وهندڙ گنگا مان هر ڪو پيو هٿَ ڌوئي
يورپ جو ملڪ هالينڊ، جيڪو ڀلين ڍڳين، کير، مکڻ ۽ پنير کان مشهور آهي، اتي سڀ کان اڳ آٽوميشن آئي ۽ مشينن ذريعي ڍڳين جي آٽوميٽيڪلي ڏهائي شروع ٿي. اتي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ خريدار کير جي اسٽوريج ٽئنڪ ۾ لڳل نلڪي ذريعي ضرورت موجب کير ڪڍي، گيج ۾ ٻڌايل ماپ مطابق ان کير جا پئسا مشين جي سير(Slot) ۾ وجھي ويا ٿي. وڏي نوٽ جي صورت ۾ باقي ريجو مشين مان نڪري آيو ٿي.
هنن ملڪن ۾ ڪو سوچي به نٿو سگھي ته کير ۾ ملاوٽ به ٿي سگھي ٿي. هن کان اڳ به ڪٿي لکي چڪو آهيان ته هتي جو دڪاندار ماءُ تي گار ته شايد برداشت ڪري وڃي، پر ڪنهن کي اهو ته چئي ڏسو ته تون کير جهڙي شئي ۾ ملاوٽ ٿو ڪرين. هن کان اهو ٻڌڻ هرگز برداشت نه ٿيندو. اسان هنن کي ڀلي ڪافر چئون، پر ايمانداري هنن وٽ آهي. هو ان قسم جي ڪم/ملاوٽ کي، سخت ڏوهه جو ڪم سمجھن ٿا، جنهن ذريعي اسان جا ’نفعي خور‘ نسلن جا نسل تباهه ڪريو ڇڏين. اسان وٽ گھڻي کير حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ڍڳين، مينهن کي ’آڪسيتوسين‘ (Oxytocin) جهڙيون سُيون لڳايون وڃن ٿيون، جنهن سان اٻوجھه جانور کي به تڪليف رسي ٿي ته کير ۾ به خرابي ٿئي ٿي. پاڻيءَ جي ملاوٽ ڪري اسان وٽ کير جي ماپ وڌائي وڃي ٿي. ويندي ڪيميڪلز ملائي نقلي کير کي اصليءَ جي نالي ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو يعني اسان وٽ دڪاندارن کي اهو به احساس نٿو ٿئي ته کير جهڙي شئي، جيڪا معصوم ٻارن يا پوڙهن ۽ بيمارن جي خوراڪ آهي، ان کي زهريلو بڻائي، انسان ذات کي ذهني ۽ جسماني بيمار بنايو وڃي ٿو.
اسان وٽ اڪثر اهو چيو وڃي ٿو ته اسان وٽ غربت جي ڪري ڪرپشن آهي، پر حقيقت اها آهي ته غربت جي ڪري ڪرپشن نه پر ڪرپشن جي ڪري غربت آهي. اسان وٽ سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪٿي جي يورپ وانگر ڪا شئي وڪامي ته گراهڪ ٻئي شيون کڻي وڃي کير به ته، پئسا به! ان ڳالهه مان توهان اسان جي قوم جي غربت جو بنيادي سبب سمجھي سگھو ٿا، ته اها ڪرپشن آهي. جيڪڏهن گراهڪ شئي به کڻي وڃي يعني کير به کڻي وڃي ته پئسا به، ته پوءِ کير وڪڻڻ لاءِ ڊيري شاپ جو مالڪ ڪو نوڪر رکندو، جنهن جي پگھار جا پئسا ڪڍڻ لاءِ کير مهانگو ڪندو ۽ جڏهن خريدار ڪرپٽ آهي، ته دڪاندار ڇو ايماندار ٿئي. هُو وڌيڪ پئسو ڪمائڻ جي لالچ ۾ بي ايماني ڪندو ۽ کير ۾ پاڻي ملائي وڪڻندو يعني اهو نقصان به خريدار کي ٿيو. هڪ ڪلو نج کير لاءِ هن کي وڌيڪ پئسن تي ڏيڍ ڪلو وٺڻو پوندو.
