تصوف

پکين جي پارليامينٽ

منطق الطير ۾ خواجہ فريد الدين عطار، تمثيل طور پکين جي روپ ۾ انساني جذبن ۽ حقيقتن جو اظھار ڪيو آھي ۽ ھڪ افساني جي شڪل ۾ انساني زندگيءَ جا عام واقعا بيان ڪيا آھن. منطق الطير جي 64 بيانن ۾ ڪُل 4600 بيت آھن. منڍ وارا 600 کن بيت رب جي واکاڻ، رسول صہ جن جي نعت، خليفن جي مدح تي مشتمل آھن. ان کان پوءِ اصل قصو شروع ٿئي ٿو. 

Title Cover of book پکين جي پارليامينٽ

توحيد جي واديءَ جو بيان

پنجين وادي، توحيد جي آهي ۽ هيءَ تفريد ۽ تجريد جي منزل آهي، جڏهن هن واديءَ ۾ سالڪ منهن مٿي کڻندا، تڏهن هڪئي گريبان مان سر ٻاهر ڪڍندا. هتي وڏو عدد يا ننڍو، سڀ هڪ آهي. هوحد ۽ عدد کان بالاتر آهي، تنهن ڪري ازل ۽ ابد کان نظر ڦيري ڇڏ. هوئي موجود ۽ واجب الوجود آهي ۽ هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪونه. چڱو هاڻي تون ٻه چار آکاڻيون ٻڌي ڇڏ، جن ۾ تنهنجي ڀلائي آهي.

هڪڙي شخص جو ديواني کان سوال

ڪنهن شخص، هڪڙي ديواني کان پڇيو ته هن جهان جي سمجهاڻي ته ڏي ته اهو ڪهڙو آهي؟ جواب ڏنائين ته ماکيءَ جي ڳنڍيل مکين جيان رنگارنگي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص انهن کي هٿ ۾ وٺي مليندو ته اهي سڀ موم بڻجي وينديون. هاڻي جڏهن اصل ۾ هي سڀ موم هيون، تڏهن ايترن رنگن جي ته ڪا حقيقت ئي ڪانهي. جڏهن سڀ هڪ آهي ۽ ٻيائي ڪانهي، تڏهن هتي ’تون ۽ مان‘ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

هڪ پوڙهيءَ جي آکاڻي

هڪڙي ٻڍڙي، ابوعليءَ وٽ هڪڙو سونهري ڪاغذ کڻي آئي، ليڪن هن کانئس وٺڻ کان انڪار ڪندي ٻڌايو ته مون عهد ڪيو آهي ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به ڪا شيءِ نه وٺندس. ٻڍڙيءَ کيس فوراً جواب ڏنو ته هيءَ تنهنجي ٽيڏائي آهي ۽ جيڪڏهن تون واقعي ٽيڏو نه آهين ته ڪيستائين غير (ٻئي) کي ڏسندين؟ پخته صوفيءَ جي نظر ۾ ته هتي غير آهي ئي ڪونه، ڇا لاءِ جو هتي نه ڪعبو آهي ۽ نه ڪليسا. هو ڪڏهن انهيءَ ۾ ته ڪڏهن انهيءَ مان ته ڪڏهن انهيءَ سان آهي. هر شخص پوءِ هو عيبدار هجي يا بي عيب، غيب جي گريبان اندر (پاڻ سان هڪ) آفتاب رکي ٿو. آخر هڪ ڏينهن اهڙو ايندو، جڏهن هو ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو ۽ پوءِ جو به ان آفتاب اندر پهچي ويو، سو يقيناً نيڪيءَ ۽ بديءَ کان آزاد ٿي ويو، ڇا لاءِ جو جيستائين انسان پنهنجي هستيءَ ۾ گرفتار آهي، تيستائين ته هن مان نيڪي ۽ بديءَ جو رڳڙو هلندو رهندو.
اي بندا، تنهنجي جسم اندر اڪيچار گندگي آهي ۽ منجهس نانگ ۽ وڇون لڪا پيا آهن. جيڪڏهن تون ڪا ڪوشش ڪري انهن مان هرهڪ کان ڪو ڇوٽڪارو حاصل نه ڪندين ته اهي توکي (مرڻ بعد قبر ۾) قيامت تائين ڏنگيندا رهندا.
سالڪ جڏهن هن هنڌ پهچي ٿو، تڏهن اهو هنڌ ۽ سالڪ ٻئي گم ٿي وڃن ٿا. هو هتي گم ٿئي ٿو، ڇالاءِ جو گم ٿيڻ ۾ ئي هو ظاهر ٿئي ٿو ۽ گنگو ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته گنگي ٿيڻ ۾ ئي هو گويا بڻجي ٿو. هو جزو ٿي ڪل ٿي وڃي ٿو، پوءِ نه ڪل رهي ٿو نه جزو. عقل هن درگاهه جي دروازي کان ٻاهر ڪريو پيو آهي ۽ مادرزاد انڌي ۽ ٻوڙي مثل آهي، جو به شخص هن درگاهه کان ذرو به واقف ٿيو، تنهن ٻنهي جهانن کان منهن ڦيري ڇڏيو.

