سفر جي شوقينن لاءِ هڪ ڪارآمد سفرنامو
عبدالله چيو ته سندس هڪ نوجوان مائٽ اسد ڪريم سومري يورپ جو سفرنامو ’مورو کان پئرس‘ لکيو آهي ان لاءِ پيش لفظ لکڻا آهن. مون هڪ نئين ليکڪ جي همٿ افزائيءَ خاطر هائوڪار ڪئي ۽ اهو به سوچي ته عبدالله صاحب پڻ چيو آهي. ٻئي ڏينهن اسد جيڪو اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو ان جو به فون آيو. سفرنامي جي ڊمي موڪلڻ سان گڏ پاڻ درويش يعني اسد، فون تي اهو ئي چوندو رهيو ته، ”سائين پهرين ڪوشش آهي، جيڪي سمجھه ۾ آيو آهي اهو ائين ئي لکيو اٿم.“ دل ۾ چيم ته ڇا به لکيو ويو هجي، هن عمر ۾ مون کي اهو سڄو پڙهڻو پوندو ۽ عبدالله مورائيءَ خاطر پيش لفظ لکڻو پوندو.
اسد ڪريم صاحب جو هي سفرنامو، جنهن جي نالي جو هن اڃان فيصلو نه ڪيو آهي، پڙهڻ شروع ڪيم. تمام ننڍڙي فونٽ ۾ پرنٽ ڪري موڪليو هئائين. عام حالتن ۾ هن عمر ۾ ان پرنٽ جو هڪ ٻه صفحا پڙهڻ به ٿڪائي رکي ٿو پر ٿڪجڻ جي باوجود هر دفعي هڪ ٻئي پويان ڪيترائي صفحا پڙهندو ويس ٿي ۽ باقيءَ کي پڙهڻ لاءِ ايندڙ فرصت جي ڳولا ۾ رهيس ٿي. ’ان جو مطلب ڇا سمجھي سگھو ٿا؟‘ اهو ئي ته اسد ڪريم جي لکڻي دلچسپ ۽ روان لڳي. واقعي اسد جو سفرنامو موجوده حالتن مطابق معلوماتي لڳو ۽ هن سفرنامي ۾ قاعدن قانونن ۽ جديد ٽيڪنالوجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سفر ڪرڻ جون اهڙيون ته ڳالهيون لکيل نظر آيون، جيڪي اڄ ڪلهه هر سفر ڪرڻ واري کي پڙهي پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کپي، چاهي هُو يورپ جي انهن ملڪن ۾ وڃي، جن جو هن ڪتاب جو ليکڪ سفر ڪري آيو آهي، چاهي ڪو ڏُور اوڀر يا ڪنهن آفريڪا جي ملڪ ڏي وڃي. اسد هي سفرنامو نه فقط تمام سٺي ۽ عام فهم سنڌيءَ ۾ لکيو آهي پر هر ڳالهه کي سمجھائڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي سفرنامو جيڪو پڙهڻ کان اڳ مون کي بار پئي لڳو ان کي پڙهڻ ۾ مزو اچڻ لڳو. آئون سٺي لکڻي لاءِ هميشه اهو ماپو ٻڌائيندو آهيان ته هر اها لکڻي جنهن کي شروع ڪرڻ بعد ڇڏڻ تي دل نه چوي معنيٰ اها سٺي آهي. سٺيءَ سان منهنجو مطلب ڪنهن اخلاقي يا مذهبي لکڻيءَ سان نه، پر دلچسپ لکڻيءَ سان آهي. يعني اهو ڪتاب هلي ويندو، ان ۾ دم آهي. اسد ڪريم پنهنجي سفرنامي جي ڊمي ڪاپي موڪلڻ وقت جيڪو بيحد نئڙت ۽ نماڻائيءَ سان پنهنجي سفرنامي لاءِ پئي چيو، ان غلط فهميءَ مان هن کي ڪڍڻ کي پنهنجو فرض سمجھي، مون يڪدم فون ڪيومانس ته، ”ڳالهه ٻڌو، توهان جي تعريف نٿو ڪريان پر حقيقت ٿو چوان ته توهان ادبي توڙي معلوماتي خيال کان تمام سٺو سفرنامو لکيو آهي.“ اڄ ڪلهه جيتوڻيڪ مارڪيٽ ۾ ڪيترائي سفرناما آهن، پر اسد ڪريم جو هي سفرنامو پنهنجي نوعيت جو آهي، جنهن کي پڙهڻ لاءِ آئون ٻين کي به recommend ڪندس. اسد کي چيم ته، ”تنهنجو سفرنامو پڙهي نه رڳو ان تي ٽيڪاٽپڻي پر رهيل کوٽ کي به ڀرڻ جي ڪوشش ڪندس.“
هي سفرنامو وندر ۽ معلومات خاطر پڙهڻ لاءِ ان ڪري چيو اٿم جو هن ۾ ليکڪ اڄ جي حالتن پٽاندڙمختلف ڄاڻ ڏني آهي،جيئن قطر وڃڻ لاءِ اسان پاڪستانين لاءِ پنهنجي ملڪ مان ويزا وٺي وڃڻ ضروري نه آهي. اتي پهچي ملي وڃي ٿي، پر ان سان گڏ هن ٻه شرط به لکيا آهن ته اهي ضروري آهن.هڪته پاڪستاني شهريءَ کي ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ ضرور رکڻ کپي ۽ ٻيو شرط پوليو جي سرٽيڪفيٽ هجڻ جو آهي. اها ڳالهه مون لاءِ به نئين آهي. ڪنهن کڻي ڪيترا به سفر ڪيا هجن پر هر سفر تي نڪرڻ مهل هن کي ان ملڪ جي سر زمين جي قاعدن قانونن جي ڄاڻ ضرور رکڻ کپي. چڱو جو اسد، جنهن ننڍي عمر ۾ سفر ڪيو اهڙين ڳالهين کان چڱي طرح واقف ٿي گھر کان نڪتو آهي. قطر ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر اهڙو ڪو ڄٽ هو ۽ اهڙا ڄٽ واسطيدار آفيسر توهان کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملندا، جن جي نادانين، نا سمجھين ۽ ڄٽپڻي ڪري مسافر پريشان ٿيو وڃن، خاص ڪري عرب ملڪن ۾ ۽ ڪنهن زماني ۾ ڪميونسٽ ملڪن ۾ به ان قسم جا مثال عام ٿيا ٿي-هن اسد جي پاسپورٽ تي قطر جي ويزا نه ڏسي هن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل نه پئي ڪيو پر اسد هن کي سمجھايو ته تازو قانون هن ريت آهي. هن پڪ ڪرڻ لاءِ هڪ سينئر آفيسر کان پڇيو، جنهن چيس ته پاڪستاني مسافر جي ڳالهه صحيح آهي، پر هن وٽ ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ پوليو جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي. اسد سفر لاءِ چڱي طرح تيار ٿي نڪتو هو ۽ چڱو جو اهي ٻئي شيون حاصل ڪري پوءِ پنهنجو ملڪ ڇڏيو هئائين، نه ته ڪيترن موقعن تي اسان جا مسافر ولايت گھمڻ جي شوق ۾ ايڏو غيرسنجيده ۽ توائي ثابت ٿيا آهن جو سفر مان لطف وٺڻ بدران پاڻ کي مونجھاري ۽ تڪليف ۾ وجھيو ڇڏين. ڪيترن کي ته اهو به هوش ناهي ته سنگل ويزا ڇا آهي، Multiple ويزا ڇا آهي.
