هڪڙي ٻئي پکيءَ جو انصاف ۽ وفا متعلق سوال
هدهد جو جواب
اڙي منهنجا محبوب، انصاف ته ڇوٽڪاري جو بادشاه آهي، جنهن انصاف ڪيو، سو واهيات کان آزاد ٿيو ۽ اهو سڄي ڄمار جي رڪوع ۽ سجود کان افضل آهي. پوشيده طور انصاف ڪرڻ جهڙي جوانمردي ته ٻنهي جهانن ۾ ئي ڪانهي، ڇالاءِ جو ظاهر واري انصاف ۾ رياڪاري جي ڪجهه نه ڪجهه اميزش رهي ٿي.
امام احمد بن حنبل جو بشرحافيءَ جي خدمت ۾ وڃڻ
امام احمد بن حنبل، پنهنجي زماني جو يڪتا عالم ۽ امام هو، جڏهن به پنهنجي علم ۽ فڪر کان فارغ ٿيندو هو، تڏهن سڌو بشرحافيءَ وٽ ويندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو شخص کيس اتي ڏسندو هو ته بنا دير ملامت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو هوس ۽ چوندو هوس ته تون ساري عالم جو مقتدا آهين ۽ توکان زياده عالم ته ڪو ٿي ئي نٿو سگهي. ٻئي ڪنهن جي ڳالهه ته تون ٻڌين ئي نٿو؛ باقي بشر ڏانهن ته مٿي ۽ پيرين اگهاڙو هليو وڃي ٿو. امام احمد بن حنبل، ان جي جواب ۾ کيس چوندا هئا ته، برابر مان ظاهري علوم ۾ ان کان اڳڀرو آهيان، ليڪن خدا تعاليٰ جي ڄاڻ سڃاڻ ۾ هو مون کان اڳڀرو آهي.
اڙي، پنهنجي بي انصافيءَ کان بيخبر انسان، ڪا گهڙي عارفن جي انصاف کي به ڏس ۽ پنهنجي منصف مزاجيءَ کي اجايو نه پڌاءِ.
سلطان محمود جي لشڪر ۾ هندو راجا جو گرفتار ٿيڻ
اتفاق سان هڪ ڏينهن، هندن جو هڪڙو ٻڍو بادشاهه، سلطان محمود جي لشڪر ۾ گرفتار ٿي پيو. جڏهن سلطان جي اڳيان پيش ٿيو، تڏهن مسلمان بڻجي وڃي ولايت کي رسيو. ان بعد هڪ تنبوءَ اندر اڪيلو ويهي رات ۽ ڏينهن گريه زاري ڪندو ۽ ويچاريندو رهيو. جڏهن سلطان کي هيءَ خبر پئي، تڏهن پاڻ وٽ گهرائي چيائينس ته، مان ڄاڻان ٿو ته تون بادشاهه هئين، هاڻي جيڪڏهن هڪڙي بادشاهي ويئي ته ڪهڙي ڳالهه، مان توکي ان جهڙيون سَوَ بادشاهيون ڏيان ٿو، تون هن روڄ ۽ راڙي کي ڇڏي ڏي. راجا جواب ۾ چيس ته مان محض هن خيال کان روئان ٿو ته مبادا سڀان قيامت جي ڏينهن، جيڪڏهن کڻي خدا تعاليٰ مون کي خطاب ڪري ته تون هڪ بيوفا ۽ جفاڪار بندو هئين ۽ جيستائين محمود ڪثيرالتعداد لشڪر سان تو وٽ نه آيو تيستائين تو مون کي ياد ئي نه ڪيو، ته مان بيوفا، ان وقت ان خطاب جو ڪهڙو جواب ڏيئي سگهندس! مان ته، ان وقت جا شرمساري ٿينديم، تنهن کي ياد ڪري روئي رهيو آهيان.
اي بندا! تون نيڪ ماڻهن جي وفاداري ۽ انصاف جي ڳالهين کي ڪن ڏيئي ٻڌ، پوءِ جيڪڏهن ست ساري سگهين ته هن راهه ۾ پير پاءِ ورنه ڀڄي پاسو ڪر.
