي لاهور گهمڻ وياسين، علام اقبال جي مزار تي هڪڙي تختي رکي هي ۽ ان تختي تي هڪڙوئي شعر لکيل هو علامه اقبال جو مون کي لڳي ٿو ته ان شعر کي پني تي لکي ۽ ان جي مٿان پينسل گهمائينداسين ته هيٺان نڪري ايندو سائين لائق. هي مسڪين ماڻهو هو، الاهي ڪئين هو پنهنجا تعلقات قائم ڪر ي ويو. جو اڄ توهان تمام مصروف ماڻهو ٽائيم ڪڍي هتي اچي گڏ ٿيا آهيو. سائين لائق وري پاڻ کي سڏائيندو هو سنڌي آئون وري ان تي سائين تي تنقيد ڪندو هئس ته تون هتي سنڌ ۾ ويٺو آهين ڪهڙو تون آمريڪا ۾ ويٺو آهين! جي تون سنڌي آهين هتي ته پاڻ سڀ سنڌي آهيون، پر اها ڳالهه مون کي وري هاڻ محسوس ٿئي پئي ته سائين لائق سچو هو ماستر فيض ڪوڙو هو. هينئر پاڻ ۾ سٺو رواج نڪتو آهي ايڪتا جا ڏهاڙا ملهائيندا آهيون.
    اسين سڀ سنڌي آهيون ذات جا، اسين جوڻيجا، نظاماڻي، سمان، ملاح، ٿيٻا نه هجون هينئر اسان ۾ اهي ڀتون آيون پيون آهن اها ڳالهه ختم ٿيڻ کپي، بس سنڌي آهيون اها ڳالهه هجي، ذاتين اسان کي منجهائي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.
    سائين لائق سان منهنجي شناسائي ٿي به حيدر علي خان لغاري وٽ هئي، 1970ع ڌاري ٽرينگ ڪاليج ۾ اتي مون سائين حيدر علي خان لاءِ ٻڌو هو ته هڪڙو استاد آهي جيڪو پڇاڙيءَ ۾ پيرڊ ٿو وٺي حاضري وٺي ئي ڪونه مون تي چيو ته الله اهڙو استاد ته ڏياري . پوءِ مون ٽي مهينا کن سائين کي ڏٺو ئي ڪونه! ڇا ڪاڻ جو جيڪا اسان جي ڳوٺ جي بس هوندي هئي، سا انهيءَ پيرڊ جي ٽائيم تي نڪرندي هئي پوءِ هڪ ڏينهن بس نڪري ويئي آئون واپس موٽي ڪاليج آيس ته سائين حيدر علي لغاري وٽ ٻه ٽي ڇوڪرا ويٺا آهن ۽ ٻيا سڀ هليا ويا هئا ۽ آئون به وڃي ويٺس ۽ مون جڏهن سائين کي بڌو ۽ ڏٺو ته منهنجو وات پٽجي ويو اهي اهي بحث ۽ علمي نڪتا سائين ٻڌائيندو هو پوءِ مون سائين جا سڀ پيرڊ اٽينڊ ڪيا ۽ سائين حيدر علي خان لغاري سان ويجهڙائي ٿي ۽ پوءِ منهنجو مامول ٿي ويو ته جڏهن به حيدرآباد اچبو هو ته سائين لائق سان منهنجا ڪافي حد تائين ڀوڳ چرچا هوندا هئا. سائين لائق جي خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته هي ڪٿي ٿو رهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته رات ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ ڪنهن دوست وٽ رهي پوءِ صبح جو وري پريس ڪلب تي، شوق سائينءَ جا ڪهڙا، هڪڙا اهي سگريٽ جن پڇاڙيءَ ۾ سائينءَ جو سر وڃايو وڃڻو ته هوئين آهي پر پوءِ بهانو ٿيو سگريٽ ۽ ٻيو اخبارون آئون سائين سان روز وڙهندو هئس ته سائين لائق تون اخبارن ۾ پيو ڪم ڪرين توکي اخبارون وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ وري چوندو هو ته هي اخبار جنگ ڪراچي ۽ هي لاهور وري چئبو هئس ته بابا تون هڪڙي وٺ ٻه ڇو. پاڻ چوندو هو ته هي خبر جيڪا آهي ڪراچي واري اخبار ۾ اڳيان آهي ۽ لاهور واري ۾ پويان آهي آئون کيس چوندو هئس ته خبر اڳيان هجي يا پٺيان ان ۾ تنهنجو ڇا تون هڪڙي اخبار وٺ. ۽ ٻِيَن اخبارن جو گوٿرو جيڪو سدائين گڏ هوندو هئس سمجهو ته جهڙو سائين جو ان ۾ ساهه هجي هن جا جيڪي وسيلا هوندا، انهن مان رڳو اخبارون ۽ سگريٽ ڪندو هو.


    تقرير

    تقرير

    تقرير
    لالا رحمان سمون
    (سينيئر صحافي)
    مون پنهنجي حياتيءَ ۾ سائين لائق کي پنهنجي ٻن همعصر يا پاڻ سان گڏ رهندڙ ٻن ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر ٿيندي ڏٺو ۽ ٻڌو، منهنجي بدنصيبي اها آهي ته انهن ٻنهي شخصيتن سان، ڪڏهن به ملاقات مون کي نصيب نه ٿي سگهي. هڪڙو سائين شيخ علي محمد، سائين لائق ان کان تمام گهڻو متاثر هو. ان جا قصا، ڪهاڻيون ۽ انهن جي اصول پسندي انهن جي نوڙت، انڪساري جا قصا سائين کان ٻڌندا هئاسين ٻيو سائين حيدر علي خان لغاري جي باري ۾. جيتوڻيڪ منهنجي انهن ٻنهي شخصيتن سان ملاقات نه ٿي آهي پر مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجون انهن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيل آهن. سائين لائق جي معرفت.
    سائين لائق ظاهر آهي هڪ انسان هو ۽ انسان ۽ فرشتي ۾ هڪ اهو ئي فرق آهي، ته جيڪو انسان آهي اهو وجود رکي ٿو زمين تي ۽ چڱايون ۽ خرابيون سڀ ان ۾ موجود هونديون.
    سائين لائق کي مون چئن وصفن ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ وصف ان جي سنڌي ٻوليءَ جي پارکو واري ان جي باري ۾ توهان سڀني دوستن ٻڌايو، سائين لائق سنڌي ٻوليءَ جي پارکو واري حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اها خدمت ڪئي جنهن لاءِ هڪڙو عالمي انقلاب ۾ لفظ آهي ”گم نام سپاهي“ جيڪي پنهنجو پورهيو ڪندا ۽ پنهنجي جيڪا قرباني ڏيندا آهن ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا آهن، پر ڪو به نالو ڪمائڻ کانسواءِ وڏو پورهيو ڪري ۽ پنهنجي باب جي پڄاڻي ڪري ويندا آهن.
    ان کان علاوه ٻئي وصف سائين جي سنڌي صحافت جي پارکو واري آهي، سائين سنڌي اخبارن ۾ هن وقت جيڪي به نيوز ايڊيٽر يا ايڊيٽر ويٺا آهن، اهي سڀ سڌي اڻ سڌي طرح سائين جا شاگرد آهن. حالانڪه پنهنجي پروفيشن ۾ سائين جي جيڪا ڊيزينيشن هوندي هئي يا سائين جو جيڪو رتبو هوندو هو اهو سائين پنهنجي مرضي سان پروف ريڊر جي طور تي رکيو ۽ سائين جنهن به اخبار ۾ ڪم ڪندو هو سائين چاهي ها ته سائين جو جيڪو صحافتي پورهيو آهي، صحافتي قد ڪاٺ آهي، سائين ان بنياد تي، ڇاڪاڻ اسين جڏهن آياسين ته مون ذاتي طرح پنهنجي ڪيريئر جي شروعات پروف ريڊر طور ڪئي ۽ پوءِ هڪ هنڌ ايڊيٽر جي جڳهه تي به پهتس ۽ سائين چاهي ها ته اهي سڀ عهد ۽ سڀ منصب ماڻي ها پر سائين هميشه پروف ريڊر رهيو، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن به سماجن ۾، معاشرن، قومن ۾ روايتون ماپا تبديل ٿي ويندا آهن، اڄ جي دور ۾ اسان وٽ عملي زندگي ۾ جيڪو ماڻهو ناڪام ٿئي ٿو ان لاءِ ٻه پروفيشن تمام گهڻا ڪشش جو سبب ٿيندا آهن، هڪڙو پرائمري ماستر ۽ ٻيو صحافي پر آئون چوان ٿو ته جيڪو پرائمري ٽيچر آهي، ان جي ڪواليٽي، ان جو Wisdom يونيورسٽيءَ جي پروفيسر کان به وڌيڪ هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جيڪو پرائمري اسڪول جو استاد آهي، اهو ٻار جو بنياد رکي ٿو ۽ اهڙي طرح اخبار ۾ پروف ريڊر اهو هئڻ گهرجي، جنهن جي ڪواليٽي، جنهن جو اڀياس، ٻولي، جنهن جو Wisdom, vision ايڊيٽر کان به مٿي هجي، اهو پروف ريڊر هجي ۽ سائين انهيءَ چوائس جي ڪري پروف ريڊر رهيو، آخري وقت تائين جيستائين هن ۾ لکڻ جي سگهه هئي ۽ اسين جيڪي به هن وقت اخبارن ۾ سينيئر يا جونيئير ويٺا آهيون، جڏهن به منجهندا هئاسين، ٻوليءَ جو معاملو هجي، خبر جي بيهڪ جو معاملو هجي، يا خبر جي جوڙ جڪ جو معاملو هجي يا ريپليسمنٽ جو معاملو هجي اسين سائين سان رابطو ڪندا هئاسين، سائين ڪڏهن به پاڻ وٽ موبائيل فون ڪونه رکيو ۽ اسين جڏهن به منجهندا هئاسين ته ٻين اخبارن ۾ فون ڪندا هئاسين ته سائين لائق توهان وٽ ويٺو آهي، ڇو جو سائين شام جي وقت ڪنهن نه ڪنهن اخبار جي آفيس ۾ ئي ملندو هو. سائين فون تي يا روبرو ملندو هو ته جيڪو به خبر جو معاملو هوندو هو سائين اسان کي انهيءَ مهل ئي سمجهائيندو هو.
    سائين سنڌي صحافت جي انسائيڪلوپيڊيا هئي، اخبار جي تاريخ جي باري ۾ اخبارن جي مالڪن جي روين جي باري ۾، اخباري مالڪن جي خانداني پس منظر جي باري ۾، سنڌي صحافت ڪهڙن ڪهڙن دورن مان گذري آئي آهي، انهيءَ جي باري ۾ مڪمل انسائيڪلوپيڊيا هو، جيڪڏهن سائين لائق سان ڪچهري ڪبي هئي ته صبح جو پهر ٿي ويندو هو، پر سائين جي معلومات ۽ ڪچهري ڪڏهن به ختم نه ٿيندي هئي.
    ٽئين وصف سائين جي جيڪا گهڻي سامهون نه اچي سگهي اها آهي ته سائين کي اسان لطيف جي پارکو واري حيثيت ۾ به ڏٺو، سائين لطيف سرڪار جا سُرَ انهن جا بيت، وايون ۽ انهن جون سمجهاڻيون سائين آسان ٻوليءَ ۾ جيئن هڪ استاد هوندو آهي، ٻار کي سولو ۽ سڌو ڪري سمجهائيندو آهي، ائين اسان کي به سائين سمجهائيندو هو. سنڌي صحافت ۽ لطيف سرڪار جي باري ۾ سڌو ۽ سولو ڪري سمجهائيندو هو.
    چوٿين وصف سائين جي جيڪا مون ڏٺي اها هي هئي ته سائين ماڻهو شناس هو. سائين اظهار نه ڪندو هو پر ماڻهو سان ملاقات ۾ سائين ان جي پوري بايو ڊيٽا اڌ ڪلاڪ جي ڪچهري ۾ ڪڍي وٺندو هو، ته هي ماڻهو ڪيتري وزن بحر واري شخصيت آهي.
    اسين سائينءَ کي ائين سمجهندا هئاسين ته هو اسان جو پيءُ آهي ۽ اسين کيس پنهنجي والد جي حيثيت سان ڏسندا هئاسين. هو اسان کي دڙڪا به ڏيندو هو، اسان تي نظر به رکندو هو ته اڄ ڪلهه هنن جي سنگت صحبت ڪنهن سان آهي، هو اسان تي اها به نظر رکندو هو ته اڄ ڪلهه هي صحافت ۾ ڪن ڇا پيا ۽ اسان کي چوندو هو ته توهان جي هي صحبت صحيح ناهي هن کان پاسو ڪريو. اخبار ۾ هي ماڻهو سٺا، هنن کان پاسو ڪريو ته سائين هڪ ماڻهو شناس هو، جيڪو انگ سڃاڻندو هو.
    اسان سائين کي خوش ٿيندي به ڏٺو آهي، سائين ٽهڪ ڏيندي به ڏٺو آهي ۽ اسان سائين کي اکين ۾ لڙڪ ايندي به ڏٺو آهي. خودار ماڻهو هو ٻه ڏينهن جي سائين ماني نه کائي ته اهو نه چوندو هو ته مون ماني نه کاڌي آهي، مون کي ماني کارايو. سائين ٻه ٻه ڏينهن بک تي به هلڻ وارو ماڻهو هو پر سائين ڪڏهن ڪنهن جي سامهون هٿ ڪونه ٽنگيو. سائين ڏيڻ وارو هوندو هو ڪڏهن به وٺڻ وارو نه هوندو هو، علم به سائين اسان کي ڏنو عقل به ڏيندو هو ۽ ساڃاهه به ڏيندو هو پر اسان ڪڏهن به اهو نه سمجهيو ته اسان ڪو اهڙو گٿو ڪم ڪيو هوندو، جنهن جي باري ۾ سائين کي ڄاڻ نه هوندي. هر انسان کي هلڻو آهي ۽ سائين به پنهنجو وقت رب جي رضا سان پورو ڪري ويو، اسين دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ سائين لائق کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ سائين جو جيڪو پورهيو آهي، هڪڙي اسان جي بدنصيبي اها ضرور آهي ته سائين جيڪي خيال رکندو هو يا سائين جن جن شين جي باري ۾ ڄاڻ رکندو هو، ان جو لکت ۾ مجموعو موجود نه آهي. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي حياتي ۾ اهو ڪم ٿي وڃي ها ته سنڌي صحافت جي نصاب ۾ ڪو ڪتاب شامل ڪرڻ جهڙو هجي ها.
    سائين تمام وڏو ماڻهو هو جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته نج پج سنڌي روايتن جو امين ۽ اهي سڀ خوبيون سائين ۾ موجود هيون. سائين خودار هو، سائين صوفي هو، سائين روايتن جو امين هو ۽ سائين ”سَترُ ڪر ستار آئون اگهاڙي آهيان.“ ته سائين سڀني کي ڍڪيندو هو، سائين ڪنهن جو به عيب نه ٻڌائيندو هو. ان لاءِ اسين سڀ سائين جي لاءِ دعاگو آهيون ۽ محمد اسماعيل ۽ محمد بخش کي جَسُ هجي جو سڀني دوستن کي پريس ڪلب جي پليٽ فارم تان گڏ ڪيو اٿن. سائين جي حوالي سان جڏهن به جيڪو به ڪم هوندو حاضر آهيون. سائين جا هڪڙا شاگرد لائق آهن ۽ هڪڙا نالائق آهن، اسان کي توهان لائقن مان سمجهيو يا نالائقن مان سمجهيو اسان لاءِ جڏهن به حڪم ڪندا اسين حاضر ٿينداسين.
    [سائين لائق جي پهرين ورسي جي موقعي تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ڪيل تقرير، 16 جنوري 2015ع]