آئون ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جي بارڊر واري شهر ’جوهورباروءَ‘ وٽ اسان جي ملڪ جي مسافرن سان ان بابت مصيبت ٿيندي هئي. هو ملائيشيا گھمڻ لاءِ ايندا هئا، جتان پنهنجي ملڪ موٽندا هئا يا ٿائلنڊ گھمڻ لاءِ ويزا به پنهنجي ملڪ مان وٺي ايندا هئا. هفتو ڏيڍ ملائيشيا ۾ رهي پوءِ ٿائلنڊ ويندا هئا جتان پوءِ ٽڪيٽ موجب بئنڪاڪ مان ڪراچي موٽندا هئا. جيڪي ملائيشيا گهمڻ لاءِ ايندا هئا۽ هنن جي ٽڪيٽ ’ڪراچي - ڪوالالمپور - ڪراچي‘ هوندي هئي، اهي ڪڏهن ڪڏهن ملائيشيا ۾ ٻين وطني سڃاڻن کي ٿائلنڊ ويندو ڏسي مستي ۾ اچي ويندا هئا ۽ هنن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ پاڻ به ٿائلنڊ جو پروگرام ٺاهيندا هئا، جنهن لاءِ ڪوالالمپور ۾ ٿائي سفارتخاني مان ڏينهن اڌ ۾ ويزا مليو وڃي. ويل ۽ گڊ! هنن صحيح ڪيو، جو بنا ويزا جي هو ٻئي ملڪ ۾ گھڙي نٿا سگھن. جيتوڻيڪ ڪيترا ملڪ آهن جن جي بارڊر وٽ ٺڳ ٽئڪسي وارا يا ٻيڙين وارا پئسي جي لالچ ۾ توهان کي بنا ويزا جي بارڊر ٽپائي ٻئي پاسي ڪريو ڇڏين، جيڪو وڏو ڏوهه آهي ۽ گرفتار ٿيڻ تي ان جون ڳريون سزائون آهن.
اسان جا ماڻهو ڪوالالمپور مان ٿائلنڊ جي ويزا وٺي ٽرين يا ٽئڪسيءَ ذريعي ٿائلنڊ جو بارڊر ٽپي گھمن ڦرن ٿا. ڪو مسئلو نٿو ٿئي. سندن سڃاڻُن جن جي ڪري هي به ٿائلنڊ آيا، انهن وٽ ته ٽڪيٽ ’ڪراچي - ڪوالالمپور - بئنڪاڪ - ڪراچي‘ هجڻ ڪري اهي ٿائلنڊ گھمڻ بعد بئنڪاڪ جي هوائي اڏي تان پنهنجي وطن موٽن ٿا. پر هنن جي ٽڪيٽ ڪوالالمپور کان ڪراچي آهي ان ڪري هو ملائيشيا وڃڻ جي ڪن ٿا. ’ٿائلنڊ - ملائيشيا‘ بارڊر تي ملائيشيا جي اميگريشن پوليس کين هاڻ ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِEntry جو ٺپو هڻڻ کان صاف انڪار ڪري ٿي. ڇو؟ ان ڪري جو هو ڪراچيءَ کان ملائيشيا وڃڻ لاءِ سنگل انٽري ويزا تي آيا هئا، جيڪا ملائيشيا کان ٿائلنڊ وڃڻ وقت ختم ٿي وئي. هاڻ وري ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هنن کي نئين ويزا کپي يا هنن وٽ ملٽي انٽري ويزا هجي ها. نتيجي ۾ هنن کي وري بئنڪاڪ موٽڻو پوي ٿو جتي موجود ملائيشيا جي سفارتخاني مان ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نئين ويزا وٺڻي پوي ٿي. يا پراڻي ٽڪيٽ ڪوالالمپور کان ڪراچي ختم. بئنڪاڪ کان ڪراچي وڃڻ لاءِ نئين ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي يعني هڪ مسافر گھمڻ بدران سورن ۾ پئجي ويو- تڪليف الڳ ته خرچ الڳ. اهو رڳو ان ڪري جو هو گھران نڪرڻ وقت پنهنجي سفر جو چڱي طرح هوم ورڪ ڪري نٿو نڪري. پر اسد ڪريم هر ڳالهه چڱي طرح سوچي سمجهي ۽ ان جي معلومات رکي پوءِ سفر شروع ڪيو آهي ۽ اهڙين ڳالهين ۽ ممڪن غلطين بابت پڙهندڙن کي به آگاهه ڪندو هلي.
جيتوڻيڪ اسد ڪريم جو هي پهريون وڏو سفر هو پر هن کي شاباس هجي ته هو ڪوشش ڪري سفر ۾ درپيش ايندڙ روٽين ڳالهين ۽ ممڪن مشڪلاتن جي آگاهي اڳواٽ معلوم ڪري پوءِ نڪتو آهي ۽ هن ان بابت احوال پنهنجي سفرنامي ۾ ڏنو آهي، جنهن سان پڙهندڙ کي ڄاڻ ٿيندي ۽ هن جي پنهنجي زندگيءَ ۾ سفر جو پروگرام ٺاهيو ته يقينن هن لاءِ آساني ٿيندي. مثال طور ڪجھه سالن کان هر ايئرلائين طرفان ’آن لائن چيڪ اِن‘ ٿيڻ جي سهولت ٿي پئي آهي، جيڪا ڪجھه سال اڳ تائين نه هئي. اسان کي هر سفر ۾ ايئرپورٽ تي پهچي ڊگھي قطار ۾ بيهڻو پيو ٿي پوءِ وارو اچڻ تي ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪريءَ ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ وٺي پنهنجي اڳيان رکيل ڪاغذن جي ٿهي ۾ ۽ ڪمپيوٽر تي کوج لڳائي ٿي ته هن ماڻهوءَ ٽڪيٽ خريد ڪئي آهي يا نه ۽ هن جي واقعي اڄ اڏام آهي يا ٻئي ڪنهن ڏينهن تي. پوءِ نالو نمبر وغيره ٽائيپ ڪري بورڊنگ ڪارڊ ڪڍي ڏئي ٿي، پر هاڻ اهو ڪم توهان گھر ويٺي نيٽ تي سرانجام ڏئي سگھو ٿا ۽ توهان جو ۽ ٻين جو وقت بچيو وڃي.
اسد لکي ٿو ته هن کيOnline Check in جو مشورو سندس والد ڊاڪٽر عبدالڪريم سومرو صاحب ڏنو، جيڪو سنڌ حڪومت ۾ چيف پئٿالاجسٽ هو ۽ هاڻ بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ پروفيسر آهي. اسد جي والدين کي سال ٻه اڳ سئٽزرلئنڊ جي ايئرپورٽ تي جهاز جي عملي جهاز ۾ وهڻ جي بورڊنگ پاس ڏيڻ ۾ دير ڪئي هئي ۽ کين اهو چئي انتظار ڪرايو ويو ته پهريائين انهن مسافرن کي بورڊنگ پاس ڏنو ويندو جن ’آن لائين چيڪ اِن‘ ڪيو آهي. نتيجي ۾ هنن لاءِ ٿوريون سيٽون وڃي بچيون ۽ کين گڏ وهڻ لاءِ هڪ ئي هنڌ ٻه سيٽون ملڻ بدران پري پري مليون.
اسد ڪريم جي انهن ڳالهين مان هڪ مسافر کي اهو ئي سبق حاصل ڪرڻ کپي ته ماڊرن ٽيڪنالاجي هر روز تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجھه ان ڪري ته جيئن انسانن کي سهولت ملي ۽ فائدو رسي، پر اهو فائدو فقط اهي حاصل ڪري سگھن ٿا، جيڪي روزمره جي تبديلين کان واقف رهن ٿا.
اسد جو هي سفرنامو مون کي پڪ آهي ته ماڻهو خاص ڪري نوجوان طبقو دلچسپي سان پڙهندو، ان ڪري جو هي مارڪيٽ ۾ موجود سفرنامن کان مختلف آهي. اسد جن هنڌن تي ويو آهي، اهي پڙهندڙن لاءِ نوان آهن. جيئن ڪوبه عرب ملڪن ڏي رخ رکي ٿو ته دبئي ۽ سعودي عرب ڏي وڃي ٿو ۽ انهن بابت ئي سفرنامو لکي ٿو، وڌ ۾ وڌ ابو ڌابيءَ بابت. اسد اوڏانهن وڃڻ بدران قطر ويو آهي. ويجھڙائيءَ ۾ ’قطري خط‘ جي ذڪر بعد ماڻهن جي دماغ ۾ قطر آيو آهي پر اڄ به ڪيترا اهو ئي سمجھن ٿا ته دبئي ۽ ابو ڌابيءَ وانگر قطر به امارات جو ملڪ آهي، پر ائين ناهي. قطر الڳ ملڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي ملڪ سعودي عرب، عراق، عمان، يمن جهڙو ڪو وڏو ملڪ نه آهي. مٽياري ۽ ٺٽي ضلعي کان به ننڍو آهي. پيٽرول ملڻ تي هي ملڪ امير ٿي ويا آهن ۽ ان ۾ هتي جي حاڪمن جي گڊگورننس جو به هٿ آهي، جو هنن شروع کان امن امان کي ترجيح ڏني ۽ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرايو، جنهن ڪري هنن ڀِٽُن ۽ رڻ پٽن ۾ هر ملڪ کان امير ماڻهو پئسو Invest ڪرڻ لاءِ ۽ غريب پورهيت محنت مزوريءَ لاءِ اچي ويو. ان ڪري هي ننڍڙا ننڍڙا ملڪ يورپ جي ماڊرن ملڪن وانگر ٿي پيا آهن نه ته مون کي 1960ع وارو ڏهاڪو ٿو ياد اچي ته دبئي ۽ دوحا جهڙا شهر سنڌ جي ڀٽ شاهه ۽ باڊهه جهڙا هئا.
