الطاف شيخ ڪارنر

نڪري ويا ناکُئا

هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ ڪيتريون ئي اُتساهيندڙ ڳالھيون پيش ڪيون آهن، جيڪي سراسر موهيندڙ تہ آهن ئي پر رهنمائي ڪندڙ بہ آهن ۽ منھنجي راءِ موجب هي ڪتاب سنڌي نوجوانن لاءِ ڄڻ تہ مشعلِ راھ آهي، جنھن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سئر سفر يا روزگار واسطي ويندڙن لاءِ ڪيئي نقطا بيان ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ قومون ترقي ڪيئن ٿيون ڪن ۽ قومن جا فرد پنھنجي وطن ۽ ماڻھن جي ڀلائي ۽ بھتريءَ لاءِ ڪيئن ٿا پاڻ پتوڙين يا پنھنجي وطن سان محبت ۽ ان جي مالڪيءَ سان ڪيئن سلھاڙيل آهن... اهي سڀ ڳالھيون اسان ماڻھن لاءِ سِکيا جو مرڪز ۽ محور آهن.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نڪري ويا ناکُئا

سنڌي انجنيئر ڇوڪري اسرا عباسي ملائيشيا ۾...

ملائيشيا ۾ منهنجا سڀ کان گهڻا شاگرد پيٽروناس ۾ ڪم ڪن ٿا. ظاهر آهي هن تيل ۽ گئس جي ڪمپني پيٽروناسPETRONAS, ( Petroliam Nasional Berhad) وٽ سوا سئو کن جهاز آهن، اُهي به اسان جهڙا عام ٽيهه چاليهه هزار ٽنن وارا نه پر هڪ لک کان وڌيڪ ٽنن وارا... سي به تيل کڻندڙ ٽئنڪر، ڪيميڪل ٽئنڪر ۽ گئس کڻندڙ LNG Carriers جن جي نه فقط قيمت وڏي ٿئي ٿي، پر ان تي ڪم ڪندڙن يعني هلائيندڙ نيويگيٽرن کان مئرين انجنيئرن تائين جا پگهار عام جهازن جي پگهارن کان ٻيڻا ٿين ٿا، جو انهن کي هي جهاز هلائڻ ۾ بيحد خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. معمولي غلطي سڄي جهاز کي تباهه ڪري رکي ٿي ۽ هنن گئس، تيل ۽ ڪيميڪل کڻڻ وارن جهازن کي ٺاهڻ وارا به وڏو خرچ ڪري، ان کي باحفاظت بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪن ٿا. ان ڪري هي جهاز مالڪن کي تمام مهانگا پون ٿا، پر پوءِ انهن مان ڪمائي به ان حساب سان آهي. اسان لاءِ ٽي. ايس. ڀنڀور جهڙي هڪڙي سيڪنڊ هئنڊ آئل ٽئنڪر به رت ٿي رئاڙيو، پر سائين ملائيشيا جي هن سرڪاري ڪمپني ’پيٽروناس‘ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جيڪا وڃي پئي امير کان امير ترين ٿيندي. منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ ملائيشيا جي ماڻهن کي شاباش ڏجي، جيڪي هڪ سرڪاري اداري کي به ڪيڏي محنت ۽ ايمانداريءَ سان هلائي رهيا آهن. اسان جهڙن ماڻهن لاءِ واقعي حيرت جي ڳالهه آهي، جن پنهنجي ملڪ ۾ سرڪاري شين کي فقط تباهه ٿيندي ڏٺو، پوءِ اها چاهي PIA هجي يا اسٽيل مل.
ملائيشيا وارن جيئن ئي جهازران ڪمپني شروع ڪئي ته هنن پنهنجي نوجوانن جي تعليم ۽ سکيا لاءِ ملاڪا شهر ۾ ’مئرين اڪيڊمي‘ کولي ۽ پڙهائڻ لاءِ مختلف ملڪن جي جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن گهرايا. آئون انهن شروعاتي ماسترن مان هوس، جن اچي هي ڪم شروع ڪيو ۽ سڀ کان وڏو عرصو رهيس. اٽڪل ڏهه سال کن. ايتري قدر جو شروعاتي بئچن جي ڪئڊٽن مان ڪجهه، ڇهه ست سال بعد ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿيڻ تي اچي هن اڪيدمي ۾ پڙهائڻ جي نوڪري ڪئي. ڪن جي جهاز هلائڻ کان دل ڀرجڻ تي هنن پنهنجي ڪمپني پيٽروناس جي آفيس ۾ جاب ڪيو. بهرحال هن وقت جهازن تي توڙي ملائيشيا ۽ سنگاپور جي جهازران آفيسن ۾ جيڪي مٿانهن عهدن تي آهن، انهن مان وڏو حصو منهنجي شاگردن جو آهي. جن سان اڪثر پيٽروناس جي اتاهين عمارت Twin Towers گهمڻ مهل سلام دعا ٿي ويندي آهي.
