ملايا ۾ شروع جي سِکن چوڪيداري ڪئي ۽ مال پاليو
ملاڪا ۾ سکن جي گردواري وٽ هڪ سک جي اٽي جي چڪي هوندي هئي، جتان اسان گھٽ ۾ گھٽ ڏهه سال اٽو خريد ڪيو. بعد ۾ اتي هوٽل رامادا رائنائيسنس کلي ته هن اهو هٽ وڪڻي ڇڏيو، جيڪو سندس ڏاڏي شروع ڪيو هو. هن پاسي هر وقت مينهن وسڻ ۽ درياهن ڪري نه ڪو ڪڻڪ پوکي نه کائي. انڊونيشيا، ويٽنام، ڪمبوڊيا، جپان، ڪوريا وانگر هتي جو Staple کاڌو ڪڻڪ نه پر چانور آهي. ڪيڪ ۽ سَيُون به چانورن جي اٽي مان ٺاهين. سکن، پٺاڻن ۽ پنجابي مسلمانن جي اچڻ ڪري هتي ڪڻڪ جي اٽي جي ضرورت پئي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ سکن هر وڏي شهر ۾ اٽي پيهڻ جون چَڪيون لڳايون. اهڙي طرح ڍڳيون پالڻ ۽ کير وڪڻڻ جو ڪم به سک ڪرڻ لڳا. بلڪ سکن لاءِ ته ملائيشيا ۾ مشهور آهي ته هو اڃا ٻار آهي ته مائٽ کيس ڍڳيون چارڻ جي ڪم تي لڳائين ٿا. وڏو ٿي هو فوج ۾وڃي ٿو. فوج مان رٽائرڊ ٿي ڪنهن بئنڪ ۾ گارڊ ٿئي ٿو... مطلب ته ملائيشيا ۾ توهان کي ڪو سک غربت ڏي وڌندو نظر نه ايندو. عمر سان گڏ هو ويندو امير ٿيندو. پورهيو ڪري پئسو بچائي هو وڌيڪ بهتر ڪاروبار ڪندو. جيئن اسان وٽ پنجابي دهلي سوداگران لاءِ مشهور آهي ته هنن جو ٻچو ٻچو واپار کي چهٽيل رهي ٿو. غريب هوندو ڪجھه نه هوندس ته به فٽ پاٿ تي رومال وڇائي ان تي ڪو سامان رکي وڪڻڻ شروع ڪندو. پئسو گڏ ڪري گاڏو وٺندو. گاڏي بعد ڪنهن پيڊي جو مالڪ ٿيندو ۽ پوءِ ڪنهن دڪان جو ۽ فئڪٽري جو خريدار ٿيندو.
اهو ئي حال هتي جي سکن جو آهي ۽ هڪ صديءَ کان سکن کي وڌندو ڏسي هتي جا چٽر ۽ خرچائو ملئي حيرت کائين ٿا ته سِکن جو ٻار اڃا ننڍو آهي ته هن جا مائٽ هن کي ٻئي ڪنهن ڪم سان نه ته ڍڳيون چارڻ تي لڳايو ڇڏين. سکن لاءِ هڪ راڳ بيحد مشهور آهي، جنهن کان ٻچو ٻچو واقف آهي. اهو هَنگ مختار نالي هڪ ملئي شاعر ويهين صديءَ جي شروعات ۾ لکيو هو. مون پهريون دفعو 1968ع ڌاري ٻڌو. انهن ڏينهن ۾ ان راڳ تي سک دل ۾ ڪندا هئا، جو اهي اڪثر چوڪيدار، ڌنار يا وڌ ۾ وڌ پوليس وارا هئا. هاڻ ته سک يعني انهن شروعاتي آيل سکن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد ڊاڪٽر، سرجن، انجنيئر، پروفيسر، وڪيل، جج ۽ فوج ۾ اعليٰ عملدار آهن. هُو هاڻ پنهنجي غربت تي به فخر ڪن ٿا ته هنن ڪيئن زيرو مان محنت ڪري اڄ جي پوزيشن حاصل ڪئي.
