انتساب: انجنيئر عبدالوهاب سهتو جي نالي
ڪجھه سالن کان جهاز هلائڻ، پڙهائڻ ۽ رلڻ کي ڇڏي ڪراچي ۾ اچي رهيو آهيان. ظاهر آهي ته 80 جي ويجھو اچي ٿيو آهيان، هاڻ اها همت نه رهي آهي. دل جي ڊاڪٽر ۽ آرٿو پيڊڪ سرجن ته گھڻي هلڻ ۽ گھڻي ڳالهائڻ کان به منع ڪئي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ جي هيڪاندي شوق کي ڏسي انڪار نه ڪري سگھندو آهيان ۽ ڏهه پندرنهن منٽ ملي وٺندو آهيان. مون ڏٺو آهي ته هر آيل منهنجي ڪمري جي چوڌاري نظر ڦيرائي، اهو سوال ضرور ڪندو آهي ته سائين توهان جي لئبريري ڏسڻ تي دل چوي ٿي، اها ته ضرور وڏي هوندي!
جواب ۾ آئون اهو ئي چوندو آهيان ته، ”يارو! مون وٽ ته پنهنجن ڪتابن جو ئي سيٽ ناهي. منهنجي زندگي جهازن تي گذري، جن تي جڏهن جونيئر هئس ته رهائش لاءِ ننڍڙو ڪمرو (ڪئبن) هو. وڏي عهدي يعني چيف انجنيئر ٿيڻ تي بيڊ روم سان گڏ ڊرائنگ روم ۽ آفيس به هئي ۽ هڪ بدران ڪنهن جهاز تي ٻه ته ڪنهن تي ٽي ڪٻٽ به هئا، پر تيستائين شادي به ٿي وئي هئي ۽ انهن ڪٻٽن ۾ اسان زال مڙس ۽ ٻن ٻارن جي ضروري سامان لاءِ به گھٽ Space ٿَي ٿِي. ان ڪري ڪتاب ته ڇا پر بوٽن جو به هڪ جوڙو رکڻو پيو ٿي. ڳوٺ هالا ۾ ننڍپڻ کان ٽن چئن ڪٻٽن تي مشتمل لئبريري هئي، جيڪا پوءِ ڪراچيءَ شفٽ ڪيم ۽ سامونڊي نوڪريءَ دوران مختلف بندرگاهن مان ورتل ڪتاب، ڪراچي اچي دوستن ۾ ورهائيندو هوس يا ڪجهه پاڻ لاءِ رکندو هوس پر پوءِ هڪ ڏينهن سال 1973ع ۾ پروفيسر سليم ميمڻ صاحب کي سڀ ڪتاب سگا وارن لاءِ ڏئي ڇڏيم، جنهن گلشن پاسي جي هڪ سنڌي اسڪول کي مون پاران ڏئي ڇڏيا. هاڻ جيڪي ڪتاب اديبن ۽ ادارن کان ملندا آهن يا خريد ڪندو آهيان، اهي پڙهڻ بعد هالا جي ’گرلس ڪاليج لئبريري‘ ڏي موڪلي ڇڏيندو آهيان. هن ڪاليج وارن منهنجي نالي ڪتابن جو هڪ ڪارنر ٺاهيو آهي.“
”سائين پوءِ لکڻ لاءِ توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي ضرورت ته پوندي هوندي؟“ هُو پڇندا آهن ۽ بلڪل صحيح ٿا پڇن. مون کي هر قسم جي ڪتاب جي هر وقت ضرورت پوندي رهي ٿي ۽ اهي مون کي يڪدم ملي ويندا آهن. انهن دوستن جي مهرباني آهي، جيڪي سالن کان پنهنجي لئبريري مان يا ٻين وٽان منهنجي ضرورت جا ڪتاب هٿ ڪري مون ڏانهن پوسٽ ڪندا رهن ٿا. هن وقت انهن جو ٿورو مڃڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ انهن جو نالو لکڻ ضروري آهي. اهي آهن لاڙڪاڻي مان ’پروفيسر مختيار سمون‘، قمبر مان ’عباس ڪوريجو‘، سکر مان ’ادل سومرو‘ ۽ ’عبداللطيف انصاري‘، ڪراچيءَ مان ’امر جليل‘ ۽ ’پروفيسر سليم ميمڻ‘ صاحب. انهن نيڪ انسانن کي فقط فون ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ ڪتاب مون تائين پهچي ويندا آهن.
مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته انهن ڏينهن ۾ نه هئي انٽرنيٽ، گوگل ۽ وڪيپيڊيا ۽ نه مون وٽ جهاز تي سنڌي ۽ اڙدو جون ڊڪشنريون... پوءِ لکڻ دوران ڪٿي منجھندو هوس يا ڪنهن لفظ بابت پڇڻو پوندو هو ته انهن شروع وارن ڏينهن ۾ ٽي ماڻهو مون لاءِ علاؤالدين جي ڏيئي وارا جِنَ هوندا هئا: ’شمشير الحيدري‘، ’قمر شهباز‘ ۽ ’تاجل بيوس‘. افسوس جو انهن کان موڪلائي سال ٿي ويا. انهن جي جاءِ هاڻ نوجوان ٽهيءَ جا ڪنڊياري جو ’مولانا محمد قاسم سومرو‘، سڪرنڊ جو ’پروفيسر غلام نبي چنا‘ ۽ لاڙڪاڻي جو ’انجنيئر عبدالوهاب سهتو‘ آهن. ماشاءَالله هنن نوجوانن جي ادب توڙي مذهب جي ڳالهين بابت ڇا ته ڄاڻ ۽ clear سوچ آهي. انهن مان جن کي سڀ کان وڏي عرصي کان ۽ سڀ کان گھڻو ڊسٽرب ڪندو رهان ٿو، اهو آهي عبدالوهاب سهتو... ان ڪري هن وقت هي ڪتاب هن جي نالي منسوب ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿو. مٿي جن جن ماڻهن جا نالا لکيا اٿم، انهن سڀني مون کي لکڻ لاءِ سهوليت پيدا ڪئي آهي... ايتريقدر جو عبداللطيف انصاري، عباس ڪوريجي ۽ عبدالوهاب سهتي جهڙن مون پوڙهي کي ڪمپيوٽر ۾ به ڀڙ ڪري ڇڏيو آهي. انهن ۾ ’محمد سليمان وساڻ‘، حيدرآباد جي ’راڻي مينگهواڙ‘ ۽ ’جاويد پنهور‘ جا نالا شامل ڪرڻ به ضروري سمجھان ٿو.
پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته عبدالوهاب سهتي سان منهنجي فقط فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. ڪجھه سال اڳ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال مون کي هفتي کن لاءِ پاڻ وٽ گھرايو هو. هڪ ڏينهن هُو مون کي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪنهن سنگت جي دعوت ۾ وٺي ويو، جيڪا مختيار سمون ۽ ان جي ساٿين طرفان ڪئي وئي هئي. ڪيترائي ماڻهو آيل هئا ۽ پنهنجي شوق موجب گھڻي کان گھڻن سان يادگار طور فوٽو به ڪڍرايم. ڪيترا ڄاتل سڃاتل لڳي رهيا هئا. انهن ۾ هڪ پوليس آفيسر ’عرفان سمون‘ به هو، جنهن سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي، پر اتي ويٺل مهمانن ۾ هن کي ڏسي آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته ڪو ڏٺل وائٺل ٿو لڳي. بعد ۾ ڪراچي پهچڻ تي مختيار ٻڌايو ته اهو واقعي عرفان هو. اهڙي طرح عبدالوهاب سهتو به ان دعوت ۾ هو گڏ فوٽو به ڪڍرايم... بعد ۾ ان لاءِ به سوچيندو رهيس ته ڄاتل سڃاتل ٿو لڳي. دراصل جيئن ئي فنڪشن (تقريرون) ختم ٿيو ته پرنسپال صاحب مون کي اتي وڌيڪ ترسڻ نه ڏنو ۽ واپس ڪئڊٽ ڪاليج وٺي آيو. سو تڪڙ تڪڙ ۾ ڪجھه ماڻهن سان فقط فوٽو ڪڍرائي سگھيس. بعد ۾ فيسبُڪ تي عبدالوهاب صاحب جا فوٽو ڏسي عبدالوهاب کي فون ڪيم ته مهمانن ۾ هڪ توهان به لڳائو ٿَي. هن جي ها ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته اهو ماڻهو، جنهن جو سالن کان آئون فون تي مٿو کائيندو اچان، ان سان هڪ دفعو ملاقات ٿي، پر آئون چڱي طرح ڳالهائي به نه سگھيس.
