مرزا سڊني بيگ ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا
سڊنيءَ لنڊن ۾ جنهن گھر ۾ ننڍپڻ گذاريو، اتي فقط سندس نانو ۽ ناني رهيا ٿي، پر هتي ٽنڊو ٺوڙهو ۾ سندس پيءُ ۽ چاچن جون فئمليون گڏ رهيون ٿي، ۽ هو جلد ئي سڀني سان رلي ملي ويو. هن پنهنجي ماءُ پيءُ جي گذاري وڃڻ جي کوٽ بلڪل محسوس نه ڪئي. سندس سار سنڀال لاءِ سندس چاچو مرزا قليچ بيگ گارجين ٿي رهيو. ان وقت جي رسم و رواج موجب سنڌ جي مسلمان جاگيردارن، زميندارن ۽ پيرن ميرن جي ٻارن انگريزي تعليم حاصل نٿي ڪئي، پر هن گارجي مرزائن جا پٽ ٻار وڌيڪ تعليم لاءِ ممبئي ويا ٿي ۽ نياڻين کي گھر ۾ پاڙهيو ويو ٿي. سندن مادري ٻولي فارسي ۽ سنڌي هئي، پر فئملي جي هر ماڻهوءَ لاءِ انگريزي سکڻ ۽ ڳالهائڻ ضروري هوندو هو. مهنو ٻه ٽنڊو ٺوڙهو ۾ آرام ڪرڻ بعد هو ڪراچيءَ ۾ آيو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي يعني انهيءَ سال 1903ع ۾. هي ڪاليج ديوان ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج 1887ع ۾ ٺهيو يعني مرزا سڊني جي ڄم جي ٻئي سال. ڊگري حاصل ڪرڻ بعد مرزا سڊني بيگ کي گورنمينٽ آف انڊيا جي روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي وئي. ياد رهي ته پاڪستان اڃا وجود ۾ نه آيو هو. ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو. پاڪستان مرزا سڊني بيگ جي وفات کان سال پوءِ 1947ع ۾ وجود ۾ آيو.
سڊني بيگ جي پهرين پوسٽنگ الهه آباد ۾ ٿي، جنهن شهر جو اڄ ڪلهه سرڪاري نالو پراياگراج (Parayagraj) رکيو ويو آهي. ان وقت سڊني بيگ جي چاچن اهو ئي فيصلو ڪيو ته جيئن ته هي ڪمائڻ لائق ٿي ويو آهي، ان ڪري هن جي شادي ڪرائي وڃي. الهه آباد روانو ٿيڻ کان اڳ هن جي شادي فخرالنساء سان ڪرائي وئي، جيڪا مرزا قليچ بيگ جي پهرين زال خيرالنساء مان وڏي ڌيءَ هئي. هُوءَ 1889ع ۾ ڄائي هئي ۽ سڊني بيگ کان ٽي سال ننڍي هئي. مرزا قليچ بيگ جي اها زال خيرالنساء وزير علي شيخ جي ڌيءَ هئي، جيڪو دهليءَ ۾ بهادر شاهه ظفر جي درٻار ۾ وڏو عملدار هو. فخر النساء جي پوٽي مهر افروز ٻڌائي ٿي ته فخرالنساء ڪڏهن به سنڌي ڊريس نه پاتي. مرڻ گھڙيءَ تائين هوءَ اها ڊريس اوڍيندي رهي، جيڪا دهليءَ ۾ مغل خاندان جي اعليٰ عورتن پهري ٿي. فخرالنساء وڏي شان شوڪت واري ۽ اعليٰ تعليم يافته عورت هئي. هوءَ نرم گفتگو ڪرڻ واري هئي ۽ ڪيترين ئي زبانن کان واقف هئي. ظاهر آهي ته هُوءَ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ٻار هئي ۽ سندس ڏينهن جو وڏو حصو پنهنجي پيءُ سان گڏ گھر جي لئبريريءَ ۾ گذرندو هو.
سڊني بيگ ۽ فخرالنساء کي چار ٻار ٿيا ۽ چارئي ٽنڊو ٺوڙهو ۾ ڄاوا: مرزا فهد بيگ، مرزا فيروز بيگ (مهر افروز جو پيءُ)، مرزا شمشاد بيگ ۽ مرزا جمشيد بيگ.
مرزا سڊني بيگ جي الهه آباد بعد ممبئي بدلي ٿي، جتي هن کي ڪجھه سال رکڻ بعد انگريز حڪومت هن کي ترقي ڏئي ڪراچيءَ ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر ڪري رکيو. برٽش راڄ ۾ ان وقت تائين اهڙين اهم نوڪرين تي فقط انگريز رکيا ويا ٿي، پر مرزا سڊني بيگ جي فئملي بئڪ گرائونڊ ۽ انگريزي تعليم هن کي اهڙي اهم پوسٽ ڏياري.