شيخ لقمان (سرخسيءَ) جي مناجات

هڪ دفعي لقمان (سرخسي)، دعا ۾ چئي رهيو هو ته ”اي منهنجا موليٰ، مان هينئر ٻڍو، پريشان ۽ صفا جهور ٿي ويو آهيان. مون کي هينئر ڪا خوشي ۽ آزادي عطا ڪر. غلام به جڏهن پوڙهو ٿي ويندو آهي تڏهن ان کي آزاد ڪيو ويندو آهي. غيب مان آواز آيس ته ”جو شخص بندگيءَ کان آزادي چاهي ٿو ته ان جو عقل ۽ تڪليف (شرعي قيد) ٻئي محو ٿي وڃن ٿا. هاڻي تون انهن ٻنهي کي ترڪ ڪري اڳتي قدم وڌاءِ.“ هي ٻڌي عرض ڪيائين ته اي منهنجا پروردگار! مان هميشه (لاءِ) توکي چاهيان ٿو، مون کي عقل ۽ تڪليف گهرجن ئي نه. بس پوءِ انهن ٻنهي کي ڇڏي نچندو ۽ تاڙيون وڄائيندو چوندو ويو ته مان نه ڄاڻان ته مان ڪير آهيان. بندگي ويندي رهي ۽ ان سان گڏ آزادي به، نه دل ۾ ڪو غم آهي ۽ نه خوشي. مان هينئر عارف برابر آهيان، ليڪن معرفت کان خالي. مان نٿو ڄاڻان ته آيا تون منهنجي جاءِ ۾ آهين يا مان تنهنجي جاءِ ۾ آهيان. ها، جڏهن مان تو ۾ محو ٿي ويس تڏهن (پوءِ) ٻيائي ڇاجي؟ (ويندي رهي).

هڪڙي معشوق جو پاڻيءَ ۾ ڪِرڻ

اتفاق سان هڪ معشوق پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. عاشق هي ڏسنديئي کڻي پاڻ اندر اڇلايو. جڏهن پاڻيءَ ۾ هڪٻئي سان مليا، تڏهن معشوق عاشق کي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن مان کڻي قضا سان پاڻيءَ ۾ ڪِري پيس ته آخر توکي ڪهڙي اچي لاچار ورايو هو (جو تو به کڻي پاڻ اڇلايو). عاشق جواب ڏنس ته مون اهوانهيءَ ڪري ڪيو جو مان پاڻ کي توکان سواءِ سڃاڻان ئي نٿو (مان پاڻي کي به تنهنجي ئي ذات سمجهان ٿو). ڪنهن زماني کان مون کي هڪ شڪ آهي ته تون مان آهيان ۽ مان تون آهين. مان ۽ تون هڪ آهيون، اسان درميان دوئي آهي ئي ڪانه، يا تون مان آهيان ۽ يا مان تون آهين. جيستائين ٻيائي قائم آهي تيستائين شرڪ باقي آهي، جڏهن اها ويئي تڏهن توحيد مڪمل طور حاصل ٿي والسلام.