يورپ جي مختلف بندرگاهن مان ٿي بيروت آياسين ته اتان اسان جي جهاز کي لوهي پائيپ ۽ ٻيو ڪنسٽرڪشن جو سامان ۽ مشينري دبئي ۽ دوحا لاءِ مليو. سئيز ڪئنال بند هو سو سڄو ميڊيٽرينين سمنڊ لتاڙي جبرالٽر ڳچي سمنڊ وٽان ٻاهر نڪري، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آياسين ۽ آفريڪا جو سڄو اولهه وارو ڪنارو لتاڙي ڪيپ آف گولڊ هوپ وٽان مڙي، هندي وڏي سمنڊ ۾ آياسين. رستي تي دارالسلام ۽ ممباسا جهڙن بندرگاهن مان ٿيندا، ايراني نار واري سمنڊ ۾ داخل ٿياسين، جنهن ۾ دبئي ۽ دوحا آهن.
سڄي واٽ اهو سوچيندا رهياسين ته اهي بندرگاهن جا نالا آهن يا ملڪن جا! پهرين دوحا آياسين. اتي جي ماڻهن کان کڻي پڇ ته ڪي پيا چون ته دوحا آهي ته ڪي قطر پيا چون. سنگاپور وانگر جيڪو شهر به آهي ته ملڪ به، پر پوءِ خبر پئي ته قطر ملڪ جو نالو آهي ۽ دوحا ان جو اهم شهر ۽ بندرگاهه آهي. بندرگاهه کان پري ٿي نڪتاسين ته ڪو ٻيو شهر نظر نٿي آيو. ملڪ جو وڃي ٿي ٻيو ڇيڙو کنيوسين. اهو ته هاڻ قدم قدم تي رونقون ٿي پيون آهن، پر تن ڏينهن ۾ خيرپور ضلعي کان به ننڍي ملڪ قطر ۾ چوڌاري واري ۽ ويراني هئي. ياد رهي ته خيرپور ضلعو 16000 کن چورس ڪلوميٽر آهي ۽ قطر ملڪ فقط 11600 چورس ڪلوميٽر. دبئي ته قطر جي به ٽئين حصي جيترو آهي.
بهرحال دوحا ۾ اسان هفتو کن هئاسين ۽ ٻن ٽن مهينن بعد رومانيا مان وري سامان کڻي دوحا آياسين، پر اسان آخر تائين منجھندا رهياسين ته قطر ۽ دوحا مان ڪهڙو نالو ملڪ جو آهي؟ ڪهڙو هن شهر جو؟ دبئي به ٻئي دفعا پڻ آياسين. بندرگاهه جو نالو پڇون ته اهو به دبئي، ملڪ جو نالو پڇون ته اهو به دبئي. دبئي بندرگاهه کان ڪار ۾ ملڪ جي ديدار لاءِ نڪتاسين ته قطر کان به گھٽ فاصلي تي خبر پئي ته ’دبئي ملڪ ختم هاڻي ابو ڌابي آهي.‘ ”پر آهي ته ساڳيو بيابان ۽ ريتي؟“ اسان پڇندا هئاسين. بارڊر، جتي ڪو هڪ تنبو لڳل مس هو اتي بيٺل شُرطَي واپس ڪري ڇڏيو ته، ”جتان آيا آهيو، اوڏانهن يعني دبئي ڏي هليا وڃو.“ هي 1968ع ۽ 1969ع وارن سالن جي ڳالهه آهي. بعد ۾ 72-1971ع ۾هنن مٽياري ضلعي کان به ننڍن ملڪن (امارتن) پاڻ ۾ گڏجي هڪ ملڪ UAE (يونائٽيڊ عرب امريٽ) ٺاهيو. هن ۾ دبئي، ابو ڌابي، اجمان، شارجه، فجيره، راس الخيمه ۽ ام القيوين سلطنتون گڏ ٿيون، جنهن جي جملي پکيڙ 83600 چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي ۽ ايراضيءَ ۾ سڄو U.A.E. ملڪ دنيا ۾ 114هين نمبر تي اچي ٿو. آدمشماري هڪ ڪروڙ آهي. سا به اڄ ڪلهه جنهن ۾ امارتي عرب فقط 2 لک آهن، باقي ڌاريا آهن. اسان جي ڏکڻ ايشيا پاسي جا، مصري، فلپينو وغيره.
سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي هڪ ٽوئرسٽ کي ته ڇڏيو جيڪو فقط چند ڏينهن لاءِ وڃي ٿو، پر ڌاريا جيڪي واپار ۽ نوڪرين خاطر هن پاسي رهيا پيا آهن، انهن کي به سمجھه ۾ نٿو اچي ته هتي ڪهڙي قسم جو حڪومتي نظام آهي ۽ سڄي UAE (الامارات العربيه المتحده) جو بادشاهه ڪير آهي؟ ڇو جو ڪڏهن ٻڌن ٿا ته دبئي وارو امير سڄي UAE جو حاڪم آهي ته ڪڏهن- ڪجھه سالن بعد اچيو ڏسن، ته UAE جو بادشاهه ته ابوڌابي وارو امير آهي!
ان مونجھاري کي ختم ڪرڻ لاءِ پڙهندڙن لاءِ مختصر طور هتي اهو پڻ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته هي عرب امارتون (رياستون) قطر، بحرين، عمان وغيره ڪٿي آهن؟ عربستان ۾ آهن يا ايران ۾، يمن ۾ آهن يا مصر ۾. دراصل ان لاءِ ڪتاب وارن کي هڪ نقشو ڏيڻ ضرور کپي جيئن پڙهندڙن کي آئيڊيا ٿئي ته سفرنامو لکڻ وارو ڪٿان کان ڪيڏانهن پيو وڃي ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ رهي پوي ٿو؟ وغيره.
هتي آئون انهن ننڍڙن ننڍڙن ملڪن جي لوڪيشن سمجھايان ٿو جيڪا نقشي بنا به ڌيان ۾ اچي ويندي. دراصل اسان جو بدين، ٺٽو، پورٽ بن قاسم ۽ ڪراچيءَ وارو سامونڊي ڪنارو ڏئي بلوچستان ڏي اتر طرف هلبو ته گڊاني ايندو ۽ پوءِ اولهه ڏي ڪنارو وڃي ٿو. رستي تي اهم بندرگاهه ’اورماڙا‘ اچي ٿو ۽ پوءِ ’پسني‘ ۽ پوءِ ’گوادر‘ آهي. ان بعد بلوچستان جو آخري بندرگاهه ۽ شهر ’جيواني‘ آهي. ان بعد پاڪستان جون حدون ختم ٿين ٿيون ۽ ايران جو بلوچستان شروع ٿئي ٿو، جنهن جو پهريون وڏو اهم بندرگاهه ’ڇابهار‘ آهي. هاڻ اتان ٻه گھٽيون وڃن ٿيون يعني سامونڊي رستا. هڪ ايران جو ڪنارو ڏئي ويندڙ رستو جيڪو سامونڊي رستو ’ايراني نار‘ سڏجي ٿو ۽ ٻيو سامونڊي رستو عمان ۽ يمن سان لڳو لڳ، گلف آف عدن واري سمنڊ کان شروع ٿئي ٿو ته مصر جي سئيز ڪئنال تائين وڃيو پهچي. اهو رستو ’بحرِ احمر‘ سڏجي ٿو، جنهن کي اسين ڳاڙهو سمنڊ (Red Sea) سڏيون ٿا.