گذريل دفعي هڪ چيني چيف انجنيئر سان ملڻ ويس ته هُو ڪجهه تازن گريجوئيٽ انجنيئرن سان گڏ ڪانفرنس روم ۾ چانهه پي رهيو هو. آئون به اتي ئي پهتس ۽ چانهه دوران هي نوان انجينئر جن ۾ ڪجهه اليڪٽرانڪ انجينئر هئا ته ڪجهه مڪينيڪل انجينئر، مون سان به ملئي ۽ انگريزيءَ ۾ خبرون ڪندا رهيا. خاص ڪري آف شور آئل ڊرلنگ تي ڪم بابت. ڇو جو هنن سمنڊ ۾ موجود آئل فيلڊن تي ڪم ڪيو ٿي ۽ کين اهو ڪم ڪندي هڪ سال ٿي ويو هو. ملائيشيا جا ٻه حصا ويسٽ ملائيشيا ۽ ايسٽ ملائيشيا ايئن آهن، جيئن اسان وٽ پهرين ويسٽ پاڪستان ۽ ايسٽ پاڪستان هو، پر اسان جي وچ ۾ انڊيا جو ملڪ هو پر هنن جي وچ ۾ سائوٿ چائنا سي (سمنڊ) آهي. ايسٽ ملائيشيا پاسي ته شروع کان تيل جي ڳولا ٿي چڪي هئي پر ويسٽ ملائيشيا پاسي به ترنگانو رياست کي ڇهندڙ سمنڊ مان تيل نڪرڻ شروع ٿي ويو آهي. سمنڊ مان نڪرندڙ تيل جي کوٽائي ۽ تيل ڪڍڻ جو ڪم ڪو سولو ناهي. نوڪري ڪرڻ واري انجنيئر کان وٺي نوڪر چاڪر کي شهر جي زندگيءَ کان ڪٽيل رهڻو پوي ٿو. هڪ ته ٻيڙيءَ رستي کوٽائيءَ واري هنڌ تي پهچڻ ۾ ئي حالت خراب ٿيو وڃي، جو سمنڊ هميشه ڪو ماٺو نٿو رهي ۽ ٻيڙي يا لانچ ۾ سفر واري کي ته تمام گهڻو ٿو ولوڙي. تمام گهڻي رف سي ۾ ڪمپنيءَ وارا هيليڪاپٽر جو به بندوبست ڪن ٿا، پر ڪيترن هنڌن تي هيلي پئڊ نه هجڻ ڪري رسن ذريعي هيليڪاپٽر مان لهڻو ۽ چڙهڻو پوي ٿو.
بهرحال آئون هنن نوجوانن سان ڪجهه دير ڳالهيون ڪندو رهيس جن ۾ ڪي فقط BE هئا ته ڪجهه ME به. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته هنن نوجوان ڇوڪرن ۾ هڪ ڇوڪري به هئي. پنهنجي چيني چيف انجينئر شاگرد کي چيم ته هُونءَ اهڙا ڏکيا ڪم فقط چيني ڇوڪريون ڪنديون هيون، پر هاڻ ملئي ڇوڪريون به همٿ ڪن پيون.
”مون کي ٻڌائڻ وسري ويو ته توهان جي به ڇوڪري آهي.“ چيني چيف انجنيئر چيو.
عام طرح جڏهن ڪو چيني اهڙو جملو چوندو آهي ته اسان اهو ئي سمجهندا آهيون ته هن جو مطلب ملئي ماڻهن سان آهي يعني اسان جي مسلمانن سان آهي، پر جي ڪو ملئي ماڻهو اسان کي چوي ٿو ته هي توهان جو ماڻهو آهي معنيٰ اهو ملائيشيا جو رهاڪو انڊين مسلمان آهي. سو مون به اهو ئي سمجهيو ته هيءَ ڇوڪري ملئي آهي يا هتي جي رهاڪو تامل مسلمان، جيڪي جيتوڻيڪ ملئي ڊريس (باجو ڪرونگ) اوڍين ٿيون ۽ مٿي کي ڍڪڻ لاءِ حجاب (تَودونگ) ويڙهين ۽ ملئي زبان ڳالهائين، پر اهي ’ماماڪ‘ سڏجن. ماماڪ جيتوڻيڪ عزت جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’مامو‘ آهي. (ماماڪ ملئي لفظ ۾ آخري ’ڪ‘ جو اُچار خاموش ٿئي ٿو).