گذريل سال يونيورسٽي ملايا ڪوالالمپور ۾ ٽنڊو قيصر جي پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻي، هڪ ٻئي ڊپارٽمينٽ جي هڪ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ پروفيسر ملايو، جيڪو سِک هو. ڳالهين ڳالهين ۾ هن چيو ته اسان سکن جا ته پيءُ، ڏاڏا هتي ڌنار ٿي آيا يا چوڪيدار. نظاماڻي کلڻ لڳو. هن ان کي چرچو سمجھيو. ان تي چيومانس ته، ”تنهنجو سک پروفيسر دوست صحيح ٿو ٻڌائي. هن جي وڏن وڏيون محنتون ڪري پئسو بچائي، پنهنجي اولاد کي پڙهايو ۽ وڏو ماڻهو بڻايو.“ جيئن پنهنجي ’آرڪٽڪ سرڪل جي آس پاس‘ واري ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان کي مختلف جهاز ناروي ۽ سئيڊن پاسي وٺي وڃڻا پيا ٿي، ناروي ۽ سئيڊن ۾ ڪارخانا لڳڻ ڪري هنن کي لئبر جي ضرورت پئي، جو انهن ملڪن جي آدمشماري تمام گھٽ آهي. هنن پاڪستان مان به گھرايا ۽ ڪيترائي گجرانوالا ۽ لاهور جي ٻهراڙين وارن علائقن جا اڻ پڙهيل ۽ بي هنر آيا. ڪيترا ته هاري هئا، پر پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي ڪري هُو زالين مڙسين اچي نڪتا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن وڏي همت ڪئي، جو ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ آيا، جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۽ انگلنڊ جي ڏاکڻن شهرن ۾ به ڪو ورلي ٿي ويو. پنجاب جي هنن ماڻهن کي هتي ئي رهڻ جي شهريت ڏني وئي ۽ جيتوڻيڪ هنن کي محنت مزوريءَ جو به ڪو گھڻو اجورو نٿي مليو پر هنن مان گھڻن کي شاباس هجي، جو هنن زالين مڙسين پورهيا مزوريون ڪيون. ههڙي ٿڌ ۾ روڊ رستا ٺاهڻ، ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ، ويندي ريلوي اسٽيشنن ۽ هوائي اڏن جا ٽوائليٽ صاف ڪرڻ، وغيره جهڙا ڪم ڪيا... پر هنن هڪڙو ڪم عقل جو ڪيو ته ناروي ۽ سئيڊن جي ڳوٺ ۽ ٻهراڙين ۾ رهندي به پنهنجي ٻارن ڇوڪرن، توڙي ڇوڪرين کي پڙهايو. ماشاءَالله ڪي ٻار ته اهڙا هوشيار نڪتا جو هنن هتي جي مقامي يونيورسٽين مان پي. ايڇ. ڊيون ڪيون، وڪالتون ڪيون، ڊاڪٽري ۽ انجنيري پڙهيا. هاڻ سئيڊن ۽ ناروي ٿو وڃجي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جي سکن وانگر ناروي ۽ سئيڊن جي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ آيل هنن پنجابي اميگرينٽس جو اولاد ڊاڪٽر، سرجن، وڪيل، جج... ويندي ملڪ جا وزير آهن. جيتوڻيڪ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هي جڏهن سئيڊن ۽ ناروي آيا هئا ۽ هنن کان هيٺاهين درجي جا ڪم ورتا ويا ٿي، ته مقامي ماڻهن هنن کي گھٽ نظر سان ڏٺو ٿي ۽ اسان پاڪستانين کي به ڏک ٿيو ٿي ته اسان جا ماڻهو گورن جا ڪاڪوس صاف ڪندا وتن، پر اڄ انهن جي اولاد جي وڏي لئه آهي. اڄ انهن جو مٿاهون مانُ آهي. ڇا ٿي پيو جي هنن جي وڏن پورهيا ڪيا. اهو ئي حال ملائيشيا ۾ سکن جو آهي. ڇا ٿي پيو جيڪڏهن اڄ کان سئو سال کن اڳ انهن جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن هتي چوڪيداري ڪئي ۽ مال چاريو... پر هنن ۾ اڳتي وڌڻ جوVision هو. سو انهن ڏينهن جي هن چرچي واري راڳ کي اڄ جا نوجوان سِکَ ڪٿ ۾ نٿا آڻين بلڪه هو ان کي تاريخ ٿا سمجھن ۽ پنهنجن وڏن کي دعائون ٿا ڪن ته هنن هتي اچي ڪمائي عيش نه ڪيو، پر اولاد تي خرچ ڪيو. اولاد کي لاڏلو بنائڻ بدران هنن کي محنتي ۽ پورهيت بڻايو. هنن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏني. نموني خاطر ان ملئي راڳ جون ڪجھه سٽون هتي لکان ٿو:
Kecik Kecik, Lembu jaga
Sudah besar, masuk askar,
Sudah pencen, bank jaga
Satu senapang, Peluru dua
Kecik Kecik, Lembu Jaga...
ڪِچي ڪِچي ليمبو جگا. ڪِچي ڪِچي معنيٰ ننڍو. هُو ننڍو آهي ته ڳئون جو خيال ڪري ٿو. ملئي ٻوليءَ ۾ چ جو اچار CH لکڻ بدران فقط C لکيو وڃي ٿو ۽ هتي آخري اکر K ساڪن آهي، جيئنMacik (ماسي) ۽Rakyat (رعيت) ۾K نٿو اچارجي. جگا معنيٰ چوڪيدار يا گارڊ به آهي ته چوڪيداري ڪرڻ، نظر رکڻ به آهي. سک جو ٻار اڃان ننڍو آهي ته هن کي ڳئون چارڻ تي لڳايو وڃي ٿو. سوڊاهه بيسار، ماسوق اسڪر، وڏو ٿيڻ تي هو فوج / پوليس ۾ ڀرتي ٿئي ٿو. سوڊاهه پينچن، بئنڪ جگا. پوڙهو ٿيڻ تي- يعني پينشن تي لهڻ تي، بئنڪ جو چوڪيدار ٿئي ٿو. اهو ائين آهي جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا جي پوليس ڪمشنر امر سنگھه جو پيءُ جڏهن 60 ورهين جي ڄمار ۾ ڪارپورل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو ته گھر ۾ وهڻ بدران هنن گاڏين جي ورڪشاپ ۾ چوڪيداري ڪرڻ ۾ بي عزتي محسوس نه ڪئي.
ملئي ٻوليءَ ۾ رائفل کي سيناپانگ ۽ گوليءَ کي پيلورو چون. سک پينشن بعد جڏهن ڪنهن هوٽل يا بئنڪ وغيره جو چوڪيدار ٿئي ٿو ته هن کي بندوق هٿ ۾ ڏيو ڇڏين ۽ هُو غريب ان ۾ ئي خوش. سڄو ڏينهن بيٺو آهي... ساتو سيناپانگ- هڪ رائيفل، پيلورُو دوعا- گوليون ٻه. ڪِچي ڪِچي ليمبو جگا....