سعودي عرب جي بندرگاهه جدي ۽ ينبوع لاءِ هن ٻي گھٽي يعني بحر احمر(Red Sea) ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو. بحرِ احمر جي هڪ ڪپر تي ذباب، المخا، الخوحه، جازان، جدو ۽ ينبوع وغيره آهي ته ٻئي تي عصب، مصوع، پورٽ سوڊان ۽ الغردقه آهي ۽ پوءِ اڳيان گلف آف سئيز ۽ سئيز ڪئنال آهي. ايران ۽ مٿين عرب ملڪن: دبئي، دوحا، بحرين، قطر وغيره لاءِ ڪراچي، گوادر ۽ ايران جي ’ڇابهار‘ بندرگاهه وٽان لنگهڻ بعد ان پهرين سامونڊي گھٽي ايراني نار ۾ گھڙجي ٿو. مون بحرِ احمر ۽ ايراني نار جهڙن وڏن سمنڊن لاءِ ’گھٽيءَ‘ جو لفظ استعمال ڪيو آهي، جو اهو لفظ اسان جا مڪراني ناکا (نائو خدا) ٻيڙيون هلائڻ وارا چون ٿا. فش هاربر يا يونس آباد پاسي بيٺل ٻيڙين تي موجود ناکئن کان پڇندائو ته، ”بابا رڳو ڪياماڙيءَ کان منهوڙو وڃو يا اڳتي به؟“ هُو ٽهڪ ڏئي چوندا ته ”ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو! اسان به توهان وانگر جتي ڪٿي پهچيو وڃون. اسان جي به ٻيڙين تي انجڻ جو آهي.“
ماشاءَالله! هڪ پراڻي گٺل، گھٽ طاقت جي سيڪنڊ هئنڊ انجڻ ته ضرور آهي، پر نه رڊار نه ايڪو سائونڊز، نه سيٽلائيٽ نيويگيٽر نه جيروڪمپاس، آرپا يا LRIT، نه سمنڊ ۽ بندرگاهن جا چارٽ! ڪيئن ٿا پهچن؟ بهرحال سندن دماغ ۽ همت کي شاباس هجي. کانئن پڇبو ته، ’زئنزيبار، ممباسا يا دارالسلام ڪيئن پهچندائو؟‘ ته ان تي شايد هُو ٿورو منجھي منجھي ٻڌائين، پر اتي به ويهه کن ڏينهن ۾ پهچيو وڃن. باقي دبئي، بحرين، ڇابهار يا عدن، آساب، جدي ۽ شرالشيخ جو پڇين ته هُو ان لاءِ يڪدم ٻڌائيندا ته، ”اهي ڪهڙا پري آهن؟ هتان ڪراچيءَ مان نڪرڻ سان پهرين گھٽيءَ ۾ ئي ته منهن وٽ دبئي آهي. ٿورو اڳيان سڏ پنڌ تي قطر ۽ بحرين وغيره“ ۽ جدي لاءِ چوندا ته، ”پهرين گھٽي (يعني ايراني نار سمنڊ) ڇڏي، اڳيان عدن وٽان جيڪا ٻي گھٽي شروع ٿئي ٿي (يعني ڳاڙهو سمنڊ) ان ۾ اندر گھڙ ته جبوتي توڙي جدو ۽ پورٽ سوڊان اچي ٿو. اهي بندرگاهه ڳولڻ ڪهڙو ڏکيو ڪم آهي؟“
۽ شاباس هجين منزل ڳولهڻ ۾! صحيح رستو اختيار ڪرڻ لاءِ هنن وٽ فقط هڪ جهڙي تهڙي سِڪسٽَنٽ(Sextant) آهي ۽ سندس وڏن کان ورثي ۾ مليل ڪجھه آسماني تارن جي بيهڪ ۽ چر پر جي معلومات.
سو دبئي، ابو ڌابي، شارجا، بحرين، قطر وغيره جهڙيون عرب رياستون يا ملڪ ان پهرين ئي گھٽيءَ ۾ آهن، جتي ماڻهو پيرين پنڌ به پهچي سگھي ٿو ۽ ماضيءَ ۾ اهڙا به ماڻهو ٿي گذريا آهن، جيڪي سنڌ جي ڳوٺن مان پنڌ نڪرندا هئا ۽ بلوچستان لتاڙي ايران ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ پوءِ ايران جي ڪناري تان ڪنهن هنڌان ٻيڙيءَ ۾ ايراني نار ٽپي، سامهون قطر يا دبئي ۽ شارجا ايندا هئا. جتان پوءِ وري پنڌ ڪندا سعودي عرب جي اتراهين شهر الجبل، دمام، الخبر ۾ ايندا هئا، جتان پوءِ پهرين مدينو ۽ پوءِ مڪو شريف اچي ٿو. مديني کان مڪي وارو سفر به هڪ صدي اڳ تائين پئسي وارا کڻي اٺن تي ڪندا هئا، پر ڪيترائي غريب ته پنڌ ڪندا هئا.
مٿيون عرب رياستون ايتريون ته ننڍيون آهن، جو UAE واريون ست امارتون ڳنڍجڻ تي مڙيئي دنيا جي نقشي تي ٿلهي نقطي برابر نظر اچن ٿيون ۽ ٻين عرب رياستن لاءِ ائين سمجھو ته جيڪڏهن UAE هڪ پيالي برابر آهي ته قطر ان جي مقابلي ۾ انب جيڏو آهي ۽ بحرين ته ماڳهين هڪ کارڪ(Date) جيڏو ٿيو. عرب امارتن: دبئي، ابو ڌابي، شارجا وغيره کي جيئن ئي انگريزن طرفان خودمختياري ملي ته انهن سلطنتن جي سلطانن (اميرن) اهو ئي فيصلو ڪيو ته هر هڪ رياست کي پنهنجي فوج، پنهنجو سڪو ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ کان بهتر آهي ته ملائيشيا وانگر گڏجي هڪ وڏو ملڪ ٺاهيون. ملائيشيا جي رياستن جو الڳ الڳ سلطان آهي. انهن سلطانن پنهنجين رياستن: ڪيداح، پرلس، سلينگور، جوهور، ڪيلينتان وغيره کي ملائي ’ملايا‘ ٺاهيو ۽ پوءِ سنگاپور کي ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ هزار کن ڪلوميٽر پري بورنيو ٻيٽ جون ٻه رياستون: صباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان ملائي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو. سڄي ملڪ جو بادشاهه ڪير ٿئي، ان لاءِ هنن اهو قانون ٺاهيو ته واري ڦيري تي هر رياست جو سلطان چئن سالن لاءِ بادشاهه چونڊيو ويندو. ان تي هُو هاڻ مٿين طريقي موجب عمل ڪندا رهن ٿا. ان سان گڏ جيئن ته اڄ جي انساني حقن جي دور ۾ بادشاهت کي خراب سمجھيو وڃي ٿو. هنن ملڪ ۾ بنيادي جمهوريت به رکي آهي ۽ هر پنجن سالن بعد ملڪ ۾ عام چونڊون ٿين ٿيون. عوام پنهنجي ووٽ ذريعي پنهنجي علائقي مان پنهنجي پسند جي سياسي پارٽيءَ جو نمائندو چونڊي ٿو ۽ کٽي ويندڙ پارٽي حڪومت ٺاهي ٿي. ملڪ لاءِ وزيراعظم ڪابينا ٺاهي ٿو. بهرحال ان قسم جي حڪومت، جنهن ۾ بادشاهت به هجي ته جمهوريت جو پهلو به هجي ته ان کي آئيني شهنشاهت (سلطنت)Constitutional Monarchy سڏجي ٿو. ٿائلنڊ ۽ ٻين به ڪيترن ملڪن ۾ ائين آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ ڪٿي بادشاهه زور آهن، ڪٿي وري جمهوري حڪومت... وزيراعظم، صدر وغيره.
ڪن ملڪن ۾ نالي ماتر وزير مشير آهن، پر هلي رڳو بادشاهه صاحب جي ٿي. ان قسم جي حڪومت ’نج شهنشاهيت‘Absolute Monarchy سڏجي ٿي، جيئن سعودي عرب ۾ سلمان بن عبدالعزيز بادشاهه آهي يا عمان ۾ هئشام بن طارق سلطان آهي. اهي خودمختيار يا کڻي چئجي ته مطلق العنان بادشاهه آهن، جيڪو وڻين قاعدو قانون ٺاهين، جنهن کي وڻين ان کي وزير، مشير يا ڪو ٻيو وڏو عهدو ڏين.
