تصوف

پکين جي پارليامينٽ

منطق الطير ۾ خواجہ فريد الدين عطار، تمثيل طور پکين جي روپ ۾ انساني جذبن ۽ حقيقتن جو اظھار ڪيو آھي ۽ ھڪ افساني جي شڪل ۾ انساني زندگيءَ جا عام واقعا بيان ڪيا آھن. منطق الطير جي 64 بيانن ۾ ڪُل 4600 بيت آھن. منڍ وارا 600 کن بيت رب جي واکاڻ، رسول صہ جن جي نعت، خليفن جي مدح تي مشتمل آھن. ان کان پوءِ اصل قصو شروع ٿئي ٿو. 

Title Cover of book پکين جي پارليامينٽ

هڪڙي ٻئي پکيءَ جو دنيا جي نامراديءَ بابت سوال

هڪڙي ٻئي پکيءَ هدهد کي مخاطب ٿي چيو ته اي ڀلارا! زمانو هڪڙي گهڙي به منهنجي مراد موافق نه هليو آهي. منهنجي دل ايترو ته غم سان ڀريل آهي، جو هن جان جو ڪو ذرو به انهن جي اثر کان خالي نه آهي. سدائين حيران ۽ عاجز رهيو آهيان ۽ هيترن غمن ۽ ڏکڻ هوندي ڀلا مان هن سفر ۾ ڪيئن ڪاهي پوان! ها البت، جيڪڏهن دل ڏکويل نه هجيم ها ته هي سفر مون کي سهنجو نظر اچي ها. هاڻي جڏهن منهنجي دل غمن سان اهڙي چڪناچور آهي، تڏهن تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪريان؟

هدهد جو جواب

اڙي دنيا جا ٺڳيل، تون اجايو پيو سوداءُ پچائين. مراد يا نامرادي گهڙي پلڪ ۾ گذريو وڃن. هاڻي اها شيءِ، جا هڪ پلڪ اندر گذري وڃي ٿي سا جيڪڏهن ميسر نه ٿي سگهي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه! هر اها شيءِ، جا پائدار نه آهي، تنهن سان دل لڳائڻ زنده دلي نه آهي. چڱو هي ٻه چار حڪايتون ٻڌي ڇڏ، انهن ۾ تولاءِ نصيحت آهي.

هڪڙي عارف جي حڪايت

هڪڙو وڏو عارف شخص هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي هٿان شربت نه پيتو. جڏهن ان بابت کانئس پڇيو ويو، تڏهن جواب ڏنائين ته، مان موت کي اکين آڏو ڏسي رهيو آهيان. اهو منهنجي دماغ تي اهڙو سوار آهي، جو شربت مون لاءِ هڪ زهر آهي.

اي انسان، اها شيءِ، جنهن کي گهڙي به بقاءَ نه آهي، پوءِ کڻي هيءَ ساري دنيا ڇو نه هجي! تنهنجو ته پائي ملهه به ڪونهي. جيڪڏهن نامراديءَ سبب تنهنجو برو حال ٿيو آهي ته تون ان لاءِ شڪايت نه ڪر، ڇالاءِ جو نامرادي به هڪ گهڙي هوندي آهي. تون، جيڪڏهن ظاهري طور ڪنهن شيءِ ۾ رنج ڏسين ٿو ته، ٿي سگهي ٿو ته ان اندر باطني طور تولاءِ گنج هجي. الله تعاليٰ جا هر گهڙيءَ توتي هزارين احسان ٿيندا رهن ٿا، مگر افسوس تون انهن کي ياد ئي نٿو ڪرين. تون في الواقع خالي دماغ ۽ عقل کان بنهه ڪورو آهين

هڪڙي بادشاهه ۽ غلام جي حڪايت

هڪڙي نيڪ اخلاق بادشاهه، هڪ دفعي پنهنجي نوڪر کي ميوو کائڻ ڪاڻ ڏنو، جو هن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان کاڌو، ۽ چوڻ لڳو ته هن کان زياده مٺي ٻي ڪا خوراڪ ئي ڪانهي. نوڪر کي اهڙي شوق سان کائيندو ڏسي، بادشاهه جي دل به سرڪي ويئي، ۽ انهيءَ مان کانئس اڌ وٺي جڏهن چکيائين، تڏهن ڪڙو نظر آيس. نوڪر کي چيائين ته، اهڙو ڪڙو ميوو، اهڙي چاهه سان (ڪڏهن) ڪنهن کاڌو؟ ان جواب ۾ عرض ڪيو ته سائين! مان جڏهن تنهنجي هٿان هزارين تحفا ملندا ڏسان ٿو، تڏهن ڪنهن وقت جيڪڏهن ڪو ڪڙو به مليو ته ان کي موٽائڻ منهنجو شيوو نه آهي. هاڻي مان جڏهن تنهنجي نعمتن اندر ساروئي پوريو پيو آهيان، تڏهن تنهنجي هٿان مون کي ڪڙائي ڪيئن معلوم ٿيندي؟