1923ع مرزا سڊني بيگ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ پنهنجي فئملي لاءِ نئون گھر ٺهرايو. سندس چاچو ۽ گارجين مرزا قليچ بيگ اڃا حيات هو، جنهن هن گھر جو بنيادي پٿر رکيو ۽ دعا پڙهي. مرزا قليچ بيگ 1929ع ۾ وفات ڪئي. 1930ع ۾ مرزا سڊني بيگ ڪراچيءَ ۾ هڪ سنڌين جي نئين علائقي مسلم ڪالوني ۾ پلاٽ وٺي اتي به گھر ٺهرايو ۽ هن گھر جو نالوWest View رکيو. هي علائقو ڪراچي جي مشهور ’وٺا ڀائي پٽيل پارڪ‘ سان لڳو لڳ آهي، جنهن جو ورهاڱي بعد ’نشتر پارڪ‘ نالو رکيو ويو. هنن جي گھر وٽان جيڪو روڊ گذري ٿو، ان جو نالو مرزا قليچ بيگ روڊ رکيو ويو. 1941ع ۾ 55 ورهين جي ڄمار ۾ مرزا سڊني بيگ ڪراچي واري گھر ۾ وفات ڪئي. سندس زال فخرالنساء 1975ع ۾ وفات ڪرڻ تائين هن گھر ۾ ئي رهي.
آخر ۾ ٽنڊو ٺوڙهو جي مرزائن يعني گُرجي مرزائن (مرزا خسرو بيگ ۽ فريدون بيگ جي اولاد) بابت لکندو هلان ته زندگيءَ جو وڏو حصو ٻاهر گذارڻ جي باوجود منهنجي ٽنڊو ٺوڙهو جي ڪيترن ئي مرزائن سان ملاقات رهي. هو سهڻا هجڻ جي باوجود بيحد ذهين، محنتي، اخلاق وارا، سافٽ اسپوڪن (نرم گفتگو) ڪرڻ وارا ۽ ايماندار رهيا آهن، جن جو مثال ادب ۽ شاعري جي شوقينن لاءِ نصير مرزا آهي. اسان جو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ ٽنڊو قيصر جو مرحوم رئيس نور احمد نظاماڻي (ڪِٽ نمبر 7) چوندو هو ته اسان سڀ سني توڙي شيعا بيحدAggressive (جھيڙاڪ) طبيعت رکون ٿا، سواءِ گرجي (ٽنڊو ٺوڙهو) جي مرزائن جي. چرچي طور اهو به ٻڌائيندو هلان ته ان وقت اسان جڏهن پيٽارو جي يار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا (ڪِٽ نمبر 6896) لاءِ چوندا آهيون ته اهو ڀلا چڙ جو تِکو ڇو آهي، جيتوڻيڪ سندس والد جسٽس ظفر مرزا صاحب ته بيحد صبر ۽ تحمل وارو آهي. ان تي منهنجو پيٽارو جو هڪ ٻيو ڪلاس ميٽ ۽ روم ميٽ ڪموڊور اشفاق بيگ (ڪِٽ نمبر 69) کِلي چوندو هو ٽنڊو ٺوڙهو جي مرزائن ۾ جتي سڀ جينئس ۽ نرم گفتار آهن، اتي هڪ اڌ پيس ڏنگو به نڪرندو رهي ٿو. بهرحال اهو ته ٿيو چرچو، پر حقيقت اها آهي ته آئون ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ننڍي هوندي کان سڃاڻان، هُو دل جو صاف ۽ نرم دل به آهي، هُو شايد پنهنجن ناناڻن ڪري (قاضي عبدالمجيد عابد ۽ قاضي اڪبر هن جا ماما ٿين) يا پنهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽن آصف زرداري (ڪِٽِ نمبر 991) ڊاڪٽر عاصم (ڪِٽِ نمبر 695) جي ڪري سياست ۾ داخل ٿيو. هن لاءِ سياست کان وڌيڪ بهتر فوجي نوڪري هئي. هن جي طبيعت مطابق هن لاءِ فوج ۾ ئي رهڻ صحيح هو، پر هن جي قسمت ۾ شايد سياست هئي.
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو تعلق مرزا خسرو بيگ (مرزا قليچ بيگ جي ناني) سان آهي.
• ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو والد جسٽس ظفر حسين مرزا هڪ دلير ۽ ايماندار جج هو. هن ٻه شاديون ڪيون، پهرين زال افروز بيگم مان کيس چار ٻار ٿيا:
(1) ذُوالفقار مرزا
(2) ياسمين
(3) شاهين
(4) ناهيد
ٻي زال بلقيس بيگم مان ٽي ٻار ٿيا
(1) انيتا
(2) فواد مرزا ۽
(3) زينت.
• ظفر حسين مرزا 1926ع ۾ ڄائو هو ۽ 89 سالن جي ڄمار ۾ 2015ع ۾ وفات ڪيائين.
• جسٽس ظفر حسين مرزا جي والد جو نالو مرزا علي نواز بيگ هو. هُو انگريزن جي دور ۾ سکر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو.
• مرزا علي نواز بيگ مرزا محمد رحيم بيگ جو پٽ ۽ مرزا خسرو جو پوٽو هو.
• ذوالفقار مرزا جي شادي سندس مامي قاضي عبدالمجيد عابد جي ڌيءَ فهميده مرزا سان ٿي ۽ کيس ٻه پٽ: حسنين مرزا ۽ حسام مرزا آهن.