الامارات(UAE) جي حڪومت فيڊرل اليڪٽرو آئيني شهنشاهيت Federal Elective Constitutional Monarchy سڏجي ٿي، جو هن ۾ ملائيشيا وانگر مختلف رياستن گڏجي هڪ فيڊريشن ٺاهي آهي، جنهن جو آئين مطابق پنجن سالن لاءِ حاڪم (بادشاهه) ٺاهيو وڃي ٿو. ملائيشيا جو حاڪم يعني بادشاهه ’ينگ دي پرتئان اگنگ‘ سڏجي ٿو، هيڏانهن عرب امارات جو حاڪم ’امير‘ سڏجي ٿو ۽ اهو امير يا رئيس سڄي ملڪ UAE جو صدر به سڏجي ٿو. UAE جي ستن رياستن جي سلطانن مان هر پنجن سالن بعد هڪ صدر- يعني بادشاهه ۽ هڪ نائب صدر چونڊيو وڃي ٿو. بس دنيا پريزيڊنٽ ۽ وائيس پريزيڊنٽ جو نالو ٻڌي خوش ٿئي ٿي ته عوام جي حڪومت آهي. ٿائلنڊ ۽ ملائشيا جهڙن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ عوامي حڪومت آهي ۽ بادشاهه ان ۾ رخنو نٿا وجھن پر ان هوندي به اتي جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اڄ جي زماني ۾ بادشاهت جون ڳالهيون ٻڌڻ نٿو چاهي. اهو ئي حال توهان ڏسندائو ته سعودي عرب يا UAE جهڙن ملڪن ۾ آهي. پر يارو هڪ ڳالهه آهي ته عوام کي کڻي بادشاهت پسند نه آهي، تڏهن به عوام خاموش آهي، خوش آهي جو هي بادشاهه عوام جو خيال ٿا رکن ۽ ملڪ ۾ خوشحالي چاهين ٿا ۽ بپا ڪن ٿا. سعودي عرب، ٿائلنڊ، انگلنڊ، ملائيشيا جا ماڻهو اهو ئي چون ٿا ته ان جمهوريت کان ته هيءَ بادشاهت سٺي آهي جنهن ۾ بادشاهه کي عوام جو فڪر آهي ۽ هوڏانهن دنيا جي ڪن جمهوري حڪومتن ۾ عوامي نمائندو پاڻ کي عوام جو خدمتگار سمجھڻ بدران پاڻ کي مطلق العنان سمجھي ٿو، پاڻ کي بيپرواهه بادشاهه سمجهي ٿو ۽ بادشاهن وانگر پاور ۾ اچي ملڪ جي جان نٿو ڇڏي ۽ چاهي ٿو ته سندس مرڻ بعد به ٻيو ڪو نه پر سندس پٽ يا ڌيءَ ئي پاور ۾ اچي- ڀلي کڻي اهو کريل ٻار هجي يا ذهني چريو! اهڙي عوامي چونڊيل نمائندي وزيراعظم کان ته نيڪ بادشاهه بهتر آهي، چونڊيل نمائندو جيڪو ملڪ جي دولت لٽي ٿو، ڪرپشن ڪري ٿو، مني لانڊرنگ ڪري ٿو، اهو هڪ ڦورو ۽ ڌاڙيل کان به بدتر آهي. ڇو جو ڌاڙيل ته هڪ ٻن ڪٽنبن جي ملڪيت لٽي انهن کي غريب ڪر ي ٿو، ملڪ جو وزيراعظم يا صدر جي ڌاڙيل ٿي پوي ته سڄي ملڪ کي فقير بنايو ڇڏي، هو نسلن جا نسل تباهه ڪريو ڇڏي.
هڪ مهاتير جهڙو بهتر وزيراعظم هو ته هن پنهنجي ملڪ کي خوشحال بنائي ڇڏيو، ماڊرن ڪري ڇڏيو، پوءِ جڏهن نجيب رزاق جهڙو وزيراعظم ٿيو (جنهن کي آئون خانداني چور نه چوندس جو هن جو ننڍپڻ منهنجي اڳيان گذريو. هو هڪ معصوم ۽ نيڪ مائٽن جو نيڪ اولاد هو. جيسين اسپورٽس ۽ تعليم جو وزير رهيو پنهنجي وزيراعظم والد تُن عبدالرزاق وانگر خلق جي خدمت ڪري دعائون کٽيندو رهيو) پر پوءِ وزيراعظم ٿيڻ تي هن کي پئسي جي چمڪ موهي وڌو يا ڪرپٽ دوستن جي ڳالهين ۾ اچي، ملڪ بدران پنهنجو کيسو دولت سان ڀرڻ لڳو ۽ ٻن سالن اندر ملڪ کي تڙپٽ ڪري ڇڏيو. سو هن پاسي عرب ملڪن ڏي کڻي هٿ ٺوڪي جمهوريت نه هجي، بادشاهت آهي، پر عوام ته خوش آهي، ملڪ ۾ ته امن امان آهي، غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو قانون آهي ۽ انصاف جهٽ ملي ٿو. اها ڳالهه افسوس جو اسان جهڙن ملڪن ۾، يونيورسٽين جا پڙهيل حاڪم به نٿا سمجھن، پر هن پاسي جا جاهل بدو عرب سمجھي ويا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو عوام پنهنجن بادشاهن کي به پسند ڪري ٿو. اسان وٽ اسان ئي پنهنجي لاءِ نمائندو چونڊيون ٿا ۽ پوءِ ان کي ئي پِٽيون ٿا ته هاڻ جيترو جلد ٿي سگھي جان ڇڏي، ڪجھه ڏيارڻ بدران اسان جو رت چوسي رهيو آهي.
ستن رياستن يا ستن ملڪن کي جوڙي جيڪو UAE ملڪ ٺاهيو ويو آهي ۽ جيڪو ملڪ ايراني نار واري سامونڊي گھٽيءَ ۾ گھڙڻ وقت هرمز ڳچي سمنڊ وٽ کاٻي پاسي يعني سعودي عرب واري پاسي آهي، ان جي گاديءَ جو شهر ابوڌابي آهي. در اصل اڳئين زماني ۾ توڙي اڄ، جيڪي اسان واري پاسي کان هيڏانهن پيرين پنڌ پهچن ٿا يا ننڍين ٻيڙين ۽ بتيلن ذريعي دبئي اچن ٿا اهي اسان جي بلوچستان وارو مڪران ڪوسٽ ڏئي ايران ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ايران جي بندرگاهه بندر عباس وٽ پهچي اتان دبئي اچن ٿا. ’هرمز ڳچي سمنڊ‘ خليج عمان ۽ ايراني نار ويڪرن سمنڊن جي وچ ۾ هڪ سوڙهي گھٽي آهي يعني ڳچي سمنڊ آهي. هن هرمز نالي ڳچي سمنڊ جي ساڄي پاسي ايران جو بندرگاهه بندر عباس آهي ته ٻئي پاسي عرب امارات جو شهر دبئي آهي. هن سوڙهي ڳچي سمنڊ (هرمز) بعد ايراني نار وارو ويڪرو سمنڊ آهي. سو هن ستن ملڪن کي ڳنڍي هڪ ملڪ UAE جي گاديءَ جو شهر ابو ڌابي آهي يعني ابوڌابي شهر به آهي ته ملڪ به. هُونءَ سڄي UAE (عرب امارات) ۾ وڏي ۾ وڏو شهر ابوڌابي آهي. عرب امارات UAE جو اوڀر ۾ پاڙيسري ملڪ عمان آهي جيڪو هيٺ يمن سان وڃيو لڳي ۽ ڏکڻ ۾ سعودي عرب آهي. باقي ٻن پاسن کان ايراني نار سمنڊ آهي. سڏ پنڌ تي قطر آهي. سڏ پنڌ تي ان ڪري جو شارجا کان اسان نڪتاسين ته ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ دوحا پهچي وياسين. ايتريقدر جو اسان کي جهاز جي انجڻ گرم ڪرڻ ۽ تيار ڪرڻ ۾ ته چار ڪلاڪ لڳي ويا پر هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ پهچڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ مس لڳا. اسان هن پاسي پهريون دفعو آيا هئاسين ۽ اسان اهو ئي چئي رهيا هئاسين ته جڏهن اتي ئي دوحا هو ته دوحا وارا پنهنجو سامان اسان جي جهاز تي دبئيءَ ۾ ئي لهرائين ها. اسان انجنيئرن کي دوحا گهرائڻ جي اجائي تڪليف ڇو ڏنائون؟
دراصل پاڻيءَ جي جهاز جي انجڻ ڪار وانگر ناهي جو جنهن وقت وڻي چاٻي گھمائي کڻي اسٽارٽ ڪجي. هڪ دفعو جهاز بندرگاهه ۾ بيهارڻ بعد ڏينهن ٻن بعد ان کي ڪڍڻ لاءِ انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ ۾ ٽي چار ڪلاڪ گھٽ ۾ گھٽ لڳن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ پهچڻ تي مڪمل طرح بند ڪرڻ ۾ ڪلاڪ ڏيڍ لڳيو وڃي. دبئي کان شارجا جو سفر ته اڃا به گھٽ هو. ڪلاڪ به نٿي لڳو. اهو ته دبئي سان ڳنڍيو به پيو آهي پر انهن ڏينهن ۾ شارجا الڳ ملڪ هو ته دبئي الڳ. اهڙي طرح ابو ڌابي به الڳ هو. اهي سڀ 1970ع کان پوءِ گڏ ٿي هڪ ملڪ UAE ٿيو. ٻي ڳالهه ته انهن ڏينهن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ رستا به نه هئا. پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته دبئي جيڪو اڄ ڪلهه يورپ جو هڪ ماڊرن شهر لڳي ٿو ان جو بندرگاهه ئي سولو نه هو، جنهن ۾ اسان جو جهاز بيهي سگھي. ڪي سال اسان ٻاهر سمنڊ ۾ جهاز کي بيهاريندا هئاسين ۽ پوءِ بارجن (تانگهين ٻيڙين) ذريعي سامان بندرگاهه ۾ پهچايو ويو ٿي. قطر اڄ تائين پنهنجي ڌار حيثيت رکندو اچي. عرب امارات (UAE) کان آهي به الڳ ٿلڳ. اسان جي منهوڙي وانگر، جنهن جي ٽن پاسن کان ته سمنڊ آهي باقي هڪ پاسو سئنڊس پٽ (ماريپور) سان ڳنڍيل آهي. اهڙي طرح هيءَ امير عرب رياست قطر جتي اسان جو ليکڪ اسد ڪريم ڪراچي ڇڏڻ بعد پهرين آيو، اهو فقط هڪ طرف کان سعودي عرب سان مليل آهي باقي ٽن طرفن کان ايراني نار وارو سمنڊ اٿس.
