مرزا خسرو بيگ جي سنڌ ڏي روانگي
هيءَ ارڙهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ جي ڳالهه آهي، جڏهن ايران جو بادشاهه آغا محمد شاهه قجر هو. آغا محمد شاهه قجر ايران تي 1789ع کان 1797ع تائين حڪومت ڪئي ۽ ’قجر گھراڻي‘ جو بنياد رکيو، نه ته ان کان اڳ ايران تي ’افشار گھراڻي‘ جي حڪومت هئي، جنهن جو بنياد ’نادر شاهه‘ رکيو هو ۽ 1736ع کان 1747ع تائين حڪومت ڪئي، جنهن دوران هن دهليءَ تي به حملو ڪري وڏي تباهي مچائي هئي. ان بعد نادر شاهه جو ڀائٽيو عادل شاهه افشار بادشاهه ٿيو. بهرحال پاڻ آغا محمد شاهه قجر جي ڳالهه ڪنداسين، جنهن پنهنجي دورِ حڪومت ۾ جارجيا (گرجستان) جي شهزادي ’اسڪندر مرزا‘ جي علائقي تي حملو ڪيو. هي علائقو تبلسي ڏي ويندڙ رستي تي ’ڪرا درياهه‘ جي ڪناري وارو آهي. ڪرا درياهه لاءِ لکي چڪو آهيان ته هيءُ جارجيا جي وڏين ندين مان هڪ آهي، جنهن جي ڊيگھه 1515 ڪلوميٽر آهي، جيڪا ترڪيءَ جي ’ڪسرنڊنگي جبل‘ مان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪوهه قاف جبلن جي ننڍي قطار مان ٿيندي جارجيا بعد آذربائيجان اچي ٿي، جتان پوءِ ڪسئپين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڇوڙ تائين تمام گھڻو وهڪرو هجڻ ڪري هن نديءَ جا 500 کن ڪلوميٽر اڄ به جهازرانيءَ لاءِ صحيح آهن، جيئن پورچوگالين ۽ انگريزن جي ڏينهن ۾ هنن جا ڪاٺ جا ٻيڙا، ڪوٽڙي ۽ سکر تائين اچي سگھيا ٿي.
فارسي لشڪر جي اچڻ جو ٻڌي مرزا اسڪندر جي علائقي جا ماڻهو پنهنجو علائقو ڇڏي ڀڄي ويا. مرزا اسڪندر کي ٻه پٽ هئا. وڏو همايون 9 سالن جو هو ۽ ننڍو خسرو 7 سالن جو. همايون سخت بيمار هو ۽ ٻين سان گڏ سفر ڪرڻ جي طاقت نه هئس ۽ ساڳئي وقت هن ڀاءُ بنا رهڻ به نٿي چاهيو، سو هنن ٻنهي ڀائرن کي محل جي باغ ۾ ٻن ٽن سپاهين سان ڪنهن اڏاوت ۾ لڪائي رکيو ويو. هن جنگ ۾ ظاهر آهي ته ايراني کٽي ويا ۽ ٻارن جو پيءُ به قتل ٿي ويو. ايرانين جي سوڀ بعد جڏهن ايراني لشڪر جو ’جرنيل علي مراد خان‘ پنهنجي ڪئمپ ڏي موٽي رهيو هو ته رستي تي هُو محل ۾ داخل ٿيو، جتي هن کي هي ٻه ٻار نظر آيا، جن کي هُو پنهنجي فوج جي وڏي ڪمانڊر محمد ابراهيم خان جي ڪئمپ ۾ وٺي آيو. همايون سخت بخار ڪري ٽئين ڏينهن گذاري ويو، باقي ننڍي خسرو کي هُو پاڻ سان تهران وٺي آيو ۽ اچي پنهنجي زال جي حوالي ڪيو ته هن جو سندس سڳي پٽ محمد خان وانگر نيپاج ڪيو وڃي.
خسرو، فقط جارجي ٻولي ڳالهائي ٿي، سو ڪمانڊر ابراهيم خان هن لاءِ هڪ مولوي رکيو ته هن کي فارسي ۽ عربي سيکاري. هي سال 1896ع هو. خسرو هن گھر ۾ ڪجھه سال رهيو. ڪمانڊر ابراهيم جي وفات بعد خسرو کي ابراهيم جي هڪ مائٽ ڏي شيراز موڪليو ويو، جيئن خسرو اتي جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري سگھي. 1897ع ۾ آغا محمد شاهه قجر به گذاري ويو، بلڪ هن جو ڀائٽيو فتح علي شاهه قجر پنهنجي چاچي کي قتل ڪري پاڻ ايران جو حاڪم ٿيو، جو آغا محمد شاهه قجر کي ڪو اولاد نه هو.
