تصوف

پکين جي پارليامينٽ

منطق الطير ۾ خواجہ فريد الدين عطار، تمثيل طور پکين جي روپ ۾ انساني جذبن ۽ حقيقتن جو اظھار ڪيو آھي ۽ ھڪ افساني جي شڪل ۾ انساني زندگيءَ جا عام واقعا بيان ڪيا آھن. منطق الطير جي 64 بيانن ۾ ڪُل 4600 بيت آھن. منڍ وارا 600 کن بيت رب جي واکاڻ، رسول صہ جن جي نعت، خليفن جي مدح تي مشتمل آھن. ان کان پوءِ اصل قصو شروع ٿئي ٿو. 

Title Cover of book پکين جي پارليامينٽ

هدهد جو بلبل کي جواب

اڙي ظاهري صورت ۾ اڙيل بلبل! هن کان زياده عشق ۾ ناز ۽ فخر نه ڪر. ڏسين نٿي ته گل جي چهري تنهنجي اڳيان ڪيترا نه اڪيچار ڪنڊا وڇايا آهن ۽ پنهنجو ڪم سنئون ڪري تنهنجو ڪم اونڌو ڪيو اٿس. گل ڪيترو به حسين ۽ جميل ڇو نه هجي، مگر ان جو هي حسن ۽ جمال هڪ هفتي جو مهمان آهي (۽ پوءِ ويندو رهندو). ياد رک ته ان شيءِ جو عشق زوال پذير آهي، تنهن کان ڪاملن کي رنج ۽ ملال رسي ٿو.گل جي کلمک ڪيترو به کڻي توکي پاڻ ڏانهن ڇڪي، مگر تڏهن به اها سدائين توکي ڏکن ۽ دردن ۾ رکندي (روڄ ۽ راڙي ۾ مبتلا ڪندي). گل کي ڇڏي ڏي ڇا لاءِ جو هو هرنوبهار ۾ توتي کلي (ٺٺولي ڪري) ٿو، مگر تون بيشرم آهين ۽ سمجهين نٿي. جيڪڏهن توکي اکين ۾ واقعي شرم هجي ها ته ان ڏانهن ڪاوڙ ۽ غصي کان سواءِ نه نهارين ها؛ مگر تو وانگر جو بيشرم هوندو تنهن کي ان ڳالهه جو ڪٿي لحاظ ٿيندو؛ تنهن ڪري توکي لائق آهي ته تون بي بقا شيءِ کي ترڪ ڪري لازوال عشق جي طالب ٿين. اجهو مان توکي هڪ ڪهاڻي ٻڌايان ٿو، جنهن کي تون خيال ڏيئي ٻڌ ۽ هنئين سان هنڊاءِ.


ڪهاڻي

هڪڙي بادشاهه کي هڪ چنڊ جهڙي ڌيءَ هئي، جا دل سان چاهيندڙ عاشقن سان ڀريل دنيا رکندي هئي (ساري دنيا مٿس مست هئي). ان جي نيم خواب (اڌوري ننڊ واري) اک، سدائين مست رهندي هئي، تنهنڪري فتنو ته هميشه بيدار هوندو هو (يعني هر وقت فتنو برپا هو). سندس ڳل ڪافور جيان سفيد، ۽ سندس وار مشڪ مثل ڪارا هئا ۽ ان جي چپن کان نهايت چمڪيدار لعل جا چپ به خشڪ هئا (سرخ شراب سان تر ٿيل چپن جي ڪري لعل پٿر به خشڪ يعني شرمسار هو). جيڪڏهن ان جي جمال جو ڪو ذرو ظاهر ٿي پوي ها ته عقل به پنهنجي بي عقلي کان بدنام هجي ها ۽ جيڪڏهن کنڊ ان جي چپن جي ذائقي کي سڃاڻي ها ته شرم کان سُسي ڳري وڃي ها.
اتفاق سان واٽ تي هڪ فقير جي نظر ان چمڪندڙ چنڊ تي پئجي ويئي. هن غريب کي هٿ ۾ فقط هڪ ماني هئي، جنهن تي ٻوڙ به پيل ڪونه هو (يعني ڏاڍو مسڪين هو). جڏهن سندس نظر ان چنڊ جي منهن تي پئي تڏهن ماني سندس هٿ مان ڪِري وڃي پَٽ تي پيئي ۽ هوءَ سندس اڳيان باهه جيان لنگهي ويئي ۽ مٿس مشڪندي ۽ کلندي هلي ويئي. فقير جڏهن ان کي (پاڻ تي) ائين کلندو ڏٺو، تڏهن پاڻ پنهنجي خون ۾ غرق ٿي ويو. ويچارو فقط اڌ ماني ۽ اڌ جان جو مالڪ هو (گهڻو ڪمزور هو) ۽ انهن ٻنهي ان هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ پاڪ (خالي) ٿي ويو. نه رات جو آرام هوس ۽ نه ڏينهن جو سڪون. روڄ ۽ اندر جي سوز کان ٻڙڪ به ٻاهر نٿي ڪڍيائين. جڏهن انهيءَ شهزاديءَ جو مشڪڻ ياد ڪندو هو، تڏهن بهار جي ڪڪر جيان اکين مان نار وهائيندو هو. مطلب ته غريب ستن سالن تائين ان جي عشق ۾ ڦيٽون کائيندو رهيو ۽ انهيءَ جي گهٽيءَ ۾ ڪتن سان گڏ گذر ڪندو رهيو. عشق آهي مشڪ سو ڀلا ڪٿي ٿو لڪي. نينگريءَ جي سڀني ٻانهن ۽ غلامن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي ويئي جن گڏجي هي ارادو ڪيو ته انهيءَ فقير جي سر کي شمع وانگر ڪاٽي ڇڏجي. رحمدل نينگريءَ ڳجهه ڳوهه ۾ ان کي پاڻ وٽ گهرائي سمجهايو ته: تو جهڙي بينوا جو مون جهڙي شهزاديءَ سان ڪيئن ٿو ميلاپ ٿي سگهي؟ تون هي خيال ڇڏي ڏي. منهنجا خادم توکي ختم ڪرڻ گهرن ٿا، لهاذا ڀڄي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي در تي وڌيڪ نه ترس ۽ اٿي هليو وڃ. فقير مسڪين جواب ۾ عرض ڪيو ته مان ته انهيءَ ڏينهن کان ئي پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن کان توکي ڏسي موهجي پيس. مون جهڙي بيقرار (۽ پريشان حال) جون هزار جانيون توتان هر وقت قربان! جڏهن مون کي تنهنجا غلام بي گناهه قتل ڪندا، تڏهن مهرباني ڪري منهنجي هڪڙي سوال جو جواب ته ڏي، جنهن وقت تو منهنجو سر رائگان قلم پئي ڪيو، تنهن وقت ڪهڙيءَ ڳالهه سببان تون مون تي پي کلينءَ؟ نينگري وراڻي ڏني ته: مون توکي نهايت ئي بي سمجهه ۽ نادان ڏٺو ۽ انهيءَ ڪري ئي توتي پي کليس. تنهنجي مٿي ۽ منهن تي کلڻ (ٺٺول ڪرڻ) روا آهي، ليڪن تنهنجي روبرو کلڻ (محبت جو اظهار ڪرڻ) صحيح نه آهي. ائين چئي هوءَ دونهي مثل سندس آڏو ويندي رهي ۽ جو ڪجهه هو سو حقيقت ۾ ڪجهه به نه هو.