اهڙي طرح هن سمنڊ ’ايراني نار‘ ۾ قطر کان ٿورو اڳتي هڪ ٻي عرب رياست بحرين آهي، جيڪا UAE کان ته ننڍي آهي پر قطر کان به گھڻو ننڍي آهي، جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان، ته قطر جي انب جيڏو آهي ته بحرين کارڪ جيڏو سمجھو جيڪو پکيڙ ۾ تقريبن سنگاپور جيڏو 780 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آهي به سنگاپور وانگر ٻيٽ. جيئن سنگاپور ملائيشيا جي سرزمين سان ميل ڏيڍ ڊگھي پل سان مليل آهي تيئن بحرين سعودي عرب سان هڪ 25 ڪلوميٽر ڊگھي پل سان ڳنڍيل آهي، جيڪا شاهه فهد ڪاز وي سڏجي ٿي. ٻي ڳالهه ته بحرين هڪ ته ننڍڙو ملڪ آهي ٻيو ته اهو هڪ ٻيٽ ناهي، مالديپ ٻيٽن وانگر گھڻن ئي ٻيٽن جو مجموعو آهي. فرق اهو آهي ته مالديپ ملڪ جا ٻيٽ سوين ميلن تائين پکڙيل آهن پر بحرين جا ٻيٽ برمودا جي ٻيٽن وانگر هڪ ٻئي ڀرسان ۽ گھڻي ڀاڱي ممبئي جي ستن ٻيٽن وانگر هڪ ٻئي سان ننڍين ننڍين پلين ۽ سامونڊي سرنگھن ذريعي ڳنڍيل آهن. بحرين 51 قدرتي ۽ 33 هٿرادو ٺهيل ٻيٽن جو مجموعو آهي. بحرين جو وڏي ۾ وڏو ۽ گاديءَ وارو شهر ماناما آهي.
بحرين شروع جي عرب رياست آهي جتي جي ماڻهن حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ (628ع ۾) اسلام قبول ڪيو ۽ بحرين هڪ وڏو عرصو عربن جي قبضي ۾ رهيو. 1521ع کان 1602ع تائين، منو صدي کن بحرين تي پورچوگالين جي حڪومت رهي، جنهن کان پوءِ ’صفوي گھراڻي‘ جي شاهه عباس اول جي قبضي ۾ رهيو يعني ايراني سلطنت هيٺ. 1783ع ۾ بني عتباه قبيلي بحرين فتح ڪيو ۽ شاهي فئملي ’الخليفه‘ حاڪم ٿي. ’الخليفه خاندان‘ جي حڪومت اڄ تائين هلندي اچي، وچ ۾ برطانيا جي سنڀال / نگهباني هيٺ اچيProtectorate جي حيثيت ۾ رهيو. 1971ع ۾ بحرين وارن خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. بحرين ۾ هلندڙ حڪومتUnitary Constitutional Monarchy سڏجي ٿي. حماد بن عيسيٰ الخليفه بحرين جو حاڪم يعني بادشاهه آهي. سندس پٽ شهزادو سلمان بن حماد وليعهد (Crown Prince)به آهي ته وزيراعظم به. هتي اهو به لکندو هلان ته بحرين وارن ٻي جنگ عظيم ۾ حصو ورتو هو ۽ انگريزن سان گڏ وڙهيا. اٽليءَ وارن بحرين تي ٺيڪ ٺاڪ بمباري ڪئي هئي. جنگ بعد سڄي عرب دنيا ۾ انگريزن خلاف نفرت پيدا ٿي پئي، جنهن جي شروعات بحرين ۾ هنگامن جي صورت ۾ ٿي. بحرين ۾ رهندڙ يهودين جو ڪافي قتل ٿيو ۽ ڪيترائي يهودي بحرين ڇڏي بمبئيءَ ۾ اچي رهيا، جن جو احوال آئون پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ’بمبئي منهن جي ڀاڪر ۾‘ ۾ ڪري چڪو آهيان.
هتي ٻه اکر قطر بابت پڻ لکجن، جتي اسان جو مسافر اسد ڪريم سومرو پنهنجي فلسطيني دوست احمد جمال وٽ اچي رهيو. آهن ته بحرين ۽ عمان به امير پر قطر ۽ عرب امارات (UAE) گھڻو امير آهن، جن جي الامارت ايئرويز ۽ قطر ايئرويز اعليٰ هوائي جهاز ڪمپنين مان ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ان ڳالهه تي ڪنهن هم وطنيءَ چيو ته واقعي اهي امير ملڪ آهن، جتي اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنير ۽ بي هنر ته پنهنجي ٻچن جي پيٽ قوت لاءِ نوڪري ڪن ٿا، پر اسان جي ملڪ جا وزير، مشير ۽ وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم به ڊرائيور، ڀنگي، واڍي، رازي جي ٻي نوڪري قطر ۽ دبئي ۾ ڪن ٿا، جيئن پنهنجي اولاد لاءِ ٻه ويلا کاڌو ۽ انگلنڊ ۾ ڪکائون گھر ٺهرائي سگھن!
