پکين جو سيمرغ جي راهه ۾ روانو ٿيڻ
هڪ معزز نقيب جو پهچڻ
آخرڪار انهيءَ عالي درٻار کان هڪڙو مانوارو نقيب آيو ۽ ٽيهن پکين کي نهايت پريشان حالي ۽ بدحواسيءَ ۾ ڏسي کانئن پڇڻ لڳو ته توهان جو نالو ڇا آهي، ڪهڙو شهر آهي، ۽ هن هنڌ ڪهڙي ڪم لاءِ ويٺا آهيو. سڀني جواب ڏنو ته اسين هتي انهيءَ ڪاڻ آيا آهيون ته سيمرغ اسان جو بادشاهه ٿئي، ڪنهن مدت کان وٺي اسين هن رستي تي هلندا رهيا آهيون، ۽ اسان مان ٻيا ته سڀ مري ويا ۽ باقي وڃي ٽيهه بچيا آهيون، ۽ اهو سڀ انهيءَ لاءِ ته اسان کي انهيءَ جي درٻار ۾ حضوري جو شرف حاصل ٿئي. اسان ته ائين سمجهون ٿا ته بادشاهه خود اسان جي رنج ۽ غم کي وڌيڪ وقت لاءِ پسند نه ڪندو ۽ مهرباني ۽ محبت جي نظر سان ڏسندو. هي ٻڌي، نقيب کين جواب ڏنو ته توهان هن جهان ۾ رهو يا نه رهو، هو هميشه لاءِ مطلق بادشاه آهي، هن کي ڪنهن جي پرواهه! اڙي حقير ۽ ذليل، توهان واپس موٽي وڃو! پکين غريبن جڏهن اهڙو سخت جواب ٻڌو تڏهن ڏاڍا نااُميد ٿيا ۽ انهي ئي مهل ڄڻڪ هميشه لاءِ مري ويا. چوڻ لڳا ته ههڙو وڏو بادشاه اسان کي کڻي خواري سان روانو به ڪري ته اها خواري نه بلڪ عزت آهي.
مجنونءَ جي ثابت قدميءَ جو قصو
هڪڙي دفعي، مجنونءَ چيو ته جيڪڏهن ساري دنيا کڻي هر گهڙيءَ منهنجي تعريف ڪري ته به مونکي اها قبول نه آهي. مون لاءِ ليليٰ جون گاريون ئي بس آهن. هن جي هڪ گار مون وٽ سون تعريفن کان پياري آهي ۽ انهيءَ جو نالو ٻنهي جهانن کان وڌيڪ سٺو. جيڪڏهن توکي معشوق جي پٿر تي ڪا چڙ لڳي ته اهو تولاءِ انهن موتين کان وڌيڪ سٺو آهي جي توکي ڪنهن غير کان ملن.
اي پيارا، منهنجو مذهب ته اجهو هيءَ آهي. جيڪڏهن محبوب خاطر خواري سهڻي ٿي پوي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه. ان کان پوءِ اهوسڙيل ٽولو چوڻ لڳو ته اسان جي دلين ۾ هن (معشوق) باهه لڳائي آهي. ڀلا، ڪڏهن پتنگ به باهه کان پري ٿيندو! ان جي حضوريءَ جو شرف ئي باهه ۾ ملي ٿو. جيڪڏهن اسان کي يار جو وصال نه ئي ميسر ٿئي ته به اسان جي خواهش اهائي آهي ۽ رهندي ته هو اسان کي جلائيندو رهي، ۽ جيڪڏهن هن تائين پهچڻ لاءِ ڪا راهه ئي نه آهي ته اسان کي به هيءَ راهه ڇڏي ڪا ٻي راهه وٺڻي ئي ڪانهي.