الطاف شيخ ڪارنر

نڪري ويا ناکُئا

هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ ڪيتريون ئي اُتساهيندڙ ڳالھيون پيش ڪيون آهن، جيڪي سراسر موهيندڙ تہ آهن ئي پر رهنمائي ڪندڙ بہ آهن ۽ منھنجي راءِ موجب هي ڪتاب سنڌي نوجوانن لاءِ ڄڻ تہ مشعلِ راھ آهي، جنھن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سئر سفر يا روزگار واسطي ويندڙن لاءِ ڪيئي نقطا بيان ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ قومون ترقي ڪيئن ٿيون ڪن ۽ قومن جا فرد پنھنجي وطن ۽ ماڻھن جي ڀلائي ۽ بھتريءَ لاءِ ڪيئن ٿا پاڻ پتوڙين يا پنھنجي وطن سان محبت ۽ ان جي مالڪيءَ سان ڪيئن سلھاڙيل آهن... اهي سڀ ڳالھيون اسان ماڻھن لاءِ سِکيا جو مرڪز ۽ محور آهن.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نڪري ويا ناکُئا

بهترين ڪارڪردگيءَ جو راز

ملائيشيا جو وزيراعظم هميشه عام ماڻهن مان چونڊيو وڃي ٿو. هر رياست جو وڏو يعني حاڪم اتي جو سلطان ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي واري تي پنجن سالن لاءِ سڄي ملڪ جو بادشاهه ٿئي ٿو. تنڪو عبدالرحمان جو تعلق شاهي خاندان سان هو. پاڻ ’ڪيداح‘ رياست جي سلطان عبدالحميد حليم جو ستون پٽ هو. سندس والد ڪيداح جو 61 سال 1881ع کان 1943ع تائين سلطان رهيو. هن کان اڳ هن رياست جا 20 مسلمان سلطان ۽ 9 هندو راجا ٿيا، جن جو تاريخي رڪارڊ موجود آهي. ياد رهي ته ملايا ۽ انڊونيشيا پاسي شروع ۾ هندو ڌرم هو. انڊونيشيا جي بالي رياست اها آهي جتي جو اڄ به سرڪاري ڌرم هندو ڌرم آهي. تنڪو عبدالرحمان جي والده اڌ برمي هئي ته اڌ سيامي يعني ٿائي.
بهرحال هتي پاڻ ملائيشيا جي پوليس جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اها اسان جهڙن ايشيائي ملڪن کان بهتر ڇو آهي، جنهن لاءِ تنڪو عبدالرحمان صاحب ٻڌايو ته اها شروع کان ميرٽ جي بنياد تي رکي وئي ۽ ننڍي کان ننڍي سپاهيءَ کي گذر سفر لاءِ ايترو پگھار ملي ٿو جو هن کي هيڏانهن هوڏانهن هٿ نٿو هڻڻو پوي. هُونءَ ته ملائيشيا جي هر کاتي ۾ ڪنهن پير، مير، وڏيري يا سياستدان جي سفارش تي نه پر اميدوار جي پنهنجي قابليت تي نوڪري ڏني وڃي ٿي. پوليس ۾ ته ان تي هيڪاندو سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو، پوءِ اهو ماڻهو ڀلي ڌرتيءَ جو پٽ (بوميپترا) ملئي نه پر چيني هجي يا انڊين- يعني تامل، پٺاڻ، سک يا پنجابي، جنهن جي وڏن ڀلي پوک جو ڪم ڪيو هجي يا چوڪيداري يا ڍڳين پالڻ جو... پر هن جي اولاد پنهنجي تعليم ۽ قابليت ۾ پاڻ کي اتم ثابت ڪيو آهي ته نوڪري هن کي ئي ملي ٿي. شروع جا ڏينهن-يعني 1968ع جا ياد ٿا اچن ته اسان جي ننڍي کنڊ جا پٺاڻ ۽ سک- جيڪي غربت ۽ بيروزگاري کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هتي ملايا ۽ سنگاپور آيا، اهي بئنڪن ۽ دڪانن اڳيان چوڪيدار هئا يا مهمانن لاءِ هوٽلن جو دروازو کولڻ وارا.