عبدالوهاب کان آئون گھڻي ڀاڱي اهي سوال پڇندو آهيان، جيڪي ’اسلام‘ بابت هوندا آهن. ماشاءَالله، آئون اهو ئي چوندس ته هن جو تمام گھڻو مطالعو آهي ۽ هن جو يادگيرو به سٺو آهي. منهنجي هر سوال جو جواب هُو نه فقط ان ئي وقت ڏيندو آهي، پر اهڙي ته سٺي نموني سان سمجھائيندو آهي جو مون کي يورپ جا نو مسلم گورا ياد اچي ويندا آهن، جن کان سچ ته مالمو (سئيڊن)، ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ۽ بودو (ناروي) جهڙن شهرن جي مسجدن ۾ واعظ ٻڌي اسان جهڙن جاهلن کي دين جي ڄاڻ ٿي. نه ته اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته اسان جي ڳوٺن ۾ نه اهڙا مدرسا هئا ۽ نه وري ڪي عالمِ دين، جيڪي اڄ ڪلهه جتي ڪٿي عام ٿي پيا آهن.
عبدالوهاب، پروفيشن جي لحاظ کان جيتوڻيڪ انجنيئر آهي، پر ادب ۽ مذهب تي هن جو ايڏو ته مطالعو ۽ صحيح سوچ ۽ عقيدو آهي جو هن سان ڳالهائڻ يا بحث ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته قدرت هن کي سمجھائڻ جي صلاحيت ڏني آهي. آئون ته اهو ئي سوچيندو آهيان ته عبدالوهاب صاحب کي ٽيچر ٿيڻ کپندو هو. هُو تازو 60 سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي. هن کي کپي ته هو پاڻ يا لاڙڪاڻي جا ماڻهو هن جا دين تي ليڪچر ٻڌڻ لاءِ هن کي مدعو ڪن. عبدالوهاب صاحب کي معلومات سان گڏ سمجھائڻ جي به ڏات آهي. جن ڳالهين ۾ منهنجو هن سان اختلاف ٿي پوندو آهي يا مون کي سمجھه ۾ نه اينديون آهن ته هُو ڏاڍي آرام سان يعني ٿڌي طبيعت سان دليلن ذريعي سمجھائڻ ۽ مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. نه ته اسان وٽ اسان جا استاد يا مولوي صاحب ڪا شئي بار بار پڇڻ تي يا بحث ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا. عبدالوهاب سهتو صاحب کي مون هميشه انگريزيءَ جي ان چوڻيءَ تي عمل ڪندي ڏٺو ته:
‘Don’t raise your voice, improve your reasoning.’
عبدالوهاب جي زندگيءَ ڏي نظر ٿي ڪجي ته هن ٻالڪپڻ کان غربت ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ گذاريو ۽ هر قسم جي تڪليف کي منهن ڏنو. سخت تڪليفن ۾ رهي به هُن تعليم کي جاري رکيو ۽ نه رڳو انجنيئر ٿيو، پر ادب ۾ به تعليم حاصل ڪئي. هُو ادب جي انهن خذمتگذارن مان آهي، جيڪي خاموشيءَ ۾، بنا ڪنهن شوبازيءَ جي ادب جي خذمت ڪندا رهن ٿا. هن مختلف ٻولين ۽ علائقن جي پهاڪن ۽ چوِڻين تي جيڪو هيستائين ڪم ڪيو آهي، ان جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. بقول فقير دلبر علي لغاريءَ جي اسان وٽ جن انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ لکيو آهي، انهن مخلص ماڻهن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو پڻ هڪ آهي. هن سنڌي ادب جي خذمت ڪرڻ کي هڪ اتم عبادت تسليم ڪيو آهي.
عبدالوهاب سڄي زندگي محنت ۽ محنت ڪندو اچي. هن جو ڪنهن وزير، مشير يا امير سان واسطو ناهي، جنهن ذريعي هن سفارش سان ڊگري حاصل ڪئي هجي... نوڪري حاصل ڪئي هجي. ڏٺو وڃي ته هُو هڪ غريب گھر ۾ ڄائو ۽ ٻاروتڻ کان هُو جدوجهد ڪندو اچي. هُو اسان جي ماڻهن لاءِ مثالي ڪردار آهي ۽ نوجوانن لاءِ، خاص ڪري اهي جيڪي خود ترسي (Self Pity) جو شڪار رهن ٿا، انهن لاءِ انسپائريشن ۽ موٽيويشن آهي.