    اقبال ملاح

    اقبال ملاح
    (سينيئر صحافي)

    سائين لائق سنڌ سان پيار ڪندو هو ۽ سڀ سنڌي ۽ اردو اخبارون پڙهندو هو، سائين لائق تي، اسان کي فخر به آهي پر مون کي الاهي تڪليف ٿي ٿئي ته اسان جا سڀ دانشور ۽ ڏاها اعزازي ڪاپي تي گهڻو ضرور ڏيندا آهن پر سائين هميشه پنهنجي پيسن سان اخبارون ۽ ڪتاب خريد ڪندو هو. هو جو ڇا ٻڌايان سنڌ جو vision ڇا هجڻ گهرجي سنڌ جي سياست ڇا هجڻ گهرجي، سنڌ جو ادب ڇا هجڻ گهرجي، سنڌ جي شاعري ڇا هجڻ گهرجي سنڌ جي ڪهاڻي ڇا هجڻ گهرجي. آئون ذميواري سان چوان ٿو ته جيڪڏهن اسان سائين لائق جي زندگي جي آرٽ کي سمجهي سنڌ لاءِ ڪم نه ڪيو ته رهجي وينداسين. لائق ته ايترو ڏاهو هو.
    هڪ ڏينهن لالا سائين ۽ مون کي سائين لائق ٻانهن مان وٺي ويو ۽ چيائين ته هي جيڪو فلاڻو قصو توهين ڪريو پيا ڏاها ٿيو ڏکيا ٿيندا ”ياري جا سلسلا“ آهن ۽ چيائين ته 1996-1997ع ۾ منهنجي صلاحن تي هلو ها ته اڄ هي تڪليف توهان تي نه اچي ها. وڏا ماڻهو ته هي ٿين ٿا ته ڪاخبر نه ڪنهن جو خفو خاموشي سان خاموش سپاهي وانگر ڪم ڪندي کاهوڙي جي سُرن جي ڪردارن جيان هليا وڃن ٿا ۽ اسان کي سنڌ جي اهڙن معتبر ڏاهن ماڻهن جو قدر ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن سندس خاندان طرفان هي ورسي نه هجي ها ته سچ پڇو سنڌ ماڻهو کي ياد نٿي ڪري .مهرباني


    جئه پرڪاش موراڻي

    جئه پرڪاش موراڻي
    ’ (سينيئر صحافي)
    سائين جو جڏهن ذڪر ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ ٻه اهڙيون شخصيتون هيون جيڪي سائين جي نالي سان مشهور هيون جيڪڏهن اسين سياست ۾ نالو کڻون ٿا ته سائين جي ايم سيد جو ذڪر اچي ٿو ۽ جي صحافت ۾ نالو کڻون ٿا ته سائين لائق سنڌي جو ذڪر ايندو آهي. ٻنهي جي نالي وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿيندي آهي هڪڙي جي اڄ ورسي آهي ٻئي جي سڀاڻي سالگره آهي.
    ٻوليءَ جي باري ۾ ڄاڻ جي باري ۾ ڪجهه پڇڻو هجي يا ڪا معلومات وٺڻي هجي جيستائين سائين هو اسان کي ٻيو در ڀيٽڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿيندي هئي. صحافت ۾ اچي ڪڏهن به منجهندا هئاسين ته سائين کي ياد ڪندا هئاسين ۽ سائين کان پڇندا هئاسين ۽ جيڪو تُز جواب سائين کان ملندو هو يا جيڪا معلومات سائين کان ملندي هئي اهو در بند ٿي ويو نه صرف ٻوليءَ جي حساب سان ڀر سنڌجي شخصيتن، سنڌ جي واهڙن، سنڌ جي وسندين، سنڌ جي ڳوٺن، سنڌ جي ريتن رسمن، جي باري ۾ اخباري دنيا ۾ مختلف خبرون اچن ٿيون، مختلف شخصيتن جي باري ۾ ذڪر ٿين ٿا. ۽ سائين سان جڏهن ويهبو هو ته ائين لڳندو هو ته سائين انسائيڪلوپيڊيا آهي ۽ هڪڙي هڪڙي گهراڻي جي باري ۾ مختلف شخصيتن جي باري ۾ انهن جي لڳ لاڳاپن جي باري ۾ جيڪا سائين کان اسان کي ڄاڻ ملندي هئي. ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.
    مون پاڻ ڪيترائي ڀيرا سائين کي چيو هو ته مهرباني ڪري يادون لکو يا ته اسان کي ويهي ٻڌايو ته اسان لکو پر جيئن ته سائين چوندو هو ته هي ڳالهيون لکيون ته ڪجهه ٻيو پوندو انهيءَ ڪري چوندو هو ته شادي پلي ڍڪي ڀلي. ته سائين ڪڏهن به لکڻ جي اجازت نه ڏني ۽ نه ئي ڪڏهن پاڻ لکيائين، مون ۽ وفا رضا سائين کي چيو ته توهان اسان سان ڪچهري ڪريو ۽ اسين پنهنجي نالي سان ڇاپيون ٿا پر سائين چيو نه پر جيڪي ڳالهيون سائين اسان کي ٻڌايو اهي اڄ اسان کي محسوس ٿين ٿيون، ته اهي اهم هيون
    پندرهن سورنهن سال سائين سان نياز مندي رهي عمر جو ته فرق محسوس نه ٿيندو هو ۽ تجربي جو به فرق محسوس ڪونه ٿيندو هو ڪا دوري محسوس ڪانه ٿيندي هئي هو هر وقت پنهنجو لڳندو هو پنهنجي والد وانگر لڳندو هو، پنهنجائپ جو احساس ٿيندو هو. اڄ جڏهن اسان سندس يادون ساريون ٿا ته لڳي ٿو ماڻهو جو قدر زندگي ۾ ڪرڻ گهرجي وئي کان پوءِ صرف يادون رهجي وينديون آهن.


    فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    (سينيئر صحافي)
    اسٽيج تي ويٺل اسان جا سينئر دوست ۽ پنڊال ۾ ويٺل سائين جا چاهيندڙ السلام عليڪم.
    سائين لائق جهڙي ماڻهو تي ڳالهائڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي سائين ۽ اسان گڏجي پريس ۾ ڪم ڪيو آهي هتي آئون ڪجهه يادگيريون توهان سان شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
    چوندا آهن ته ماڻهو تي نالي جو وڏو اثر ٿيندو آهي، ماڻهو جو جيڪو نالو هوندو آهي اهو ان جي طبيعت ۾ شامل ٿي ويندو آهي.سائين لائق سنڌي جو به نالو لائق هو. هو پنهنجي ڌرتي جو لائق فرزند هو. سائين جي جيڪا مون کي وڏي خوبي نظر آئي اها هي ته هو امين هو پنهنجي روايتن جو امين هو، رازن جو امين هو. وڏو راز دار هو. سائين کي ڪنهن جو ڪو عيب نظر اچي ويو ته هو پنهنجي سيني ۾ ان کي سمائي ڇڏيندو هو. پر جيڪڏهن سائين کي ڪا خوبي نظر آئي ته هو سڄي جهان کي ٻڌائڻ ۾ عيب محسوس نه ڪندو هو.
    سائين ۾ جيڪا ڳالهه هئي اخباري ڪم جي حوالي سان سائين جي چهري تي سدائين مرڪ هوندي هئي پر سائين کي ڪاوڙ ڪندي مون هڪڙو دفعو ڏٺو هو ۽ ان موقعي تي ڏٺو جڏهن اخبار ۾ ڪو لفظ غلط لکجي ويو ۽ ان تي سمجهائڻ جي باوجود به ڪنهن ان کي صحيح نه ڪيو تڏهن ڀلي اهو ايڊيٽر هجي يا چيف ايڊيٽر هجي سائين ان سان چڙندو هو، ان کي اهو محسوس نه ٿيندو هو ته هو منهنجو بوس آهي. مطلب ته هڪڙو لفظن جو امين هو. هو سمجهندو هو ته لفظ ٺاهڻ هڪ انسان ٺاهڻ برابر آهي انهي ڪري هو لفظن جو وڏو احترام ڪندو هو باقي سائين سٻاجهو هو اهاسڀني دوستن کي خبر آهي هن جيئن پنهنجي اولاد جي تربيت ڪئي آهي، تيئن هن جي سنگت ۾ ان جي شفقت ۾ جيڪي به ماڻهو آيا انهن جي هو ڪيئن تربيت ڪندو هو اها سڀني کي خبر آهي ايترو ئي آئون چوندس. سائين لاءِ مهرباني.
    تقرير


    ہمارے ماسٹر صاحب

    ہمارے ماسٹر صاحب
    علی حسن
    (سينيئر صحافي)
    یہ ایک سال کتنا جلدی بیت گیا، کچھ پتا ہی نہیں چلا، لیکن جیسے لالا نے کہا، جانا تو سب کو ہے، لیکں ہوتا یہ ہے کہ بندا اپنے کردار، اپنے رویے اور اپنے معاملات کی وجہ سے اپنی یادیں چھوڑ جاتا ہے۔ میں عام طور پہ سائیں کو یا تو سائیں کہا کرتا تھا یا پھر ماسٹر صاحب۔ پریس کلب کے معاملات پر مجھے جب بھی مشاورت کی ضرورت پڑی میں نے ہمیشہ ماسٹر صاحب سے رجوع کیا۔ وہ بڑے پیار کے ساتھ میری رہنمائی کرتے۔ کہ اس معاملے میں یوں کرو گے تو زیادہ بہتر رہے گا۔ وہ ہمیشہ ایک گمنام سپاہی کے طور پہ اس طرح خاموشی سے کام کرتے گئے اور چرچہ بھی نہیں کیا۔ جس طرح آج کل ہمارے معاشرے میں روان ہے۔ اخبارات کی دنیا میں ڈان وہ واحد ادارہ ہے، جس کے دفتر میں آپ کا جب جانا ہو تو ایک آدمی آپ کو ایسا نظر آئے گا، جو گزشتہ روز کی چھپی ہوئی اخبار پر لال قلم سے نشان لگاتا ہوا نظر آئے گا۔
    وہ شخص اخبار کی زبان، اسٹائل اور اس میں پروف کی غلطیوں کی نشاندھی کرتا ہوا دکھائی دے گا۔
    جبکہ ہماری باقی اخبارین اس مشق سے بہت دور نظر آتی ہیں۔ ہمارے ماسٹر صاحب ایک واحد کردار تھے جو سارا دن ناصرف ان اخبارات کو پڑھتے رہتے بلکہ ان کی زبان، اسٹائیل اور پروف کی غلطیون کا بھی بڑی باریک بینی سے جائزہ لیا کرتے۔ نا صرف جائزہ لیا کرتے بلکہ ان کی نشاندھی کر کے اخبارات کے صدیران کو بھیجا بھی کرتے تھے۔
    آج بھی اردو اخبارات میں عام طور پر مگر سندھی اخبارات میں تو اکثر یہ نظر آتا ہے کہ ڈیسک پر بیٹھے ہوئے ہمارے نوجواں ساتھیوں کو، خبر بنانے کے لئے جب کوئی مناسب لفظ نہیں ملتا تو وہ انگریزی زبان کا سہارا لے کر کوئی لفظ ڈال دیتے ہیں۔ ان کو یہ ذری بھی پرواھ نہیں ہوتی کہ یہ اخبار ہمارے بچے بھی پڑھ رہے ہوتے ہیں۔ جو اس سے اپنی زبان کی وسعت سے لاعلم رہتے ہوئے انگریزی زبان سے زیادہ مانوس ہونے لگتے ہیں۔ اس کی وجہ جو مجھے سمجھ میں آتی ہے وہ یہ ہے کہ ہمارے اخبارات کے دفتر میں آپ کو مشکل سے ہی کہیں کوئی ڈکشنری نظر آتی ہوگی۔ حالانکہ ہونا تو یہ چاہیے کہ وہاں پر ایک سے زیادہ مختلف زبانوں کی ڈکشنریاں موجود ہونی چاہئیں، لیکں ایسا ہوتا نہیں ہے، اخبارات میں کام کرتے ہوئے ہمیں جب بھی کسی قسم کی کوئی مشکل سامنے آتی، تو اس صورتحال میں ہم سب ماسٹر صاحب کی طرف دیکھتے اور ہماری شکل آسان ہو جایا کرتی۔
    آپ روزنامہ آفتاب کے ابتدائی ایڈیشن پرچی میں نظر ڈالیں گے، تو اُس کی زبان اور اسٹائل کے پیچھے جو شخص نظر آئے گا وہ شیخ علی محمد صاحب نہیں تھے، وہ ماسٹر صاحب تھے۔ بظاہر تو یہ روزنامہ ایک معمولی سا اخبار تھا، مگر اس کی زبان اور اسٹائل کی جب بات ہوگی تو اس نے بڑے بڑے اخباروں کو بہت پیچھے رکھا تھا۔
    سائیں کی اس برسی کے موقعہ پر میں ماسٹر صاحب کے فرزند اسماعیل سے گذارش کروں گا کہ اپنے گاؤں موری منگر میں ماسٹر کتب خانہ قائم کریں، اگر اللہ نے چاہا تو آگے چل کر یہ بہت بڑی لائبریری بھی بن جائے گا، جس میں زیادہ سے زیادہ ڈکشنریاں، کتابیں اور اخبارات رکھے جائیں تاکہ ہم ماسٹر صاحب کے بنیادی کام کی اہمیت کو نا صرف سمجھ سکیں، بلکہ اُس کو بڑھا بھی سکیں۔ اس کتب خانے کی قیام میں ماسٹر صاحب کے ہم لائق اور نالائق دوستوں کے ذمے جو بھی کام رکھا جائے گا، ہم اُسے بخوبی انجام دینے کو تیار ہیں۔
    اس کتب خانے سے لوگوں کو ہم یہ بتا سکیں گے کہ ہم نے یہ کتب خانہ ماسٹر صاحب کے اس اہم کام کی یاد میں قائم کیا ہے۔ اس سے نہ صرف زبان کی ترقی ہوگی، بلکہ اخبارات کے مطالعے کے شوق سے ماسٹر صاحب ہمیشہ ہمارے درمیان، ہمارے ساتھ رہیں گے۔اللہ پاک ہمارے ماسٹر صاحب کی مغفرت فرمائے۔ آج پریس کلب حیدرآباد کے تمام ساتھی ماسٹر صاحب کو ہمیشہ یاد کریں گے۔
    [علي حسن جي ڪيل تقرير سائين لائق سنڌي جي پهرين ورسي جي موقعي تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ 16 جنوري 2015ع]


    الطاف کوٹی

    الطاف کوٹی
    (سينيئر صحافي)
    سائیں لائق سندھی سے میری مراسم تب سے تھے، جب میں اس صحافت میں آیا تھا، پریس کلب میں سب سے پہلے صبح آنے والے صحافی سائیں لائق تھے، اور ان کے ہاتھ میں موجود بہت ساری اخبارات ہوتی تھیں، ان میں بہت ساری خوبیاں تھیں، جو یہان سب لوگ نہیں جانتے تھے، میں ان سے اخباروں کے بارے میں یہ پوچھتا رہتا تھا کہ آج کے اخبارات کی کنڈیشن ہے، اور ماضی میں اخبارات کیسے چلتے تھے۔ لیکں ان میں ایک بات کی خوبی زیادہ تھی کہ وہ سندھ کے سارے سیاستدانوں اور ان کے خاندانوں کہ بارے میں سب کچھ جانتے تھے، کے کس سیاستدان کے کتنے بھائی، کتنیں بھنیں ہیں اور وہ کیا کیا کرتے ہیں، میں ان سے یہ تمام چیزیں معلوم کر کے کہیں نہ کہیں خبروں میں وہ چیز ایڈ کر لیتا تھا۔
    ماسٹر لائق ایک فقیر منش انسان تھے، ان سے میری بہت سارے موضوعات پر بات ہوتی تھیں، مگر وہ ہمیشہ مثبت بات کرتے تھے، منفی بات ان سے کبھی نہیں سُنی۔ میری گذارش ہے کہ ماسٹر لائق کی بہت سارے چیزیں ان کے صاحبزادوں کے پاس موجود ہونگی میری ان سے گذارش ہے کے ان چیزوں کو سنبھال کہ رکھیں، اور اس تقریب میں آنے والے سب دوستوں کا دل کی گہرایوں سے شکر گذار ہوں۔
    الطاف کوٹی، صدر پریس کلب حیدرآباد
    [الطاف ڪوٽي جي ڪيل تقرير سائين لائق سنڌي جي پهرين ورسي جي موقعي تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ 16 جنوري 2015ع]