سائوٿ انڊيا جي تامل ۽ مليالم ماڻهن جيتن ۽ جانورن وارن جھنگلن ۾ کيتي ٻاڙي ڪئي ٿي يا ريلوي کاتي ۾ مزوري ڪئي ٿي... هاڻ اڌ صديءَ جي سفر بعد ڏسان پيو ته هنن جو اولاد ۽ ان اولاد جو اولاد، تعليم ۽ هنر حاصل ڪري ملائيشيا جي هر کاتي ۾ آفيسر آهي، ڪارخانيدار آهي، وڏو واپاري ۽ سيٺ آهي. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ انڊين (تاملن، پٺاڻن، پنجابين، سکن، گجراتين، سنڌين، بنگالين وغيره) جي جملي آدمشماري 5 سيڪڙو به نه آهي، پر هاڻ توهان کي جتي ڪٿي سک، پٺاڻ، گجراتي، تامل وغيره وڏا سرجن، پروفيسر، وڪيل، جج، پوليس آفيسر ۽ فوجي نظر اچن ٿا. اهو ان ڪري جو ملائيشيا جو غريب کان غريب ماڻهو، ڀلي هن جا وڏا پنهنجي اصل وطن ننڍي کنڊ ۾ وڏين نوڪرين لاءِ نيچ سمجھيا ويا ٿي، پر هتي ملائيشيا ۾ هو سمجھن ٿا ته جيڪو محنت ڪندو ان کي ان جو ڦل ملندو.
ملائيشيا، سنگاپور ۽ برونائيءَ ۾ وڏو عرصو رهڻ دوران مون اهو ئي ڏٺو ته اهو ناممڪن آهي ته هوم منسٽر يا هوم سيڪريٽريءَ جهڙو طاقتور ماڻهو به پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ڪنهن عزيز دوست کي پوليس واري جهڙي معمولي نوڪري به ڏئي سگھي. هو ملڪ جي ٺهيل سسٽم تي ئي ڀاڙي ٿو، جنهن مطابق آفيسرن توڙي معمولي سپاهين جي ميرٽ تي سليڪشن ٿئي ٿي ۽ پوءِ ان ۾ غريب سک، پاڪستاني پٺاڻ يا چينيءَ جو ٻار به چونڊجي وڃي ٿو. يعني ملڪ جو هر ٻار سفارش تي ڀاڙڻ بدران محنت ۾ لڳو رهي ٿو ۽ هن کي پنهنجي ملڪ (ملائيشيا) جي سسٽم تي اعتماد آهي ته هو محنت ڪندو ۽ منجھس قابليت هوندي ته هُو وڏي کان وڏي عهدي لاءِ چونڊجي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جي ننڍن ڳوٺن جا ٻار به ڏينهن رات محنت ڪندا رهن ٿا ۽ جن کان پڙهائي نٿي پڄي اهي ڪنهن ڌنڌي يا هنر کي وڃيو لڳن، جو هو سمجھن ٿا ته ڀلي هنن جو چاچو مامو وزير يا سرڪاري ڪامورو هجي... مقرر امتحان پاس نه ڪندو ته هن کي نوڪري هرگز هرگز نه ملي سگھندي. ان بابت آئون ملائيشيا جي شروعاتي سفرنامن ۾ مثال به لکي چڪو آهيان ته اسان وٽ ملائيشيا جا نوجوان ملئي مسلمان، چيني ۽ انڊين جهازن جا چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٿيڻ لاءِ يعني Post-Sea جي امتحانن لاءِ پڙهڻ ايندا هئا. سندن امتحان وٺڻ وارا به اسان هئاسين.