هيءَ ڇوڪري جيڪا ملئي ڊريس ۾ هئي ۽ ٻين وانگر سٺي ملئي ڳالهائي رهي هئي، اها بعد ۾ مون سان آفيس ۾ ملڻ آئي ته منهنجي چيني شاگرد هن لاءِ چيو ته Dia bersal dari Karachi Bandar anda (هيءَ آفيسرياڻي توهان جي شهر ڪراچيءَ جي آهي).
”سر آئون ڪراچيءَ جي نه پر لاڙڪاڻي جي آهيان.“ هن ڇوڪريءَ سنڌيءَ ۾ وراڻيو.
”ڀلي کڻي ڪراچي يا لاهور جي هجو. بنا شڪ جي اها وڏي ڳالهه آهي جو تون ڇوڪري ٿي، آف شور ڊرلنگ (سمنڊ تي تيل جي کوٽائي) جو ڪم ڪرين ٿي. لڳي ٿو تو ڪنهن خاص سبجيڪٽ ۾ نه فقط انجنيئرنگ ڊگري حاصل ڪئي آهي، پر ان سبجيڪٽ جي سٺي ڄاڻ به اٿئي، تڏهن ته توهان کي پيٽروناس وارن نوڪري ڏني آهي.“
”مون انسٽرومينٽيشن انجنيئرنگ ۾ ME ڪئي آهي.“ هن ٻُڌايو.
”زبردست“ مون شاباش ڏيندي چيومانس، ”دراصل آئون به شاگردن کي اها ئي صلاح ڏيندو رهان ٿو ته انجنيئرنگ جي اهڙي برانچ کڻو، جنهن جي ڊمانڊ هجي پوءِ ڀلي اها ڏکي هجي. ڏکي هوندي ته ان ۾ گهٽ ۽ فقط اهي شاگرد ايندا جيڪي محنتي هوندا.“
”سر توهان جي اچڻ جو ٻڌي خوشي ٿي، توهان کان پاڻ ڪجهه ضروري ڳالهيون پڇڻيون اٿم.“ هن چيو.
”ڀلي. بس اڌ ڪلاڪ ڏي ته آئون هتي پنهنجن چند ملاڪا مئرين اڪيڊمي جي پراڻن شاگردن سان ملي تو سان ڪئنٽين ۾ ٿو اچي ڳالهايان.“ مون هن کي چيو.
مون کي چاليهه سال اڳ جو زمانو ياد آهي، جڏهن اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جاپان کي پهريون آٽوميٽڪ جهاز ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو، جنهن کي هلائڻ لاءِ مون کي چونڊيو ۽ آئون جهاز جي ڊليوري ملڻ کان ٻه مهينا اڳ ٽوڪيو پهچي ويس. ٽوڪيو شپ يارڊ وارن مون کي آٽوميشن جو ڪورس ڪرائڻ لاءِ اوساڪا موڪليو، جتي هنن مون کي آٽوميشن سان گڏ انسٽرومينٽيشن پڙهڻ تي به زور ڀريو. هنن ٻڌايو ته آٽوميشن لاءِ Instrumentation پڻ لازمي آهي. سچ اهو آهي ته اهو سبجيڪٽ اڄ به ايترو ئي اهم آهي ۽ جتي اسان جا ماڻهو واپڊا، اريگيشن، بلڊنگس ۽ روڊس جهڙن کاتن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ رڳو سول، مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ پويان چريا آهن، اتي ڪي اهڙا به محنتي آهن جيڪي نت نوَن سبجيڪٽن ۾ انجنيئرنگ ڪري رهيا آهن جن جي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڊمانڊ آهي... نوڪري ڪجهه آسانيءَ سان مليو وڃي، پگهار به سٺي ملي ٿي. منهنجي هن ME انجنيئر سنڌي ڇوڪريءَ سان بعد ۾ ڪئنٽين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻڌايو ته هن جو نالو ’اسرا عباسي‘ نالو آهي ۽ لاڙڪاڻي جي ’قمرالدين عباسي صاحب‘ جي نياڻي آهي.
”توهان BE ڪٿان ڪئي؟ ڄامشوري مان يا نوابشاهه مان؟“ مون پڇيو.