هڪ وفادار ڪافر جي سبب هڪ بيوفا غازيءَ کي خدا تعاليٰ جو مهڻو
هڪ دفعي جنگ هلندي، هڪڙي (مسلمان) غازيءَ هڪڙي ڪافر کان نماز پڙهڻ لاءِ مهلت گهري جا هن کيس ڏني. جڏهن نماز پڙهي آيو، تڏهن وري ڪافر کانئس پنهنجي پوڄا پاٺ خاطر مهلت طلب ڪئي، ان بعد جنهن وقت هن هڪ بت اڳيان پنهنجو سِر زمين تي رکيو، تنهن وقت ان غازيءَ ان کي اتي ئي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ليڪن غيب مان آواز آيس ته، تون سراپا بدعهد ۽ بيوفا آهين. هن توکي اول مهلت ڏني ۽ تلوار کان ڪم نه ورتو ۽ هاڻي جيڪڏهن تون تلوار کان ڪم وٺندين ته هيءَ عين جهالت چئبي. تو انجام کي پاڙڻ واري آيت ئي نه پڙهي آهي (”اوفوا بالعقود“ ڏانهن اشارو). هن توسان چڱائي ڪئي ۽ تون موٽ ۾ ان سان برائي ڪري رهيو آهين. تون ٻئي سان اهو ڪجهه ڪر، جو تون پاڻ سان ڪرڻ چاهين. هيءُ ٻڌندي ئي هو بيهوش ٿي پگهر ۾ غرق ٿي ويو. ڪافر هيءَ حالت ڏسي اچي ان بابت کانئس پڇيو، جنهن تي هن کيس ساري حقيقت ڪري ٻڌائي. جڏهن ڪافر هيءُ قصو ٻڌو، تڏهن زور سان نعرو هڻي بنا دير مسلمان ٿي پيو ۽ چوڻ لڳو ته، جڏهن اهو جبار (الله تعاليٰ) پنهنجي محبوب غازيءَ کي پنهنجي معتوب دشمن خاطر وفاداريءَ جو مهڻو ڏئي ٿو، تڏهن پوءِ مان ڇو اهڙي بيوفائي ڪريان.
حضرت يوسف جي ڀائرن جو قحط ساليءَ ۾ مصر اندر اچڻ
حضرت يوسف عليہ السلام جا ڏهه ڀائر، ڏڪار سبب پري کان ڪهي مصر آيا ۽ اچي پنهنجي عاجزيءَ جو احوال بيان ڪيائون. ان وقت حضرت يوسف جو منهن ڍڪيل هو ۽ سندس اڳيان هڪ ٿالهه پيل هو، جنهن تي جڏهن هن هٿ هنيو، تڏهن هو زاروزار روئڻ لڳو. حضرت يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو ته، مان ان جو آواز سمجهان ٿو ۽ اهو چئي رهيو آهي ته: هن کان اڳ توهان کي يوسف نالي هڪڙو حسين ڀاءُ هو جو توهان سڀني کان سونهن ۾ وڌ هو. وري ٻيو دفعو ان تي هٿ هڻي چوڻ لڳو ته پنهنجي آواز ۾ چئي رهيو آهي ته توهان سڀني ملي يوسف کي کوهه ۾ وڌو ۽ هڪ بي گناهه بگهڙ تي تهمت لڳائي. ان کان پوءِ جڏهن ٽيون دفعو ان تي هٿ هنيائين، تڏهن ٻڌايائين ته، اهو پنهنجي آواز ۾ چئي رهيو آهي ته توهان پنهنجي پيءُ کي برغلائي (غم ۾) جلائي ڇڏيو ۽ چنڊ جهڙي يوسف کي وڪڻي ڇڏيو. انهيءَ نموني ته ڪافر به پنهنجي ڀاءُ سان بدسلوڪي نٿا ڪن. توهان کي ته خدا تعاليٰ کان، جو حاضر ۽ ناظر آهي، شرم اچڻ گهرجي.
انڌو اهو آهي جو هن قصي کي ٻڌي، ان مان نصيحت نه وٺي. اي انسان! تون هن قصي کي پنهنجوئي سمجهه. تون خود ڄاڻي واڻي بيوفائي ڪري رهيو آهين. ذرا سوچ ۽ پنهنجي عملن جي چڪاس وٺ.