هڪڙي ٻئي پکيءَ جو همت جي بلنديءَ بابت سوال
هدهد جو جواب
اڙي منهنجا پيارا دوست! تون هيءَ حقيقت چڱيءَ طرح سان سمجهي ڇڏي ته ازلي (الستي) عاشقن جو مقناطيس هيءَ عالي همت ئي هئي ۽ عالي همت ئي هر لڪل چيز کي کولي پڌرو ڪري ٿي، جنهن به پرندي ۾ عالي همت ظاهر ٿي، تنهن، جنهن به شيءِ کي ڳوليو، تنهن کي فوراً وڃي لڌو. همت هڪ اهڙي شيءِ آهي، جو جيڪڏهن ان مان ڪو ذرو ڪنهن کي ملي ويو ته، هن ان جي معرفت سج کي به جهڪائي ڇڏيو. سارو جهان همت جو محتاج آهي ۽ عاشقن جا پر هيءَ همت ئي آهي، جنهن جي زور تي هو اُڏامندا ۽ پرواز ڪندا رهن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو آهي جو مان توکي ٻه چار ڪهاڻيون ٻڌايان.
هڪڙي پوڙهيءَ عورت جو حضرت يوسف کي خريد ڪرڻ
جڏهن حضرت يوسف کي مصر ۾ وڪيو ٿي ويو، تڏهن ٻين خريدارن سان گڏ هڪ پوڙهي عورت به هئي. هوءَ پاڻ سان ڪجهه نوڙين جا ڍيرا کڻي آئي ۽ اچي دلال کي چوڻ لڳي ته هن غلام کي ڏهن ڍيرن جي بدلي ۾ وڪڻي ڏينم جو مان مٿس چري ٿي پئي آهيان. دلال کلي چيس ته اڙي بيوقوف، هيءُ هڪ لاثاني موتي آهي ۽ توکي سونهين ئي نٿو. هن جي قيمت گهڻو وڏي آهي ۽ تنهنجي پهچ کان گهڻو پري آهي، تنهنجي ڍيرن جي ته ڪا قيمت ئي ڪانهي! هي ٻڌي، پوڙهيءَ ورڻي ڏنيس ته مون کي ته پوريءَ طرح خاطري هئي ته هن قيمت تي ڪوبه هن غلام کي فروخت نه ڪندو، ليڪن مون لاءِ هيءُ شرف ئي ڪافي آهي جو هاڻي دوست خواهه دشمن ائين چوندا ته هيءَ ٻڍي به يوسف جي خريدار هئي.
جنهن شخص کي عالي همت نصيب ٿي، تنهن گويا بي انتها بادشاهي ماڻي، اهائي عالي همت هئي، جنهن سبب، انهيءَ عاليءَ همت بادشاهه، پنهنجي مملڪت کي باهه لڳائي هئي. (حضرت ابراهيم ادهم ڏانهن اشارو آهي، جنهن سلطنت کي ترڪ ڪري درويشي اختيار ڪئي هئي).
هڪ درويش جو درويشيءَ بابت شڪايت ڪرڻ ۽ ابراهيم ادهم جو کيس جواب ڏيڻ
هڪڙو درويش، هميشه پنهنجي درويشيءَ کان نالهء و فرياد ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن، ابراهيم ادهم کيس چيو ته، مون کي ائين معلوم ٿئي ٿو ته شايد توکي درويشي ڏاڍي سستي پئي آهي! ان شخص جواب ڏنس ته اي ابراهيم! تنهنجي ڳالهه بالڪل بيجا آهي، ڀلا ڪو درويشيءَ کي به خريد ڪندو. ان تي ابراهيم کيس ٻڌايو ته، مون ان کي دل ۽ جان سان پسند ڪري، سلطنت جي بدلي ۾ خريد ڪيو آهي. مان هاڻي به سَوَن جهانن جي مقابلي ۾ درويشيءَ جي هڪڙي گهڙي خريد ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته ڏسان ٿو ته اها واقعي وڏيءَ قيمت واري شيءِ آهي، مان ان جي قدر ۽ قيمت کي خوب ڄاڻان ٿو، ليڪن افسوس تون ان کان بيخبر آهين! همت وارن پنهنجي جسم ۽ جان گنوائي (سان کيڏيو) آهي ۽ ڪئين سال پاڻ کي درست ڪرڻ خاطر جلندا رهيا آهن، تڏهن مس وڃي سندن همت جو پکي الاهي درٻار جي قريب پهتو آهي.
