ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جا محنتي ٻارَ
ان حساب سان گذريل سال، اسان جي ٽنڊي ڄام جي دوست پروفيسر محمد عمر چَنڊَ جي پٽ عثمان مجتبيٰ جي ڪوالالمپور ۾ ملئي ڇوڪري شيناز سان شادي بلڪل مختلف چئي سگهجي ٿي، جنهن ۾ نه ’ڪالهه ڏٺو اڄ شادي‘ وارو پهلو هو ۽ نه ڇوڪر ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ رهڻ چاهيو ٿي. گهوٽ عثمان مجتبيٰ کي ته نيوزيلينڊ جو پاسپورٽ آهي. هن کي ملائيشيا جهڙي ملڪ جي پاسپورٽ جي ڪهڙي ضرورت. هو پنهنجي پيءُ پروفيسر محمد عمر چنڊ سان گڏ ڪيترن سالن کان نيوزيلينڊ ۾ رهي ٿو ۽ شادي ڪري هاڻ پنهنجي ملئي ڪنوار لاءِ نيوزيلينڊ جي شهريت لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. گهوٽ عثمان مجتبيٰ ۽ ڪنوار شيناز هڪ ٻئي جي ويجهو سال ٻه نه پر ننڍي هوندي کان سالن جا سال هڪ ئي پاڙي ۾ گذاريو. پروفيسر عمر چنڊ، ايران جي اصفهان شهر، عراق جي موصل يونيورسٽي ۽ ٽنڊوڄام جي ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ بعد جڏهن برونائي ۾ 13 سال انگريزيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو ته ساڳئي اداري ۾ ڪنوار جي ماءُ پئان (مئڊم) مزنا به انگريزيءَ جي پروفيسرياڻي هئي. هُوءَ برونائي ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور کان آئي هئي، جتي سندس مڙس تئان (جناب) ابوبڪر جرنلسٽ هو. شاديءَ جو فيصلو برونائي ڇڏڻ بعد ٿيو، ان ڪري نڪاح ۽ وليمو برونائيءَ بدران ڪوالالمپور ۾ ٿيو ۽ رخصتي جي دعوت نيوزيلينڊ ۾.
ڪو زمانو هو. اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جو جڏهن ملائيشيا جي گاديءَ واري شهر ڪوالالمپور ۾ ڪو سنڌين جو ڪاڄ ٿيندو هو ته دعوتي سڀ سنڌي هندو بزنيس مين هوندا هئا. آئون اڪيلو مسلمان هوندو هوس. وڌ ۾ وڌ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ملاڪا کان اچي نڪرندو هو. اهو ان ڪري جو اسان جا سنڌي هندو صدين کان واپار جي سلسلي ۾ هڪ طرف جاوا ۽ جپان کان وڃي نڪتا هئا ته ٻئي پاسي بصري ۽ بخارا کان... پر هاڻ تعليم، نوڪري ۽ پورهئي خاطر جتي ڪٿي سنڌي مسلمان به نظر اچن ٿا. عثمان مجتبيٰ جي شاديءَ ۾ ته خبر ناهي سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن ڳوٺن جا ماڻهو نظر اچي رهيا هئا جيڪي ملائيشيا ۾ نوڪري ۽ ڪاروبار کان علاوه تعليم به حاصل ڪن ٿا. ٽنڊي قيصر جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد شفيع نظاماڻي ۽ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر کي ته ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندي، پندرنهن سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي. سڀ کان گهٽ وقت رهڻ واري اسان جي ڳوٺائي ابرار ابڙو کي به ملائيشيا ۾ آئي ڏهه سالن کان مٿي ٿي ويو آهي. پاڻ تعليم به هتان حاصل ڪيائين ۽ ان بعد نوڪري به هتي ئي ڪري رهيو آهي. ابرار سان گڏ سندس ننڍو ڀاءُ مقصود به ڪجهه سالن کان هتي نوڪري ڪري ٿو ۽ ان بعد هاڻ سندن ڀيڻ نارمين ابڙو پڻ هتي ڪوالالمپور ۾ رهي ٿي. هن مئٽرڪ حيدرآباد جي ’سنڌ گرامر هاءِ اسڪول‘ مان ڪئي، انٽر جي او آر ڪالوني جي ڪاليج ’Educators‘ مان ڪئي ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ بيچلر ’زيبسٽ‘ مان ڪئي. پاڻ حيدرآباد واري زيبسٽ جي پهرين بئچ مان آهي. BCS ڪرڻ بعد هن کي ڀائرن ملائيشيا ۾ پاڻ وٽ گهرائي، هتي جي هڪ بهترين يونيورسٽي UPM (يونيورسٽي پترا ملايا) مان سافٽ ويئر ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ داخلا وٺرائي ڏني آهي. هن ٻه مهينا اڳ ان جو پهريون سيمسٽر مڪمل ڪيو آهي جنهن ۾ مختلف ملڪن جي شاگردن کي ملئي ٻولي سيکاري وڃي ٿي.