    تاج جويو

    تاج جويو
    مون سي ڏٺا ماءِ جنين ڏٺو پرينءَ کي،

    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. (شاهه)

    اڄ اسان جنهن شخص جي ياد ۾ هتي اچي گڏ ٿيا آهيون آئون سمجهان ٿو ته اسان مان اڪثر هن کي سائين لائق سنڌي چوندا آهن. سائين لفظ هر ماڻهو لاءِ استعمال نه ٿيندو آهي سائين لفظ ۾ جيڪو احترام جيڪا پنهنجائپ جيڪا محبت آهي ان جو اندازو اسين سنڌي معاشري ۾ لڳائي سگهون ٿا اسان سائين جي. ايم. سيد کي چوندا آهيون، سائين محمد ابراهيم جويو کي چوندا آهيون.
    سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ۽ سائين لائق سنڌي چوندا آهيون ته توهان ان مان اندازو لڳائي سگهوٿا ته هن شخص کي هميشه رهبرن جي قطار ۾ سمجهندا رهيا آهيون هو هڪڙو فرض شناس استاد هو، هو هڪڙو فرض شناس صحافي هو. هن معاشري کي ڏنو هو پر ڪڏهن ورتو ڪجهه به نه آئون سمجهان ٿو ته ڪجهه ماڻهو جن سماج کي ڏنو آهي انهن کي ئي ياد رکيو ٿو وڃي ۽ اسان وٽ ته تمام وڏا وڏا ماڻهو وفات ڪري ويا سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ان جي قبر تي ڪتوبه پيشاب نٿو ڪري، پر هن شخص جي جڏهن وفات ٿي هئي جيڪي به دوست اتي موجود هوندا سخت سيءَ ۾ به هزارن ۽ سوَن جي تعداد ۾ سڄي سنڌ ۾ جنهن به جتان به ٻڌو اهو مقام تائين ڪلهي ڪانڍي ٿي هليو اِها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته هن شخص ماڻهن جي دلين ۾ هڪڙو احترام پيدا ڪيو هتي جيڪي اسان جا صحافي دوست سٺن ڊيسڪن تي موجود آهن انهن جي تربيت ۾ سائين لائق سنڌي جو وڏو هٿ آهي ۽ هي اهو شخص هو ۽ اسان کي حيرت وٺندي هئي جيڪو به بي روزگار نوجوان باشعور نوجوان حيدرآباد ۾ پهچي ان کي رهڻ جي جڳهه نه هجي ان کي کاڌي لاءِ ڪجهه نه هجي اهو سائين وٽ ايندو هو ۽ هتي پريس ڪلب جي ڪينٽِن ۾ بابا تنهنجي ماني جاري آهي ۽ ٽئي وقت ماني کائي. هو ڪيئن پورت ڪندو هو اسان کي خبر نه پوندي هئي ته اها شيءِ جيڪا هئي يا پنهنجائپ هن پرائي ۽ جئين سائين احمد خان شيخ ٻڌايو ته هو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو پارکو هو اسان چوندا آهيون ته جيڪي اخبارن نڪرن ٿيون گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ماڻهو اهڙو رکن جيڪو روزانو اخبارن جو مطالعو ڪري ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪي غلطيون ٿين ٿيون يا گرامر جي حوالي سان جيڪي غلطيون ٿين ٿيون انهن جي پرک ڪري ۽ سنڌي اخبارن ۾ جنهن به اخبار سان سائين لائق سنڌي لاڳاپيل رهيو اها آفتاب هجي ڪاوش هجي عبرت يا ڪوشش يا ڪا ٻي جنهن به اخبار سان هو لاڳاپيل رهيو ان تي هن جي سخت نظر هوندي هئي ۽ ان وقت اسين محسوس ڪندا هئا سين ته جنهن به اداري ۾ سائين لائق هوندو هو ان اخبار جي زبان، ٻولي بهتر هوندي هئي. توهان اسان سڀني ڏٺو هوندو ته سائين لائق سنڌي روزانو نڪرندڙ سڀئي اخبارون خريد ڪندو هو ۽ اسين حيران هوندا هئاسين ته سائين هي اخبارون ڪٿي رکي ٿو ڪئين پڙهي ٿو ۽ جڏهن به اسان کي ڪا معلومات گهربل هوندي. هي ته اسين سائين لائق سنڌي ڏانهن نهاريندا هئاسين ۽ هو چوندو هو ته مون اخبارون آهن توهان لاءِ ورتيون، اچو ۽ اچي ڏسي سگهو ٿا ۽ سنڌالاجي سنڌ ميوزيم جتي اخبارن جا ذخيرا آهن اتان اسان کي اها معلومات نه ملندي هئي جيڪا سائين لائق وٽان ملندي هئي. پهرين ته پاڻ ڏئي ويندو هو نه ته هن جا دروازا سدائين کليل رهندا هئا ۽ ان جي ڳوٺ وڃبو ته اسان کي اها معلومات ملي ويندي هئي ۽ اها به حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف سان هن جي گهڻي عقيدت هئي ۽ جڏهن به ڪو بيت اسان کي اڻ پورو ياد هوندو هو ته ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سائين لائق ڏانهن نهاريندا هئاسين. آئون جيتوڻيڪ هن جو سنڌي ريت شاگر ناهيان پر آئون سمجهان ٿو ته منهنجو لاڳاپو فڪري حوالي سان سائين جي ايم سيد سان آهي اهڙي نموني ذهني حوالي سان سائين لائق سنڌي سان هو ۽ پاڻ جي لاءِ فخر محسوس ڪندو آهيان ته ڪو دوست سائين لائق کان پچا ڪندو آهي. تئين ڪو ڪڏهن مون کان پڇا ڪندو آهي ته سچ سچ ته منهنجون اکيون آليون ٿي وينديون آهن ۽ آئون ذهني طرح روحاني طرح سائين لائق کي سلام پيش ڪندو آهيان جنهن اسان کي اهو در ڏيکاريو.
    سائين لائق جهڙو سندس نالو لائق هو اهڙو لائق انسان هو هن پنهنجي پٽن جي جيڪا تربيت ڪئي آهي اها به غربت ۾ خوداري ۽ هي پاڻ به خودار هو ۽ پنهنجي پٽن کي به خوداري سيکاري. هن ننڍي ماڻهو کان وڏي ماڻهو جي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪئي ۽ سائين لائق سنڌي جهڙا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. شيخ علي محمد جو اخبار نويسي ۾ نانُ آهي پر آئون سمجهان ٿو سائين لائق هن جو ٻانهن ٻيلي يا صلاحڪار نه هجي ها ته علي محمد جيتوڻيڪ هو ان کان عمر ۾ وڏو پر سمجهان ٿو ته هو هر وقت سائين لائق کان صلاح ۽ مشاورت ڪندو هو سائين لائق سنڌي ٻوليءَ جو سنڌي صحافت جو سنڌي قوم جو اهو پرکڻو شخص هو جنهن کي ياد ڪرڻ سچ سچ اسان جو فرض آهي ۽ اهو اسان تي قرض آهي ته هن شخص کي ياد ڪريون ههڙا شخص روز روز پيدا نه ٿيندا آهن.
    ڀلي ڪر ٿيو م، هيءَ سڱُ ٻاروچن سين،
    وڃِي ڪيچ ڏٺوم پُٺيءَ لڳي جن جي.

    (شاهه)
    [سائين لائق سنڌي جي پهرين ورسي جي موقعي تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ڪيل تقرير 16 جنوري 2015ع]


    مهيش ڪمار

    مهيش ڪمار
    (سينيئر صحافي)
    [اسٽيج تي ويٺل پيارا دوستو ۽ پنڊال ۾ ويٺل سائين لائق جا دوست احباب جيئي سنڌ...]
    سائين جا جيڪي سڀ دوست ۽ احباب جن گڏجي ڪري سائين جي پهرين ورسي ملهائي آهي، مان سمجهان ٿو ته اسان وٽ اهو گهٽ ٿيندو آهي ته ڪنهن کي ياد ڪيو وڃي.
    هتي جيترا به صحافي آهن، انهن مان 100 سيڪڙو نه ته 90 سيڪڙو سڀ سائين لائق جا شاگرد آهن.
    هي سائين جي پهرين ورسي اسان کي تمام وڏي پيماني تي ملهائڻ گهرجي ها، پر پوءِ به جيڪا سائين جي ورسي ملهائي پئي وڃي، انهيءَ تي سنگت کي مبارڪ باد ڏيان ٿو.
    منهنجا ۽ سائين جا ٻه ٽي قصا آهن، جڏهن آءٌ ٻارهن يا تيرهن سالن جو هئس تڏهن آفتاب اخبار ۾ ٻارن جو صفحو نڪرندو هو. ان ۾ آئون لطيفا ۽ ڪجهه ٽوٽڪا، ڪي ننڍيون ڪهاڻيون موڪليندو هئس، منهنجو ڀاءُ ڀُون سنڌي سائين لائق جو واقف هو ۽ سائين جي ايم سيد جو عاشق هو، ادبي ۽ صحافتي لڏي جا حال احوال ڪندو هو، ان مون کي سائين لائق ڏانهن موڪليو، پهريون ڀيرو ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ۾ سائين لائق جي سهاري حيدرآباد آيس. پوءِ اهو سلسلو ملاقات جو جاري رهيو ۽ پوءِ اڳتي هلي مون ۽ دوستن گڏجي حيدرآباد مان روزاني سنڌ اخبار ڪڍي. ان سڄي نيٽ ورڪ ۾ سائين لائق هيڊنگ ٺاهڻ ۽ ٻوليءَ جي چڪاس ڪرڻ جي ذميواري پنهنجي سر تي کنئي پر سائين جهڙوڪر چيف ايڊيٽر جي عهدي کان به وڌيڪ هو، اداري ۾ سائين جو وڏو احترام هو، سڀ دوست سندس وڏو لحاظ ۽ خيال ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته سائين جي شخصيت ادارن کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اڄ به عبرت اخبار ۾ وفا رضا جو سائين لائق تي هڪ ڪالم ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته سائين جتي به هو، ان ادارن لاءِ ڪم ڪيو ۽ ادارا ٺاهيا.
    سائين جي قول ۽ فيل ۾ ڪو به تضاد نه هو، سائين جيڪا به ڳالهه ڪندو هو، صاف سٿري ۽ سچي ڳالهه ڪندو هو ۽ سڀني جي سامهون ڳالهه ڪندو هو، ڪا به هن ۾ منافقت نه هئي. مون کي هن وقت سائين ڏاڍو ياد ٿو اچي ته اسان جي دوستن ۽ يارن ۾ جيڪي به رنجشون آهن، سائين انهن رنجشن کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو هو ۽ دوستن يارن کي ڪن ۾ هٿ وجهي ويهاريندو هو. اڄ به آئون سائين جي شخصيت جي وڏي کوٽ محسوس ڪريان ٿو، ۽ ڪافي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي دوستن ۽ يارن جي رنجشن ۽ ڪاوڙ ختم ڪرڻ ۾ ڪو به ڪردار ڪو نه ٿا ڪن، اتي سائين ڏاڍو ياد ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته سائين سڀني کي گڏ وٺي هلندو هو. ادارن کي سائين جهڙي ماڻهو جي سخت ضرورت آهي. ڪوشش ڪنداسين ته سائين جي ورسي هر سال ملهايون.
    [ سائين لائق سنڌي جي پهرين ورسي جي موقعي تي پريس ڪلب حيدر آباد ۾ ڪيل تقرير
    16 جنوري 2015ع]


    امين ٿيٻو (موري منگر)

    امين ٿيٻو (موري منگر)
    سائين لائق سنڌي سان منهنجو واسطو ننڍپڻ کان ئي هو سائين لائق جو پورو نالو لائق ڏنو ۽ ذات جو ٿيٻو هو پر سائين جنهن نالي سان مشهور هو اهو آهي لائق سنڌي سائين لائق مون کان 10 سال وڏو هو. ۽ سنڌ ۾ جتي به وڃڻ ٿيو ته اتي جنهن ماڻهو سان تعارف ٿيندو ۽ آئون ٻڌائيندو هئس ته موري منگر جو آهيان ته اهي ماڻهو مون کي چوندا آهن ته سائين لائق سنڌي کي توهان سڃاڻو! ۽ جڏهن آئون پرائمري ۾ پڙهندو هئس ته سائين ست درجا فائنل جو امتحان ڏنو هو ۽ مون سان گڏ سائين لائق جو ننڍو ڀاءُ محمد بخش پڙهندو هو جيڪو جڏهن اسين ٽيئن ڪلاس ۾ پهتا سين ته اهو گذاري ويو. پوءِ ان جو نالو وري سائين سندس ننڍي پٽ تي رکيو سائين لائق ۽ اسان گڏجي پنهنجي ڳوٺ موري منگر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي جنهن ۾ آئون ۽ سائين صوفي نيڀراج، سائين لائق ۽ ٻيا اسان جا دوست شامل هئا سائين جي ٻوليءَ تي مهارت هئي ۽ ان شاخ جي لکپڙهه جو ڪم سائين جي ذمي هوندو هو.
    سائين لائق جو ماڻهن سان پنهنجائپ وارو تعلق اهڙو هو جو هر ماڻهو هن کي ياد ڪري ٿو ۽ آئيندا به ڪندو رهندو.
    [ سائين لائق جي پهرين ورسي جي موقعي تي
    پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ڪيل تقرير16 جنوري 2015ع]


    علي مراد مشوري (هٽڙي)

    علي مراد مشوري (هٽڙي)
    جوڳي پنهنجي جُوءِ ويا، جُهڙ جيئن نيڻ ٽمن،
    سُخن ساميئڙن جا، ٿا هينئڙي منجهه هُرن،
    اُٿي آڌيءَ رات جو، روئان تان نه رهن.
    پَڳهه ڇوڙي جن، وڏا ٻيڙا پار ۾ (شاهه)

    لائق ڏنو لائق سنڌي بلاشبه هڪ لائق انسان ۽ سنڌ جو سپوت فرزند هو. سنڌ امڙ جي سِڪ ۽ سڳنڌ سندس جان ۽ جسم ۾ سمايل هئي. اُن ڪري پاڻ کي سنڌي سڏايائين، سنڌي هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هو. سهڻي ڪردار سان گڏ کِل مک، خوش مزاج ۽ سادگي سندس سڃاڻپ ۽ سونهن هوندي هئي.
    مرحوم هڪ فرض شناس، مردم شناس ۽ مثالي اُستاد هو، زماني جي نشيب و فراز کان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. کِلندي، مُسڪرائيندي مڙس ٿي مُنهن ڏنائين. لائق بيشڪ اهڙن انسانن مان هڪ هو.
    هي ماڻهو وِهه ڍُڪ ٿيا
    جيئن لُڪ لڳي تيئن رڪ ٿيا.

