حيرت جي واديءَ جو بيان
بادشاهه جي ڌيءَ جو هڪ غلام تي عاشق ٿيڻ
هڪڙي بادشاهه وٽ، هڪ چنڊ جهڙي ڌيءَ هئي، سندس سونهن ۽ سوڀيا اڳيان پريون پئي شرمايون. سچ پچ هوءَ يوسف ثاني هئي ۽ حسن ۽ جمال جو هڪڙو مجسمو هئي. هن جي هڪ ئي نگاهه ڏسندڙن کي ڦٽي ۽ دائمي داغ لڳائي ٿي ڇڏيو. هڪ دفعي هڪڙو غلام، بادشاهه وٽ نوڪريءَ لاءِ آيو ۽ هو به اهڙو ته مليح ۽ موچارو هو جو سج ۽ چنڊ سندس اڳيان بي نورپئي ٿيا ۽ هو پنهنجي خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اتفاق سان هڪ ڏينهن ان ڇوڪريءَ جي، ان ڇوڪري تي نگاهه وڃي پيئي. بس سندس دل سندس هٿان هلي ويئي. عقل ۽ هوش کانئس موڪلائي ويا ۽ عشق مٿس مڪمل قبضو ڪري ورتو. ڪجهه ڏينهن ته فڪر ۽ خيال ۾ رهي ليڪن شوق ماريل، فراق سڙيل آخر بيچين ۽ بيرقرار ٿي پئي. وٽس ڏهه ڳائيندڙ ٻانهيون هيون، جي ڳائڻ ۾ داؤدي فن رکنديون هيون. لاچار ٿي انهن سان پنهنجو حال اوريائين ۽ کين چيائين ته مان هن غلام لاءِ تڙپي رهي آهيان، مان هن جو وصال چاهيان ٿي، ليڪن اهڙيءَ طرح جيئن هن کي خبر ئي نه پوي. هيءَ ڳالهه ٻڌي سڀئي کيس دلداري ڏيندي چوڻ لڳيون ته اسان ان کي رات جو ڪنهن مهل اهڙيءَ طرح لڪائي وٺي اينديون سين جو هن کي خبر ئي نه پوندي. نيٺ هڪڙي ٻانهي وڃي کيس شراب پيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي، جنهن سبب هو مست ۽ بيخبر ٿي ويو. بس جلدئي کيس هڪ بستري تي سمهاريندي کڻي آڻي ان ڇوڪريءَ اڳيان پيش ڪيائونس، جتي وري هن کي هڪ سوني تخت تي ويهاريو ويو ۽ مٿس هيرا ۽ جواهر گهوريا ويا. اڌ رات جو جڏهن نيم مستيءَ ۾ هن پنهنجون نرگس مثل اکيون پٽيون، تڏهن هڪڙو عجيب محلات ڏسي حيرت ۾ اچي ويو، جو ساروئي خوشبوءِ سان پئي ٻهڪيو. انهيءَ دم راڳيندڙين پنهنجو راڳ شروع ڪيو جنهن (راڳ) عقل ۽ هوش ٻنهي کي لٽي ڇڏيو. ڇوڪرو ساري رات انهيءَ ڇوڪريءَ جي مهن ڏسڻ ۾ ئي گم هو ۽ کيس خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهي. سينو عشق سان لبريز، زبان گونگي ۽ سندس دل شوق کان پئي تڙپي. جنهن وقت سندس اکيون معشوق جي منهن ۾ کتل هيون ۽ موسيقارن جو سريلو آواز ڪنن ۾ پئي آيو ۽ سندس دل ۽ دماغ خوشبوءِ کان معطر هئا، تنهن وقت انهيءَ ڇوڪريءَ ان کي هڪڙو شراب جو گلاس پياريو ۽ دل کولي چمي به ڏني. ان جون اکيون ڇوڪريءَ جي منهن ۾ لڳل هيون ۽ پاڻ ان اڳيان حيران هو ۽ ڇاڪاڻ ته سندس زبان ٻولي نٿي سگهي، تنهن ڪري ان اڳيان