ابرار ابڙو وارن جو اصل ڳوٺ اسان وارو هالا آهي. بلڪه هنن جي وڏن سان اسان جي مائٽي ۽ برادري وارا تعلقات آهن. منهنجي سندن ڏاڏي مرحوم غلام محمد ابڙو وڪيل سان سٺي عليڪ سليڪ هوندي هئي بلڪه مون کي سندن پڙڏاڏو خانصاحب لطف علي ابڙو جو به چهرو ياد آهي. هُو انگريزن جي ڏينهن ۾ پوليس انسپيڪٽر ٿي رهيو ۽ سندس دليري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيڻ جون ڳالهيون اڄ به هالا ۾ مشهور آهن. پاڻ لاڙ توڙي اتر جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهيو. چون ٿا ته جتي هن جي بدلي ٿيندي هئي اتي جا ڌاڙيل اهو علائقو ڇڏي ويندا هئا. پاڻ قداور ۽ ڳالهائڻ جو بيحد رعبدار هو. مون کين سندن وڏي پٽ سائين غلام رسول جي گهر ۾ ٻه ٽي دفعا ڏٺو، جنهن جي گهرواري اسان جي پڦي (منهنجي والد جي سوٽ) جنت هئي. آئون ’ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو‘ ۾ مئٽرڪ ۾ هوس ته سندس وفات ٿي. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هُو حڪيم قاضي معين جي مَطَب تي مارڪيٽ ۾ اچي وهندو هو. خان صاحب لطف علي لاءِ مشهور آهي ته 1940ع واري قراردادِ لاهور جيئن پاس ٿي ته اسان کي انگريزن کان آزادي وٺڻ کپي ۽ مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪجي ته خان صاحب انگريز سرڪار کي استعيفا جو خط لکي موڪليو ته هاڻ منهنجي توهان سان اها وفاداري قائم رهي نه سگهندي.
هالا شهر ۾ ابڙن جون تمام وڏيون ادبي خذمتون آهن. خانصاحب لطف عليءَ جا ٻه پٽ سائين غلام رسول ’غلام‘ ۽ عبدالطيف ’ساقي‘ ته تمام وڏا شاعر ٿي گذريا آهن. اهڙي طرح هن جا ڏهٽا سائين عبدالرئوف ’ويراڳي‘، عبدالقادر ’منور‘، محمد ’جان‘ ۽ ٻيا ڀائر ۽ انهن سڀني جو اولاد سنڌ ۾ شاعري ۽ ادب جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
خانصاحب لطف علي جا پنج پٽ هئا. هڪ پهرين زال مان قائم دين جنهن جو پٽ هالا جي اهم شخصيت خانصاحب ايوب ٿي گذريو آهي. ٻي زال مان چار پٽ ٿيا. مٿين ٻن شاعرن غلام ۽ ساقي کان علاوه ٽيون شمس الدين هو ۽ چوٿون غلام محمد ابڙو جيڪو هالا جي ٽاپ وڪيلن مان ٿي گذريو آهي. ملائيشيا ۾ رهندڙ هي ٻار ابرار، مقصود ۽ نارمين غلام محمد ابڙو وڪيل جي وڏي فرزند محمد اقبال جا ٻار آهن. غلام محمد وڪيل جيتوڻيڪ اسان کان وڏو هو، پر مٽي مائٽيءَ ڪري هن سان منهنجي ملاقات ٿيندي رهي ٿي ۽ آئون اڄ به هن مان بيحد متاثر آهيان. هو Well Dressed هجڻ کان علاوه دل جو صاف ۽ کرو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هُو حقيقت پسند هو ۽ سچ ڳالهائيندي ڊڄندو نه هو. اسان جو شهر ’پيراڻو شهر‘ آهي جتي ننڍي هوندي آئون ڏسندو هوس ته هر ڪو پيرن جي هر ڳالهه تي واهه واهه ڪندو هو. هُو ڏينهن کي رات چوندا هئا ته سڀ آسمان ۾ تارا نظر اچڻ جي ڳالهه ڪندا هئا. پر يارو! شاباس هجي هن شخص وڪيل کي جيڪو غلط ڳالهه کي غلط چوندو هو. ماڻهو اهو ئي سمجهندا هئا ته هاڻ وڪيل غلام محمد ابڙي جو خير ناهي پر شاباس هجي سائين مخدوم محمد زمان طالب المولي کي به جو ناراض ٿيڻ بدران وڪيل صاحب جي تعريف ڪندو هو ۽ هر ڳنڀير مسئلي جي حل لاءِ وڪيل غلام محمد ابڙي کي گهرائيندو هو.