    ڪائنات جي سڀ کان مهانگي شيءِ ”احساس“ آهي، جيڪو دُنيا جي هر انسان وٽ نه هوندو آهي، لائق هميشه احساس جي علم کي بلند ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي. سندس احساس جو اُهڃاڻ ان مان به ملي ٿو، جو اُستادي پيشي کان فارغ ٿيڻ بعد صحافت سان واڳجي ويو.
    منهنجي پهرين ملاقات سال 1963ع ۾ ٽريننگ ڪاليج (فار مين) حيدرآباد ۾ ٿي، جتي اسان سال سڄو گڏ گذاريو. سندس قريبي دوستن ۾ محمد عمر ڀيو ٽنڊي الهيار وارو، شهاب الدين قمبراڻي، تاجپور وارو، روشن قمبراڻي ۽ سندس ڳوٺائي ڏاتر ڏنو شيخ شامل هئا.
    خوش قمستي سان اسان کي قلندرانه ڪيفيت جو مالڪ، نازڪ ۽ نفيس مزاج اعليٰ پائه جو عظيم اُستاد، لائق صد احترام جناب سائين حيدر علي خان لغاري ملي ويو. اسان کي علمي ۽ ادبي الف بي جي ڄاڻ اُتان حاصل ٿي:
    جوڳيءَ جاڳايوس سُتو هوس ننڊ ۾،
    تنهان پوءِ ٿيوس سندي پيريان پيچري. (قاضي قادن)

    مرحوم جي لياقت، چلولا، بودلائپ ڪري سائين حيدر علي خان کيس وڌ ۾ وڌ ڀائيندو هو. جنهن جي بدولت لائق، ادبي دنيا ۽ صحافت ۾ سڃاتو ويو ۽ پنهنجي پوري زندگي درس و تدريس علم و ادب سان جاکوڙيندي گذاري. آخر وقت کيس مهلت نه ڏني.
    لائق جي وڇوڙي جو احساس ۽ ڏک سندس واسطيدار عزيزن قريبن، مِٽن مائٽن، دوستن احبابن، استادن، صحافي ڀائرن، پاڙيسرين ۽ ڳوٺاڻن خواه شهرين کي لاحق هوندو. مگر شاهه سائين موجب ته:
    ڳاڙين سي ڳوڙها، ويو هوت جنين جي هنج مان.
    [ سائين لائق جي پهرين ورسي جي موقعي تي
    پريس ڪلب حيدرآباد ۾ 16 جنوري 2015ع]


    سيد روشن علي شاهه (ٽنڊو قيصر)

    سيد روشن علي شاهه (ٽنڊو قيصر)

    اڄ جي تقريب جي صدارت ڪندڙ سائين فيض محمد نظاماڻي ۽ صحافي دوست سائين جا چاهيندڙ اسلام عليڪم
    آئون ڪو اديب ناهيان ۽ نه وري ڪو مون وٽ سائين تي ڳالهائڻ لاءِ ڪو مواد آهي آئون هتي صرف ٻه ٽي ڳالهيون ڪندس سائين جي باري ۾ ۽ جي آئون هڪڙِي ڳالهه چوان ته سائين لائق جو قرب جهڙو مون سان هو اهڙو ڪنهن سان به ڪو نه هئس ۽ اها ڳالهه آئون حلفيان به چئي سگهان ٿو ۽ آئون چوندس ته انهي کان مٿي ڪو سچ آهي ئي ڪو نه.ته هن جو جيڪو قرب مون سان هو يا منهنجي ذات سان هو پر جي وري سائين فيض نظاماڻي کان پڇندا ته سائين فيض چوندو ته مون جهڙو قرب ڪنهن سان به ڪونه هئس ڀڇندو سائين حيدر علي لغاري وارن سان ته اتي ته هن جو هر وقت ڳانڍاپو رهيو ته چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪڙو ماڻهو پنهنجو وقت گذاري ٿو اڄ اسين سڀ ڳالهايون پيا چند اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن تي ويهي ڳالهائبو آهي يا هڙيون تقرييون ٿينديون آهن اڄ جي دور ۾ هتي آئون هڪڙي ڳالهه چوندس ته سائين لائق نه ڪنهن جو دشمن هو ته صحافت جا وڏا رنگ آهن پر هن جو ڪو به دشمن نه هو. اسان وٽ ته هي ڏينهن هوندو هو اسان جي وابستگي آئون چوندو هيس ته هو مون سان ٿو قرب ڪري پر منهنجا جيڪي ننڍا ڪِڪا آهن اهي چوندا هئا ته هي قرب ڪري اسان سان ٿو، يقين ڪندا ته جڏهن سائين جو انتقال ٿيو هو منهنجا پٽ ۽ سڄي اسان جي فيملي کي تمام گهڻو ڏک ٿيو هي ماڻهو ايندو هو ۽ ڪڏهن اِهين نه چوندو هو ته اڄ مون کي دال ملي آهي يا ماني ناهي ملي. مطلب ته هن ماڻهو تي ڇا ڳالهايان مون وٽ ته ان تي ڳالهائڻ لاءِ لفظ ئي ڪونهي.
    پاڻ اسان وٽ ايندو هو ته سائين فيض پاڻ سائين کي تنگ ڪندو هو مذاق ۾ پوءِ آئون سائين فيض کي چوندو هئس يار سائين کي تنگ نه ڪريو منهنجي سائين سان واقفيت 1963ع ۾ ٿئي جڏهن سائين ٽرينگ ڪاليج ۾ هو ۽ آئون نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس ۽ ٽينگ ڪاليج ۾ اسان جي ڳوٺ جا ڻهو هوندا هئا انهن ۾ ماستر شفيع، الهه بچايو ،ماستر روشن شيدي ،ڏاتر ڏنو به هوندو هو.۽ عبدالمنان ميمڻ به هوندو هو ۽ ان جي ڀاءَ عبداسلام سان منهنجي دوستي هئي انهي ڪري اتي وڃڻ گهڻو ٿيندو هو. تڏهن کان ئي سايئن لائق سان ويجهڙائي ٿي جيڪا سائين سان سندس آخري وقت تائين رهي ۽ آئون چوندس ته منهنجو هڪڙو سٺو دوست اسان کان موڪلائي ويو. ۽ هر ڪنهن کي وڃڻو آهي پر پويان ڪا ڳالهه ڇڏي وڃجي اها سٺي ڳالهه آهي.
    ۽ هي جيڪي ماڻهو ويٺا آهيون انهن کان به سائين جو دائرو مٿي هو ۽ الاهي وسيعي هو پر اِها به سٺي ڳالهه آهي جو اسين سڀ هٿي گڏٿيا آهيون ۽ اهڙوئي ميڙاڪو هر سال سائين لائق لاءِ ٿيڻ کپي ۽ مون وٽ ته لفظ ئي ڪونهي جو سائين کي ڀيٽا ڏيا ايترو ضرور چوندس ته سائين ڀلو مڙس هو سائين هڪ سٺو ماڻهو پيارو ماڻهو هو وڌيڪ آئون ڇاچوان مون وٽ ته سچ پڇو لفظ ڪونه آهن. الله کيس جنت نصيب ڪري اوهان سڀني جي مهرباني.
    [ سائين لائق جي پهرين ورسي جي موقعي تي
    پريس ڪلب حيدرآباد ۾ 16 جنوري 2015ع]


    اسرار لغاري (تاج پور)

    اسرار لغاري (تاج پور)

    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.

    (شاهه)
    [هتي هن حال ۾ ويٺل سڀني معزز مهمانن کي منهنجي طرفان السلام عليڪم:]
    سائين منهنجا سائين لائق جهڙو سائين جو نالو هو تهڙي سائين جي شخصيت شايد هتي ويٺل ڪافي دوستن کي اها خبر نه هوندي ته سائين وارن سان اسان جا ڪهڙا واسطا هئا يا آهن. مون جيئن ئي هوش سنڀاليو هو ته سائين لائق کي مون پنهنجي ڳوٺ ۾ ڏٺو، منهنجي والد صاحب سائين حيدر علي خان لغاري سان گڏ. سائين لائق سان منهنجي والد جو هڪڙو اٽوٽ رشتو هو، شاگرد ۽ استاد کان وڌيڪ جيڪو هنن جو قرب محبت ۽ عقيدت وارو رشتو هو، سائين لائق جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته سائين پاڻ چوندو هو ته پنهنجي مرشد جي در تي آيو آهيان، ان حد تائين سائين جو تعلق هو، منهنجي والد صاحب سان، تمام گهڻيون ڳالهيون آهن، سائين جي حوالي سان هتي ويٺل سائين فيض نظاماڻي آهي، اهي توهان کي وڌيڪ ٻڌائيندا ۽ جڏهن آئون ٽنڊو ڄام هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته اتي منهنجو والد سائين حيدر علي لغاري هيڊ ماستر هئا ۽ سائين لائق اتي ٽيچر هو.
    سائين تمام پيارو انسان هو، سائين ۾ جيڪا خوبي مون ڏٺي اها هي هئي ته سائين تمام خرو ماڻهو ۽ طبيعت جو سادو ماڻهو هو. مون کي ياد ناهي ته سائين ڪڏهن ڪا فرمائش ڪئي هجي، پر هڪڙي فرمائش ضرور ڪندو هو، ته جڏهن به اسان وٽ ايندو هو ته چوندو هو ته ”ڳاڙهو ٻوڙ کائبو“ اهو مشهور هوندو هو سائين جو ”ڳاڙهو ٻوڙ“ پوءِ گهر ۾ خبر پئجي ويندي هئي ته سائين لائق آيو آهي. پوءِ سائين لاءِ ڳاڙهي ٻوڙ جو بندوبست ٿيندو هو.
    بهرحال هتي اچي مون پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، آئون سمجهان ٿو ته منهنجي والد کي جيترو ويجهو سائين لائق هو، شايد ڪا شخصيت ايتري ويجهي رهي هجي. انهيءَ ڪري هي جيڪو ڪاڄ آهي يا جيڪا ورسي آهي، اها منهنجي آهي ۽ اها رڳو ادا اسماعيل وارن جي ناهي ۽ آئون توهان سڀني جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. مهرباني خوش هجو آباد هجو!
    [سائين لائق جي پهرين ورسي جي موقعي تي
    پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ڪيل تقرير 16 جنوري 2015ع]


    حسين بخش ساند (هٽڙي)

    حسين بخش ساند (هٽڙي)
    [اسٽيج تي ويٺل معزز ۽ پنڊال ۾ ويٺل دوست اسلام عليڪم!]
    سائين آئون سائين لائق جي ڪهڙي تعريف ڪيان ۽ آئون ڇا چوان هميشه جڏهن به ڪٿي ملندو هو ته مسڪرائي ملندو هو ڪڏهن به مون کيس ناراض ٿيندي نه ڏٺو هو. منهنجو تمام بهترين دوست هو. آئون ان تي ڇا ڳالهايان مون وٽ ته ان تي ڳالهائڻ لاءِ لفظ ئي ناهن الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. ’آمين‘

    [ سائين لائق جي پهرين ورسي جي موقعي تي
    پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ڪيل تقرير 16 جنوري 2015ع]



    پهرين ورسيءَ تي اخبارن ۾ ڇپيل مضمون

    وڇڙيو آ پر وسريو ناهي

    وڇڙيو آ پر وسريو ناهي
    علي ڏنو جروار (صحافي)

    انتهائي پياري ۽ سٻاجهي انسان سائين لائق سنڌيءَ جي پهرين ورسي قريب آهي. سائين لائق 16 جنوري 2014ع تي اسان سنڌ واسين کان وڇڙي ويو. سندس يادون آهن، جيڪي اسان سيني ۾ سانڍيون ويٺا آهيون. سائين لائق کي ياد ڪرڻ ۽ کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ وقت قلم ۽ هٿ ساٿ ڇڏيو وڃن. ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪرڻ باوجود ذهن جي ڪينواس تي موجود يادگيرين جو ذخيرو نڀاءُ نه پيو ڪري.
    چوندا آهن ته موت انٽر آهي، پر الائجي ڇو منهنجو ذهن هڪ سال گذرڻ باوجود اڃا تائين اهو قبولڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته ڪو سائين لائق سنڌي اسان کان موڪلائي ويو آهي يا وڇڙي ويو آهي!!!
    فارسي شعر جي هڪ سٽ جو ترجمو آهي ته: ”هڳاءَ ڀريو مڌ جو پيالو ڀڄي، ڀري پيو ۽ افسوس! ساقي به هليو ويو.“ سو يقين ته ڪرڻو پوري ٿو، نيٺ سائين لائق به موڪلائي ويو. جاندار ته ٺهيو، پر بيجان شيون به سدائين ساڳئي حالت ۾ نه ٿيون رهن، هر شيءِ کي پنهنجي جاءِ بدلائڻي پوندي آهي، پر يادگيريءَ ۾ تبديل ٿيڻا آهن، اهي خوشبوءِ ۾ تبديل پيا ٿين. سائين لائق سنڌي به اسان جي سيني ۾ ساهه سان خوشبوءِ جيان سانڍيل آهي.
    سائين لائق سڄي زندگي قلم جو پورهيو ڪيو. بهترين استاد هئڻ سان گڏ هڪ سچو ۽ ايماندار صحافي به هو. سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ صحافت کي باقائدگيءَ سان هڪ پيشي طور اختيار ڪيائين. حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ هڪ سنڌي اخبار ’آفتاب‘ ۾ ڪتابت سان گڏوگڏ ڪمپازيٽري به ڪندو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ ’بيورو آف ڪريڪيولم‘ طرفان جاري ٿيندڙ ’آخبار تعليم‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به ٿيو. وقت جا ڦيرا آهن، ’آفتاب‘ اخبار جي بند ٿيڻ کانپوءِ ’سنڌ‘، ’ڪاوش‘، ‘ڪوشش‘ ۽ ’عبرت‘ اخبار سان زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين لاڳاپيل رهيو.
    سائين لائق جو رويو ننڍن توڙي وڏن سان سدائين شفيت ڀريو رهيو. سندس ملڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جو انداز هر ڪنهن سان پنهنجائپ وارو هوندو هو. سائينءَ جي سڀاءَ ۽ پنهنجائپ کي ڏسندي مون کي لطيف سرڪار جون هي سٽون ذهن تي گونجڻ لڳن ٿيون.
    لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا،
    هٿان حبيبن، ڪونه ڏکوئيو ڪڏهن.

