’مانٽي ڪارلو‘ ڪٿي آهي؟
لاس ويگاس وڏن جوا خانن (Casino-Hotels) سان ڀريو پيو آهي. هن شهرجي پسمنظر ۾ ڪيترائي ناول، فلمون ۽ ميوزڪ وڊيو آهن. چون ٿا ته 1955ع ۾ هتي جوا لاءِ پهريون ڪئسينو هوٽل مولن روگ نالي کلي هئي. ان جي وڏي ڪمائي ڏسي پوءِ ته ڌڙاڌڙ هڪٻئي پويان جواخانا کلندا ويا ۽ اڄ دنيا ۾ سڀ کان گھڻا Casinos هن شهر لاس ويگاس ۾ آهن. ڪي ته ايڏا وڏا ۽ مشهور آهن، جن جا اشتهار ’ٽائيم‘ ۽ ’نيوز ويڪ‘ جهڙن رسالن ۾ به اچن ٿا، جيئن:
El_Cortez,
The Palms,
The Mirage
Aria
The Golden Nugget
وغيره. ۽ انهن ۾ دنيا جي مشهور جوائن جو بندوبست ٿيل آهي... جيئن بلئڪ جئڪ، روليٽ، Baccart، ڪينو، پوڪر Craps وغيره. ان کان سواءِ هر ڪمري ۽ ڪيترن ئي ڪمرن جي باٿ رومن ۾ جوا لاءِ لڳل سلاٽ مشينون آهن.
بهرحال لاس ويگاس کان ته اسان جا ڪيترائي ماڻهو واقف هئا، پر مونٽي ڪارلو (Monte Carlo) جو نالو ماڻهن تڏهن ٻڌو جڏهن اسان جي هڪ جج صاحب جي پٽ کي اسان جي ملڪ جي هڪ پراپرٽي ڊيلر ۽ ڊيولپر رشوت ۾ مانٽي ڪارلو ۾ ڪجھه ڏينهن عيش ڪرايو، جنهن تي هن جا ڪروڙها رپيا خرچ ٿيو. ماڻهن کي ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اهي خبرون پڙهي ڏندين آڱريون اچي ويون ته رشوت ۾ ڇا ته خرچ ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪهڙن ڪهڙن نيڪ ماڻهن جو اولاد ڇا ته عياشيءَ ۾ پئسو وڃائي ٿو.
سوال آهي ته اها جاءِ يا علائقو جيڪو جوا ۽ عياشيءَ کان دنيا ۾ مشهور آهي، جتي دنيا جا شاهي خاندان ۽ اميرن جا ٻار ۽ اسان جهڙن غريب ملڪن جي رشوتخور ڪامورن جا کريل ٻار عياشي لاءِ وڃن ٿا، اها جاءِ ڪٿي آهي؟
مونٽي ڪارلو، يورپ ۾ فرانس ۽ اٽليءَ ڀرسان هڪ بيحد ننڍڙي ملڪ ’موناڪو‘ جو سمجھو ته ضلعو بلڪ تعلقو آهي. ڇو ته ايراضي ۾ سڄو ملڪ فقط ٻه چورس ڪلوميٽر مس آهي يعني بائوديري ۽ باڊهه کان به ننڍو آهي. ان جي چئن وارڊن ۾ جيڪو وڏو وارڊ آهي اهو مانٽي ڪارلو آهي، جنهن جي آدمشماري ويهه هزار مس ٿيندي. سڄي ملڪ موناڪو جي آدمشماري 38000 آهي. موناڪو دنيا جو ٻيو نمبر ننڍو ملڪ آهي. ان کان ننڍو ’وئٽيڪان‘ آهي، پر آدمشماري ۽ سندس پکيڙ جو حساب لڳايو وڃي ته موناڪو دنيا جو ڳتيل ترين ملڪ آهي، ڇو جو هتي في ڪلوميٽر تي 19000 ماڻهو رهن ٿا. موناڪو جي ٽن پاسن کان فرانس آهي ۽ هڪ پاسي ڏکڻ ۾ ميڊيٽريينن سمنڊ آهي. موناڪو جو جيڪڏهن بارڊر وٺي هلو ته ساڍا پنج ڪلوميٽر خشڪي جا آهن ۽ چار ڪلوميٽر سامونڊي ڪنارو آهي. فرانس سان لڳو لڳ هجڻ ڪري هتي جا ماڻهو فرينچ ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ اها ئي هتي جي سرڪاري ٻولي آهي. ان کان سواءِ ڪجھه ماڻهو اٽلي جي هڪ dialect پڻ ڳالهائين ٿا، جيڪا موناڪو جي ويجھو اٽليءَ جي ڪناري تي ڳالهائي وڃي ٿي.