شيخ احملد غوريءَ جي سلطان سنجر سان گفتگو
شيخ غوري هڪ ڏينهن، ديوانن سان گڏجي هڪ پل هيٺ اچي ترسيو. اتفاق سان سلطان سنجر اچي اتان لانگهائو ٿيو ۽ ماڻهو ڏسي، پڇيائين ته هو ڪير آهن. شيخ جواب ڏنس ته، هي سڀ ديوانا آهن ۽ اسان سڀني جي ڪيفيت ٻن حالتن کان خالي نه آهي. (1) تون جيڪڏهن اسان کي هميشه لاءِ پنهنجو دوست ڪري وٺين ته اسين تنهنجي دنياوي مراد جلدي پوري ڪنداسين.
(2) جيڪڏهن تون اسان جو دشمن آهين ته اسين توکي جلدي ئي دين کان خارج ڪري ڇڏينداسين؛ پر جيڪڏهن تون گهڙي کن لاءِ پل اندر ايندين ته تون يقيناً هن شان ۽ شوڪت، حرص ۽ هوس کان هميشه لاءِ ڇٽي پوندين! سنجر جواب ۾ چيو ته، مان اوهان جي مذاق جو نه آهيان ۽ مون کي اوهان جي نيڪيءَ ۽ بديءَ سان ڪو سروڪار ڪونهي.
همت، هڪ تيز اُڏامندڙ پکيءَ جي طرح آهي، جنهن جي رفتار ۾ هر گهڙيءَ اضافو ٿيندو رهي ٿو. هي تنگ دنيا ان کي سمائي نٿي سگهي. ان جي بلند پروازي هن دنيا کان گهڻو مٿي آهي.
هڪڙي ديواني جو روئڻ ۽ ٻولڻ
هڪڙو ديوانو، آڌيءَ رات جو خواب ۾ روئي ۽ چئي رهيو هو ته، هيءُ جهان هڪ منهن ڍڪيل صندوقڙي (دٻو) آهي ۽ اسين ان اندر ويٺا سودا پچايون. جڏهن موت ان جو ڍڪ کوليندو، تڏهن جنهن کي پَر هوندا، سو ته آسمانن تائين اُڏامي ويندو ۽ جنهن کي پَر نه هوندا، سو ڪيترين ئي مصيبتن ۾ ان اندر ڦاٿل رهندو.
اي انسان! تون مرڻ کان اڳ، همت جي پکيءَ ۾ معنوي پَرَ پيدا ڪر، عقل کي دل ڏي ۽ جان ۾ جذبو آڻ.
هڪڙي سائل جي چمڙي سان گفتگو
هڪڙي سائل، چمڙي کي چيو ته تون روشن سج کان بيخبر ٿيو پيو آهين، تنهنجو سارو ڏينهن به هڪ انڌيري رات آهي. جيڪڏهن تون ان سان مليل هجين ها ته ان کان ايترو نه ڀڄين ها. آخر ڪيستائين سوراخن ۾ گهر ٺاهيندو رهندين؟ تون هن سج کي ذرا ڏس ۽ ان سان ملي هڪ ٿي وڃ. هي ٻڌي، چمڙي جواب ڏنس ته منهنجو ان سج سان ڪهڙو غرض، جو ڪارو ۽ غائب ٿي وڃي ٿو. اهڙي سج کان ائين ئي ڀلو. مون لاءِ هر رات ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته حقيقي سج جو ظهور ٿيندو ئي رات جو آهي ۽ ان اڳيان، هي سج شرم کان منهن ڍڪي ڇڏيندو آهي. هاڻي جڏهن اهڙو سج رات جو ميسر ٿئي ٿو ۽ ان جي هوندي هن ظاهري سج کي ڏسڻ قطعاً مناسب نه آهي. اهوئي ته سبب آهي جو مان ساري رات ننڊ نه ٿو ڪريان، شوق ۽ سوز سان ان جي چوڌاري پيو ٿو چڪر هڻان.
جيڪڏهن توکي اها همت حاصل ٿي وڃي ته پوءِ تنهنجي ويهڻ جي جاءِ به شاهي مسند ٿيندي. جنهن کي همت آهي سوئي مانجهي مڙس آهي ۽ جو به هن راهه ۾ همت سان آيو، پوءِ کڻي فقير ئي ڇو نه هو (هجي) وڃي بادشاهه بڻيو.