    سائين لائق سنڌيءَ سان منهنجو تعلق 89-1988ع کان ان وقت شروع ٿيو، جڏهن آئون گورنمينٽ اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن فار (مين) حيدرآباد ۾ پي. ٽي. سي ڪرڻ ويس. اهو تعلق، رشتو آخر تائين رهيو. آئون ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندو هوس، نوان نوان ڪاليج ۾ داخل ٿيا هئاين، ان وقت ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جو رجحان به هو ته وري ڪجھه نظم ۽ ضبط به. سو هڪ ڏينهن شام جي وقت آئون پنهنجي ڪمري مان نڪري ڪاليج جي لان ۾ ويس ته اتي ٽريننگ ڪاليج جو هڪ مانائتو استاد سائين حيدر علي خان لغاري ڪجھه دوستن ۽ شاگردن سان گڏ ويٺو هو. انهن سان گڏ منهنجو هڪ روم ميٽ ڪريم ڏنو ملاح موجود هو، (جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ وفات ڪري ويو آهي) ان مون کي سڏ ڪري اتي ويٺلن سان تعارف ڪرايو، منهنجو اهو تعارف ادبي ڪتابن سان ويجھڙائيءَ واري ناتي سان ٿيو. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ سائين لائق به موجود هو، جنهن مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري حال احوال ورتا. ان کانپوءَ ڪڏه ٽريننگ ڪاليج ۾ ته ڪڏهن ’آفتاب‘ اخبار ۾ به ڪڏهن وري سائين حيدر علي خان لغاريءَ جي گھر تي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو.
    ٽيچرس ٽريننگ دوران هڪ ڏينهن مون کي دل جي تڪليف ٿي پئي، هاسٽل جي دوستن مون کي کڻي وڃي سول اسپتال حيدرآباد جي دل واري وارڊ ’ديوان مشتاق‘ ۾ داخل ڪرايو، ان ڳالهه جي خبر جيئن ئي سائين لائق سنڌي ۽ سائين حيدر علي خان لغاريءَ ج کي پئي ته اهي ٻئي اسپتال هليا آيا. اتفاق سان ان وقت ڊاڪٽر بيکارم مون کي چيڪ ڪري رهيو هو، ان ٻنهي کي پيرين پئي هٿ ڏنو ۽ حال احوال پڇڻ لڳو ته ڪيئن آيا آهيو؟ جنهن تي ٻنهي هڪدم مون ڏانهن اشارو ڪيو ته: ”هن همراهه سان ملڻ آيا آهيون“ ياد رهي ته ڊاڪٽر بيکارام ٽنڊو ڄام واري اسڪول ۾ پڙهيو هو، جتي سائين حيدر علي خان لغاري هيڊ ماتر ۽ سائين لائق سنڌي استاد هئا.
    سائين لائق سنڌيءَ جي شاگردن جو وسيع حلقو اهڙو آهي، جنهن ۾ پي. سي. ايس ۽ سي. ايس .ايس جا امتحان پاس ڪيل شاگرد آهن، انهن مان ڪجھه ڊاڪٽر ۽ انجنئير به آهن. ڳالهه ڪرڻ جو مقصد سائين وارن جي همدردي بيان ڪرڻ آهي. اسپتال وران ڏينهن ۾ مون کي ٻنهي محترمن وڏو سهارو ڏنو، ايتريقدر جو مون کي ڳوٺ اطلاع ڪرڻ به نه ڏنائون، چيائون ته بابا ۽ امان کي هرو ڀرو پريشان ڪندين، هتي اسان ويٺآ آهيون، توکي ڪابه تڪليف نه ٿيندي. سائين وارن جون اهي همدرديون آهن، جن جي ڪري لڙڪن ۽ سڏڪن کي روڪي نه ٿو سگھجي. سندن وڇوڙي تي لڙڪ اڻ مندائتي مينهن جيان اوڙڪون ڪريو اچن.
    سائين لائق سنڌي غريبن، مسڪينن، پورهيتن ۽ يتيمن جو هڏ ڏوکي هو، هو سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن مان هو، جيڪي سماج ۾ اڻ برابريءَ جا حامي نه آهن، جن جو اهجو نظريو ۽ ايمان آهي ته هتي وسيلن جي ورڇ هڪ جيتري هجي، هتي امير ۽ غريب جو ٻار هڪ جهڙي تعليم حاصل ڪري سگھي، هتي ڪو به غريب علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي دم نه ڏي. سائين لائق به انهن مان هڪ هو، جيڪي پاڻ لاءِ گهٽ، پر ٻين لاءِ وڌيڪ جيئندا آهن. سائين لائق سنڌي به اسان سنڌ واسين لاءِ ماياڪو سڪي جي هيٺين سٽن جيان ترڇي مينهن وانگر گذري ويو آهي.
    ”مان چاهيان ٿو ته منهنجي ڀومي مون کي سمجهي، پر جيڪڏهن مون کي نه سمجهيو ويو ته ڪا پرواهه ناهي، مان پنهنجي اباڻن ٻوٺن کان ايئن گذري ويندس، جيئن ترڇو مينهن گذري ويندو آهي.“
    مون کي اها خبر ناهي ته موري منگر جي ڏاڏي يوسف شاهه قبرستان ۾ دفن ٿيل سائين لائق سنڌي جهڙي عظيم انسان جي قبر جو ڪتبو ايندڙ نسلن کي نظر ايندو يا ميسارجي ويندو؟ پر هتي هڪ ڳالهه ضرور لکندس ته سنڌ عظيم انسانن جي وڇوڙي کانپوءِ يتيم بڻبي پئي وڃي، سنڌ لا وارث ٿيندي پئي وڃي، سنڌ جا مظلوم ۽ محڪوم بي سهارا بڻبا وڃن.
    آخر ۾ آئون سائين لائق سنڌيءَ جي پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان محترم نصير مرزا جون هي سٽون ڀيٽا طور پيش ڪندس، جيڪي شايد هن ڪنهن اهڙي ئي موقعي جي مناسبت سان تخليق ڪيو آهن:
    اجازت ڏيو ته گلن جي پنکڙين ۾ واپس هليو وڃان،
    هوائن ۾ سمائجي، پاڻيءَ ۾ ضم ٿي وڃان،
    مٽيءَ تي سمهي مٽي ٿي وڃان.

    روزاني ’عبرت‘ ۾ 11 جنوري 2015ع تي شايع ٿيل


    يار زندهه، صحبت باقي!!

    يار زندهه، صحبت باقي!!
    شبير نظاماڻي

    هڪ سال ٿي ويو آهي، جو هن جا اهي لفظ منهنجي سماعتن تي نه پيا آهن، جڏهن به محبت ونڊي، ڪچهري ڪري، هن سراپا پياري ماڻهوءَ جي محفل مان هٿ ٻڌي اٿبو هو، ته هن جا آخري لفظ اهي هوندا هئا ته: ”يار زندهه، صحبت باقي!!“
    وقت ڇاڪاڻ ته گذري نه ٿو، ان ڪري وقت جي گذرڻ جي ڪا خبر ئي نه پوندي آهي. ان جي ڪا رفتار ناهي، انهيءَ ڪري اه بي انتها تيزيءَ ۾ هوندو آهي. هن انتهائي پياري ماڻهوءَ جي وصال کي سال ٿي ويو آهي، هو جيڪو مٽيءَ هانو ماڻهو هو، سو مٽيءَ سان ملي ويو آهي ۽ هيڏانهن اسان اڃا هن جي ٻاجهاري مرڪندڙ چهري کي ياد ڪري اهو سوچي رهيا آهيون ته ڪڏهن ڪنهن اخبار جي دفترم گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ڪنهن ڪتاب گهر تي يا وري پريس ڪلب، حيدرآباد ۾ هن سان موکا ميل ٿي ويندي. يا وري جڏهن ڪنهن محفل ۾ ڪو يار، ڪو صوفي فقير، ڪو درويش ڪنهن مٺڙي ٻوليءَ ۾ ٻولي ٿو ته اسان جون اکيون ان محفل ۾ ويٺلن مان هن کي ڳولينديون رهنديون آهن. هو جيڪو حيدرآباد ۾ ٿيندڙ هر پياري محفل ۾ اڳين قطار ۾ ويٺل هوندو هو ۽ جنهن کي سڀ اچي ڳراٽڙي پائي، ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيندا هئا ۽ جيڪو وري موٽ ۾ انهن کي بي انتها پيار ڪندو هو، سو زندگيءَ جو سفر مڪمل ڪري ان بي انت ۽ بيحد سفر ڏانهن روانو ٿي ويو آهي، جنهن جو چون ٿا ته ڪوبه انت نه پار آهي. هن کي هڪري لافانيت ملي وئي.
    زندگيءَ تي ڳالهائيندي ماڻهو هميشه موت جي باري ۾ سوچڻ لڳندو آهي. مون کي خبر ناهي ته جيڪو هتان ويو آهي، سو وري ڪنهن ۽ ڪهڙي روپ ۾ جنم وٺندو، پر منهنجي خواهش آهي ته جڏهن سنڌ جو ڪو ماڻهو ٻيهر جنم وٺي، اهو سائين لائق جي دل ۾ جنم وٺي، اها دل، جنهن ۾ سنڌ جي هر ماڻهوءَ، سنڌ جي هر ماڳ، سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ، هر رنگ ۽ روپ سان محبت. اها محبت فقط محبت هئي، ان ۾ ٻيو ڪجھه شامل نه هو. نه ڪا دعوئي ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا جي لالچ هئي. هو مڃتا جي رڻ ۾ رلڻ وارو ماڻهو نه هو، هن لاءِ ديس جو هر پيچرو پنهنجي محبوب ڏانهن ويندڙ واٽ جيان هو. هو سنڌ جو عاشق هو ته ساڳي وقت سڄي سنڌ ۾ هن جا بي انت عاشق هوندا هئا.
    مون کي محمد بخش ٻٻر جي مسڪراهٽ وڻندي آهي، بلڪل ائين ئي سائين لائق جو پيار به وڻندو آهي. جڏهن اسان هن سان گڏجي ڪم ڪندا هئاسون ته نيوز روم ۾ ڪم جي گھڻائيءَ سبب ڪجھه ٿڪجي پوندا هئاسين ته هو اسان کي انتهائي پيار سان سگريٽ دکائي ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري اسان هن کان سگريٽ وٺندا هئاسين ته هو کيسي ۾ هٿ وجھي، انتهائي نفاست سان پاڪيٽ مان گولڊ ليف جو سگريٽ ڪڍي ڏيندو هو ۽ وري جڏهن ماچيس گھرنداهئاسين ته اهي لفظ چئي ڏيندو هو ته: ”واپسيءَ جي بنياد تي“ ان ماچيس جي دٻيءَ ۾ تيلين سان گڏ ڪجهه سڪا به پيل هوندا هئا، چوندو هو ته”انهن جي پارت اٿَوَ“ وڏو عرصو ٿي ويو آهي، ته اهو سگريٽ مليو آهي ۽ نه ئي وري اهو ماچيس، جنهن جي واپسيءَ سان گڏ ان ۾ پيل سڪن جي پارت ڪيل هئي. مون کي اها خبر ناهي ته اهي پنا، اهي اخبارون، اهي دستاويز، اهي آرڊينينس، اهي قراردادون ۽ ٺهراءَ سڀ هن وقت ڪٿي هوندا، جيڪي سائين لائق اخبارن ۾ اسان سان گڏ هوندي سنڀالي رکندو هو. سائين چوندو هو ته: ”اهي سڀ سنڌ جي تاريخ آهن ۽ اسان کي سنڌ جي تاريخ سنڀالي رکڻ گھرجي.“ سائين چوندو هو ته: ”خبر ناهي ته سڀاڻي ڪنهن کي سنڌ جي جديد تاريخ لکڻي هجي ۽ ان کي ڪن ڪاغذن جي ضرورت پوي ته ان کي متان ڪٿي نه ملن.“شايد آئنده جڏهن به ڪو پنهنجي ديس جي تاريخ تي ٻه اکر لکڻ چاهي ۽ اهو عرصو سائين لائق جو دور هجي ته ان شخص کي هر خبر، هر واقعو سائين لائق جو سنڀاليل ملندو.
    ’روزاني عبرت حيدرآباد ۾ 11 جنوري 2015ع تي شايع ٿيل


    هڪڙو ماڻهو هو.....

    هڪڙو ماڻهو هو.....
    وفا رضا

    اڄ سنڌ جي ان عظيم انسان جي پهرين ورسي آهي، جيڪو ٻوليءَ جو وڏو پارکو هو، هو جيڪو اسان پاران ماڻهن جي لکڻين کي سنواري سينگاري اخبارن ۾ ڇاپيندو هو.
    اهو سائين جنهن وٽ ڄاڻ جي کاڻ هئي، ها اهو اسان سڀني جو وڏڙو سائين لائق سنڌي هو. جيڪو جيتوڻيڪ اسان سان هينئر جسماني طور تي گڏ ته ناهي پر سندس يادون، سمجهاڻيون ۽ قربتون ڪٿي ٿا وساري سگهون؟ ياد آهن اهي ڏينهڙا جڏهن آئون پهريون ڀيرو ساڻس آفتاب اخبار جي آفيس ۾ مليو هئس ته هن ڪهڙي نه پنهنجائپ سان آجيان ڪندي چيو ”ڀلي ڪري آئين سهڻا“ ۽ پوءِ هن پهريائين ٽنڊي آدم جا حال احوال ورتا هئا ۽ ڳچ دير تائين آفيس ۾ ڪچهري ڪرڻ بعد چيو هئائين ته هاڻي هل ته ٻاهر هلي ماني جا ٻه ڀور هڻي اچون.“ ان کان اڳ هيڏانهن اچ چوندي مون کي سائين شيخ علي محمد صاحب جي آفيس ڏانهن وٺي وڃي ساڻس ملايائين ۽ چيائين بابا ماڻهن سا ميل جول ضروري آهي، بس پوءِ ته جڏهن به حيدرآباد اچبو هو ته سائين لائق جي حاضري ضرور ڏبي هئي اهڙيءَ ريت سائين لائق جي محبتن ۾ آئون به اچي صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيس.
    گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ سائين لائق سان گڏ مون به روزاني سنڌ ۽ روزاني عبرت اخبار ۾ گڏ ڪم ڪيو. ان کان اڳ آئون جڏهن اخبار جي ڊيسڪ جي دنيا ۾ نوڪري جي شروعات لاءِ جاڳو اخبار ۾ ڪم لاءِ ڪراچي پئي ويس ته پهريائين سائين لائق وٽ ويس جتي هن مون کي اخباري آفيس ۾ ڪم بابت ڪيتريون ئي سمجهاڻيون ڏنيون.
    ڪجهه عرصو جاڳو ۾ نوڪري ڪيم ته اوچتو هڪ ڏينهن بمبئي هوٽل وٽ مدد علي سنڌي گڏيم جنهن چيو تنهنجي ڳولا پئي ڪيم، بختاور اخبار جي ذميواري ملي آهي، سو تون به حيدرآباد هل. ائين پوءِ دوستن کان موڪلائي اچي حيدرآباد پهتس. پوءِ ته حيدرآباد ۾ رهندي سائين لائق سان رهاڻيون جهڙوڪ روز جو معمول بڻجي ويون. ٻه ٽي ڏينهن نه ملبو هو ته سائين آفيس اچي پهچندو هو. سنڌ اخبار ۾ نوڪري وقت ڪاپي ڏيڻ بعد اسان گهڻو ڪري سائين لائق جي آشياني تي رهاڻ ٿيندي هئي، جتي لالا رحمان سمون، امداد سومرو، اسحاق مڱريو، صادق ابڙو ۽ جئه پرڪاش موراڻي سميت ٻئي سنگت به گڏبي هئي، رات جي پوئين پهر تائين اوڀاريون، لهواريون ٿينديون هيون ۽ سائين لائق وٽ ٿيندڙ اها رهاڻ تڏهن وڌيڪ سهڻي ٿي ويندي هئي. جڏهن پيارو دوست ارشاد گلاباڻي به ڪراچي مان ڪهي ايندو هو.
    سدائين اخبارن جو ٿهلو پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ کڻي هلندڙ سائين لائق پري کان پڌرو هوندو هو. ڄاڻ سڃاڻ سميت وڏي معلومات رکندڙ سائين لائق گڏ هجي ۽ سگريٽن جي کوٽ ٿئي، اهو ته سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو، جڏهن ڪچهري ۾ ويهندو هو ته الائي جي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندو هو. استادن، صحافين، سياستدانن، اديبن، فنڪارن توڙي سنڌ جي راڄن ڀاڳن بابت سائين لائق وٽ تمام گهڻي معلومات هوندي هئي، ٻوليءَ جو ته هو ماهر هو. اکر، اکر لفظ ۽ جملي، جملي بابت هو سمجهاڻيون ڏيندو هو. سندس اکر به موتيءَ جي داڻن وانگر هوندا هئا.
    جڏهن اڃا موبائيل فون نه آيا هئا ته سائين لائق ڪڏهن ڪڏهن پي ٽي سي ايل جي نمبر تان گهر ڳالهائڻ لاءِ سلپ تي نمبر وٺو ته گهر ڳالهايان ۽ پوءِ سائين پنهنجي هٿ اکرن سان لکيل اهو نمبر وارو پني جو ٽڪرو کيسي يا وري ماچيس ۾ رکندي چوندو هو ته بابا پنهنجي شين کي سنڀالڻو آهي، پوءِ اها اخبار هجي، ڪتاب هجي يا وري لکيل ڪو اکر يا انگ توڙي دوست، يار، مٽ مائٽ هر هڪ جي سنڀال ڪرڻي آهي.
    هو بيشڪ سنڀال لهڻ وارو هو، جيڪڏهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪجهه ڏينهن نه وڃبو هو ته هو ساريندو هو، يا وري دوست چوندا هئا ٻه ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، سائين لائق سان ملاقات ناهي ٿي ۽ پوءِ نيٺ وڃي ساڻس ملبو هو.
    هڪ قصو ياد ٿو پوي ته اسان سنڌ اخبار ۾ نوڪري ڪندا هئاسين، شام جو جيئن ئي ڊيوٽي تي پهتاسين ته خبر پئي لالا رحمان سمون استعيفيٰ ڏئي ويو آهي، جنهن تي مون سلپ کڻي استعيفيٰ لکڻ شروع ڪئي ته پويان ڏٺم ته سائين لائق بيٺل هجي، چيائين لالا رحمان جي نوڪري ڇڏڻ جو ارمان ٿيو آهي پر اخبار ته ڪڍڻي آهي نه بابا، پاڻ هجون يا نه پر ادارا هئڻ گهرجن ۽ پوءِ استعيفيٰ وارو پنو منهنجي کيسي ۾ وجهندي چيو ته في الحال رک اڳتي ڏٺو وندو.
    انهن ڏينهن ۾ اسان جي او آر ڪالوني ۾ رهندا هئاسين، جتي سائين لائق به ايندو هو، رات جو دير تائين ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن ۾ جئه پرڪاش، آفتاب قاضي، وزير اوڏ ۽ ٻئي سنگت گڏ هوندي هئي. صبح جو ساجهر ننڊ مان اٿي سائين لائق چوندو هو چانهه جو ڪو بندوبست ٿيندو؟ جنهن تي آئون رڌڻي ۾ وڃي چانهه جا ٻه ڪوپ ٺاهي هڪ سائين جي حوالي ڪندو هئس. موٽ ۾ هو مون کي سگريٽ ڏيندو هو، سائين لائق سنڌي کي راڳ بابت به وڏي ڄاڻ هوندي هئي، جڏهن ٽنڊي آدم ايندو هو ته شهيد محمد علي کوسي جي اوطاق تي مانڊاڻ مچندي هئي. جتي الياس فقير ٻرڙي کان لطيف سائين، سچل سائين، حمل فقير، پير اعجاز ۽ احمد شاهه لڪياري جا ڪلام ٻڌي سائين چوندو هو ته هاڻ وري دلدار سيال سان به ملڻو آهي.
    اڄ ان سائين جي ورسي جي موقعي تي کيس ڪجهه لفظن جي ڀيٽا ڏيندي اهو به چئبو ته هڪڙو ماڻهو هو، موتيءَ داڻو هو.
    ’روزاني عبرت، حيدرآباد اخبار ۾ شايع ٿيل16 جنوري 2015ع‘