”اها به مون هتان ملائيشيا جي يو ٽي پي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.“ اسرا ٻڌايو ته هن مئٽرڪ لاڙڪاڻي جي شمس اسڪول مان ۽ انٽر سائنس زيبسٽ ڪاليج مان ڪرڻ بعد B.E لاءِ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ضرور ورتي، جتي هن پهريون سيمسٽر به مڪمل ڪيو. ان دوران هن کي ملائيشيا جي حڪومت طرفان ملائيشيا جي ’يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس‘ ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي وئي.
”اها ڀلا ڪيئن ملي؟“ مون پڇيو.
”دراصل انهن ڏينهن ۾ پيٽروناس وارن جو اسان جي ملڪ ۾ ڪاروبار شروع ٿيو هو، جيڪو پوءِ ڪجهه سالن بعد بند ٿي ويو. هُو پنج سال کن هتي هئا ته هر سال گهوٽڪي، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ضلعن مان پنج شاگردن کي اسڪالر ڏيندا هئا. منهنجي بئچ آخري هئي، جنهن ۾ آئون اڪيلي ڇوڪري هيس. مون هن اسڪالر لاءِ انٽر پاس ڪرڻ بعد يڪدم Apply ڪري ڇڏيو پر پوءِ جيسين رزلٽ اچي آئون مهراڻ ۾ پڙهندي رهيس.“
اسرا عباسيءَ ٻڌايو ته اسڪالر جو اعلان ٿيڻ تي پيٽروناس وارن پنجن ئي شاگردن کي پنهنجي اسلام آباد واري هيڊ آفيس ۾ گهرايو. ”ضروري ڳالهيون سمجهائي، ٻئي ڏينهن ڪوالالمپور موڪليو، جتان باءِ ٽرين اسان ’اپوح‘ شهر پهتاسين.“
جيئن ته مٿي لکي چڪو آهيان ته پيٽروناس ملائيشيا جي امير ترين ڪمپني آهي، جيڪا ملڪ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جو ڪاروبار ڪري ٿي. تيل جي ڳولا لاءِ نوان نوان کوهه کوٽرائيندي رهي ٿي. زمين مان نڪرندڙ تيل کي ريفائينرين ذريعي مختلف ٻارڻ ۽ چڪنائي جا تيل: ڊيزل آئل، گاسليٽ، پيٽرول ۽ گئسون ٺاهي، دنيا جي ملڪن ڏي پنهنجن جهازن ذريعي موڪلي ٿي. ايتري قدر جو پيٽروناس 1997ع ۾ پيراق رياست ۾ اپوح ريلوي اسٽيشن جي ويجهو ’نرو نوح‘ ۽ ’سري سڪندر‘ ڳوٺ وٽ 990 ايڪڙن تي ’يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس‘ (UTP) نالي پنهنجي خرچ تي يونيورسٽي کولي. هن يونيورسٽي ۾ ملائيشيا توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جا تعليم حاصل ڪن ٿا. لاڙڪاڻي جي اسرا عباسيءَ کي به هن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هن سان چونڊيل باقي چئن شاگردن: فواد انصاري، وفا سومرو، نجف حسين ۽ اوساما پڻ مختلف انجينئرنگ سبجيڪٽ ۾ پنجن سالن ۾ BE ڪئي.
”ان بعد پيٽروناس وارن توهان کي ME (ماسٽرس) ڪرڻ لاءِ اسڪالر ڏني يا پنهنجي خرچ تي پڙهيا آهيو؟“ مون اسرا کان پڇيو.
”نه پيٽروناس وارن وڌيڪ نه پڙهايو. هنن انهن پنجن سالن ۾ به اسان مٿان وڏو خرچ ڪيو. ظاهر آهي. يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ۽ ٽيوشن فيون، ڪتاب، هاسٽل ۾ رهائش، ماني ٽڪي، ان کان علاوه پاڪيٽ مني. وڏو خرچ ايندو هو جيڪو سڀ هُو ڏيندا هئا. BE بعد مون ماسٽرس لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي پر نه ملي، پر مون هر صورت ۾ ماسٽرس ڪرڻ چاهي ٿي، جو ٺلهي BE جي ڇا Value آهي. سو نيٺ پنهنجو بچايل پئسو خرچ ڪري ME لاءِ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتم، پر پهرئين ئي سيمسٽر ۾ هئس ته مون کي ملائيشيا جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان اسڪالر ملي وئي.“ اسرا ٻڌايو.
”ڀلا تو سان گڏ هن يونيورسٽيءَ ۾ ٻيا به پنهنجي ملڪ جا شاگرد هئا؟“ مون پڇيو.
