تصوف

پکين جي پارليامينٽ

منطق الطير ۾ خواجہ فريد الدين عطار، تمثيل طور پکين جي روپ ۾ انساني جذبن ۽ حقيقتن جو اظھار ڪيو آھي ۽ ھڪ افساني جي شڪل ۾ انساني زندگيءَ جا عام واقعا بيان ڪيا آھن. منطق الطير جي 64 بيانن ۾ ڪُل 4600 بيت آھن. منڍ وارا 600 کن بيت رب جي واکاڻ، رسول صہ جن جي نعت، خليفن جي مدح تي مشتمل آھن. ان کان پوءِ اصل قصو شروع ٿئي ٿو. 

Title Cover of book پکين جي پارليامينٽ

استغنيٰ جي واديءَ جو بيان

چوٿين وادي، استغنيٰ جي آهي، جنهن متعلق ڪوبه ڊاڙ هڻي نٿو سگهي. هتي بي نيازيءَ جو جهولو اهڙو ته سخت ٿو لڳي، جو هڪ پلڪ ۾ جهان کي نابود ڪري ٿو ڇڏي. ان اڳيان ست بهشت ۽ دوزخ ڪا معنيٰ ئي نٿا رکن، ۽ نهايت عجب جي ڳالهه آهي جو هن واديءَ ۾ هڪ ڪئلي به سؤ هاٿين جي طاقت رکي ٿي. هتي تون ڪو عمل ڪرين يا نه ڪرين، هيءُ جهان ئي بي نيازيءَ جو آهي. هن هنڌ جيڪڏهن هزارين جانيون ڪري پون ته اهي سڀ هڪ بي پايان سمنڊ ۾ هڪ شبنم جي قطري برابر آهن. جيڪڏهن هي سڀيئي آسمان ۽ تارا، ذرا ذرا ٿي پون، زمينون ۽ آسمان معدوم ٿي وڃن، ٻنهي جهانن ۾، جنن ۽ انسانن جو نشان ئي نه رهي ۽ جيڪڏهن هيءُ ساري مخلوق خاڪ ۾ ملي وڃي ته ان استغنيٰ جي دنيا کي ڪا پرواهه ڪانهي اها جيئن آهي تيئن رهندي. هاڻي نصيحت خاطر مان توکي ٻه چار حڪايتون ٻڌايان ٿو.

هڪڙي جوان جي حڪايت

اسان جي ڳوٺ ۾ محمد نالي هڪڙو چنڊ جهڙو خوبصورت جوان کوه ۾ ڪري پيو. ڪرڻ سان مٿس گهڻي مٽي پئجي ويئي، مگر ڪنهن شخص اچي کيس ٻاهر ڪڍيو، ليڪن ان وقت، هو پوين پساهن ۾ هو. پڻس هي حالت ڏسي چوڻ لڳوته .اي بابا، تون مون پيءُ سان ته مهرباني ڪري ٻه ٽي لفظ ڳالهاءِ.“ ان جواب ۾ چيس، ته محمد هجي يا ڪو ٻيو·، هتي ڳالهائڻ جي جاءِ ڪانهي. بس، ائين چئي هن دم ڏنو.
اي سالڪ! ڪجهه غور سان ڏس؛ ڪٿي محمد ۽ ڪٿي آدم جو اولاد، ڪٿي جزئيات ۽ ڪٿي ڪُليات، هتي ته سڀ گم آهن ۽ ڪنهن جي به هلي نٿي!

شيخ يوسف همدانيءَ جي حڪايت

يوسف همداني، جو انهيءَ راهه کان آگاهه هو، تنهن هڪ شخص کي چيو، ته جيڪڏهن تون عرش تي وڃي وري واپس زمين تي موٽي اچين ته اهو به آسان آهي ۽ جو ڪجهه ٿيو ۽ ٿيندو، نيڪي خواه بدي، سڀ ان درياءَ جو هڪ قطرو آهي، ليڪن هيءَ وادي ڏاڍي اوکي آهي ۽ تون محض نادانيءَ کان ان کي سهل سمجهي ويٺو آهين. هن جهان ۾ تون ڪيترو به رستو طئي ڪندين، ته به ڏسندين ته اهو اڃا تنهنجو پهريون قدم آهي، ڇاڪاڻ ته هن رستي جي نه ته ڪا انتها آهي ۽ نه هن درد جي ڪا دوا. تون ان اندر ڪيترو به هلندو ۽ ڊوڙندو وڃين، مگر قيامت تائين تون گهنڊ جو آواز نه ٻڌندين (درٻار عالي تنهنجي وهم ۽ گمان کان ئي پري آهي). تون هر حالت ۾ هن جهان جي بي نيازيءَ ۽ بيپرواهيءَ کي لحاظ ۾ رکيو اچ، ڇالاءِ جو هن درٻار ۾ استغنيٰ جي اها بجلي ٿي چمڪي، جنهن جي گرميءَ کان سوين جهان هڪ پلڪ ۾ سڙي ڀسم ٿي وڃن ٿا.