موناڪو ۾ حڪومت جو نظام Unitary Constitutional Monarchy سسٽم آهي ۽ اڄڪلهه ملڪ جو بادشاهه شهزادو البرٽ دوم آهي، جنهن جي هن وقت 63 سال عمر آهي. هو 2005ع کان ملڪ جو حاڪم آهي. موناڪو جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو ٽوئرزم ۽ جوا خانا آهن، جن سان موناڪو جو مانٽي ڪارلو وارو علائقو ڀريو پيو آهي. جتي دنيا جا شاهه، شهزادا، امير واپاري ۽ رشوت خور ڪامورا جيڪي بقول اسان جي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ مرحوم نور احمد نظاماڻيءَ جيSuffering from Surplus آھن، هتي اچن ٿا ۽ پنهنجا کيسا خالي ڪريو وڃن. مانٽي ڪارلو جي پسمنظر ۾ ڪيتريون ئي فلمون ۽ ناول وغيره پڻ آهن، جهڙوڪ، الفرڊ هچڪاڪ جي فلم To Catch a Thief جيڪا 1954ع ۾ ٺهي هئي، جنهن ۾ اداڪار ’ڪئري گرانٽ‘ ۽ ’گريس ڪيليءَ‘ ڪم ڪيو هو. 1960 ۾ جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ هئاسين ته هيءَ فلم حيدرآباد جي ’نيو ميجسٽڪ‘ سئنيما ۾ خوب هلي هئي. ان کي ڏسڻ وارا ’غلام نبي مغل‘، ’وليرام ولڀ‘، ’نعيم بروھي‘ ۽ ’پروفيسر قاضي خادم‘ جهڙا حيدرآباد ۾ توهان کي جام ملندا. ان کان سواءِ جيمس بانڊ جون ٻه فلمون: 1983ع جي Never Say Never Again ۽ 1995ع جي فلم Golden eye به مانٽي ڪارلو ۾ فلمايل آهي. هڪ ٻي فلم Once upon a Crime به هتي جي پسمنظر ۾ آهي.
انگريزي ادب جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته ’ايڊٿ وارٽن‘ جو ناول The House of Mirth به مونٽي ڪارلو ماحول ۾ لکيل آهي. سڀ کان مشهور ٽيليويزن سيريزThe Ghost who Saved the Bank at Monte Carlo آهي.
شام جو ڊنر بعد اسان واري چيف انجنير حميد قاضيءَ اچي مون کي پاسو ڏنو ته جارجيا ۾ ڪهڙا سنڌي رهن ٿا، جن کي ڳالهائيندو ٻڌي توکي خوشي ٿيندي.
ٻُڌايومانس ته، ”اسان جي سنڌين جا وڏا هتي جا هئا، جيڪي هتي جي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ هاڻي هنن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ هتي جي ٻولي گُرجي ٻڌڻ ٿو چاهيان ۽ هنن جو وطن گُرجستان گھمڻ ٿو چاهيان.“ پر مون ڏٺو ته اسان جي حميد قاضيءَ کي جيئن ته سنڌي ادب سان ايڏو شوق نه رهيو آھي، ان ڪري هُو منهنجي ڳالهه سمجھي نه سگھيو. سو نيٺ صاف صاف ٻڌايومانس ته، ”سائين! مرزا قليچ بيگ، جنهن سڀ کان گھڻا سنڌيءَ جا ڪتاب لکيا 400 کان به مٿي، ان جا وڏا هتي جا هئا. ان جو پيءُ مرزا فريدون بيگ (مرزا سڊني بيگ) ۽ نانو مرزا خسرو بيگ ننڍا هئا ته سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌي سکي ٻين سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳا، پر پنهنجو پاڻ ۾ جارجي (گرجي) ۽ فارسي پڻ ڳالهائيندا رهيا هئا. هُونءَ گرجستان جا اڄ به نوي سيڪڙو ماڻهو عيسائي آهن. هُو به عيسائي هئا، پر ايران ۾ رهڻ ڪري هُو مسلمان ٿيا، پر سندن اولاد مان ڪجھه عيسائي به رهيا.