”جي ها. ٻيا به ڪيترائي هئا پر مون واري اسڪالر تي نه هئا. ڪجهه کي مختلف هنڌن تان اسڪالرون مليل هيون، ڪيترا ته پنهنجي خرچ تي پڙهي رهيا هئا. ٻه ته ڇوڪريون به هيون، جيڪي مون وانگر ماسٽرس ڪري رهيون هيون... هڪ دادوءَ جي ’حميرا عباسي‘ هئي ۽ ٻي حيدرآباد جي ’پارس بهراڻي‘ هئي...“
”توکي ماسٽرس ڪرڻ دوران ڪيتري اسڪالر ملي ٿي؟“ مون پڇيو.
”اٽڪل 1500 رنگٽ- چاليهه پنجيتاليهه هزار رپيا ماهوار ملندا هئا ۽ منهنجو سٺو گذارو ٿي ويو ٿي.“ اسرا وراڻيو. جيئن ته اسرا سٺي ملئي ٻولي ڳالهائي رهي هئي سو پڇيومانس ته، هن کي ملئي سکڻ جو ڪيئن شوق ٿيو ۽ ڪڏهن سکي؟
”ملئي مون دراصل دير سان سکي، جڏهن ME ڪري رهي هيس. انهن ڏينهن ۾ منهنجي هڪ ’نور فاتحا‘ نالي ملئي ساهيڙي ٿي وئي. هن جي سنگت ۾ رهي آئون جهٽ ملئي سکي ويس ۽ ملئي اچڻ ڪري منهنجي زندگي آساني سان گذرڻ لڳي.“
”بلڪل ايئن ئي هوندو.“ چيومانس. ”بهتر ته ٿئي ها ته اچڻ سان يڪدم سکي وٺين ها. آئون ته اهو ئي چوندو آهيان ته توهان کي جي تعليم يا نوڪريءَ لاءِ ڪنهن ملڪ ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻو پوي ته يڪدم اتي جي ٻولي سکي وٺڻ کپي.“
اسرا عباسيءَ ٻڌايو ته سندس اها ملئي دوست نور فاتحا اڄ ڪلهه UTP مان Ph.D پئي ڪري.
”مون کي به پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو شوق هو.“ اسرا ٻڌايو، ”پر مون کي جيئن ئي نوڪري ملي ته مون اهو ئي سوچيو ته ٻه ٽي سال نوڪري ڪري آئون ڪجهه پئسو بچايان ۽ پنهنجي فئملي جي مدد ڪريان. خاص ڪري مون کان پوءِ واري ڀيڻ طيبا جي جنهن مهراڻ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرونڪس ۾ B.E ڪئي آهي ۽ هاڻ مون کيس ايسٽ ملائيشيا جي شهر مِري ۾ M.E ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي، جتي آسٽريليا جي مشهور يونيورسٽي ’ڪرٽن يونيورسٽي‘ جي برانچ آهي“
اسرا عباسي پاڻ به گذريل هڪ سال کان ايسٽ ملائيشيا جي بنتولو شهر ۾ نوڪري ڪري رهي آهي، جيڪو مِري ويجهو ’سراواڪ‘ رياست ۾ آهي. اسرا کي M.E ڪرڻ بعد جيئن ئي نوڪري ملي ته هن کي ڪوالالمپور ۾ ٻه مهينا ٽريننگ ڏئي، ترينگانو رياست جي آف شور ڊرلنگس تي موڪليو ويو، جتي سال کن نوڪري ڪرڻ بعد هن کي بنتولو ٽرانسفر ڪيو ويو. هينئر هُوءَ ڇهه ماهي ميٽنگ ۽ سيمينار لاءِ هتي ڪوالالمپور هيڊ آفيس آئي هئي، جيڪا هِن اتاهين عمارت ’پيٽروناس ٽاورس‘ ۾ آهي ۽ جتي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي.
بِنتولو شهر مشرقي ملائيشيا جي رياست سراواڪ جو هڪ سامونڊي ڪناري وارو شهر آهي. مشرقي ملائيشيا جون ٻه رياستون ’سباح‘ ۽ ’سراواڪ‘ بورنيو ٻيٽ تي آهن. انهن رياستن جي وچ ۾ برونائيءَ جو هڪ ننڍڙو پر امير ملڪ پڻ آهي. برونائيءَ بابت تفصيل سان پنهنجي ڪتاب ’برونائيءَ کان برازيل‘ ۾ لکي چڪو آهيان، سباح، سرواڪ ۽ برونائيءَ کان علاوه بورنيو ٻيٽ جو باقي وڏو حصو انڊونيشيا جو آهي، جيڪو ’ڪاليمنتان‘ سڏجي ٿو. ملائيشيا جي هن رياست سراواڪ جو گادي وارو شهر ڪُچنگ آهي. ان کان علاوه سيبو (Sibu) ۽ مِري (Miri) جتي اسرا جي ڀيڻ ’طيبا‘ اليڪٽرونڪ انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪري رهي آهي، پڻ سراواڪ رياست جا وڏا شهر آهن. بنتولو کان مِري اٽڪل 200 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
”توهان کي پڙهائيءَ جو شوق ڪنهن ڏياريو؟ بابا يا امان؟“ مون اسرا کان پڇيو.
