سلطان ابوسعيد مهنه جي ڳالهه
اي عزيز، طالب کي گهڻو صبر ڪرڻ گهرجي، ۽ هن راهه ۾ ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي ڏسي روڪجي وڃڻ نه کپي.
سلطان محمود جي ڳالهه
هڪ رات، سلطان محمود اڪيلو وڃي رهيو هو ته رستي تي هڪڙي مٽيءَ ڇاڻيندڙ کي هڪ مٽيءَ جي ڍير تي ويٺل ڏسي، کڻي پنهنجو بازوبند ان ڍير ۾ اڇلايو ۽ بعد ۾ ويندو رهيو. ٻيءَ رات جڏهن بادشاه انهيءَ هنڌ آيو، تڏهن هن کي انهيءَ ڪم ۾ مشغول ڏسي، چيائينس ته توکي جا شيءِ ڪانه ملي هئي، سا ته نهايت ئي قيمتي هئي؛ تون ته وڃي هينئر بادشاهي ڪر، تون ڪنهن جو محتاج ئي نه رهيو آهين. انهيءَ تي جواب ۾ چيائين، ته هن مٽيءَ ڇاڻيندي ته مون هي خزانو لڌو آهي. هاڻي منهنجي هيءَ ئي ڪار رهندي جيستائين جيئرو آهيان.
اي انسان، تون هن در جو طالب ٿي رهه ته جيئن اهو تلاءِ کوليو وڃي، هن راهه کان منهن نه موڙ ته جيئن اها توکي ڏيکاري وڃي.
هڪڙي بيخود جي ڳالهه
هڪڙي دفعي، جيئن هڪڙو بيخود، خدا تعاليٰ کي در کولڻ لاءِ چئي رهيو هو، تيئن رابعه بصري جا اتي پاسي ۾ ويٺي هئي، تنهن جواب ڏنس ته اڙي غافل، هيءُ دروازو ڪڏهن بند ٿيو به آهي؟
اي عزيز، هيءَ دروازو سدائين کليل آهي ۽ رحمت جو خومچو هر وقت حاضر ۽ موجود آهي.
عشق جي واديءَ جو بيان
طلب جي واديءَ کان پوءِ، عشق جي وادي اچي ٿي، جنهن ۾ جو به گهڙيو، سو گويا باهه جي مچ ۾ وڃي پيو. جو عاشق خود باهه نه آهي، تنهن کي هيءَ وادي ڪٿي ٿي سونهين؟ عاشق جڏهن هن واديءَ اندر پير رکي ٿو، تڏهن ڪفر ۽ دين، شڪ ۽ يقين، نيڪي ۽ بديءَ کي ته ڪا گهڙي بالڪل وساري ڇڏي ٿو. معشوق جي وصال خاطر هو سڀڪجهه قربان ڪري ٿو ۽ جيستائين پاڻ کي ساڙي نٿو، تيستائين غم کان به ڇٽي نٿو سگهي. عشق هڪ باهه آهي ۽ عقل دونهون. جتي عشق آيو، تتي عقل ويندو رهيو. جيڪڏهن غيب جي طرفان توکي ڪا تائيد حاصل آهي ته پوءِ تون عشق جي منزل ماڻي سگهندين ۽ سارو جهان تنهنجو همراز ٿي ويندو. بهرحال هتي هڪ زنده دل گهرجي، جو هردم پنهنجي جان گهوريندو رهي. پيارا، هي ٻه چار قصا ٻڌي ڇڏ، جي انهيءَ حقيقت ڏانهن تنهنجي رهنمائي ڪندا.
هڪڙي خواجه جي عشق جو قصو
هڪڙو خواجه، ڪنهن ڇوڪري جي عشق ۾ چريو ٿي پيو ۽ عشق جي زيادتي سبب گهڻو رسوا ۽ مشهور ٿي ويو. جو ڪجهه مال ۽ ملڪيت وٽس هو، سو سڀ وڪڻي شراب خريد ڪندو هو. جڏهن صفا سڃو ۽ هٿين خالي ٿي ويو، تڏهن سندس عشق به سؤ دفعا وڌي ويو، مگر باوجود بکئي رهڻ جي به هو سدائين سير نظر ايندو هو، جڏهن هڪڙي سائل کانئس عشق جي حقيقت دريافت ڪئي، تڏهن چيائين ته عشق ته هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن خاطر ههڙيون سوين دنيائون قربان ڪرڻ به ڪا معنيٰ نٿيون رکن. ڀلا، جنهن جو عشق سان ڪو پيچ ئي نه پيو آهي سو انهيءَ کي ڇا سمجهندو؟
مجنونءَ جو چمڙا پوش ٿي ليليٰ وٽ وڃڻ
مجنونءَ غريب جي ڪا اهڙي قسمت هئي، جو ليليٰ جا مٽ مائٽ ۽ عزيز ٻيو ته ٺهيو، مگر هن مسڪين کي پنهنجي قبيلي ۾ ئي اچڻ نه ڏيندا هئا. ٻي ڪا واهه وسيلو نه ڏسي هو هڪ قريبي جهنگل ۾ وڃي هڪ ريڍار کان هڪڙي کَل وٺي آيو ۽ پوءِ اها پائي کڻي پاڻ کي گهٽو بڻايائين. ان بعد ريڍار کي عرض ڪيائين، ته خدا جي نالي مون کي هن ڌڻ ۾ گڏي ليليٰ جي طرف وٺي هل ته ڪا گهڙي ان جي خوشبوءِ جو واس وٺان. آخر هو رڍن جي ڌڻ سان گڏجي اچي ليليٰ جي گهٽيءَ ۾ پهتو. پهچڻ شرط سندس عشق ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ سندس هوش کانئس ويندو رهيو، جڏهن عشق پنهنجو غلبو ڏيکاريو ۽ معاملو هٿن مان نڪري ويو، تڏهن ريڍار کيس پڪڙي موٽائي جهنگل وٺي آيو. هو پوءِ ان جهنگل جي ماڻهن سان گڏجي گذارڻ لڳو. هڪ دفعي انهن مان ڪنهن چيس، ته اي مان وارا مجنون! تون ننگو ڇو ٿيو ويٺو آهين؟ ڇا، مان، تولاءِ هينئر اهو ريشمي ڪپڙو نه کڻي اچان، جنهن کي تون زياده پسند ڪندو هئين؟ مجنونءَ جواب ۾ چيو، ته هر پوشاڪ عاشق کي سونهين نٿي. مون لا کَل کان وڌيڪ عمدي ٻي پوشاڪ ئي ڪانهي. مجنونءَ جو اطلس ۽ ريشم کل آهي ۽ جو به ليليٰ سان عشق رکندو، سو کَل ئي چاهيندو. مون پنهنجي معشوق جو منهن هن کَل وسيلي ڏٺو آهي. هاڻي تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته مان هن کَل کان سواءِ ٻيو ڪو لباس ڪيئن ٿو پهري سگهان؟