هتي ٻه اکر آغا محمد شاهه قجر بابت لکندو هلان ته هُو تاريخ ۾ مشهور کدڙو بادشاهه ٿي رهيو آهي، جنهن کي ننڍي هوندي ايران جي بادشاهه عادل شاهه افشار (نادر شاهه جي ڀائٽي) کَسي(Castrated) ڪرايو هو. ان ڪري هن کي اولاد نه هو. هيءَ ڪا نرالي ڳالهه نه آهي. تاريخ ۾ اهڙا ڪئين کدڙا اهم ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن مان هڪ چيني مسلمان ’زهينگ هِي‘ (اصل نالو Ma He) بابت ته لکي چڪو آهيان ته هُو قابل جهازران، Explorer، ڊپلومئٽ، چين جي درٻار جو اهم ماڻهو ۽ ائڊمرل ٿي گذريو آهي، جنهن وڏن ٻيڙن (Fleet) جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڪيترائي سال ايشيا ۽ آفريڪا جا سفر ڪيا. هر دفعي هن جو ملاڪا مان لنگھه ٿيو ٿي. ان ڪري ملاڪا- جتي مون ڏهه سال کن نوڪري ڪئي، ائڊمرل ’زهينگ هِي‘ جو مجسمو آهي. زهينگ هي 1371ع ۾ ڄائو هو ۽ 1433ع ۾ وفات ڪيائين.
اهڙي طرح سورهين صديءَ جو اسپين جو کدڙو خودار پاشا ٿي گذريو آهي، جيڪو موراڪو جي سلطان وٽ نوڪري ڪندي، پاشا جي عهدي تي پهتو ۽ آرميءَ جو ڪمانڊر ٿيڻ تي موراڪو جي فوج سان سونگھائي (Songhai) سلطنت تي حملو ڪيو، جيڪا ان وقت آفريڪا جي طاقتور سلطنت سمجھي وئي ٿي.
پاڻ گُرجي نينگر خسرو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، ته هُو جارجيا (گرجستان) جي شهر تفلس (تبليسي) کان تهران آيو، جتان پوءِ شيراز ۾ رهايو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ تي ميرن جي حڪومت هئي، جن جا ايران وارن سان سٺا لاڳاپا هئا. 1797ع ۾ آغا محمد شاهه جي قتل بعد هن جو ڀائٽيو فتح علي شاهه قجر تخت تي ويٺو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ مان ميرن طرفان سيد محمد اسماعيل شاهه شيراز ۾ شاهه فتح علي قجر وٽ هن جي چاچي جي عذرخواهيءَ لاءِ آيو، جتي اهو فيصلو ٿيو ته خسرو کي ميرڪرم علي خان ٽالپر ڏي موڪليو وڃي، جنهن کي پنهنجو اولاد ناهي ۽ ساڳئي وقت خسرو هڪ اعليٰ خاندان جو ٻار آهي.
1805ع ۾ خسرو، جيڪو ان وقت 17 سالن جو هو، سيد محمد اسماعيل شاهه سان گڏ شيراز مان حيدرآباد سنڌ لاءِ روانو ٿيو. خسرو جي رواني ٿيڻ مهل چون ٿا ته پالڻ واري فئمليءَ کي هن جي وڇوڙي جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ايڏو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا، جو هنن جو آواز گھر کان ٻاهر به ٻڌڻ ۾ آيو پئي. خسرو پاڻ به آبديده ٿي ويو ۽ هن کي ايران ڇڏيندي ڏک ٿي رهيو هو. هن کي جارجيا وارا ننڍپڻ جا ست سال ته ايڏو ياد نه رهيا، ياد هجن يا نه پر ان بعد ڏهه سال کن، جيڪي هن تهران ۽ شيراز ۾ گذاريا ۽ دوست ٺاهيا ۽ نپائڻ وارن جو پيار ڏٺو، ان جو هڪ هڪ ڏينهن هن کي ياد اچي رهيو هو. پوڙهي وزير ڳوڙها ڳاڙيندي خسرو کي سمجهايو ته هُو پاڻ به هن کان جدا ٿيڻ نٿا چاهين، پر هن جي قسمت ۾ اها جدائي لکيل لڳي ٿي. ملڪ جو حاڪم شاه فتح علي قجر به اهو چاهي ٿو. ٻي ڳالهه ته جنهن وٽ مير ڪرم علي ٽالپر وٽ تون رهڻ لاءِ وڃي رهيو آهين، اهو سنڌ ملڪ جو حاڪم آهي ۽ توکي پنهنجو ٻچو سمجھي خيال رکندو. هن کي ڪو اولاد ناهي ۽ هن ڪنهن ٻار کي پالڻ جي ڪيترن سالن کان خواهش پئي ڏيکاري ۽ اسان جي شاهه فتح علي شاهه هن سان واعدو ڪيو هو ته هُو هن لائق اهڙو ٻار ڳولهي ضرور موڪليندو.
ايران جي حاڪم شاهه فتح عليءَ، خسرو سان گڏ سنڌ کان آيل ميرن جي ايلچي سيد محمد اسماعيل شاهه هٿان سنڌ جي حاڪمن (ميرن) لاءِ ڪيترائي تحفا موڪليا. ايران جي جنهن جنهن شهر مان خسرو جو قافلو گذريو ٿي، اتي جا ماڻهو خسرو کي خدا حافظ چوڻ لاءِ نڪري آيا ٿي ۽ رات جي وقت جتان لنگھيو ٿي، اتي سڄي شهر ۽ رستن تي فانوس ٻاري روشن ڪيو ويو ٿي. اهڙي طرح 17 سالن جو خسرو 1805ع ۾سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. مير ڪرم علي ٽالپر بيحد خوش ٿيو، جڏهن هن خسرو کي ڏٺو. هن وڌي هن جو ۽ سيد محمد علي شاهه جو آڌرڀاءُ ڪيو.