”ڏٺو وڃي ته ٻنهي... منهنجي ماءُ امتياز بيگم، راڄپر ذات جي آهي ۽ ڳوٺ جي ٿي ڪري، هن ان وقت B.A ڪئي. اسان جي پڙهائي ڏي گهڻي نظرداري اها ٿي ڪري. ان سان گڏ منهنجو والد قمرالدين عباسي فل سپورٽ ٿو ڪري ۽ محدود روزگار هجڻ جي باوجود اسان سڀني ڀيڻن جي پڙهائيءَ جي خرچن جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.“
اسرا ٻڌايو ته هن کي ڪوبه ڀاءُ ناهي. هُو پاڻ ۾ ڇهه ڀينرون آهن. وڏي ڀيڻ رابيل MBA ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي ڪاليج ۾ ايڪانامڪس جي ليڪچرار آهي. ٻئي نمبر تي ڊاڪٽر لاريب آهي. هن چانڊڪا مان MBBS ڪئي ۽ آمريڪا جي رياست سائوٿ ڊڪوٽا ۾ نوڪري ڪري ٿي. سندس مڙس ڊاڪٽر شڪيل ٿيٻو به چانڊڪا مان ايم بي بي ايس ڪئي ۽ اتي آهي. ٽئي نمبر تي اسرا پاڻ آهي ۽ چوٿين نمبر تي طيبا آهي، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته مهراڻ يونيورسٽيءَ مان BE ڪرڻ بعد هُوءَ اسرا جي ڀر واري شهر مِريءَ جي هڪ يونيورسٽيءَ مان ME ڪري رهي آهي. اسرا جي پنجين ڀيڻ ’طاها‘ چانڊڪا يونيورسٽي مان MBBS ڪري رهي آهي ۽ چوٿين سال ۾ آهي ۽ آخري ڀيڻ ’پريسا‘ پڻ چانڊڪا مان ڊاڪٽري ڪري رهي آهي ۽ ٻئي سال ۾ آهي.
اسرا ٻڌايو ته سندس شادي گذريل سال سندس ڪزن جنيد عباسيءَ سان لاڙڪاڻي مان ٿي ۽ هاڻ هُو وڌيڪ تعليم لاءِ ڪوالالمپور ۾ رهيل آهي. اسرا کي مون چيو ته، ”تنهنجي ڪهاڻي اهڙي آهي، جيڪا آئون چاهيندس ته اخبار ۾ اچي، جيئن اڄ جي نوجوانن ۽ والدين کي اتساهه ملي ۽ احساس ٿئي ته ڪيئن تنهنجي والدين حق حلال جي پورهئي مان مالي مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي اولاد کي ديني تعليم، انگريزي تعليم ۽ اخلاق جهڙي زيور سان مالامال ڪيو ۽ موٽ ۾ توهان محنت ۽ سچائيءَ سان هنن جي خوابن کي سچ ڪري ڏيکاريو.“
اڄ پهرين فرصت ۾ انسٽرومينٽ (اليڪٽرانڪ سسٽم) انجنيئر اسرا عباسي ۽ ان جي فئملي جي مٿئين ڪهاڻي لکي اٿم.
هڪ ڳالهه ضرور رهجي ٿي وڃي ۽ اها توهان مان به ڪيترن جي ذهنن ۾ کُٽڪندي هوندي ۽ جي سامهون هجو ته ٿي سگهي ٿو، مون کان پڇو ته اسرا مون کان ڪهڙيون ضروري ڳالهيون پڇڻ ٿي چاهيون!
ملائيشيا ۾ وڏو عرصو رهڻ ڪري ۽ هتي جي سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين سان واسطو هجڻ ڪري، هتي جي ماڻهن جي مزاج ۽ ڪلچر کان ڄاڻ هجڻ ڪري، هن مون کان پنهنجي مسئلي ۽ سوچ بابت پڇڻ ٿي چاهيو، جنهن جي جواب ۾ مون جيڪي هن سان ڳالهيون ڪيون اهي ٿي سگهي ٿو انهن نوجوانن جي به رهنمائي ڪن يا Guide Line مهيا ڪن، جيڪي ملائيشيا ۾ تعليم يا نوڪرين خاطر رهيل آهن.