    سنڌ جي لائق فرزند جي ورسي

    سنڌ جي لائق فرزند جي ورسي
    گل حسن لغاري (صحافي)

    سنڌ ڌرتي ڪيترائي انمول موتي پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي وت ۽ سمجهه آهر پنهنجي ڌرتي جي خدمت ڪندي گذاري آهي، انهن موتين مان ڪن ادب، صحافت، شاعري، ڏاهپ ۽ دانشوري ذريعي پرڳڻي کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته ڪن وري پنهنجي اعليٰ صلاحيتن سان عظيم ڪارناما انجام ڏنا آهن، جن جي صدين کان اڄ تائين ڳڻپ ڪجي ته اها ڪري نه سگهبي، اهڙن ئي انمول شخصيتن مان حيدرآباد ڀرسان موري منگر ۾ جنم وٺندڙ سائين لائق سنڌي به هڪ هو، جنهن پنهنجي ننڍپڻ کان وڏي ڄمار تائين سنڌ جي لائق فرزندن ۾ پنهنجو نانءُ لکائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. سائين لائق سنڌي جون تمام گهڻيون خاصيتون هيون جيڪي لفظن ۾ نه ٿيون ڳڻائي سگهجن پر سندس پوري ڄمار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندي گذري سائين لائق هر ننڍي وڏي، اڇي اجري ۽ ميري شخص سان هڪ جيترو پيار ڪندو هو، جيڪو هو لينڊ ڪروزر ۾ چڙهي ايندڙ شخص سان ڪندو هو، سنڌ جي هن محنتي شخص پوري ڄمار استادي پيشي ۽ صحافت ۾ گذري، سائين لائق سنڌي اهو شخص هو، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پرڳڻي جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۾ ايندڙ نوجوانن جو سهارو بڻيل هو، ساڻس هڪ دفعو ملاقات لاءِ کيس ڳولي لهڻ جي جستجو ڪندو هو، سائين لائق جي انهيءَ پيار، محبت جي ڪري کيس ڪيترائي ماڻهو اڄ به غمگين دل سان ياد ڪن ٿا، سائين لائق سنڌي پنهنجي ڪچهرين ۾ يا پنهنجن تمام ويجهن دوستن کي چوندو رهندو هو ته توهان هر ننڍي وڏي جي عزت ڪيو ڇو جو اها عزت اوهان ان شخص جي نه پر پنهنجي ڪري رهيا آهيو، ڇو جو مشهور چوڻي آهي ته توهان ڪنهن کي اهميت ڏيندا ته اڳيون به توهان کي اهميت ڏيندو، اهڙيون ئي سندس ڪيتريون ئي هدايتون سندس گڏ رهندڙن ۽ ان سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي ياد آهن، ٻئي پاسي سائين لائق سنڌي پڙهيل لکيل سنڌي نوجوانن کي مختلف ادارا تمام نوڪريون وٺي ڏيڻ ۽ انهن جي مالي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ ادب سان واسطو رکندڙ شخصيتن سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو. ايتري تائين جو سائين لائق سنڌي پڙهيل لکيل نوجوانن کي ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڏيارڻ خاطر ان اداري جي سربراهه تائين مختلف پنهنجي شاگردن ۽ دوستن کان فونون ڪرائي به پهچندو هو، جنهن ڪري سندس ڪيل ايڏين وڏين ڪوششن سان ڪيترائي سندس اهل شاگرد اڄ مختلف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري جنهن ۾ خاص طور تي اخباري ادارن ۾ پنهنجون صحافتي خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.
    اڄ سنڌ جي ان پيار ڀري شخص جي پهرين ورسي آهي، جيڪو اسان کان گذريل سال 16 جنوري 2014ع ۾ وڇڙي ويو هو، سندس وڇوڙي کي هڪ سال گذرڻ باوجود سائين لائق سنڌي اڄ به ان نواڻ سان اسان سان گڏ آهي، جڏهن منهنجي سندس ملاقات 1996ع ۾ هڪ اخباري اداري ۾ ٿي هئي، سندس اها پهرين ملاقات اڄ به مون کي ياد آهي، جنهن ۾ سائين مون کي هدايت ڪندي چيو هو ته پُٽَ زندگي مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيجان، جنهن ڏينهن تون مايوس ٿين ان ڏينهن تنهنجي زندگي جو مقصد ختم ٿي ويندو، انسان کي هر وقت جستجو ڪرڻ ۾ گذارڻ کپي ڇو جو محنت ڪندڙ شخص هر ان پليٽ فارم تي سوڀ حاصل ڪندو آهي، جيڪو سندس مقصد هوندو آهي، سائين لائق جي کوڙ سارين هدايتن تي عمل ڪندي مون اڄ تائين جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، انهن ۾ سائين لائق جي هدايتن ۽ همٿائڻ جو وڏو هٿ آهي، سائين لائق جي پرخلوص محبت جي واکاڻ اڄ هر اهو ماڻهو ڪري رهيو آهي، جيڪو سندس ٿورو به ويجهو رهيو آهي، يا سندس سان هڪ دفعو مليو آهي، سائين لائق سنڌي کي ادبي ڪچهريون، مشاعره ۽ راڳ رنگ جون محفلون تمام گهڻيون پسند هونديون هيون، جيڪو سڄي سڄي رات انهن محفلن ۾ ويٺل هوندو هيو. ان ڪري کيس اديب، شاعر ۽ فنڪار کيس نالي سان سڃاڻيندا هئا ۽ کيس تمام گهڻي عزت ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سائين لائق سنڌي مون کي مختلف راڳ جي حوالي سان چوندو هو ته راڳ روح جي غذا آهي، راڳ جي محفل ۾ فنڪار جي آواز ۽ شاعر جي شاعريءَ مون کي تمام گهڻي وڻندي آهي. ان ڪري مان چاهيندو آهيان ته جنهن محفل ۾ آئون ويٺو آهيان ان محفل ۾ آخري فنڪار تائين موجود رهان ڀل صبح ٿي وڃي. اهڙي طرح آئون ساڻس ڪيترين ئي اهڙين محفلن ۾ گڏ هوندو هيس. واقعي به سڄي رات گذري ويندي هئي، سائين لائق اٿڻ جي ڳالهه نه ڪندو هو، سنڌ جي هن ملنگ انسان جون جيتريون به سٺايون ڳڻجن اهي گهٽ آهن، جيئن ته سائين لائق اڄ اسان وٽ موجود ناهي پر سندس ڏنل پرخلوص هدايتون ۽ محبتون اسان وٽ موجود آهن، جيڪي سڄي حياتي وسارڻ جهڙيون نه آهن.
    ’روزاني شام، حيدرآباد 16 جنوري 2015ع‘


    اخبارن جو عاشق سائين لائق سنڌي

    اخبارن جو عاشق سائين لائق سنڌي
    محمد بخش ٻٻر(صحافي)

    سائين لائق سنڌي هاڻ طبعي طور اسان جي درميان موجود ناهي، پر هن جون سوين هزارين يادون اڄ به دل ۽ دماغ کي سڳنڌ ڏينديون رهن ٿيون، ”ڪوشش“ جي ٽيم لاءِ هن جو وڇوڙو وڏو سانحو آهي، جنهن کي اسان سڀ دوست اڄ ڏينهن تائين وساري نه سگهيا آهيون. هو اسان سڀني جو وڏڙو ۽ تمام گهڻو مهربان ماڻهو هو، جنهن کي ڏسڻ شرط اُتساهه ملندو هو، سائين لائق سنڌي هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ تمام مشڪل آهي، هن دنيا ۾ چند اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جن جي ڪردار تي ڳالهائڻ ۽ جن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ به هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي ماڻهو سڀني لفظن کان اُتم هوندا آهن ۽ هو ڪنهن به ڀيٽا جا محتاج نه هوندا آهن. دراصل اهڙن ماڻهن پنهنجي زندگيءَ کي خلق لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هوندو آهي، يا هو اهڙي عشق ۾ مست رهندا آهن، جيڪو انهن کي منفرد بڻائي ڇڏيندو آهي، سائين لائق سنڌي هڪ شفيق ۽ مهربان انسان ته هو پر اهو اخبارن جو عاشق ۽ پروانو پڻ هو، جيڪو اخبارن کي هر وقت سيني سان لائي هلندو هو، هن جو مثال سنڌي صحافت جي موبائيل انسائيڪلوپيڊيا جهڙو آهي، جيڪو نه صرف ٻوليءَ جي نزاڪت کي ڄاڻندو هو پر صحافت جي نفاست کان به بخوبي آگاهه هو، اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي زندگي به ڏاڍي عجيب هوندي آهي. ٻاهر جي دنيا جا ماڻهو سمجهندا آهن ته اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو تمام گهڻا خوش هوندا آهن ۽ انهن جي زندگي ڏاڍي رومانٽڪ ۽ ادبي قسم جي هوندي آهي، پر زميني حقيقتون ان جي برعڪس آهن. اخبارن جي دنيا به شوبز جي مثل آهي، جيڪا ٻاهران ته تمام گهڻي چمڪندڙ نظر اچي ٿي پر اندر جي حال جي انهن کي خبر آهي. جيڪي اخبارن ۾ ڪم ڪن ٿا. خير! ڪو به ڪم خراب نٿو هجي، هر ماڻهوءَ کي حق حلال جو پورهيو ڪرڻ گهرجي. اسان ”ڪوشش“ اخبار ۾ ڪم ڪندي جڏهن به ٻوليءَ جي ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسندا هئاسين ته سائين لائق سنڌي ڪمپيوٽرائيز ڊڪشنري وانگر مسئلو کن پل ۾ حل ڪري ڇڏيندو هو. ڳالهه صرف ٻوليءَ جي به ناهي. ڪڏهن ڪڏهن سياسي بحث کلي ويندو هو يا مختلف شخصيت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه شروع ٿي ويندي هئي ته ڪنهن به تڪراري معاملي تي سائين لائق سنڌيءَ جي راءِ حتمي هوندي هئي ۽ ان کي رد ڪرڻ يا ان سان اختلاف رکڻ مشڪل ٿي ويندو هو، ڇو ته سائين لائق سنڌيءَ جي معلومات تمام گهڻي مستند هوندي هئي. منهنجي نظر ۾ اڄ جي اخباري دنيا ۾ سائين لائق جهڙو ٻيو ڪو به ڪردار ناهي. ٻڌندا آهيون ته پڙهندڙن مان به ڪي اخبارن جا عاشق هوندا آهن پر سائين لائق سنڌي اخبارن جو اهو پروانو هو، جنهن جو ڪو به نعم البدل ٿي نٿو سگهي. هو اسان لاءِ تمام وڏو سهارو ۽ آسرو هو. هو سنڌ جي هڪ قدآور صحافتي شخصيت هو، جنهن کي اسان هميشه دعائن ۾ ياد ڪندا رهنداسين. اسان جيڪڏهن سائين لائق جي ڪردار تي عمل ڪندي ان شفقت ۽ ٻاجهه کي پنهنجو هٿيار بڻائي ڇڏيون ته هر دل کي فتح ڪري سگهون ٿا، جيئن سائين لائق سنڌيءَ فتح ڪيو، هن جا صرف دوست هئا ۽ دشمن ڪير به نه هو. سچ پچ ته هو شخص مهان هو، جيڪو اڄ به اسان کي اردگرد محسوس ٿي رهيو آهي.
    ’روزاني ڪوشش، حيدرآباد16 جنوري 2015ع


    سانگين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان!