هن جهان جي دشواريءَ جي حڪايت

هڪڙو ڏاهو حڪيم (نجومي)، جيئن مٽيءَ جي تختيءَ تي سيارن ۽ ثابت ستارن، آسمان ۽ زمين جا نقوش ڪڍي، انهن تي پنهنجو فيصلو مرتب ڪندو آهي، ۽ سعادت يا نحوست جا چٽ ڪڍندو ۽ موت ۽ ڄم جا خانا بنائيندو آهي، ۽ بعد ۾ جڏهن نحوست جو حساب سعادت سان بدلجي ويندو آهي، تڏهن انهي تختيءَ کي وٺي ڇنڊيندو آهي، ڄڻڪ اهي نقوش اصل هئائي ڪونه، تيئن هن دشوار جهان جو نقشو به آهي. تون، جيڪڏهن ان جو تاب جهلي نٿو سگهين ته ان جي چوڌاري چڪر ڪاٽيندو رهه ۽ وڃي ڪا ڪنڊ وساءِ.

شخص جنهن اڳيان پردو هٽايو ويو، تنهن جي حڪايت

هڪڙي عارف، ڪنهن شخص کي چيو ته عالم اسرار تان پردو هٽايو ويو آهي. غيب کان فوراً آواز آيو ته اي ٻڍا! جو ڪجهه گهرڻو هجيئي سو جلدي گهري وٺ.“ ٻڍي جواب ۾ چيو، ته مون ٻڌو آهي ته نبي سڳورا هميشه هر ڪنهن قسم جي تڪليف ۾ مبتلا رهيا آهن، هاڻي جڏهن نبين سڳورن جي هيءَ حالت هئي، تڏهن هن غريب ٻڍي کي ڪٿي ٿي راحت ملي سگهي؟ مان نه عزت ٿو چاهيان ۽ نه ذلت، ڪاش! مون مسڪين کي هن عاجزيءَ ۾ ڇڏيو وڃي!

هڪڙيءَ مک جي حڪايت

هڪڙي مک، جيئن پنهنجي ثمر لاءِ وڃي رهي هئي، تيئن ڪنهن ڪنڊ ۾ ماکيءَ جو مانارو ڏسي مٿس شائق ٿي پيئي ۽ چوڻ لڳي ته ڪو آزاد مخلوق هجي، جو مون کان هڪڙو جؤ وٺي، مون کي هن ماناري ۾ آڻي اندر ويهاري. ڪنهن شخص هيءَ ٻڌي، ان کان جؤ وٺي کيس اندر جاءِ ڏني؛ پر جڏهن مک جو وڃي شهد سان ڪم پيو، تڏهن ان ۾ ڦاسي پيئي ۽ جيترو پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيائين، تيترو سوگهي ٿي ويئي. هيءُ حال ڏسي رڙيون ڪرڻ لڳي ته مان ته مصيبت ۾ اچي ويئي آهيان ۽ شهد ته مون لاءِ زهر کان به زياده ڪڙي ٿي پيئي آهي. مان هاڻي هڪ جؤ جي عوض ٻه جؤ ڏيان ٿي ته جيئن هن قيد کان ٻاهر نڪري اچان.
اي برادر، هن واديءَ ۾ ڪوبه شخص هڪ گهڙي به شال فارغ نه هجي، ۽ هن واديءَ جو سالڪ به ڪو پختو صوفي هجي!

هڪ گودڙيءَ جي عشق جي حڪايت

هڪ مشهور گودڙيو، ڪنهن شڪاريءَ جي ڇوڪريءَ تي بيتاب عاشق ٿي پيو ۽ ان جي منهن لاءِ انهيءَ جي گهٽيءَ جي ڪتن سان رات جو گڏ گذاريندو هو. جڏهن ڇوڪريءَ جي ماءُ کي اها خبر پئي، تڏهن چيائينس ته اسان جو ڌنڌو آهي، ڪتا ڌارڻ ۽ پالڻ، ۽ جيڪڏهن تون اسان جو ڌنڌو اختيار ڪرين ته سال کان پوءِ تون نڪاح ڪري سگهين ٿو. شيخ ڇاڪاڻ ته عشق ۾ مضبوط هو، تنهنڪري گودڙي اڇلائي، ڪتي کي هٿ ۾ وٺي، بازار ويندو رهيو ۽ سال کن اهوئي ڪم ڪندو رهيو. هڪڙي ڏينهن هڪ رفيق صوفيءَ هيءَ حالت ڏسي، کيس چيو ته ٽيهه سال تون پورو صوفي هئين ۽ هاڻي هيءُ تو ڇا ڪيو آهي؟ جواب ڏنائين ته تون اڃا غافل آهن، بهتر آهي ته تون هن ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ رازن کان چڱيءَ پر واقف آهي، ٿي سگهي ٿو، هو جڏهن تنهنجو مون کي متواتر طعنو ۽ تنڪو ڪندو ڏسي، تڏهن هن ڪتي کي منهنجي هٿ کان ڇڏائي تنهنجي هٿ ۾ ڏئي!

حضور قلب جي حڪايت

هڪڙي مريد، جڏهن مرشد کان حضور قلب بابت نڪتو دريافت ڪيو، تڏهن هن کيس جواب ڏنو ته توهان سڀيئي منهن ڌوئي اچو ته مان اهو نڪتو بيان ڪريان. توهان جڏهن ته نجاست ۾ ٿڦيا (لت پت ٿيا) پيا آهيو، تڏهن ان نڪتي ٻڌائڻ مان طرفين کي ڪهڙو فائدو؟