معرفت جي واديءَ جو بيان
اي پيارا! توتي هي فرض عائد ٿئي ٿو ته تون عرفان جي سمنڊ ۾ پاڻ کي ٻوڙي ڇڏين يا وري پنهنجي مٿي تي مٽي وسائين. هاڻي مان توکي ٻه چار ڳالهيون ٻڌايان ٿو، اميد ته تون انهن مان هدايت حاصل ڪندين.
هڪڙي ماڻهوءَ جو پٿر بڻجي وڃڻ
چين ملڪ جو ڪنهن جبل ۾، هڪڙو سنگدل ماڻهو آهي، جنهن جي اکين مان هميشه پيا لڙڪ وهن. جڏهن اهي لڙڪ زمين تي ڪرن ٿا،تڏهن پٿر بڻجي پون ٿا. جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ پٿر ڪڪر جي هٿ چڙهي وڃي ته هو قيامت تائين پيو افسوس ۽ ارمان جو مينهن وسائي.
هو هڪ سچار ۽ پاڪ مرد آهي. جيڪڏهن توکي ڳولڻو آهي ته وڃي چين ۾ ڳولينس، ڇاڪاڻ ته بي همتن جي غصي کان هو پٿر بڻجي ويو آهي. هن اونداهيءَ دنيا ۾ تنهنجي رهنما علم جو چراغ آهي. تون اٺ ئي پهر انهيءَ جي طلب ۾ لڳو رهه.
هڪڙي معشوق جي ڳالهه
هڪڙو عاشق، جيئن پريشان حاليءَ ۽ عاجزيءَ سان مٽيءَ تي سمهيو پيو هو، تيئن سندس معشوق اچي هڪڙي مناسب چٺي لکي، سندس آستين ۾ ٻڌي، هليو ويو. جڏهن هو ننڊ مان اٿيو، تڏهن چٺي پڙهي خوني لڙڪ وهائڻ لڳو. چٺيءَ ۾ لکيل هو ته ”تون جيڪڏهن واپاري آهين ته اٿي ان لاءِ ڪوشش وٺ، ۽ جيڪڏهن زاهد آهين ته ساري رات بندگيءَ ۾ گذار ۽ جيڪڏهن تون عاشق آهين ته ذرا شرم ڌار ڪڏهن عاشق غريب جي اکين کي ننڊ آهي؟ هاڻي جيڪڏهن تون انهن مان هڪ به نه آهين ته پوءِ عشق جي ڪوڙي دعويٰ نه ڪر. تون نادانيءَ کان عشق ۾ اچي ويو آهين، ڀلي سمهي ننڊون ڪر.
هڪڙي چوڪيدار جي عشق جي ڳالهه
هڪڙو چوڪيدار، ڪنهن تي عاشق ٿي پيو، جنهن سبب سندس ننڊ آرام ڦٽي ويو. هڪڙي دوست چيس، ته آخر تون ڪا گهڙي ننڊ به ڪر، ساري رات پيو بيخوابي ۾ گذارين. جواب ڏنائين ته عشق، چوڪيدار جو ساٿي آهي، انهيءَ (چوڪيدار) کي ننڊ سونهين ئي نٿي. هڪڙي چوڪيداري ۽ ٻيو ان سان گڏ عشق، تنهن ڪري ننڊ جو ته ڪو سوال ئي نٿو اٿي. عشق هر رات منهنجو امتحان وٺي ٿو، گويا چوڪيدار جي چوڪيداري ڪري ٿو، تنهن ڪري بيخوابي منهنجي مغز ۾ جاءِ ڪري ويئي آهي ۽ اها مون کي ڏاڍي مٺي لڳي ٿي.
اي متلاشي (ڳوليندڙ)، تون ننڊ کي خيرباد چؤ ۽ دل جي گهٽيءَ جي پاسباني (چوڪيداري) ڪر، ڇا لاءِ جو انهيءَ جي اردگرد گهڻا چور رهن ٿا. تون خبردار ٿي دل جي جوهر کي چورن جي لُٽ کان حفاظت ۾ رک، ڇاڪاڻ ته جڏهن ههڙي قسم جي چوڪيداري تنهنجي طبيعت بڻجي ويئي، تڏهن تون عشق ۽ معرفت ٻنهي جو مالڪ بڻجي وئين. رات جو بيخوابيءَ ۾ خوني ڳوڙهن ڳاڙڻ سان ته معرفت حاصل ٿيندي آهي. جيڪڏهن انهيءَ وقت ڪنهن ۾ عشق جو ذوق ظاهر ٿيو ته هن اڳيان ٻنهي جهانن جو راز کلي پوندو؛ پوءِ جيڪڏهن هو ڪمزور هوندو ته مضبوط ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اڳي ئي مضبوط هوندو ته موجزن درياءَ بڻجي ويندو.
عباسه جي عشق بابت گفتگو
هڪ رات، عباسه چيو ته جنهن ماڻهوءَ ۾ عشق جي درد جو ذرو آهي، سو جيڪڏهن مرد آهي ته ان مان عورت پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن عورت آهي ته ان مان مرد پيدا ٿئي ٿو. تو ڏٺو آهي ته حضرت آدم کان عورت پيدا ٿي ۽ حضرت مريم کان مرد پيدا ٿيو، ۽ اهو انهيءَ ڪري آهي ته جيستائين جيڪي ڪي گهربل آهي، اهو تڪميل کي نٿو پهچي، تيستائين هي ڪم ڪڏهن به تو اڳيان، صفائيءَ سان ظاهر نه ٿيندو.
جيڪڏهن تون هن جهان تي قانع رهندين ته هميشه لاءِ ضايع ٿي ويندين. غيرفاني بادشاهي فقط معرفت ۾ آهي. تون انهيءَ جي حصول لاءِ ڪوشش وٺ، جو شخص عرفان ۾ مست آهي، سو ساري مخلوق جو بادشاهه آهي. جيڪڏهن دنيا جي بادشاهن کي ان طرفان ڪا ٿورڙي آگاهي ٿي وڃي ته هو ڏک ۽ ارمان کان سڀ ڪجهه وساري ماتم ۾ ويهي رهن.
هڪڙي ديواني جي ڳالهه
سلطان محمود، جڏهن هڪ دفعي ڪنهن هنڌ تي پهتو، تڏهن هن اتي هڪڙو پيدل ديوانو ڏٺو، جو غم جي بار کان سر جهڪايو ويٺو هو. جڏهن بادشاه تي نظر پيس، تڏهن ان کي پري هٽي وڃڻ لاءِ چيائين ۽ کيس ٻڌايائين، ته هو بادشاهه نه، پر هڪ پست همت ۽ خدا تعاليٰ جو ناشڪر بندو آهي. ڪاش! جيڪڏهن توکي هيءُ معلوم ٿي وڃي ته تون ان کان ڪيترو نه پري پيو آهين!