سيمرغ جي خبر جي پڌرائي
هڪ دفعي جڏهن شروع شروع ۾ سيمرغ آڌيءَ رات جو چين ملڪ مٿان پرواز ڪري رهيو هو، تڏهن اوچتو سندس پَرن مان هڪ پَر ڪري پيو، جنهن سببان هن ملڪ ۾ شور ۽ غل مچي ويو. هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي خيال موجب ان (پر) جو نقشو چٽيو، جنهن ڪنهن ان کي ڏٺو تنهن ان جو الڳ الڳ خاڪو ورتو. هي پر اڃا تائين چين جي عجائب خاني ۾ موجود آهي، اهوئي ته سبب آهي جو حديث شريف ۾ آيل آهي ته ”علم جي تلاش ڪريو پوءِ کڻي اهو (پري) چين ۾ ڇو نه هجي.“ جيڪڏهن ان پر جو نقش ظاهر نه ٿئي ها ته هي سارو هل هنگامو جهان ۾ هجي ئي نه ها. سڀيئي جانيون ان جي پر جو نقش آهن. ان جي وصف جو نه منڍ آهي نه ڇيڙو. مناسب ائين آهي ته زياده ڳالهه ٻولهه نه ڪريون ۽ مقصد جي ڪڍ پئون. اوهان مان جيڪي همت ڀريا پهلوان آهن سي هن رستي تي هلڻ جي تياري ڪن ۽ پنهنجا قدم ان تي رکن.
هدهد جي هن دل پذير تقرير مٿن ڏاڍو اثر ڪيو، ايتريقدر جو هو سڀيئي پنهنجي بادشاهه کي ڏسڻ لاءِ بيقرار ٿي پيا. انهيءَ جي شوق سندن دلين کي ڦٽي وڌو ۽ انهن مان هرهڪ انتهائي بي صبريءَ جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. رستي تي هلڻ جو پڪو پهه ڪري اڳتي وڌيا. ان جا عاشق ۽ پنهنجين جانين جا ويري ٿي پيا؛ پر ڇاڪاڻ ته سندن بادشاهه سيمرغ ڏانهن ويندڙ رستو ڏورانهون ۽ ڏور ۽ تڪليف سان ڀرپور هو، تنهن ڪري هر هڪ اوڏانهن وڃڻ کان دل هڻڻ ۽ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ رستي طئي ڪرڻ جي قابليت ته سڀني ۾ هئي، مگر تنهن هوندي به هرهڪ جدا جدا (ڪونه ڪو) عذر پيش ڪرڻ لڳو.
اي انسان تون پنهنجي جان کي جلاءِ ۽ اندر جي پکيءَ کي انهيءَ ڪم ۾ لاءِ، ته جيئن الله تعاليٰ توکي سچي ۽ دائمي خوشي عطا ڪري.