هڪڙي ٻئي پکيءَ جو خودبيني ۽ ڪمال بابت سوال
هدهد جو جواب
هدهد جواب ڏيندي چيس، ته تون سراسر ٺڳيل ۽ خيال ۾ گرفتار آهين. نفس جو توتي قبضو آهي ۽ شيطان تنهنجي سر تي ويٺو آهي. درحقيقت تون ساروئي گمان جو هڪ مجسمو آهين، مگر سمجهين نٿو. معرفت جي فضا توکان گهڻو پري آهي ۽ جو ڪجهه نور تون ڏسين ٿو، اهو به تولاءِ هڪ آگ آهي، ۽ جيڪڏهن توکي ڪو ذوق آهي ته اهو به محض تنهنجوگمان آهي. تنهنجو وجد ۽ تنهنجو فقر خيال آهي ۽ جو ڪجهه تون چئي رهيو آهين، سو محال آهي ۽ ٿئي نٿو سگهي.
اي پيارا، جيستائين تون پنهنجي گمان ۽ خوش فهميءَ ۾ اٽڪيل رهندي، تيستائين تنهنجو پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ هڪ دمڙيءَ جي لائق به نه آهي. هاڻي تنهنجي ئي نصيحت خاطر مان توکي ٻه چار آکاڻيون ٻڌايان ٿو.
شيخ ابوبڪر نيشاپوريءَ جي آکاڻي
چون ٿا ته، هڪڙي دفعي شيخ ابوبڪر نيشاپوري، پنهنجي مريدن سان گڏ هڪڙي گڏهه تي سوار، ڪنهن رستي تي وڃي رهيو هو ته اوچتو سندس گڏهه کان ريح (واءُ) نڪري ويئي. شيخ ان سبب في الفور حال ۾ اچي ويو ۽ نعرا هڻڻ ۽ ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو مريدن کي هيءَ ڳالهه البت پسند نه آئي، تنهنڪري انهن مان هڪڙي کيس چيو ته سائين! آخر ڪهڙي سبب توهين هتي حال ۾ اچي ويا آهيو؟ جواب ڏنائين، ته مان مريدن جي هيتري ساري مجمعي کي ڏسي خيال ڪيو ته مان بايزيد کان ڪو گهٽ ڪونه آهيان ۽ سڀان قيامت ڏينهن به هن عزت ۽ ناز سان محشر جي ميدان ۾ ويندس، جڏهن هي خيال ڪيم، تڏهن اتفاق سان گڏهه ريح ڇوڙي ۽ ائين ڪرڻ سان، هن مون کي هيءُ جواب ڏنو ته جو به شخص اهڙي ڊاڙ هڻي ٿو، تنهن جو جواب اجهو هيءُ آهي (گڏهه اجهو هيئن واءُ ڏئي ٿو). انهيءَ ڪري منهنجي اندر ۾ آگ لڳي ويئي ۽ حال ۾ اچي ويس.
اي عزيز، جيستائين تون غرور (خود پسنديءَ ۽ خوش فهمي) ۾ مبتلا آهين، تيستائين تون حقيقت کان پري پيل ۽ سون بلائن ۾ گرفتار آهين. ”مان“ جو لفظ ڪڏهن به نه چؤ ته جيئن ابليس جي ڄار ۾ ڦاسي نه پوين.
حضرت موسيٰ ۽ ابليس جي آکاڻي
الله تعاليٰ هڪڙي دفعي، حضرت موسيٰ کي ابليس کان رمز سکڻ جي تلقين ڪئي. بعد ۾ جڏهن هن ابليس کي رستي تي ڏٺو، جڏهن ان کان رمز جي طلب ڪيائين، جنهن تي ابليس سمجهايس ته، تون هڪڙي ڳالهه کي سدائين ڌيان ۾ رکيو اچ، يعني ته ”مان“ جو لفظ ڪڏهن به نه چئو ته جيئن تنهنجي حالت منهنجيءَ وانگر نه ٿئي.
هڪڙي پاڪ دين جي گفتگو
هڪ دفعي، هڪڙي پاڪ دين چيو ته مبتديءَ جو اوندهه ۾ رهڻ سندس لاءِ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ابتدا ۾ کيس ڪا (غيبي) شيءِ ڏسڻ ۾ آئي ته هو دوکو کائي ويهندو ۽ منڪر ٿي پوندو.
