هڪڙي ٻئي پکيءَ جو طلب جي واديءَ متعلق سوال
هدهد جو جواب
هدهد جواب ڏيندي کيس ٻڌايو، ته هن رستي ۾ اسان کي ست واديون طئي ڪرڻيون آهن، جڏهن اهي سڀيئي لنگهي پار پونداسين، تڏهن سيمرغ جي درگاهه وٽ اچي پهچنداسين. جو مخلوق به هيءُ رستو وٺي ويو، سو وري واپس نه موٽيو؛ تنهن ڪري ان جي مفاصلي جو ڪوپتو ئي ڪونه ٿو پوي. سڀني کان اول طلب جي وادي آهي، ان بعد عشق جي وادي آهي، جنهن جو نه آهي ڪنڌي ۽ نه ڪنارو. ان کان پوءِ معرفت جي وادي آهي، ۽ ان بعد استغنيٰ جي وادي آهي، پوءِ توحيد جي وادي آهي، تنهن کان پوءِ حيرت جي وادي آهي جا ڏاڍي اوکي آهي ۽ آخر ۾ فقر ۽ فنا جي وادي آهي، جنهن بعد توکي اڳتي وڌڻ جي طاقت نه هوندي. جيڪڏهن تون هڪڙو هوندين ته به هن هنڌ هڪ سمنڊ نظر ايندين.
طلب جي وادي جو بيان
جڏهن تون، طلب جي واديءَ ۾ داخل ٿيندين، تڏهن توکي هر گهڙيءَ ڪئين تڪليفون درپيش اينديون. ڪئين سال محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هن هنڌ حالتون ئي بدلجي وڃن ٿيون. مال، ملڪ ۽ پيسي، مطلب ته هر شيءِ کان هٿ کڻڻو ۽ دل کي پاڪ ڪرڻو پوي ٿو. جڏهن دل هڪ دفعو پاڪ ۽ صاف ٿي ويئي ته پوءِ هوءَ پاڻهي عالي درٻار کان نور وٺڻ شروع ڪري ڏيندي؛ ۽ جڏهن اهو نُور تنهنجي دل تي ظاهر ٿيندو، تڏهن تنهنجي رستي ۾ ڪا باهه کڻي ظاهر ٿي، ته تون عشق جي ماريل پتنگن جيان پيو پاڻ کي باهه ۾ سٽيندين. طلب جي درياءَ ۾ هوندي به پاڻ کي اڃارو سمجهندين، ۽ محبوب جي راز کي معلوم ڪرڻ ۾ اهڙو بيتابيءَ سان لڳل هوندين جو ان خاطر، ڪنهن به خطرناڪ شيءِ کان نه گهٻرائيندين. هاڻي هي ٻه چار ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ هنئين سان هنڊاءِ.
ابو عثمان مڪيءَ جي ڳالهه
عمرو ابو عثمان، جڏهن حرم اندر ”گنج نامه“ تحرير ڪيو، تڏهن هُن ان ۾ هِن ڳالهه جو ذڪر ڪيو، ته جڏهن الله تعاليٰ، حضرت آدم جي جسم ۾ روح ڦوڪيو، تڏهن چاهيائين، ته فرشتن کي ان حقيقت جي ڪا خبر نه رهي. هن پوءِ انهن کي آدم اڳيان سجدي ڪرڻ جو حڪم ڪيو، جنهن جي پوري بجا آوري ڪندي انهن پنهنجا سر زمين تي رکيا، ۽ ائين ڪرڻ ڪري انهن مان ڪو هڪ به ان راز کي ڏسي نه سگهيو. بعد ۾ ابليس اچي چوڻ لڳو، ته مان سجدو هرگز نه ڪندس، پوءِ کڻي منهنجو سر ڇو نه ڪاٽيو وڃي. هاڻي جڏهن هن پنهنجو سرزمين تي نه رکيو، تڏهن هن اهو راز ڏسي ورتو، ڇالاءِ جو اهو اڳي ئي تاڙ ۾ ويٺو هو. الله تعاليٰ کيس چيو، ته تو وڏي جاسوسي ڪئي آهي ۽ هن گنج کان واقف ٿي ويو آهين، تنهن ڪري متان تون هي راز فاش ڪري وجهين، تنهنجو سر ڪاٽڻ ئي مناسب آهي. ابليس عرض ڪيو ته مون کي مهلت ڏني وڃي، جا کيس ڏني ويئي ۽ لعنت جو طوق سندس ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. ان کان پوءِ ابليس چوڻ لڳو، ته هاڻي جڏهن مون کي پاڪ خزانو معلوم ٿي ويو آهي، تڏهن ڊپ ڇا جو؟ اي منهنجا موليٰ! لعنت به تنهنجي ملڪيت آهي، ۽ رحمت به تنهنجي ئي ملڪيت آهي؛ هيءُ بندو به تنهنجي ملڪيت آهي ۽ قسمت به تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن منهنجي حصي ۾ لعنت آئي آهي ته مڙيوئي خير آهي (اها به آخر تنهنجي ئي طرف کان آئي آهي). مون جڏهن ماڻهن کي رحمت جي طلب ڪندو ڏٺو، تڏهن تنهنجي لعنت مون بي ادب کي ڀڙڪائي کڙو ڪيو. رحمت وانگر تنهنجي لعنت لاءِ به هڪ بندو آهي ۽ اهو مان آهيان جو هينئر رتبي کان ڪري پيو آهيان.
اي عزيز، جيڪڏهن تون طالب آهين ته تنهنجي طلب هن نموني جي هئڻ گهرجي ورنه تنهنجي طلب جي دعويٰ ڪوڙي آهي. جيڪڏهن تون، ان کي باوجود ڏينهن رات تلاش ۽ جستجو جي نٿو لهي سگهين ته سمجهي ڇڏ ته تنهنجي طلب ۾ ڪا گهٽتائي آهي، باقي هو ته هر وقت هر هنڌ موجود آهي.