هڪڙي ٻئي پکيءَ جو حضرت حق (تعاليٰ) ۾ گستاخي ڪرڻ بابت سوال
هدهد جو جواب
هو جيڪڏهن خدا تعاليٰ جي راز جو ڄاڻو ۽ لائق آهي ته پوءِ ان جي گستاخي جائز آهي، ليڪن راز ڄاڻندڙ، گستاخي ڪٿي ٿو ڪري سگهي! هڪڙو اوٺي جو درياءَ جي ڪناري تي هجي، سو بادشاهه جو رازدان ڪيئن ٿو بڻجي سگهي! هو جيڪڏهن اهل راز وانگر گستاخي ڪندو ته ايمان ۽ جان ٻنهي تان هٿ کڻڻو پوندس. ها، جيڪڏهن ڪو محبت جي زيادتي ۽ زور سبب گستاخي ڪري وجهي ته هن کي روا آهي؛ ڇالاءِ جو محبت سان سرشار هڪ ديواني عاشق جي طرح آهي، جو باهه جيان جلي رهيو آهي. اهوئي ته سبب آهي جو مجنونءَ کي ڪوبه ملامت نٿو ڪري. تون به جڏهن عشق ۾ ديوانو ٿي ويندين، تڏهن تنهنجي هر ڳالهه ٻڌي ۽ گوارا ڪئي ويندي. چڱو مان هاڻي توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان ٿو.
هڪڙي ديواني جو خراسان ۾ عميد جي غلامن کي ڏسڻ
ڳالهه ٿا ڪن، ته جڏهن کان عميد خراسان جو حاڪم ٿيو، تڏهن کان هيءُ شهر دولت سان مالامال ٿي ويو. وٽس هڪ سؤ سهڻا ترڪ (سندن ٻانهون چانديءَ جهڙيون سفيد) غلام هئا جن مان هرهڪ جو منهن چنڊ وانگر پئي چمڪيو. سندن قد سنوان (ڪاراين ۾ چانديءَ جا ڪنگڻ پيل) ۽ وار مشڪ سان ڀريل پئي ٻهڪيا. انهن جي ڪنن م چمڪيدار موتي پيل هئا، جن رات جي اونداهيءَ کي ڏينهن جي روشنائيءَ ۾ پئي بدلايو. سندن مٿن تي سون جي منڊين سان جڙيل تاج ۽ ڳچيءَ ۾ سونا هار (طوق) پيل هئا. انهن مان هرهڪ وٽ هڪ سفيد ۽ خوش رفتار گهوڙو هوندو هو. مطلب ته هو اهڙا حسين ۽ سينگاريل هئا، جو ڏسندڙ بي اختيار موهجي ۽ دل کسائي پئي ويو. اتفاق سان هڪڙي پيرين اگهاڙي ۽ ڪمبل پوش ديواني جي پري کان مٿن نظر پئجي ويئي ۽ پڇڻ تي ان شهر جي رئيس کان معلوم ٿيس ته اهي سڀئي عميد جا غلام آهن. هيءُ ٻڌنديئي سند دماغ چڪر ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته، اي عرش جا مالڪ، تون بنده پروري وڃي عميد کان سک.
اڙي انسان! جيڪڏهن تون ههڙي قسم جو ديوانو آهين ته پوءِ ڀلي گستاخ رهه. ديوانن جي گستاخي واقعي دلپسند ٿئي ٿي، ڇالاءِ جو هي پتنگن جيان سڙن ۽ جلن ٿا.
هڪڙي ننگي ديواني جي گستاخيءَ جي ڪهاڻي
هڪڙي ڀيري هڪڙو ديوانو، ننگو ۽ بکيو، سياري جي موسم م رستي تي وڃي رهيو هو، ته اوچتو سخت بارش اچي پيئي، جنهن ۾ هيءُ ويچارو ساروئي پسي ويو. نه وٽس ڪو ڪپڙو هو ۽ نه ڪا رهڻ لاءِ جاءِ. آخر اچي هڪ ڦٽل هنڌ پهتو، ليڪن اڃا ان اندر گهڙيوئي مس ته ڇت کان هڪ سر ڪِري اچي سندس مٿي کي ڦاڙي وڌو. ان وقت آسمان طرف منهن ڪري چوڻ لڳو، ته تون آخر ڪيستائين پنهنجي سلطانيءَ جو ڏؤنڪو وڄائيندو رهندين، جڏهن توکي هڪ سر به ٺيڪ لڳائڻ ڏانءُ نٿي اچي!
مصر ۾ ڏڪار متعلق هڪڙي ديواني جو مقولو
ڪنهن سمي اوچتو اچي مصر ۾ ڏڪار پيو. ماڻهو رستن تي پئي مُئا ۽ مانيءَ لاءِ پڪاري رهيا هئا ۽ بکيا اڌ مُئلن کي کائي رهيا هئا. اتفاق سان جڏهن هڪڙي ديواني هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن اٿي چوڻ لڳو ته ”اي دين ۽ دنيا جا مالڪ! جيڪڏهن تو وٽ رزق نه آهي ته پيدا به گهٽ ڪر (هروڀرو گهڻي مخلوق پيدا ڪري ان کي بک ٿو مارين).“
هن درگاهه ۾ جو به گستاخي ڪندو آهي، سو جيئن ئي هوش سنڀاليندو آهي، تيئن ئي معافي گهرندو آهي.
هڪڙي ديواني جي ڪهاڻي، جنهن کي ٻار پٿر هڻندا هئا
ڳالهه ڪندا آهن، ته هڪڙي ديواني کي ٻار پٿر هڻندا هئا، جنهن کان تنگ ٿي وڃي هڪ بخاري (چلهو) جي ڪنڊ ۾ ويٺو، جنهن ۾ هڪ دري پڻ هئي. انهيءَ دريءَ مان هڪڙو کَڙو لنگهي اچي، ان جي سر تي لڳو، پر جڏهن ته هو کڙي ۽ پٿر ۾ شناخت ڪري نه سگهيو، تنهنڪري وٺي گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين؛ ۽ ڇاڪاڻ ته ان گهر ۾ انڌيرو به هو، تنهنڪري گمان ٿيس ته شايد اڃا ڇوڪرا هيءَ حرڪت ڪري رهيا آهن. آخر جڏهن هوا جي زور تي هڪ پاسي کان دروازو کلي پيو ۽ انهيءَ بخاري جي ڪوٺڙيءَ ۾ روشني آئي، تڏهن هن کَڙي ۽ پٿر ۾ وڃي فرق لڌو؛ ۽ گارين ڏيڻ سبب پنهنجي
دل ۾ ڏاڍو رنج محسوس ڪري چوڻ لڳو ته ”اي منهنجا پروردگار، هن بخاري ۾ انڌيرو هو، تنهن ڪري مون کان ڀل ٿي ويئي. هي سڀ گاريون گند واقعي مون ڏنيون آهن، هاڻي معاف فرمائينم.“
اي دوست! تون عاشق ۽ ديواني کي سدائين معذور سمجهه ۽ انهن خلاف ڪڏهن به زبان ڪشائي نه ڪر.