پهريون دفعو جڏهن امتحان ٿيا ته مون پنهنجي ملئي باس کان پڇيو ته، ”ملئي شاگرد ڪمزور آهن انهن کي پاس ڪرڻ لاءِ ڇا ڪجهه مدد ڪرڻي پوندي؟“ مون کي حيرت ٿي جڏهن هن سنئون سڌو چيو ته، ”هرگز نه. پاس فقط انهن کي ڪبو جيڪي پاس ٿين. ڀلي جهاز بيٺا رهن. اسان کي معيار مٿاهون رکڻو آهي.“
پوءِ ڏهاڪو کن سال ان اداري ۾ رهڻ دوران مون ڏٺو ته چاليهه کن جيڪي جهازن جا چيف انجنيئر ٿيا، انهن مان ٽيهارو چيني پاس ٿيا ۽ هن ملڪ جا ملئي فقط پنج ڇهه پر اسان جي باس توڙي حڪومت کي ڏک نه ٿيو. هنن جو اهو ئي چوڻ هو ته هنن کي محنت ڪرڻ کپي. اسان اهو هرگز نٿا چاهيون ته اسان جي ملڪ ۾ ڪو ڪريل معيار جو ڊاڪٽر، سرجن يا جهاز جو ڪئپٽن چيف انجنيئر هجي. ڀلي کڻي اهو اسان جو عام ملئي مسلمان هجي يا ڪنهن وزير گورنر جو پٽ ڀائٽيو هجي.
ملائيشيا جي معيار بلند رکڻ جو آئون اهو به مثال ڏيندو آهيان ته جڏهن ملائشيا وارن ’پروٽان ساگا‘ نالي ڪار ٺاهڻ شروع ڪئي ته هر هڪ اهو چيو ته هن ملڪ ۾ هر ڪار وڪامي ٿي، سو اهڙي صورت ۾ ڪير جپاني، فرينچ، جرمن ڪارون ڇڏي ملائيشيا جي ڪار خريد ڪندو. سڀني جي وات تي اهو هو ته حڪومت گھٽ ۾ گھٽ سرڪاري ڪامورن کي پابند ڪندي ته هُو پنهنجي ملڪ جي ڪار خريد ڪن نه ته کين ڪار لاءِ بنا وياج جي قرض نه ملندو. هي ائين هو جيئن اسان وٽ سرڪاري آفيسر سرڪاري ميٽنگ لاءِ اسلام آباد وڃڻ لاءِ پي آءِ اي جي ٽڪيٽ خريد ڪن ٿا.
ملائيشين ڪار جڏهن ٺهي راس ٿيڻ تي پهتي ته حڪومت اعلان ڪيو ته اها ان قسم جي ڪا پابندي نه مڙهيندي. سرڪاري توڙي غير سرڪاري ماڻهو آزاد آهي ته هن کي جيڪا ڪار وڻي اها خريد ڪري. پروٽان ساگا ڪار ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ کي حڪومت اهو ئي چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته هيءَ لوڪل ڪار وڪامي ته ان کي اعليٰ قسم جي ٺاهڻ سان گڏ قيمت ۾ به سستو ڪريو ۽ اسان ڏٺو ته ان ڪار ٺاهڻ ۾ ايڏي محنت ۽ خيال رکيو ويو، جو فارين جي ڪارن جي مقابلي ۾ اها بهتر ۽ سستي ثابت ٿي. ملائيشين جي هيءَ ڪار ڪمپني اڄ ڏينهن تائين ترقي ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جون ڪارون مختلف نالن سان ٺاهي ٿي. سڄي دنيا ۾ هنن ڪارن جي ايڏي ته گهرج آهي جو ڪمپنيءَ لاءِ پورائو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
اسان وٽ هڪ ڀنگي يا قاصد جي نوڪريءَ لاءِ به وزيراعليٰ کان سفارش ڪرائڻ جي ضرورت پئي ٿي ۽ پوءِ جيڪي سکر، لاڙڪاڻي يا ڪراچي جي ميونسپالٽي جا شهر کي ٻهاري ڏيڻ وارا نوڪري حاصل ڪن ٿا، اهي پاڻ کي هر وقت ان اعليٰ آفيسر جو ماڻهو سڏرائي نوڪري ڪرڻ کان آڱوٺو ڪڍيو ويٺا آهن. واسطيدار عملدار سان شهر جي گندگيءَ جي شڪايت ڪري ته هُو پنهنجي مجبوري ٻڌائي ٿو ته ڇا ڪريان، هنن ڀنگين کي ڪجھه چئي نٿو سگھجي جو اهي فلاڻي وزير، مشير، پير، ڀوتار يا سياستدان جا ماڻهو آهن. مرضيءَ جا مالڪ آهن... ’وڻين ته ڪم ڪن وڻين ته نه ڪن...‘ يعني اهو آهي اسان وٽ سفارشي ماحول! معنيٰ جنهن کي نوڪري ملي ٿي اهو پاڻ کي ملڪ جو خادم سمجھڻ بدران ان ماڻهوءَ جو ذاتي غلام سمجھي ٿو، جيڪو هن جي سفارش ڪري هن کي نوڪري وٺرائي ڏئي ٿو. اهڙي ماحول جي فضا مان جڏهن آئون ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊميءَ جي نئين کليل ڊپارٽمينٽ مئرين انجنيئرنگ جو هيڊ ٿيس ته منهنجي ماتحت ڪم ڪرڻ لاءِ ملائيشيا حڪومت جي شپنگ ڊپارٽمينٽ وارن ٻن مئرين چيف انجنيئرن لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏنو، جيئن اهي نوڪري حاصل ڪري اسان وٽ پڙهائين.