ملاوٽ واري کير مان بيزار ٿي خريدار حڪومت کي دانهن ڏئي ٿو، جيڪا کير جي چڪاس لاءِ فوڊ انسپيڪٽر رکي ٿي، جنهن جو ظاهر آهي پگھار عام ماڻهن کي ٽئڪسن ذريعي ڏيڻو پوي ٿو جهڙوڪ سيلز ٽئڪس وغيره، پر سوال آهي ته سرڪاري ڪامورو يعني کير کي چيڪ ڪرڻ وارو فوڊ انسپيڪٽر ڇو ايماندار ٿئي؟ هُو دڪاندار کان رشوت وٺي هن کي ملاوٽ وارو کير وڪڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ٿو... پوءِ خريدار کي هڪ ته کير جي قيمت ڀرڻي پوي ٿي، ان کان سواءِ پاڻيءَ جي، نوڪر جي، فوڊ انسپيڪٽر جي پگهار جي ۽ رشوت جي ۽ ان ايڪسٽرا پئسي ڏيڻ سان کير ۾ ته ڪا به بهتري نه آئي. ائين نه، ته ڪو کير پستن بادامن وارو ٿي ويو. کير ته اهو ئي ملاوٽ وارو رهيو. هن جي فقط قيمت وڌي... پوءِ ڀلا يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن توڙي جپان، ملائيشيا، ڪينيا، سائوٿ آفريڪا ۽ تنزانيا جهڙن ڪجھه ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ ايمانداريءَ جو ڪلچر ڪيئن پيدا ٿيو؟ بقول وشال منگل، انڊيا جي هڪ عيسائي سوشل ريفارمر، فلاسفر، ليکڪ ۽ ليڪچرار جي:
“Transforming a nation requires cultivation a character”.
ان ئي ڳالهه تي اسان جا ڏاها به زور ڏين ٿا ته روڊ بلڊنگ تي نه پر قوم جي ڪئريڪٽر بلڊنگ تي ڌيان ڏيو. قوم کي فقير بنائي ان کي پنڻ سان لڳائڻ بدران هنن کي ڳوٺ ڳوٺ ۾ فئڪٽري لڳرائي روزگار سان لڳرايو. مطلب ته انسانن کي سڌارڻ جي ڪريو، ٻيون شيون پاڻهي ٺهي وينديون، پر اسان وٽ لڳي ٿو ته هر ڪو ٻين کي سڌارڻ جا خواب ڏسي ٿو. موقعو ملڻ تي پاڻ مثال قائم ڪرڻ بدران وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئڻ جي ڪري ٿو. ان ڏس ۾ هي مثال ته توهان ضرور ٻڌو هوندو:
...اسڪول ۾ داخلا جي سلسلي ۾ ٻارن جي فوٽوءَ لاءِ هيڊماستر ڪنهن فوٽوگرافر کي گھرائي، هن سان في ٻار جي فوٽوءَ جا ڏهه رپيا طئه ڪيا. ان بعد هيڊ ماستر ڪلاس ٽيچر کي سڏائي چيو ته سڀاڻي هر ٻار کان فوٽوءَ لاءِ ٽيهه رپيا وٺي مون کي پهچائجانءِ. ٽيچر ڪلاس ۾ اچي اعلان ڪيو ته سڀاڻي هر ڪو ٻار فوٽوءَ لاءِ گھران پنجاهه رپيا کڻي اچي. اسان جنهن ٻار کي سڃاڻون، ان گھر پهچي ماءُ کي چيو ته سر فوٽوءَ لاءِ سئو رپيا گھريا آهن. شام جو ٻار جو پيءُ آفيس کان آيو ته ماءُ هن جي اڳيان چانهه جو ڪوپ رکي چيو ته، ”اسڪول وارن پنهنجي ٻچي کان فوٽوءَ لاءِ ٻه سئو رپيا آڻڻ لاءِ چيا آهن.“