مزي جي ڳالهه اها ته وڪيل صاحب جون ڪيتريون سٺيون ڳالهيون مون کي سندس وڏي پٽ اقبال ۾ به نظر اچن ٿيون. هُو به پنهنجي پيءُ وانگر محنتي، ديندار ۽ خوددار طبيعت جو ماڻهو آهي. بقول اسان جي همعمر ڳوٺائي دوست ۽ مائٽ عبدالغفار ابڙي جي ’اقبال لاجواب ماڻهو آهي‘. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي. حبيب بئنڪ ۾ نوڪري مليس، پر جڏهن کيس اها ڳالهه دماغ ۾ آئي ته هي وياج جو ڪاروبار آهي ته نوڪري ڇڏي گهر اچي ويهي رهيو ۽ پيٽ گذر لاءِ جيڪو پورهيو مليس ٿي اهو ڪرڻ لڳو. ان دوران هن واٽر فلٽريشن جو به ڪم ڪيو ۽ هر هڪ جي گهر تائين پاڻي پهچائڻ ۾ عيب نه سمجهيو. اقبال جي ٻئي نمبر پٽ مقصود کي بالقن رياست ايسٽونيا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالر ملي. پٽ جي ڪاميابيءَ تي هُو خوش ٿيو، پر هن کي چيائين ته گوگل ۾ Search ڪر ته يونيورسٽيءَ جي ڀرپاسي ۾ ڪا مسجد به آهي يا نه؟ هن نقشي ۾ ڳولي ٻڌايو ته 200 ميلن تائين ڪانهي.
”بهتر آهي ته نه وڃ هتي حيدرآباد ۾ ئي ويهي پڙهه“ اقبال کيس صلاح ڏني. مقصود خوش نصيب چئبو جو حيدرآباد مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد هن کي يڪدم ملائيشيا ۾ نوڪري ملي وئي، سا به ساڳي شهر ڪوالالمپور ۾ جتي سندس وڏي ڀاءُ نوڪري ڪئي ٿي ۽ هاڻ سال کن ٿيندو جو هنن ٻنهي ڀائرن پنهنجي پگهار مان بچت ڪري پنهنجي ڀيڻ نارمين ابڙو کي ملائيشيا جي هڪ پراڻي ۽ بهترين يونيورسٽي UPM (يونيورسٽي پترا ملائيشيا) ۾ داخلا وٺرائي ڏني آهي. مون کي ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته جيئن پيءُ اقبال تڪليفن ۾ گذاري پٽن کي پڙهايو ۽ ان جي موٽ ۾ هنن وڏي محنت ڪري پاڻ مڃرايو ۽ ملائيشيا ۾ نوڪري حاصل ڪئي، تيئن هُو وري پنهنجي ڪمائي/ پگهار هيڏانهن هوڏانهن ضايع ڪرڻ بدران پنهنجي ڀيڻ نارمين جي اعليٰ تعليم تي لڳائي رهيا آهن ۽ ملائيشيا جي ’يوپي ايم‘ يونيورسٽي ڪا اهڙي تهڙي ته نه آهي. نارمين کي شايد خبر نه هجي ته هن يونيورسٽي مان صباح (ايسٽ ملائيشيا) جو پهريون گورنر تن داتو حاجي مصطفيٰ، ملائيشيا جو ڊپٽي پرائيم منسٽر ڊاڪٽر احمد زاهد حامدي ۽ سلنگور رياست جو قونصلر امير دين شاري جهڙا اهم ماڻهو پڙهيا آهن. هن يونيورسٽيءَ جو بنيادي طرح ائگريڪلچر سان واسطو هجڻ ڪري هن مان اسان جي ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ جي ڪيترن گريجوئيٽن Ph.D ڪئي آهي.