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قطر هڪ ننڍڙو ملڪ ٿي ڪري پيٽرول جي ڪري سعودي عرب ۽ يو اي اِي بعد انڪم يعني ڪمائيءَ ۾ دنيا ۾ ٽئين نمبر تي آهي. ماڊرن هجڻ ۽ فيشن ۾ هتي جا ماڻهو خاص ڪري عورتون، عرب دنيا ۾ ٽاپ تي آهن. آئون سئيڊن ۾ ٻه سال ۽ سعودي عرب ۾ ٻه مهينا کن عرب فئملين سان گڏ رهيس. ان دوران مون اهو ڏٺو ته سعودي مرد توڙي عورتون امارات ۽ قطر جي عورتن جي فئشن مان بيحد متاثر نظر آيا ٿي. اسان جي عام ماڻهن جي انهن عرب ملڪن جي عورتن سان سندن ملڪ ۾ ملاقات ٿيڻ ڏکيو ڪم آهي. هُو ولايت يعني پئرس، لنڊن، برلن، فرئنڪفرٽ، جنيوا ۾ بنا پڙدي جي هلن ٿيون، پر هُو اهڙي ته ماڊرن ميڪ اپ ۽ ڊريس ۾ رهن ٿيون جو اسان جو ماڻهو سڃاڻي نه سگھي ته هي عورتون وارياسن عرب ملڪن جون آهن. هو پنهنجي ملڪ خاص ڪري پنهنجي شهر ۾ ته پاڻ کي ڍڪي هلن ٿيون پر پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري هنڌ مان نڪرڻ بعد سڃاڻپ کان ٻاهر ٿيو پون. ويندي سعودي عرب جون عورتون، جن لاءِ ينبوع واري سفرنامي ’اي روڊ ٽو مدينا‘ ۾ لکي چڪو آهيان ته جنهن عرب جي گھر ۾ رهندو هوس اهي مون کان پڙدو نه ڪندا هئا. هڪ دفعي منهنجي ڪلاس ميٽ جي زال (جيڪا سرڪاري نوڪريءَ ۾ به هئي) پنهنجين ٻن ٽن ساهيڙين سان گڏ هڪ وڏي شيورليٽ ڪار ۾ جدي لاءِ نڪتي. هنن مون کي به پاڻ سان کنيو. سڀني کي ڪارن برقعن ۾ ڏسي سمجھي ويس ته منهنجي دوست جي زال جون سڀ ساهيڙيون سخت پڙدي واريون آهن، ان ڪري آئون به وڌيڪ خبردار ٿي، ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيس ته متان منهنجي ڀل ۾ ڪنهن تي نظر نه کڄي. پنهنجي ان سفرنامي ۾ لکيو اٿم ته هو سڄي واٽ انگريزي لفظن جي اُچار سان عربيءَ ۾ ڪچهري ڪنديون هليون. جدي پهچي شاپنگ کان اڳ هنن ڪجھه کائڻ ٿي چاهيو سو جدي جي مشهور ’السنڌي اسٽريٽ‘ وٽ ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن ريسٽورنٽ اڳيان گاڏي روڪيسين ۽ مون کي چيائون ته هل ته اسان اچون ٿيون. آئون ٽپ ڏئي گاڏيءَ مان لٿس ۽ اندر ڪنڊ ۾ هڪ خالي ٽيبل تي اچي ويٺس. چوڌاري زياده تر عرب فئمليون هيون، پر بنا برقعن جي. آئون پنهنجي گاڏيءَ ۾ سوار ڪارن برقعن ۾ ملبوس عورتن جي هوٽل ۾ داخل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس ته ڏسان ته بنا برقعن ۾ هُو مون واري ٽيبل ڏي پيون اچن. هُو برقعا ڪار ۾ ئي ڦٽا ڪري آيون هيون. آئون سندن ميڪ اپ ۽ ڪپڙن جو فئشن ڏسي دنگ رهجي ويس. ڄڻ ته ڪنهن اسٽيج ڊرامي جون اداڪارائون ائڪٽنگ ڪري اسٽيج تان لٿيون هجن. منهنجي عرب دوست واري زال ته ولايت ۾... خاص ڪري سئيڊن ۾ رهڻ ڪري انگريزيءَ کان واقف هئي پر سندس ساهيڙيون به مون سانFluent انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳيون. سو اسان لاءِ ته سعودي ڇوڪريون ئي فيشن ۾ اعليٰ لڳن ٿيون پر منهنجا سعودي ڪلاس ميٽ گلف جي هنن عرب ملڪن جي ڇوڪرين جي تعريف ڪندا هئا. اسان فيلڊ ٽرپ ۾ سئيڊن کان لنڊن ۽ هئمبرگ ايندا هئاسين ته اتي جي اعليٰ شاپنگ سينٽرن ۾ منهنجا سعودي عرب ڪنهن قطري، بحريني يا دبئي، شارجا جي ڇوڪري ڏسندا هئا ته هو ان سان زوري زوري پيا ڳالهائيندا هئا. خبر ناهي ڪيئن هو کين سڃاڻي وٺندا هئا، جيتوڻيڪ اسان لاءِ ته اهي به ڪارن وارن واريون انگريز يا فرينچ ڇوڪريون لڳيون ٿَي.
سو ان ۾ شڪ ناهي ته عرب امارت يا قطر عربن لاءِ وڏي ڳالهه آهي. پئسي ۾ کڻي سعودي عرب ٽاپ تي هجي پر فئشن، عمارتسازي، ٽيڪنالاجي ۾ قطر اتم آهي. ساڳئي وقت امن امان ۾ به! تڏهن ته 2022ع ۾ ’فيفا ورلڊ ڪپ‘ قطر ۾ ٿي رهيو آهي يعني پهريون دفعو ڪنهن عرب ۽ مسلمان ملڪ ۾! سال 2030ع واريون ايشين رانديون به قطر ۾ ٿيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. قطر ۾ عوام جي تعليم ۽ صحت لاءِ سهولتون ڏسي اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو ضرور اهو سوچيندا هوندا ته اسان جهڙن جمهوري ملڪن جي حاڪمن کان بهتر ته قطر، دبئي، جپان، ويندي ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جا بادشاهه آهن، جن کي پنهنجي ملڪ جي عوام جي سُکَ جو اونو رهي ٿو.
ايراني نار ۾ هي ٻيٽ نما ملڪ قطر اهڙي هنڌ تي آهي جتان سالن کان بحرين ۽ ڪويت کان انڊيا ۽ چين ڏي ويندڙ سامونڊي قافلا هتي ترسيا ٿي. شروع ۾ ته هي ملڪ (قطر) گھوڙن ۽ اٺن پالڻ کان مشهور رهيو خاص ڪري اُميه دور ۾. ان بعد سچن موتين (Pearls) جو به ڪم هليو ٿي، جنهن کان ڪويت به مشهور رهيو آهي. موتين جي وڪري مان قطر جي وڏي آمدني ٿَي ٿِي. عباسي دور ۾ قطر ۾ وڏي خوشحالي آئي. ان دور جا سئو کان مٿي پٿر جا گھر، ٻه مسجدون ۽ عباسي سلطنت جو قلعو اڃان موجود آهي. عراق ۾ عباسي دور جي زوال تي قطر به پٺتي پئجي ويو. 1550ع ڌاري جڏهن پورچوگالين هن پاسي جي عرب علائقن تي قبضو شروع ڪيو ته قطر وارن پورچوگالين کان ترڪن کي بهتر سمجھي پنهنجي رياست (قطر) کي ’سلطنتِ عثمانيه‘ حوالي ڪري ڇڏيو. ان هنن ترڪن مان وري قطرين جي بني خالد قبيلي، 1670ع ۾ جان ڇڏرائي. اڳتي هلي 1916ع ۾ برطانيا وارن شيخ عبدالله بن جاثم الثاني سان معاهدو ڪيو ۽ قطر جي حفاظت جو ذمون کنيو ۽ قطر کي پنهنجوProtectorate ٺاهيو. 1939ع ۾ قطر ۾ موجود تيل جي کوهن جي ڄاڻ ٿي ۽ ٻي جنگ عظيم بعد تيل جو نڪرڻ شروع ٿيو ۽ قطر ۾ پئسو اچڻ لڳو. 1971ع ۾ برطانيا وارن قطر کي خودمختياري ڏني.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن عرب ملڪن ۾ جمهوريت ناهي، بادشاهت آهي. هڪ بادشاهه جي مرڻ بعد هن جو پٽ ئي حاڪم ٿئي ٿو. اسان وٽ اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته هي عرب حاڪم بدو ۽ ڄٽ آهن. هي ڇا ڄاڻن تعليم مان؟ پر يارو ٿورو غور ڪريو ته هي بادشاهن جا لاڏلا شهزادا اسان جي ڪيترن وزيرن، مشيرن ۽ ٻين سياستدانن، پيرن، ميرن ۽ وڏيرن کان وڌيڪ ۽ اعليٰ نموني جا تعليم يافته آهن. اسان وٽ ته ڪيترن اهڙن پيرن، وڏيرن جا ٻار سياست ۾ وڃڻ لاءِ بي اي ته پري جي ڳالهه آهي، پر هاڻ ته هنن کان مئٽرڪ ۽ انٽر تائين به نٿو پڙهڻ پڄي. هنن جي بدران هنن جا چمچا ۽ مريد امتحان ڏين ٿا. ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ سندن ڪلاس ميٽ هنن جي حاضري لڳرائي، امتحانن ۾ هنن کي ڪاپي ڪرائي گدگد ٿين ٿا. جيئن آمريڪا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اتي ڪم ڪندڙ هڪ ڊاڪٽر وڏي فخر سان هڪ ڊاڪٽر سياستدان لاءِ ٻڌائي رهيو هو ته هُو هن جو ڪلاسميٽ هو، جيڪو نه ڪاليج ايندو هو نه امتحان لاءِ پڙهندو هو. هن جو سڀ ڪم پاڻ ڪيائين. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائين ته اسان وٽ ڊگرين وارا به ڪيڏو ڄٽ آهن ۽ اهڙن ڄٽن کي ملڪ جو حاڪم يا وزير مشير ٿي، غريبن جي ٻارن جي تعليم يا صحت لاءِ ڪهڙو خيال ٿيندو؟ ۽ هيڏانهن قطر جي اڄ واري امير تميم بن حمد الثانيءَ کي ڏسو. هو اڄ ڪلهه جي سڀني حاڪمن ۾ ننڍي عمر جو آهي. هُو 1980ع ۾ ڄائو ۽ هاڻ 41 سالن جو ٿيندو. هيڏو وڏو امير ۽ ملڪ جو بادشاهه ٿي ڪري، هر ڪو سوچيندو هوندو ته هُو اسان جي وڏن ماڻهن جي کريل ٻارن وانگر سڄي رات عياشيءَ ۾ گذاريندو هوندو ۽ ڏينهن جو ٻي بجي کان اڳ نه اٿندو هوندو، پر ائين ناهي. هي قطر کي وڃَي بهتر کان بهتر ڪندو. هن کي پنهنجي ملڪ جي ٻارن جي تعليم ۽ صحت جو وڏو خيال آهي ۽ هن ننڍڙي ملڪ ۾ جنهن جي آدمشماري 26 لک آهي، جنهن مان 23 لک ڌاريا آيل نوڪري ۽ پورهيو ڪن ٿا ۽ مقامي قطري عرب فقط ٽي لک آهن، پر ڇا ته تعليمي ادارا ۽ علاج لاءِ اسپتالون آهن. اهو ان ڪري جو ملائيشيا جي سلطانن جي ٻارن وانگر هي به پڙهيل ڳڙهيل آهن. 2013ع کان قطر جو هي امير (بادشاهه) هن کان اڳ واري امير جو چوٿون نمبر پٽ شيخ تميم بن حمد الثانيءَ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم انگلنڊ جي اسڪولن: ’شربورن اسڪول‘ ۽ ’هئرو (Harrow) اسڪول‘ مان حاصل ڪئي. ان بعد هن جي پيءُ هن کي انگلنڊ جي ’رايل مليٽري اڪيڊمي سئنڊهرسٽ‘ ۾ داخل ڪيو، جتان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد کيس قطري بري فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي پوسٽ تي رکيو ويو.