اسرا ٻڌايو ته جيئن ته سندس گهوٽ ڪوالالمپور ۾ رهي ٿو، ان ڪري هُوءَ چاهي ٿي ته هن کي بنتولو (مشرقي ملائيشيا) مان بدلي ڪري ڪوالالمپور ۾ رکن، جتي هن جو مڙس رهي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ مغربي ملائيشيا جي ترينگانو رياست ۾، جتي پڻ تيل جي کوٽائي هلي رهي آهي.
اسرا ٻڌايو ته هن پنهنجن آفيسرن سان ڳالهه ڪئي، پر هُو نٿا مڃين مون به کيس اهو ئي ٻڌايو ته هُو ڪونه مڃيندا، جو ان قسم جي ڳالهين کي هتي اهميت نٿا ڏين. بلڪه ان کي نوڪري ڪرڻ واري جي خلاف ٿا سمجهن.
اسان ته ڌارين ملڪن جا آهيون ۽ contract تي نوڪري ٿا ڪريون. يعني هڪ، ٻن يا ٽن سالن جي ٺيڪي تي، پر هنن جون پنهنجيون ملئي ڇوڪريون جيڪي Permanent جاب ۾ آهن، اهي به اڪيليون مائٽن توڙي مڙسن کان پري ڏورانهن شهرن ۾ نوڪري ڪري رهيون آهن. توکي ٻار جي سنڀال جو مسئلو آهي ته ڪا فل ٽائيم آيا رک يا پنهنجي والده کي گهرائي وٺ، جنهن کي هي ٽن مهينن جي وزٽ ويزا ڏيندا، جيڪا پوءِ Extend ڪرائيندي رهجانءِ. مون کي پڪ آهي ته تنهنجي والده کي به ملائيشيا جي ساوڪ ۽ ميگهه ملهار واري موسم ۾ مزو ايندو. باقي تون هنن سان ضد نٿي ڪري سگهين ۽ نه نوڪري ڇڏڻ جو سوچ، جو توکي تمام سٺي پگهار ڏئي رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته جنهن فيلڊ جي تون انجينئر آهين ۽ جيڪو توکي تجربو آهي، اهو به اهم آهي ۽ هنن وٽ پنهنجو ڪو اهڙو انجنيئر نه هجي، پر جنهن وقت تون نوڪري ڇڏيندينءَ هڪ بدران ٻه ٻه ٽي ٽي انڊين، سنگاپور، آسٽريليا يا انگلينڊ جا پڙهيل هنن وٽ پهچي ويندا ۽ توکان به گهٽ پگهار تي نوڪري ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويندا.
اسرا ٻي ڳالهه اها ڪئي ته هُوءَ هتي ٽن سالن کان مٿي رهي آهي ۽ ملائيشيا جي شهريت لاءِ Apply ڪرڻ چاهي ٿي ۽ کيس ٻيا به چوندا رهن ٿا ته هُوءَ ضرور اپلاءِ ڪري، جو هن کي ملئي به اچي ٿي.