عبدالوهاب، ڪنڊيارو شهر ڀر سان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڄام نورالله ۾ 1959ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد بچل سهتو هو، جنهن کي سڄو ڳوٺ ’بچو فقير‘ سڏيندو هو. پنهنجي والد بابت عبدالوهاب ٻڌائي ٿو ته، ”منهنجو والد هڪ غريب مسڪين، هاري، اڻ پڙهيل ۽ خوددار ماڻهو هو. زمين ڪاهڻ لاءِ به ڪنهن کان منٿ ايلاز ڪري نه وٺندو هو.“
عبدالوهاب کي ننڍي هوندي کان وٺي علم سان گھڻو چاهه هو. پاڻ پهريان پنج درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. انهيءَ دوران ڳوٺ جي مدرسي ۾ به قرآن مجيد ناظره، قرآن جي معنيٰ ۽ ديني مسئلن بابت به ڄاڻ حاصل ڪئي. اهڙي طرح تعليم جاري رکندي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو مان ڇهون ۽ ستون ڪلاس، حيدرآباد نور محمد هاءِ اسڪول مان اٺون ۽ نائون ڪلاس پاس ڪري، وري نواب شاهه ۾ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ۽ انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاهه مان ۽ انجنيئرنگ جا پهريان ٻه سال مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه مان ۽ انجنيئرنگ جا پويان ٻه سال ڄامشورو مان پڙهيائين، جتي آخري سالن ۾ مائٽن جي مالي ڪمزوريءَ سبب سندس ڪلاس ميٽ دوست حفيظ الله صديقيءَ کان خرچ جا پئسا ملڻ پڄاڻان تعليم مڪمل ڪيائين.
1984ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد عبدالوهاب پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر جي حيثيت سان ڪئي. پھرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿيس. هُونءَ ته عبدالوهاب سهتو کي توهان ڪنڊياروي چئي سگھو ٿا، پر 1990ع ڌاري لاڙڪاڻي مان شادي ڪرڻ ۽ اتي رهي پوڻ ڪري هُو لاڙڪاڻوي سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سال 1994ع کان 1996ع تائين هن جي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ رهي ۽ هُو حيدرآباد لڏي ويو، پر پوءِ سال 2000ع ۾ وري لاڙڪاڻي موٽي آيو ۽ اتي پڪيءَ طرح رهائش اختيار ڪيائين.
مشهور پروفيسر ۽ اديب، مٺل جسڪاڻي ٻڌائي ٿو ته، ”انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب لکڻ جي شروعات سائين سکيو خان چنا جي رهبري ۽ رهنمائيءَ ۾ 1978ع کان ڪئي. کيس ’ڪينجھر ادبي ايوارڊ‘ سال 1997ع ۾ مليو.“ عبدالوهاب پاڻ ٻڌايو ته: ”علمي ادبي ماحول، اسان جي ڳوٺ ۾ نه هو. البت نواب شاهه ۾ رهڻ دوران، ٿورو گھڻو ماحول مليو. جنهن ۾ پڙهڻ سان دلچسپي وڌي. پوءِ لکڻ ڏانهن به لاڙو ٿيو. اسان جي خاندان ۾، منهنجي پيءُ جو مامو عالم هو. پير جھنڊي جي مدرسي منجھه پڙهيو هو. ان جو اثر سڄي ڳوٺ تي پيل هو. هُو مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي جي نالي سان مشهور هو. هُو ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ فقه جو ٽيچر رهيو. سال 1946ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس لکيل قرآن مجيد جي پهرين ٻن پارن جو تفسير ’معارف القرآن‘ نالي سان ڇپيل آهي. ’معارف‘ نالي سان نواب شاهه منجھان رسالو به جاري ڪيائين. جنهن جا چوويهه شمارا نڪتا هئا.“ هن وڌيڪ ٻڌايو ته: ”موجوده وقت ۾ لکڻ پڙهڻ جي حساب سان، مٽن مائٽن منجھان، آئون ئي سرگرم آهيان. منهنجو هڪڙو ننڍي هوندي جو ڪلاسي ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھرو، جيڪو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ بيسڪ سائنس جو چيئرمين ھيو ۽ ھاڻي رٽائر آھي، سو پڻ ديني ڪتابن ۽ مقالن جي تاليف ۽ تصنيف ۾ سرگرم آهي.“
عبدالوهاب سهتو صاحب نه فقط هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي پر ان سان گڏ هُو هڪ بهترين محقق پڻ آهي. سندس پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪافي تحقيق ٿيل آهي.
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’هراس‘ جي نالي سان 1989ع ۾ ’مرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو‘ طرفان ڇپيو. ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ’جڏهن بُت ئي چوي ڪافر‘ نومبر 1992ع ۾ ’سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو‘ پاران ڇپايو ويو. سندس ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب ’هٿ جي وڍي‘ جنهن کي ’عبدالوهاب ڪنڊياروي اڪيڊمي ڄام نور الله‘ طرفان 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
عبدالوهاب بعد ۾ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ’پهاڪن ۽ چوڻين‘ ڏي ڌيان ڏنو. بقول هن جي اهي سچ ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهن. ڪهاڻي لکڻ تي وڏي مغزماري ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڪوڙي پلاٽ کي اهڙو بڻائڻو پوي ٿو، جو سچ جو گمان ٿئي. هُونءَ به پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسيون اسان جي لوڪ ادب جي اهم صنف ۾ شامل آهن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (ڪهاڻين کان سواءِ):
1. ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا
2. ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج
3. موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون
4. اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون
5. گل شڪر (نئين سر لکيل)
6. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون.