ايئن به ناهي ته مرزا قليچ بيگ کي فقط سنڌي ڳالهائڻ وارا سڃاڻن ٿا. ٽنڊو ٺوڙهو جي گُرجي مرزائن ۾ ڪيترا مرچنٽ نيويءَ ۾ به آيا ۽ هنن جهاز به هلايا. انهن ۾ سڀ کان گھڻو مشهور ڪئپٽن سَني مرزا ٿي گذريو آهي. هُو پنهنجي مست ملنگ ۽ خوش مزاج طبيعت ڪري اسان سڀني جي دلپسند شخصيت رهيو آهي. پاڻ جيتوڻيڪ انجنيئر نه پر نيويگيٽر هو، پر قدرت طرفان هن کي اليڪٽرونڪ جي وڏي ڏات مليل هئي. هُو هر قسم جو جائرو ڪمپاس ٺيڪ ڪري ويندو هو. بعد ۾ ته هن جهاز تي Sail ڪرڻ بدران ڪراچيءَ ۾ رهي، پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي جهازن جا ڪمپاس ٺاهڻ لڳو.“
حميد قاضيءَ کي چيم ته، ”سڀاڻي ٻين ساٿين کي ڀلي ٻڌائجانءِ ته آئون پنهنجي ٻوليءَ جي عظيم ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ڪري هن جي وڏن جي ديس ۾ وڃان ٿو. هنن سنڌي ادب ته نه پڙهيو آهي، سو جيڪڏهن پڇنئي ته مرزا قليچ بيگ ڪهڙو؟ ته جواب ۾ ٻڌائجان ته پاڻ واري ڪئپٽن سنيءَ جو سڳو ڏاڏو.“ ياد رهي ته مرزا سني (اصل نالو مرزا ضامن بيگ) مرزا قليچ بيگ جي پُٽ مرزا نادر بيگ جو پٽ هو. هُو ڪجھه سال اڳ گذاري ويو.
مرزا قليچ بيگ جو هڪ ٻيو پوٽو، (اختر بيگ جو پٽ) مرزا اقبال بيگ به مرچنٽ نيويءَ ۾ هو. شروع جا سال ته هُو اسان جي ئي ڪمپني PNSC ۾ رهيو، بعد ۾ هن دبئي جي هڪ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري اختيار ڪئي. مرزا قليچ بيگ جي ڀائٽي امداد حسين جو پٽ مقبول به ڪجھه سال مرچنٽ نيويءَ ۾ رهڻ بعد حيدرآباد ۾ اچي بزنيس ڪيو. البت هاڻ سندس پٽ ڪئپٽن ذوالقرنين جهاز هلائي ٿو.
دراصل گذريل صفحن ۾ مون جڏهن رنجيت سنگھه جو احوال لکيو ته منهنجي ذهن ۾ آيو ته منهنجي پڙهندڙن جيڪڏهن پنجاب جي سک سلطنت بابت پڙهيو آهي ته هاڻ هنن لاءِ مرزا قليچ بيگ يعني ٽنڊي ٺوڙهي جي ’گُرجي مرزائن‘ جو سنڌ ۾ اچڻ جو دور سمجهه ۾ اچي ويندو. هي ٻه گرجي شهزادا ۽ امير انهن ڏينهن ۾ ڄاوا، انهن ڏينهن ۾ گرجستان ڇڏيائون، پوءِ شيراز مان سنڌ ان دور ۾ آيا، جڏهن پنجاب ۾ سک سلطنت يعني راجا رنجيت سنگھه ۽ سندس اولاد جي حڪومت هئي.
راجا رنجيت سنگهه پنجاب تي 38 سال حڪومت ڪئي- 1801ع کان 1839ع تائين. ان بعد ڏهه سال سندس اولاد انڌي منڊي حڪومت ڪئي 1849 تائين. رنجيت سنگھه جو ننڍو پٽ دُليپ سنگھه آخري حاڪم ٿيو، جنهن کي انگريزن تخت تان لاهي پنهنجي ملڪ ۾ ويهاري ڇڏيو ۽ پنجاب تي سندن قبضو ٿي ويو. ان کان اڳ 1843ع ۾ سنڌ انگريزن حوالي ٿي وئي هئي.
جارجيا جا نوجوان مرزا خسرو بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ، جيڪي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ اچي رهيا، جن جي اولاد سنڌي ادب جي وڏي خذمت ڪئي آهي، هُو ڪير هئا ۽ سنڌ ۾ ڪيئن آيا؟