    سانگين سان گڏ سالگرهه مان، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان!
    احسان راهوجو

    لائق سنڌي.سنڌ،سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌين سان بي لوث پيار ڪندڙ سنڌي ٻوليءَ جي خدمتگار ۽سنڌي صحافت جي اهڙي شخصيت جو نالو آهي جنهن وٽان سکي ڪيترائي نالا اڄ صحافت جي آڪاس تي چمڪي رهيا آهن لائق سنڌي جنهن کي هر سڃاڻو ’’سائين لائق‘‘ چئي مخاطب ٿيندوهو سندس اصل نالو لائق ڏنوهو،جيڪو سندس والد حاجي اسماعيل ٿيٻي پنهنجي والد جي نسبت سان مٿس رکيو هو.سائين لائق جو جنم اسڪول رڪاڊ موجب 19ڊسمبر 1943ع تي حيدرآباد(ٻهراڙي تعلقي)جي ڳوٺ موري منگر ۾ ٿيو.سائين لائق تعليم جي حوالي سان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ بعدعالم فاضل جو ڪورس به ڪيو ۽ ڀينڊي شريف جي ان مدرسي ۾ به پڙهيو.جتي سنڌ جو مهان اديب،دانشور،قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر به پڙهيو.پيشي جي لحاظ کان سائين لائق کي نوڪري لاءِ گھربل عمر پوري ٿيڻ کان اڳ پرائمري ماستري ملي ۽ سائين لائق ان نوڪريءَ جي مدت پوري ٿيڻ کان اڳ ئي رٽائرمينٽ ورتي.سائين پنهنجو نالو’’ لائق سنڌي‘‘مولانا عبيدالله سنڌي ۽شيخ عبدالمجيدسنڌي کان متاثرٿي سڏرايو ۽ سنڌي صحافت ذريعي خدمت ڪري پاڻ کي هڪ لائق سنڌي ثابت ڪرايو،سائين لائق پنهنجي شخصيت توڙي سڀاءَ ۾ڪو به وڌاءُ نه رکندڙ،تمام گهٽ ڳالهائو پر مٺو ۽ سٺو ڳالهائيندڙ،تمام سادگيءَ سان زندگي گذاريندڙ’’حال پريان نال‘‘رکندڙ،دل جو ڪشادو ۽ محبتي شخص هو.سائين لائق پنهنجي ڳوٺائي، سنڌ جي ناليواري صحافي ۽ جوڻيجو دور۾ سينيٽر رهندڙ شيخ علي محمد جي اخبار ’’آفتاب‘‘ کان صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽حقيقي صحافت جي دائري ۾ رهندي ،ڪنهن کان هدايتون وٺڻ بغير وڏي بهادريءَ سان سنڌ جي مسئلن کي نروار ڪيو ۽ سنڌي اخبارن ۾ ٻوليءَ جي درست استعمال ۽ گرامر لاءِ پڻ جاکوڙيندڙ رهيو. انهيءَ سلسلي ۾ 1988ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي سائين لائق هڪ خط لکيو ته سنڌ لفظ جي انگريزي اسپيلنگ ’’sind‘‘ غلط لکي پئي وڃي، جنهن ۾ ’’D‘‘کان پوءِ ’’H‘‘ ڏئي درست ڪري ’’SINDH‘‘لکيو وڃي. ان تجويز کي پوءِ سرڪاري طور تي منظور پڻ ڪيو ويو،سائين لائق جي شخصيت جا ٻيا به ڪيترائي پهلو آهن ،هو شهيد ذوالفقار ڀٽي جو شيدائي ته سن جي سائين جي ايم سيد جو چاهيندڙ به هو،گڏوگڏ هڪ غير جانبدار صحافي ته سٺو شاعر۽ مضمون نگار به هو،هو لطيف جو پارکوبه ته شاهه جي سوين شعرن جو حافظ به هو، سائين لائق جي اها به خوبي هئي ته هو وڏن سان وڏو۽ ننڍن سان ننڍو ٿي هلڻ وارو ماڻهو هو.
    اڄ 16 جنوري 2016ع تي سائين لائق جي ٻي ورسي آهي، توڙي جو جسماني طور سائين اسان کان جدا ٿيو آهي،پر روحاني طور اڄ به گڏ آهي.
    هونئن ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان
    جيئي سنڌ ته سڀ ڪين آهيان،
    سانگين سان گڏ سالگره مان،
    وڇڙي ويس ته ورسي آهيان.

    استاد بخاري
    (’روزاني ڪاوش، 16 جنوري 2016ع)


    سنڌي صحافت ۽ ٻوليءَ جو امين سائين لائق...!

    سنڌي صحافت ۽ ٻوليءَ جو امين سائين لائق...!
    راشد لغاري (صحافي)

    حيدرآباد ۾ سينيئر ۽ نوجوان صحافين جو قلمي پورهيو صحافت لاءِ لکي ويندڙ تاريخ جو حصو آهي،اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ لکيو ويندڙ اسڪرپٽ به ٽي وي اسڪرين تي سامهون اچي وري غائب ٿيندو رهندو آهي .اهو اسڪرپٽ جديد ٽيڪنالاجي جي بدولت انٽرنيٽ جي ويب تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي جنهن جي ڊيٽا جو دارومدار ميموري جي ڪارڊ تي هوندو آهي. محدود ميموري سبب اسڪرپٽ ويب جي دنيا مان ڊيليٽ ٿي ويندو آهي، اهو اسڪرپٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل صحافي پنهنجي ليپ ٽاپ ۽ سوشل ميڊيا جي اڪائونٽ تي سنڀالي رکندا آهن.جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ سموري صحافت جي قلمي پورهئي جو 80 سيڪڙو واقعاتي خبرن جي چوڌاري گھمندو آهي واقعاتي خبرن سان گڏ ورلي تحقيقياتي ۽ ڳجھي خبر سامهون ايندي آهي ،ڪي دوست تحقيقي خبرن جي تلاش ۾ مصروف رهندا آهن .ساڳئي وقت پرنٽ ميڊيا سان لاڳاپيل صحافي به پنهنجي لکڻين کي نئين انداز ۾ نکارڻ ۽ سچي خبر جي ڳولا ۾ رڌل هوندا آهن پرنٽ ميڊيا جي خبر اخبارن ۾ ڇپجي ويل خبر کي تاريخ طور سنڀالي رکيو ويندو آهي ،هڪ ڏينهن جي تاريخ صدين تائين محفوظ رهندي آهي،خبرون بدلجنديون رهنديون آهن پر لکجي ويل خبر هڪ تاريخ جو حصو ٿي پوندي .
    پرنٽ ميڊيا ۾ تحقيقي رپوٽنگ ۾ جوهر ڏيکارڻ لاءِ صحافي ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا آهن،اهڙي ڪم لاءِ اخبارن ۾ ويٺل ايڊيٽر،نيوز ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر رپورٽرن کي تحقيقي رپورٽنگ لاءِ راهون ڏسيندا آهن،حيدرآباد شهر ۾ سنڌي صحافت کي سنوارڻ ۽ سچ تي ٻڌل خبر کي هٿ ڪري عوام جي اکين ۾ اوتڻ لاءِ سينيئر صحافين زندگي ارپي ڇڏي ،ڪجھه زنداه ته ٻيا لاڏاڻو ڪري رڳو حيدرآباد پريس ڪلب تي باقي زنداه رهندڙ ياد ڇڏي ويا آهن يادن جي تسلسل ۾ سنڌي صحافت جي ٻولي سڌاريندڙ سينيئر صحافي سائين لائق سنڌي جو خدمتون ۽ ڪردار اسان سمورن صحافين جي ذهن تي تري ايندو آهي .
    سائين لائق پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي اخبارن کي ارپي ،اخبارن کي ارپيل زندگي دوران هن سنڌي اخبارن جي ٻولي سڌارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، سائين لائق جنهن به اداري ۾ رهيو اتي ڪم ڪندڙ صحافي ساٿين جو ڀرجھلو ٿي رهيو ،سائين لائق سنڌي صحافت سان گڏ ماهر لغت به هو .هو سنڌي اخبارن ۾ غلطيون ڳولڻ لاءِ حيدر آباد پريس ڪلب جي لائبريري ۽ اخبارن جي آفيسن ۾ مفت واري اخبار پڙهڻ ۽ کڻڻ بدران گول بلڊنگ ۽ حيدر چوڪ واري اخبارن جي اسٽال ۽ هاڪرن کان اخبارون خريد ڪندو هو .ان ڪري ئي هن صحافي لاڏاڻي وقت ڪا ڌن دولت گڏ ڪري پونيئرن حوالي ڪرڻ بدران پراڻين اخبارن ۽ ڪتابن جا ٿيلها گھر ۾ ڇڏي سڀني کان وڇڙي ويو ۽ صحافين جي هجوم کان الڳ ٿي ويو.
    16 جنوري 2016ع جي ڏينهن سائين لائق سنڌيءَ جي ٻئي ورسي هئي، جيتوڻيڪ سائين لائق جي خاندان ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي ڪوٺ تي پهرين ورسي ملهائي وئي پر ٻئي ورسي جي ڏينهن سنڌ جو سائين ۽ صحافت جي سڃاڻپ لائق سنڌي صحافين ۽ حيدرآباد پريس ڪلب کان وسري ويو ،ورسي واري ڏينهن سائين لائق جي ساٿين ،دوستن ۽ خاندان پاران کيس ياد ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ موري منگر واري رهائشگاهه جي هڪ ڪمري ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو،جتي سندس پٽن، دوستن ساٿين ۽ صحافين گڏجي سائين لائق جي مزار تي گلاب جا گل رکي ،اگر بتيون ٻاري دعا گهري .
    سائين لائق جي آخري آرام گاهه وارو هنڌپنهنجي ڳوٺ موري منگر کان 1 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي.سائين لائق جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ آئون ۽ سنڌ ايڪسپريس جو نيوز ايڊيٽر، سينيئر صحافي شبير نظاماڻي ورسي واري ڏينهن کان ٻه ڏينهن اڳ گڏجي هلڻ جو پروگرام رٿيو .مزار تي پهچڻ جو وقت 11 بجي جو مقرر هو اسان سائين لائق جي فرزندن ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي مزار تي پهتاسين.
    حيدرآباد جي سينيئر صحافي،سنڌي ٻوليءَ ۽ صحافت جي ڄاڻو سائين لائق سنڌيءَ جي مزار تي دعا گھرڻ بعد پروفيسر مٺل جسڪاڻي برک صحافي سائين لائق سنڌيءَ جي زندگيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته سائين لائق انهن ماڻهن مان هو ،جن کي اڪثريت استاد چوندي آئي آهي .اهڙا گهٽ ماڻهو آهن جن کي سائين چيو ويندو هجي سائين لائق سڀني سان پيار ڪندڙ انسان هو هن سان منهنجي سڃاڻپ اسڪول واري زماني ۾ ٿي،جنهن بعد ساٿ گڏ رهيو.ناليواري شاعر آسي زميني چيو ته سائين لائق سان منهنجي صحبت 1980ع واري ڏهاڪي کان ٿي،سائين لائق نوجوانن کي همٿائيندڙ شخص هو ،هي هڪ پارس جهڙو انسان هو. سينيئر صحافي شبير نظاماڻي ڳالهائيندي چيو ته سائين لائق اکر ۽ ٻولي جو وڏو خيال رکندو هو ۽ ٻولي جي درستگي لاءِ هدايت پڻ ڪندو هو.
    هن سان منهنجي پهرين ملاقات هڪ سنڌي اخبار ۾ ٿي ، جتي مون استاد بخاري سمجھي ملاقات ڪئي، جڏهن ته سائين لائق ۽ استاد بخاري جي شڪل ملندڙ جلندڙ هئي،هن چيو ته سائين لائق هدايت ڪندو هو ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪريو، جنهن سان توهان جي باري ۾ ڪو غلط تاثر پيدا ٿئي، سائين لائق چوندو هو ته سڀ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ نه هونديون آهن ان ڪري خاص خيال رکيو وڃي ته ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي ڪهڙي ناهي ڪرڻي. سائين لائق اخبارن ۾ دوستن جو خيال رکندڙ شخص هو ، هو پگهار نه ملڻ جي صورت ۾ صحافي دوستن کي ڳوٺ وڃڻ لاءِ ڀاڙو به ڏيندو هو.پروفيسر اسماعيل ٿيٻي چيو ته بابا سائين وٽ تمام وڏا نالي وارا شاعر ايند هئا ۽ ادب ،ٻوليءَ ۽ شاعريءَ تي وڏيون ڪچهريون ٿينديون هيون،سائين لائق وٽ ڪتابن ۽ اخبارن کانسواءِ ڪجھه به نه هوندو هو.
    هن چيو ته هڪ سنڌي اخبار جي اداري ۾ سائين لائق کي ڪيتري پگهار ڏجي واري بحث جنم ورتو، جنهن سبب بابا سائين کي 3 مهينا پگهار نه ملي سگهي هئي،جڏهن ته بابا سائين اخبار وارن کي چيو ته ڀلا کڻي جيتري پگهار پٽيوالن کي ڏيندا آهيو ،اها ئي پگهار مو ن کي به ڏيو. اعظم ٽالپر چيو ته سائين لائق سنڌي مون کي آفتاب اخبار وٺي ويو ۽ راندين جو صفحو ڪڍڻ لاءِ مقرر ڪيو ،جتان آئون راندين جي صفحي تي ڪم ڪندو هيس.سائين لائق سان زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو گڏ گذريو، جيڪو ڪڏهن به وسري نه سگهندو. ڊاڪٽر صوفي ڪرشن چيو ته سائين لائق سنڌي جي منهنجي والد صوفي نيڀراج سان وڏي دوستي هوندي هئي.ان موقعي تي وفا مولا بخش قمبراڻي ،ڊاڪٽر منظور احمد شاهه، احسان راهوجو، فياض عمراڻي، فدا حسين ڳاهي،حاجي گلزار ٿيٻي ۽ ٻين سائين لائق جي زندگيءَ تي روشني وڌي.
    ( روزاني سنڌ ايڪسپريس 18 جنوري2016ع)




    اخبارن ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل

    سائين لائق سنڌي جو وڇوڙو

    سائين لائق سنڌي جو وڇوڙو


    سنڌ جي صحافت ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو پنهنجي ڪردار ادا ڪندڙ سائين محمد لائق سنڌي پنهنجي خاموش طبيعت موجب خاموشيءَ سان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس گلي جي ڪينسر سميت ڪيتريون ئي بيماريون لاحق هيون، پر هن علاج لاءِ روايتي اديبن ۽ صحافين وانگر دهل کڻي پڙها نه ڏنا، نه وري ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگيو يا کيس اپيل ڪئي هو پنهنجي اَڀري سڀري حال آهر جهيڙيندو رهيو. پنهنجي هڙان وڙان علاج ڪرائيندو رهيو، ڇا ڪاڻ ته هو هڪ خودار شخصيت جو مالڪ هيو. سائين لائق ٿيٻو حيدرآباد پريس ڪلب جو ساهه جي آخري گهڙي تائين ميمبر رهيو، پاڻ پريس ڪلب جي پليٽ فارم تان صحافين جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ ٻين ساٿين سان گڏ متحرڪ رهيو. هو پنهنجي طبيعت ۾ انتهائي نماڻو ۽ نرم دل هيو، اهوئي سبب هيو جو پريس ڪلب سميت حيدرآباد جا سڀ صحافي کيس عزت، پيار ۽ پنهنجائپ جي اظهار طور چاچو سڏيندا هئا.
    هو سڀني لاءِ محترم هيو، ڪڏهن به ڪنهن سان ذاتي يا فروعي معاملن تي اختلاف نه رکيائين، گذر ڪرڻ واري طبيعت کيس دوستن جو هڪ وسيع حلقو ٺاهي ڏنو. اڄ سائين لائق سنڌي ۽ اسان وٽ نه رهيو آهي، پر سندس صحافت جي حوالي سان ادا ڪيل ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. سائين لائق سنڌي روزاني سنڌ اخبار سميت مختلف اخبارن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. سندس قلمي پورهيو جديد سنڌي صحافت ۾ پنهنجي اهم جاءِ والاريندو. پاڻ جن به ادارن سان لاڳاپيل رهيو، اهي سندس صحافت جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي عوام اڳيان آڻين، جيئن سنڌ جي عوام ههڙن خاموش خدمتگارن جي قلمي پورهئي کان روشناس ٿي سگهي.
    ’روزاني سنڌ اخبار 17 جنوري 2014ع‘