7. ڳوٺاڻو ڳُڙ (نئين سر لکيل)
8. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون.
9. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون.
10. چونڊ سنڌي چوڻيون (ترتيب ۽ تدوين)
11. پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون (ترتيب)
12. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون.
13. گھاگهر منجھه ساگر.
14. پهاڪن جي پاٻوهه (سنوار سڌار)
15. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو.
16. نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون
وغيره، شامل آهن.
پهاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
1. چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون (ڇپائيءَ هيٺ)
2. تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پهاڪا (ڇپائيءَ هيٺ)
3. پهاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون (ڇپائيءَ هيٺ)
آئون نٿو سمجھان ته سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسين تي جيترو ڪم سائين عبدالوهاب سهتي ڪيو آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪيو هجي. سندس لکڻيون ڄاڻ جي کاڻ آهن. ان کان سواءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتي تمام بهترين نقاد ’پروفيسر نذير احمد سومري‘ جي تنقيد ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ’تنقيدون ۽ تجزيا‘ ۽ ٻيو ڪتاب ’موهيو مون کي جن‘ جيڪو شخصيتن ۽ خاڪن تي مشتمل آهي، انهن ٻنهي ڪتابن کي ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي. اهي ٻئي ڪتاب پروفيسر نذير احمد سومري جي وفات کان پوءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب سمورو مواد سهيڙي ڇپرايا.
هتي اهو به لکندو هلان ته سائين عبدالوهاب صاحب 1993ع ۾ ايم اي (سنڌي) شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هن کي ته پهاڪن ۽ چوڻين جهڙي سبجيڪٽ تي Ph.D ڪرڻ کَتِي ٿي... ۽ مون کي اسان جي يار پروفيسر ۽ شاعر ادل سومري ٻڌايو ته هن جي سرپرستيءَ ۾ عبدالوهاب صاحب پي.اڇ.ڊي جو پروگرام به ٺاهيو هو، پر پوءِ نوڪريءَ جي بدليءَ ۽ مشغولين جي ڪري هن اهو پروگرام ڇڏي ڏنو.
عبدالوهاب کي ماشاءَالله پنج ٻار آهن. وڏي پٽ عبدالمهيمن BE (سول) ڪرڻ کان پوءِ ايم اِي (اسٽرڪچر انجنيئرنگ) ۾ ڪئي ۽ هاڻ سِول ايوي ايشن کاتي جي انجنيئرنگ ۾ ايگزيڪيوٽو گروپ ون ۾ سرڪاري ملازم آهي. ٻئي نمبر تي نياڻي ميمونا آهي، جنهن MBA ڪئي آهي ۽ FBR انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسرياڻي آهي. ٽيون ٻار عبدالمنعم، بي اي (سول انجنيئرنگ) بعد، جيوٽيڪنڪس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ جيڪب آباد ۾ نوڪري اٿس. چوٿون ٻار عبدالمومن، اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ پڙهي رهيو آهي. عبدالمنتقم، سڀني کان ننڍو آهي ۽ پرائمري تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.
عبدالوهاب صاحب سان جيڪي مليا هوندا، اهي اهو ئي چوندا ته سهتو صاحب جو اخلاق، انڪساري، ڪشاده دلي ۽ هر آئي جو احترام ۽ خلوص سان آڌرڀاءُ ڪرڻ، سندس اهڙا گڻ آهن، جيڪي تمام گھٽ ماڻهن ۾ نظر ايندا. رب سائين کيس اڃا به زورِ قلم گھڻو عطا ڪري، جيئن پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ اڃا به گھڻو ڪجھه ملي سگھي.
”منهنجي پڙهندڙن لاءِ اوهان طرفان ڪو پيغام؟“ مون کانئس پڇيو.
”محنت ۾ عار نه سمجھڻ گھرجي. جيڪو به ڪم ڪجي سچيتائيءَ سان ڪجي. منجھس ڪو به جھول نه ڇڏجي. هر ڪم دل ۽ جان سان، بنا ڪنهن ناغي يا ڪوتاهيءَ / ڪاهليءَ جي ڪجي.“
الطاف شيخ
0300-9241666
ڪراچي
2 جُولاءِ 2021