مون کيس پنهنجو Opinion ٻڌايو ته اهو قانون بلڪل صحيح آهي ته هڪ ڌاريون ماڻهو ملائيشيا ۾ ٽي سال رهڻ بعد پڪي رهائش PR لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو، پر اهو قانون رڳو اپلاءِ ڪرڻ جي حد تائين آهي. ملئي ماڻهو ۽ سندن حڪومت اهڙا استاد آهن، جو ڪو سندن ملڪ ۾ ڏهه سال ٿو رهي ته ان کي به ورلي ڪو ڏين ٿا. خير هڪ خيال کان ته چوندس ته وڏا سياڻا ۽ ڏاها آهن، جو ڌارئين ماڻهوءَ کي پري ٿا رکن. ڀلي کڻي اهو مسلمان هجي، سندن ٻولي ڳالهائي، سندن ڪلچر ۾ سمائجي وڃي. باقي ٻاهرين ملڪ جو ڪوبه ماڻهو ڊاڪٽر، پروفيسر، سرجن، انجينئر هنن وٽ ڪم ۾ لڳندو ته هن کي خوش ڪرڻ لاءِ چوندا رهندا ته توهان ملائيشيا ۾ ئي رهي پئو، پاسپورٽ لاءِ اپلاءِ ڪريو ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ ان تان کلندا پيا آهن ته سندن حڪومت ان معاملي ۾ ايڏي سخت آهي جو هو ڀلي سالن جا سال پيو اپلاءِ ڪري، کيس پاسپورٽ ته ڇا PR به نه ملندي. انهيءَ دوران هنن جو پنهنجو ماڻهو ان فيلڊ ۾ جيئن ئي ڪامياب ٿي پهچي وڃي ٿو، ته ڌارئين کي يڪدم ٽپڙ ٻڌايو ڇڏين. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن تون يا ڪو ٻيو ڌاريو apply به ڪري ٿو يا ڪنهن به اٿارٽيءَ هن کي سچو يا ڪوڙو آسرو به ڏنو آهي ته اهو پاڻ تائين محدود رکي. ٻئي ڪنهن سان هرگز ڳالهه نه ڪري. سچي ڳالهه ته اها آهي ته منهنجي ته نظرن ۾ ڪوبه اهڙو ناهي، جنهن کي ملائيشيا يا برونائي جي سٽيزن شپ ملي هجي. ملائيشيا جي آزاديءَ کان اڳ جيڪي اسان جا پٺاڻ، پنجابي يا سنڌي هندو هتي رهيل هئا، اهي هتي جا شهري ٿي ويا، پر هاڻ ڪو ملئي مرد ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري ته ان ڇوڪريءَ کي مڙيئي ڏهه سال کن رلائي رلائي پوءِ ملائيشيا جو پاسپورٽ ڏين ٿا، پر جي ڪا ملئي ڇوڪري ڌارئين مرد سان شادي ڪري ٿي ته ڌارئين ڇوڪري کي ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪن ٿا. حڪومت الڳ ته ملئي ڇوڪري الڳ- هن لاءِ ڄڻ هڪ مفت جو نوڪر ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ پورهيت مليو وڃي ۽ هن کي هر وقت ان خوف ۾ رکيو وڃي ٿو ته ڪجهه به هيڏانهن هوڏانهن کئونس پٽائي ته ملڪ مان تڙي ڇڏينداسين. ان ڪري آئون اهو ئي مشورو ڏيندو آهيان ته آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڪئناڊا جهڙن ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. ڀلي گهٽ پگهار واري هجي ڇو جو اتي يڪدم سٽيزن شپ ۽ پاسپورٽ مليو وڃي پر ملائيشيا، برونائي، دبئي، ڪويت جهڙن ملڪن ۾ اهي انساني حق ناهن. ڳالهيون ضرور ڪن ٿا. سو جيستائين صحيح ملڪ ۾ ڪا نوڪري ملي، تيسين مليل نوڪريءَ ۾ خوش رهجي ۽ جيتري قدر ٿي سگهي Low Profile رکجي. سچي ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جا اصلي باشندا ملئي مسلمان ته نٿا چاهين ته اسان جهڙن ملڪن جو هنن وٽ ڪو رهي، پر اهي اسان جا هم وطن جن وٽ هاڻ ملائيشيا جو پاسپورٽ آهي، اهي به نٿا چاهين ته اسان کي به هنن جهڙو Status ملي ۽ جتي هنن مان ڪجهه اسان جي مدد ڪن ٿا، اتي هنن جي گهڻائي اسان جا پير ڪڍڻ لاءِ تيار ۽ ٺڳڻ جا ماهر ثابت ٿين ٿا ۽ چغليون هڻڻ جا استاد پڻ ۽ هڪ ٻي جنرل ڳالهه، ڪوشش ڪري پنهنجي پگهار جي ڳالهه نه ڪجي. سادگي سان رهجي ۽ اهو ئي روئڻ روئجي ته مٿن قرض آهي بچت نٿي ٿئي. ملائيشيا اڄ يورپ ٿي ويو آهي. ماڻهو اٽڪل سئو سيڪڙو تعليم يافته ٿي ويا آهن پر ملئي ماڻهن جون پراڻيون عادتون بدلجڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن. جن مان هڪ قرض وٺڻ به آهي هو توهان جي وڏي پگهار جو ٻُڌي اهاني بهاني توهان کان قرض وٺندا... ۽ اهو سلسلو وڌائيندا رهندا. باقي موٽائڻ جي ڳالهه نه ڪندا. توهان جي گهرڻ تي ماڳهين ناراض ٿي ويندا. ان ڪري اسان ڌارين کي ان ڪم کان لنوائڻ کپي نه ته پوءِ نتيجو اهو ئي نڪري ٿو ته: Lend Money to a Friend & Loose both.