هڪڙي شخص جو صوفيءَ کان سوال

ڪنهن معزز شخص، هڪڙي صوفيءَ کان سندس زندگيءَ جو حال پڇيو. جواب ۾ چيائين ته، مان هڪ ٻُهر جي ڍڳ تي پيو آهيان، خشڪ لب ۽ تردامن. جڏهن به مون اتي ڪو مانيءَ ٽڪر ڀڳو آهي، تڏهن منهنجو گردن ٽوڙيو ويو آهي.
اي بندا، جيڪڏهن تون هن دنيا ۾ خوشيءَ جي تلاش ڪرين ٿو ته پوءِ تون ننڊ ۾ آهين. تون جيڪڏهن ساري دنيا جو چڪر هڻي اچين ته به توکي خوشدلي ڪٿي به نظر نه ايندي. تون وڃي ڪو اهڙو ڪم ڪر جو سڀاڻ توکي پلصراط پار ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.

هڪڙي پوڙهيءَ عورت جو شيخ مهنه کي عرض

هڪ دفعي، شيخ مهنه کي هڪڙي پيرسن عورت عرض ڪيوته سائين! مون کي ڪا (خوش دليءَ جي) دعا سيکاريو، جنهن کي مان وظيفو ڪري وٺان، ڇالاءِ جو مون هن وقت تائين گهڻيون تڪليفون سٺيون آهن ۽ مون ۾ هينئر وڌيڪ سهڻ جي طاقت ئي نه رهي آهي. شيخ جواب ڏنس ته، ڪنهن زماني کان مان به چلو ڪڍي رهيو آهيان ته ڪو اهڙو نسخو هٿ اچيم، جنهن سان دلي آرام نصيب ٿئي، مگر ان جو ڪو پتو پار ئي نظر نه آيو. هاڻي جيستائين هن درد جي دوا نه ملندي، تيستائين دل کي خوشي ڪيئن حاصل ٿي سگهندي؟

هڪڙي سائل جو حضرت جنيد کان سوال

هڪڙو شخص، حضرت جنيد جي آڏو ويهي کيس عرض ڪرڻ لڳو ته، اي الله تعاليٰ جا مقبول ۽ محبوب عاشق، مهرباني ڪري ٻڌائينم ته انسان کي خوشي ڪڏهن حاصل ٿي سگهندي؟ شيخ جواب ڏنس ته، اها کيس ان وقت حاصل ٿي سگهندي، جنهن وقت هو بيدل (دل کان خالي) ٿيندو؛ ۽ تون هي ياد رکي ڇڏ ته جيستائين کيس الله تعاليٰ جو ديدار ميسر نه ٿيندو، تيستائين هو حيران، پريشان ۽ بيچين ئي رهندو.

چمڙي جي گفتگو

هڪڙي دفعي، هڪڙي چمڙي وٽ ۽ سٽ کائيندي پئي چيو ته، مون کي هڪ گهڙي به سج ڏسڻ جي طاقت نه آهي. مان ساري عمر عاجزي سان اکيون بند ڪري هلندو رهان ٿو ۽ آخرڪار وٽس پهچي منجهس گم ٿي ويندس. هڪڙو تيز اکين وارو، جو سندس ڀر ۾ ويٺو هو، سو کيس چوڻ لڳو، ته تون سراسر دوکي هيٺ آهين. هيءُ سفر هزار سالن جو آهي. تو پريشان حال کان ڪٿي ٿو طئي ٿي سگهي؟ جواب ڏنائين ته ڪا پرواهه نه آهي، مان هينئر اڏامان ٿو ۽ ڏسان ٿو ته ان جو ڪهڙو ٿو نتيجو نڪري. ڪئين سال ائين هلندو رهيو، تان جو هو پنهنجي سموري طاقت وڃائي ويٺو ۽ ڳري ڪنڊا ٿي ويو. ان هوندي به جڏهن سج نظر نه آيس، تڏهن سمجهڻ لڳو ته، شايد مان ان کان اڳڀرو لنگهي ويو آهيان. هڪڙو ڏاهو، جو هيءَ ڳالهه ٻڌي رهيو هو، تنهن کيس چيو ته تون ڪو وڏو بيوقوف ۽ غافل آهين، تون هي به نٿو ڄاڻين ته تون اڃا هڪ قدم مس وڌيو آهين ۽ سمجهين ٿو ته مان سج کان به اڳتي لنگهي ويو آهيان! هيءَ ڳالهه ٻڌي، چمڙو ڏاڍو شرمسار ۽ ڦڪو ٿيو ۽ سندس رهيل کهيل طاقت به ويندي رهي. سج کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته، تو هڪ سمجهدار پکيءَ کي ڳولي لڌو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جيڪڏهن ان جي ڪاراڻ جو حصو کانئس هٽايو وڃي؛ ۽ جيئن ته هن هيءَ التجا نهايت گهڻي درد سان ڪئي، تنهنڪري اها جهٽ پٽ اگهامي ويئي ۽ هو نابين مان بينا ۽ مسڪينيءَ مان دولتمند ٿي ويو.