سلطان محمود ۽ اياز جي آکاڻي

هڪڙي مبارڪ ڏينهن سلطان محمود، حسن وزير ۽ اياز سان گڏ، جيئن پنهنجي بي انداز لشڪر جو جائزو وٺي رهيو هو تيئن هن اياز کي چيو ته هي سارو لشڪر تنهنجي ملڪيت آهي ۽ منهنجو بادشاهه به تون ئي آهين، ليڪن اياز تي انهن لفظن جو ڪوا ثر ڪونه پيو ۽ هن ڪنهن به قسم جو ادب بجا نه آندو. حسن کان هي ڏٺو نه سٺو. تنهن چيس ته آخر تون بادشاهه جو غلام آهين، اهڙيءَ بي ادبيءَ سان بيهڻ قطعاً نامناسب ۽ حق شناسيءَ جي بالڪل خلاف آهي. ان تي اياز ٻڌايس ته هن جا ٻه واجبي سبب آهن. هڪڙو هيءُ آهي ته جو به شخص بادشاهه جي خدمت خلوص ۽ بيريائيءَ سان ڪري ٿو اهو ان اڳيان ذلت ۽ عاجزيءَ سان بيهي ڳالهه ڪري ٿو. هاڻي پاڻ کي بادشاهه کان مٿي يا هيٺ ڪري ڏيکارڻ به هڪ طرح کان بادشاهه سان مقابلو ۽ برابري ڪرڻي آهي (پاڻ کي گهٽ ڪري ڏيکارڻ به هڪ قسم جي خوديءَ جي نشاني آهي). اياز به انهيءَ جي ملڪيت آهي، ته خلعت به انهيءَ جي ملڪيت آهي، ۽ مان ڪجهه به نه آهيان ۽ فرمان سارو انهيءَ جو آهي. جا مهرباني هي بادشاهه هر روز ڪري ٿو سا گويا اڄ اياز سان ڪئي. انهيءَ جو ٿورو ٻئي جهان نٿا لاهي سگهن. حسن ان جي هن جواب کي ڏاڍو پسند ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته تون هر وقت سون ۽ هزارن انعامن جو لائق آهين. جڏهن کانئس ٻئي جواب بابت پڇيائين تڏهن اياز ٻڌايس ته اهو تنهنجي اڳيان ٻڌائڻ مناسب نه آهي. جيڪڏهن مان ۽ بادشاهه پاڻ ۾ اڪيلا هونداسين ته پوءِ هن راز جي گهڻي حفاظت ڪنداسون؛ پر ڇاڪاڻ ته تون رازدار نه آهين ۽ نه وري بادشاه ئي آهين. بادشاه انهيءَ دم حسن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ اياز کي چيو ته هينئر خلوت ميسر آهي تنهن ڪري اهو راز ۽ جواب مون کي ٻڌاءِ. اياز عرض ڪيو ته جو به (شخص) بادشاه جي ڪمال مهربانيءَ کان مون مسڪين ڏي نظر کڻي نهاري ٿو ته انهيءَ هڪ نگاه جي عڪس جي روشنيءَ ۾ منهنجو سارو وجود محو ٿي وڃي ٿو. هاڻي جڏهن بادشاه جي آفتاب اڳيان منهنجي وجود جو نالو ئي نٿو رهي تڏهن مان ڪيئن تنهنجي اڳيان نياز ۽ نوڙت ڪريان. جيڪڏهن تون ان وقت ڪنهن کي ڏسين ته اهو مان نه هوندس بلڪ بادشاه محمود پاڻ هوندوآهي. هاڻي جڏهن بندو پنهنجي ذات کان ئي فاني ٿي ويو ته پوءِ هاڻي جيئن تنهنجي دل چاهي تيئن ڪر.