    سائين لائق جو وڇوڙو

    سائين لائق جو وڇوڙو

    ڪجهه ماڻهو پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد ۽ عاشقانه جاکوڙ سبب اهڙا ڪردار بڻجي ويندا آهن، جو اهي سوين هزارين دلين ۾ جاءِ ٺاهي وٺندا آهن، جن جو هجڻ آٿت جو وڏو احساس ڏيندو آهي ۽ جن جو وڇوڙو جيءُ جهوري وجهندو آهي، پر موت به هڪ اٽل حقيقت آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح ٽاري نه ٿو سگهجي، هر اهو جيو جيڪو زندگي جو مزو چکي ٿو، تنهن کي موت جو مزو به چکڻو آهي، اها حقيقت ڄاڻندي به ڪجهه ماڻهن جي وڇوڙي تي دل درد جو داستان بڻجي ويندي آهي، ۽ انهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي آهي، اسان جو بزرگ سائين لائق سنڌي به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو، جيڪو پنهنجي زندگي ۾ سراپا صحافت ۽ سراپا جدوجهد بڻيل رهيو، سائين لائق سنڌي زندگيءَ جا ڪيترا نه ڪٺن ۽ اذيتناڪ مرحلا ڏٺا پر هو هميشه مرڪندو رهندو هو ۽ اسان سڀني کي اهڙي تسڪين ڏيندو هو جو ڪڏهن به اڪيلائي جو احساس نه ٿيندو هو، سائين لائق سنڌي هڪ استاد، ٻوليءَ جو هڪ ڄاڻو، صحافت جو سر موڙ ڪردار ۽ هڪ انتهائي شفيق انسان هو، جيڪو ڪافي عرصي کان ڪينسر جي مرض سان جهيڙيندو رهيو، سائين لائق سنڌي آخري دم تائين ”ڪوشش“ سان سلهاڙيل هو پر هو پنهنجي ڳوٺ آرامي هو ۽ ”ڪوشش“ جو سٿ هميشه سندس موجودگي جو احساس سانڍي هلندو هو.
    سائين لائق سنڌي هاڻ طبعي طرح سان اسان وٽ موجود ناهي پر هن جون سوين هزارين يادون ۽ انهن يادن جا سهڻا سلسلا هميشه قائم رهڻا آهن.
    دراصل هن شخص کي جيڪڏهن ٻن لفظن ۾ بيان ڪجي ته هو ”سراپا صحافت“ ۽ ”اخبارن جو عاشق“ هو، جنهن پنهنجي پوري زندگي تعليم ۽ صحافت کي ارپي ڇڏي، هو هميشه چوندو هو ته سنڌ سلامت رهندي ۽ سنڌ تان ڪارا ڪڪر هڪ ڏينهن ٽري ويندا. هو هڪ استاد ۽ صحافي سان گڏ سنڌ جو عاشق ملنگ پڻ هو، جيڪو هر فڪر کان بالاتر ٿي پنهنجي ڪم ۾ مگن رهندو هو ۽ هميشه اهو پيغام ڏيندو هو ته پورهئي ۾ ئي عظمت آهي، ۽ جيستائين اسان ماڻهو محنت کي پنهنجو شيوو نه بڻائينداسين، تيستائين غلامي ۽ عفلت مان نڪري نه سگهنداسين، اسان سائين لائق سنڌي جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سندس وارثن کي يقين ڏياريون ٿا ته هنن سان هر ڏک سک ۾ گڏ هونداسين.
    ’روزاني ڪوشش حيدرآباد 17 جنوري 2014ع‘


    سائين لائق جي پساهه جي پڄاڻيءَ جو پل

    سائين لائق جي پساهه جي پڄاڻيءَ جو پل

    هڪ پکي ٻيو پساهه ٻئي ڪنهن به لمحي اڏامڻ لاءِ ئي هوندا آهن، پر ڪي ماڻهو ايئن جيئندا آهن جو جڏهن سندن پساهه جو پکيڙو زندگي جي لام تان عدم ديس ڏانهن اڏام ڪندو آهي ته ڄڻ هڪ دور جي جهولي خالي ٿيو وڃي، سائين لائق به سنڌي صحافت جي هڪ مڪمل دور جي اها شناخت هو، جنهن جي پساهه جي پڄاڻي جي ڄاڻ سان سنڌي صحافت جي هڪ سڄي دور جي جهولي خالي ٿي وئي آهي، هو جيڪو هڪ فرد نه پر پنهنجي ذات ۾ مڪمل روايت هو، سندس سڄي حياتي صحافت جي صحتمند لاڙن ۽ قدرن جي امانتداري سان گڏ ذاتي لڳ لاڳاپن جي ان نباهه جي نگهباني ۾ گذري جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي لفظ ”وڙ“ ۾ ئي سمجهي سگهجي ٿو، سائين لائق سنڌي هڪ وڙائتو انسان هو، سندس سڀاءُ ۾ سڀني لاءِ پيار ۽ پاٻوهه کي سنڌ ڪيئن ٿي وساري سگهي، سنڌي صحافت جو اهو ڪهڙو ادارو هو جنهن ۾ سائين لائق لاءِ اڌرڀاءُ موجود نه هجي، لاڳاپيل ته هو ڪيترن ئي ادارن سان رهيو پر حصو ڄڻ ته سڀني جو هو.
    سنڌي ٻوليءَ جي لهجي ۽ اصلي چَسُ توڙي ذائقي جو هو اهڙو رکوالو هو جو جنهن به اداري ۾ سائين لائق موجود نه رهيو ته ان پاسي کان اداري جي دل مڪمل اطمينان ۾ رهي ته ڪوبه اهڙو لفظ نٿو ڇپجي سگهي جنهن جي لاءِ سڀاڻي ڪو آڱر کڻي سگهي، سندس ايمانداري ۽ فرض شناسي جو مثال اُهي سڀ ڏيندا جن سان به سائين لائق ڪم ڪيو هوندو.
    سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لاڳاپا نڀائيندڙ ان سائين لائق جون ياد گيريون موجود رهڻيون آهن، جيڪو پنهنجي پاڻ ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي تاريخ هو هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا سمجهيو ٿي ويو، سنڌي صحافت جي اوائلي دور جي تجربن کان ويندي آمريتي دور جي درپيش چئلينجن تائين، جمهوري دورن جي محدود آزادين کان ويندي جديد سنڌي صحافت ۽ نئين اڀار تائين سائين لائق ان سڄي سفر جو عملي ڪردار ۽ اهو غير جانبدار گواهه رهيو جنهن جو ڪوبه حوالو تصديق جي برابر سمجهيو ٿي ويو. اڄ اهو سائين لائق جڏهن پنهنجي ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ سدائين لاءِ آرامي آهي تڏهن اسين اشڪبار اکين سان سندس محبتون ياد ڪندي کيس عقيدت جو سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس پونئرن، دوستن احبابن سان سائين لائق سنڌي جي وڇوڙي جي ڏک واري گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
    سائين لائق ان مڻيادار مٽيءَ مان هو، جنهن مان اهي خاص ڪردار جڙندا آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي ۽ سائين لائق به سنڌ جي يادگيرين ۾ سدائين حيات رهڻو آهي.
    ’روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، 17 جنوري 2014ع‘


    وٿ واري ماڻهو جي موڪلاڻي

    وٿ واري ماڻهو جي موڪلاڻي

    ڪردار جي پرک جي حوالي کان سنڌ ۾ هيءُ مها ڪال وارو دؤر آهي، اهڙا ماڻهو جن لاءِ ڀٽائي ”وڏي وٿ هئام“ چيو هو، اهي هاڻ بنهه اڻلڀ ٿي چڪا آهن، لائق سنڌي به اهڙن ماڻهن مان هو، سنڌي صحافت ۾ هن کي سڀ ”سائين لائق“ ڪري سڏيندا هئا ۽ سائين لائق سنڌي صحافت ۾ اڌ صديءَ جو جيئري جاڳندي تاريخ هو، هو نوَن صحافين ۾ ويندي صحافت جي وڏن نالن کي صحافت جي الف ب ئي نه سمجهائيندو هو پر سنڌ جي ورهاڱي کانپوءِ واري سياسي ۽ خانداني تاريخ به ٻڌائيندو هو، هو اصل ۾ هڪڙي ڳالهائي ويندڙ تاريخ هو، نقصان اهو ٿيو ته هن وٽ جيڪي يادگيريون ۽ مشاهدا هئا ۽ جن متعلق هن کي تصديق ٿيل پتو هو، اهو ”لکيل تاريخ“ ۾ تبديل ٿي نه سگهيو ۽ هن جي سيني جا راز هن جي اندر ڏکن جيان موري منگر ۾ دفن ٿي ويا.
    سائين لائق سنڌي تصوف ۽ تهذيب تمدن واري ڪردار جي ڪسوٽيءَ تي ماڻهو پرکيندڙ هو، ان ڪري جيڪي صاحب ڪردار ان ڪسوٽيءَ تي پورا لٿا اهي هن جي Good books ۾ اچي سگهيا ۽ ٻيا نه اچي سگهيا، پاڻ ارپڻ ۽ صحافت جي پيشي کي استاد واري مقدس پيشي جيان هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ استعمال نه ڪيو. صحافت کي گهڻو ڪجهه ڏنو، هو ٻوليءَ، گرامر توڙي خبر جي فني نوعيت مطلب صحافت جي دنيا ۾ پير پائيندڙن لاءِ هڪ گائيڊ مثل هو. اخباري دنيا ۽ حيدرآباد هن لاءِ نه ختم ٿيندڙ Passions وانگر هئا ڀل ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ڌوم ۾ سنجيده ۽ ذميوار صحافت جا اهي ماڻهو نمائشي اسٽيج تي پورو نه لهندا هجن پر جي ائين چئجي ته لائق سنڌيءَ جهڙن ماڻهن جو ان ۾ بنيادي ڪنٽربيوشن آهي ته اهو ڪنهن به صورت ۾ وڌاءُ نه ٿيندو، سنڌ جي حقيقي ۽ اڻ لکيل تاريخ ۾ اهڙن ماڻهن جو حصو واقعي به اُملهه ۽ ناياب آهي.
    ’روزاني عبرت اخبار حيدرآباد‘ 18 جنوري 2014ع‘


    سائين لائق سنڌيءَ بابت ڪي ٽي اين پاران نشر ڪيل رپورٽ

    سائين لائق سنڌيءَ بابت ڪي ٽي اين پاران نشر ڪيل رپورٽ
    اسڪرپٽ: ناز سهتو

    ڀٽائيءَ جي سر رامڪليءَ جو جيئرو جاڳندو ڪردار،سائين لائق سنڌي، 70 ورهين جي ڄمار ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ جڏهن لاڏاڻو ڪري ويو ته ان جوڳيڙيءَ جي جهان ڇڏڻ تي جديد دؤر جي سوشل ميڊيا تي به سوڳ واري ڪيفيت طاري ٿيل رهي، سائين لائق ٿيٻو عرف سائين لائق سنڌيءَ جو تعلق حيدرآباد جي ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ موري منگر سان هو، پيشي جي لحاظ کان هو استاد هو. ٽريننگ ڪاليج مان نڪندڙ ”اخبار تعليم“ جو ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ هو صحافت سان واڳيو، ويهن صدي جي آخري اڌ جو وڏو صحافي شيخ علي محمد مرحوم به سندس ڳوٺائي هو، جنهن کيس باقائدي صحافت ۾ آندو.
    سائين لائق صحافي ڇا ٿيو هو، سنڌي نوجوان صحافين لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻجي ويو، پاڻ مسڪيني حال هوندي به نوجوانن کي تعليم صحافت علم، توڙي هنر لاءِ همٿائڻ لاءِ پنهنجي هڙان وڙان به خرچ ڪندڙ هو.
    مولانا غلام محمد گرامي، حيدر بخش جتوئي، مير علي احمد ٽالپر، محمد عثمان ڏيپلائي، مولوي عبدالطيف لغاري، مولانا عبدالحق رباني، محمد خان مجيدي، جمال الدين مومن، صوفي نيڀراج، سيد صالح محمد شاهه، مومن مليرائي، ڄام ساقي، ڄام ساقي جي والد سائين سچل، علڻ خان ٿيٻي سميت سنڌ جي انيڪ يگانن ڪردارن سان هنن جي قرب هن کي رچائي ريٽو ڪري ڇڏيو هو. ۽ هو سراپا ڀٽائي جي رامڪلي جو ڪردار بڻيل هو، جنهن لاءِ ڀٽائي چيو هو ته:
    سنديون کامڻ خبرون آديسين آهن،
    ڳجهه نه ڳالهائين لڪا وتن لوڪ ۾.
    سائين لائق سنڌي کي پنهنجي صحتمندي تائين اسان سدائين اخبارن جي سٿي سان ڏٺو، هو صبح جو سوير لڳ ڀڳ سموريون اخبارون خريد ڪندو هو ۽، هو نه رڳو اخبارون خريد ڪندو هو پر انهن اخبارن ۾ ڇپيل اخبارن جي گهرائي جو ڇيد به ڪندو رهندو هو، هو سنڌ جو علم، ثقافت، صحافت ۽ سياست جو هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا هو، ڪيترائي صحافي، ليکڪ، اديب، ڪامورا مختلف معاملن تي هن کان رهنمائي وٺندا هئا.
    هن جي ڪتابن ۽ اخبارن جو خزانو ماڻهن جي مطالعي لاءِ هر وقت دستياب رهندو هو. هي اها شخصيت آهي، سنڌ جي نوجوان نسل جي رهنمائي ڪري رهي هئي ۽، سنڌ کي خوشحال ۽ آجو ڏسڻ لاءِ خواب پنهنجي اکين ۾ سمائي 16 جنوري 2014ع تي ديس کان جدا ٿي ويئي.
    سنڌ وطن سان لامحدود محبتن جو امير بڻيل سائين لائق سنڌي زندگي جو هڪ وڏو حصو سنڌ لفظ جي انگريزي اسپيلنگ Sind سبب نه رڳو پريشان رهندو هو، پر ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ حڪمرانن کي لڳاتار خط لکندو رهيو ته وطن جي لفظ جي انگريزي اسپيلنگ درست ڪريو. 1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي ته هن جي ئي سانڌ خط لکڻ جي نتيجي ۾ سنڌ لفظ جي اسپيلنگ Sind مان بدلجي درست اسپيلنگ Sindh ٿي جيڪا اڄ به رائج آهي.
    هو جنهن سان به پيار ڪندو هو، ان جي مَٺيان ڏسڻ ۾ ويساهه نه رکندو هو، سنڌ لفظ جي اسپيلنگ جي درستي به ان نتيجي جو اظهار هو.
    محبتن جي هن جوڳيڙي جي آخري سفر ۾ چانڊوڪي رات ۾ پري پري کان سندس مداح ۽ مٽ مائيٽ اچي شريڪ ٿيا، اهو منظر ان ڳالهه جو ساکي هو ته سائين لائق سنڌي جي زندگي سڦل ٿي. ديس کي وڇوڙو ڏيندڙ هن جهوني جوڳي کي ڀٽائيءَ جي بيت سان ئي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي.
    بک وڌائون بگرئين جوڳي ڪندا جَڃَ.
    طلب رکن نه طعام جي، اوتيو پين اُڃ.
    لاهوتين لطيف چئي مَن ماري ڪيو مُڃ.
    سامي جهاڳي سُڃ، ويسئن کي ويجها ٿيا.


    (شاهه/رامڪلي)

    [ڪي ٽي اين ،حيدرآباد]


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 854
    ڪتابن جو مشاهدو: 2310941
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 592615
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