سئنڊهرسٽ اڪيڊمي جي زندگي ڪا آسان ناهي، چاهي ونسٽن چرچل هجي يا ليڊي ڊائيانا جا پٽ: وليم ۽ هئري يا راڻي ايلزبيٿ جو سوٽ شهزادو ايڊورڊ يا اسان جي پاسي جا ايوب خان، اسڪندر مرزا، جنرل سيد شاهد حامد يا پنجاب جي مهاراجا رنجيت سنگھه جو ننڍو پٽ دُليپ سنگھه، هن فوجي اڪيڊميءَ ۾ سخت ڊسيپلين ۾ گذارڻو پوي ٿو ۽ پي ٽي پريڊ کان پڙهائي تائين شاگردن کي هڪ هڪ منٽ مشغول رکيو وڃي ٿو. صبح جو سوير اٿڻو پوي ٿو ۽ جسماني توڙي ذهني پورهيو ڪرڻو پوي ٿو ۽ جتي ڪئڊٽ ڪاليج جي زندگي ئي هڪ سست ۽ ڪاهل لاڏلي ٻار کي چست بنايو ڇڏي، اتي سئنڊهرسٽ جو گرئجوئيٽ ڇا هوندو. سئنڊ هرسٽ ۾ رهڻ واري جي، دنيا جي اهم ماڻهن سان لهه وچڙ پڻ ٿئي ٿي ۽ هُو پنهنجي ملڪ ۾ سڌارو آڻڻ جي اهميت رکي ٿو. نه فقط هي امير تميم پر قطري شاهي خاندان جي ٻين به ڪيترن ئي سئڊهرسٽ اڪيڊميءَ مان پڙهيو، جيئن ته هن امير جو والد حمد بن خليفا ۽ چاچو عبدالله بن خليفا پڻ سئنڊهرسٽ جا گرئجوئيٽ آهن.
اڄ واري امير تميم بن حمد کي مون الجزيره ٽي ويءَ تي هڪ دفعي انگريزن سان ڳالهائيندي ٻڌو... ڇا ته انگريزي لهجو هوس. اهڙي طرح سعودي عرب جي شهزادي ولي عهد محمد بن سلمان کي ته توهان به ٻڌو هوندو جڏهن پاڪستان ۾ عمران خان سان ملڻ آيو هو.
ائين ناهي ته تعليم، صحت ۽ امن امان جو خيال نه فقط هينئر واري قطري امير کي آهي پر هن جي وڏن به تعليم لاءِ گھڻو ڪجھه ڪيو. مون کي ته حيرت آهي هن امير جي ڏاڏي جو ڀاءُ شيخ علي بن عبدالله جيڪو 1949ع ۾ قطر جو امير (بادشاهه) ٿيو هو، ان کي به تعليم جو وڏو فڪر هو. مولوي ٿي ڪري هن ماڊرن تعليم کي اهميت ڏني، جيئن اسان جي ڳوٺ هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن جو چاچو مخدوم غلام حيدر صاحب، جيتوڻيڪ ديوبند جو گرئجوئيٽ ۽ دستاربند مولوي هو، پر هن جي Vision کي داد آهي جو هن 1940ع واري ڏهاڪي ۾ هالا ۾ هڪ وڏو مدرسو ۽ انگريزي اسڪول هاسٽل سميت ٺهرايو، جيتوڻيڪ هي اهي ڏينهن هئا جڏهن هر هڪ انگريزي تعليم جي مخالفت ٿي ڪئي.
سو قطر جي هن امير علي بن عبدالله کي به تعليم جو وڏو فڪر هو. هن بادشاهه جي ٻي ڳالهه قابل تعريف اها آهي ته هن ڏهه سال کن حڪومت ڪرڻ بعد 1960ع ۾ چپ چاپ پنهنجو تاج ۽ تخت پنهنجي پٽ احمد بن علي الثانيءَ حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ مسلمان اسڪالرن (عالمن) جي سنگت ۾ زندگي گذارڻ لڳو.
امير احمد بن علي الثاني جي دؤرِ حڪومت ۾ انگريزن 1971ع ۾ قطر کي خودمختياري ڏني. دنيا جي حاڪمن ۾ تخت حاصل ڪرڻ جي لالچ ته رهي ٿي ۽ اسان جي مسلمان حاڪمن ۾ ته اها هيڪاندي گھڻي نظر اچي ٿي. قطر کي انگريزن طرفان آزادي ملڻ کي اڃا هڪ سال به نه ٿيو ته احمد بن علي جي سوٽ خليفه بن حمد بغاوت ڪري موجوده امير کي تخت تان لاهي پاڻ قطر جو والي وارث ٿي ويٺو.
خليفه بن حمد (يعني اڄ واري امير تميم بن حمد جي ڏاڏي) 1927ع کان 1995ع تائين حڪومت ڪئي ته سندس پٽ حمد بن خليفه پيءُ جي تخت تي قبضو ڪري ويهي رهيو. خليفه بن حمد 1995ع ۾ جنيوا سئٽزرلئنڊ جي چڪر تي ويو هو، جو پٺيان حمد بن خليفه (هاڻوڪي امير جو پيءُ) پاڻ تخت ڌڻي ٿي ويٺو. خليفه بن حمد کي قطر موٽڻ بدران 2004ع تائين ڏهه سال کن فرانس ۾ ئي گذارڻا پيا، ان بعد پنهنجي وطن قطر موٽيو، جتي 2016ع ۾ وفات ڪيائين.
حمد بن خليفه 1995ع کان 2013ع تائين قطر جو بادشاهه رهيو، ان بعد پنهنجي جيئري تخت ۽ تاج پنهنجي ٻي زال شيخا موراخ بنت ناصر مان ٻي پٽ تميم بن حمد حوالي ڪيو. سو ڏٺو وڃي ته قطر کي آزادي ملڻ بعد جيڪي چار بادشاهه ٿيا، انهن ۾ فقط هاڻوڪو وارو امير تميم بن حمد بنا ڪنهن جھيڙي فساد ۽ بغاوت جي بادشاهه ٿيو آهي.