اڙي بندا، جو حسد ۽ غصو تنهنجي اندر ۾ آهي، تنهن کي صاحبِ نظر جي ئي اک ڏسي ٿي ۽ نه تون. ڪم از ڪم هيترو ته خيال ڪر ته تنهنجي پيدائش خاڪ ۽ خون (مان بڻيل) آهي ۽ اهي ٻئي شيون حرام آهن. جڏهن تون پاڻ ۾ ايتري گندگي به ڏسين ٿو، تڏهن به خبر نه آهي الائجي ڇو مطمئن ٿيو ويٺو آهين.
هڪڙي شخص جو ڪُتي کان دامن پري نه ڪرڻ جي آکاڻي
هڪڙي شخص جي پاسي ۾، هڪڙو پليد ڪتو وڃي رهيو هو، ليڪن هن انهيءَ کان پنهنجو دامن پري نه ڪيو. جڏهن هڪڙي سائل ان کان احتراز ڪرڻ طرف سندس ڌيان ڇڪايو، تڏهن جواب ڏنائين، ته هيءُ ڪتو ظاهر ۾ پليد آهي ۽ مان اندر ۾ پليد آهيان. هاڻي جڏهن منهنجو باطن ڪتي جي ظاهر جهڙو آهي، تڏهن ان کان ڪيئن ڀڄي پاسو ڪريان؟
هڪڙو عابد جو ڏاڙهيءَ جي ٽهل ٽڪور ۾ مشغول هو، تنهن جي آکاڻي
حضرت موسيٰ عليہ السلام جي ڏينهن ۾، هڪڙو وڏو عابد ٻانهو هو، مگر باوجود جهجهي عبادت جي هو الاهي ذوق ۽ اندر جي سوجهري کان صفا خالي هو. کيس هڪ وڏي ڏاڙهي هئي، جنهن کي هر گهڙيءَ پيو ڦڻي ڏيندو هو. هڪڙي ڏينهن، حضرت موسيٰ کي ڏسي، اچي کيس عرض ڪرڻ لڳو، ته مهرباني ڪري الله تعاليٰ کان پڇي ٻڌائينم ته ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ حضرت موسيٰ دريافت ڪري کيس ٻڌايو، ته الله تعاليٰ جو چوڻ آهي ته هو هميشه پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ئي مشغول آهي ۽ اسان جي وصل جي درد کان ڪورو ۽ ڪوهين ڏور آهي. هيءُ ٻڌي، هو ڏاڙهيءَ کي پٽڻ ۽ روئڻ ۾ لڳي ويو. ايتري ۾ جبرئيل ڊوڙندي اچي حضرت موسيٰ کي ٻڌايو ته، هيءُ شخص اڃا به پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ مشغول آهي. جڏهن ڏاڙهيءُ کي سنواريائين ٿي، تڏهن به پريشانيءَ ۾ رهيو ۽ هاڻي جڏهن ان کي پٽي ٿو، تڏهن به انهيءَ جي ئي خيال ۾ آهي.
اي انسان، الله تعاليٰ جي ياد کان سواءِ، هڪڙو دم کڻڻ به وڏي خطا آهي. ڪاش تون ان کي سمجهين!
هڪڙي ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ واري جي آکاڻي
هڪڙي بيوقوف کي ڊگهي ڏاڙهي هئي؛ هڪ دفعي اوچتو درياءَ ۾ ڪري ٻڏڻ لڳو. هڪڙو چرچائي، جو ڪناري تي بيٺو هو، تنهن کيس ڏسي چيو، ته تون توبري کي مٿي کان ڪڍي اڇلائي ڇڏ (ورنه ٻڏي مرندين). ان جواب ۾ چيو، ته هيءُ توبرو نه بلڪ منهنجي ڏاڙهي آهي ۽ هيءُ ئي آهي جا منهنجي پريشانيءَ جو باعث آهي. انهيءَ تي هن چيس ته جيڪڏهن تنهنجو هيءُ حال رهيو ته اها ڏاڙهي هڪ ڏينهن تنهنجو خاتمو آڻيندي.
اي انسان، جيستائين تو ۾ نفسانيت ۽ شيطانيت موجود آهي، تيستائين ههڙي ٻڪر جيان ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ کان ڪو شرم ڌار.