ڳوڙها ڳاڙيندو ۽ ڪنڌ نوائيندو رهيو. هوڏانهن ڇوڪري به هر وقت سندس منهن تي لکين لڙڪ وهائيندي، سندس چپن کي چميون ڏيندي، سندس وارن سان راند کيڏندي ۽ سندس جادو ڀريل اکين ۾ گم ٿيندي پئي ويئي. هو مست غلام معشوق اڳيان اکيون کليل، بيهوش پيو هو، تان جو اچي صبح ٿيو؛ ليڪن صبح جي مٺڙي هير وري هن کي سمهاري ڇڏيو ۽ پوءِ انهيءَ حالت ۾ کيس آڻي پنهنجي جاءِ تي پهچايائونس. جڏهن ڪجهه هوش سنڀاليائين، تڏهن ڪجهه شور ڪرڻ ۽ پريشان حاليءَ جو مظاهرو ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ، وار پٽڻ ۽ مٿي تي مٽي وسائڻ لڳو. جڏهن کانئس ان بابت پڇيو ويو، تڏهن جواب ڏنائين ته مان هن قصي کي ظاهر ڪري نٿو سگهان. هيءُ هڪ عجيب راز آهي جو ڪڏهن وقوع ۾ ئي نٿو اچي سگهي. هوءَ هڪڙي خواب جهڙي حالت هئي، ليڪن نه ظاهر نه باطن. اها نه ته هڪ گهڙي لاءِ دل تان محو ٿئي ٿي ۽ نه وري مان ان جو ڪو پتو ئي ٿو لڳائي سگهان. مون هڪ اهڙي حسين هستي ڏٺي. جنهن جهڙي دنيا ۾ آهي ئي ڪانه. مون جيتوڻيڪ ان کي ڏٺو، پر منهنجو ڏسڻ نه ڏسڻ جي برابر آهي. هاڻي مان هنن ٻن حالتن جي وچ ۾ پريشان ۽ حيران آهيان!
هڪڙي ماءُ جي ڪهاڻي
هڪڙي ماءُ، پنهنجي نياڻيءَ جي قبر تي پئي رني ته هڪ عارف هي ڏسي چوڻ لڳو ته هيءَ عورت مردن کان بازي کڻي ويئي، ڇا لاءِ جو برخلاف اسان جي هوءَ چڱيءَ طرح سمجهي ٿي ته ڪنهن گم ڪيل شيءِ کان پري پيئي آهي ۽ ڪنهن کان هن کي ايتري بي صبري آهي. اها مبارڪ زال آهي جا اصل حال کي ڄاڻي ٿي ۽ ان سان گڏ ان کي به جنهن لاءِ روئڻ جڳائي. مشڪل ۾ ته مان آهيان جو رات ڏينهن مصيبت ۾ پيو آهيان ۽ هي معلوم نه اٿم ته آخر ڪنهن ڪاڻ روئان ٿو ۽ نه اهائي خبر اٿم ته مان ڪنهن کان نکڙي پري پيو آهيان.
هڪڙي صوفيءَ جي ڪهاڻي
هڪڙو صوفي، جيئن وڃي رهيو هو تيئن ڪنهن شخص جو آواز ڪنين پيس، جو چئي رهيو هو ته مون پنهنجي ڪنجي وڃائي آهي جيڪڏهن ڪنهن لڌي هجي ته ڏئي، جو منهنجو دربند پيو آهي، آخر مان ڪيترو وقت ٻاهر ويٺو رهندس. صوفيءَ هي ٻڌي کيس چيو ته جڏهن تون دروازي کي ڄاڻين ٿو تڏهن اهو ڪافي آهي، ڀلي بند پيو هجي، ضرور ڪونه ڪو اچي ان کي کوليندو. تنهنجو ڪم ته آسان آهي، ليڪن مشڪل ۾ مان اچي پيو آهيان جو حيرت کان منهنجي جان جلي رهي آهي. منهنجي ڪم جو نه آهي منهن نه سر، نه ان جو ڪو دروازو آهي ۽ نه ڪا ڪنجي، ڪاش، هيءُ صوفي هميشه تلاش ۾ ڊوڙندو رهي ها ۽ هڪ ڏينهن وڃي ان دروازي کي لهي کولي ها!