ڪجھه ڏينهن بعد اسان جي ڪمانڊنٽ (پرنسپال) جو فون آيو ته ٻه اميدوار جاب لاءِ آيا آهن، جن جو اچي انٽرويو وٺ. آئون سندس آفيس ۾ ويس، هڪ سنگاپور جو ملئي هو ۽ ٻيو ملائيشيا جو چيني. ٻنهي ڄڻن چيف انجنيئر جي پوسٽ تي مختلف جهازن تي Sail ڪيو هو ۽ ٻنهي کي هاڻ سمنڊ تي جهاز بدران پڙهائڻ جو شوق هو. ڪجھه سوال پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هنن کي پنهنجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ به آهي ۽ سندن انگريزي به سٺي ۽ سمجھه جوڳي آهي. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته ٻئي سٺا ماستر ثابت ٿيندا، پر وزارت جهازرانيءَ جي سيڪريٽري يا وزير تي منحصر آهي ته هنن کي نوڪري ڏئي ٿو يا نه، جو هڪ سنگاپور جو آهي- يعني ملائشيا جو ناهي ۽ ٻيو چيني آهي يعني هنن جو پنهنجو بوميپترو (Son of Soil) ناهي. انٽرويو بعد آئون هنن سان گڏ چانهه پي پنهنجي آفيس پهتس ته ڪمانڊنٽ جو فون آيو:
”ته پوءِ مسٽر الطاف ڪنهن کي رکڻ پسند ڪندين؟ هڪ يا ٻنهي کي؟“
”سائين توهان جيئن چاهيو. منهنجي نظر ۾ ته ٻئي صحيح آهن.“ مون وراڻيو.
”ته ڀلي ٻنهي کي نوڪري ڏي.“ ڪمانڊنٽ چيو.
”سائين آئون ڏيان؟“
”بلڪل. تو وٽ ئي ته هنن کي ڪم ڪرڻو آهي. هائر ۽ فائر جي اٿارٽي تو وٽ ئي رهندي. تون ئي ڊپارٽمينٽ جو مُک آهين.“
”پوءِ ڀلا هڪ ته هن ملڪ جو ناهي. اهو سنگاپور جو آهي.“ مون ڪمانڊنٽ کي واضح ڪيو.
”مڙيئي خير آهي. قابل ماڻهو هجي، پوءِ کڻي ڪهڙي به ملڪ جو هجي.“
منهنجي اوڪي ڪرڻ تي ان ئي وقت ڪمانڊنٽ ٻنهي جهازي چيف انجنيئرن کي منهنجي آفيس موڪليو ۽ اڌ ڪلاڪ بعد انهن جوAppointment ليٽر به اچي ويو.
ميرٽ تي کڻڻ مان اهو فائدو ٿئي ٿو ته نوڪري حصل ڪرڻ وارو صحيح طرح نوڪري ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته گسائڻ تي يا صحيح ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي اتي جو اتي مون کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو ۽ باوجود ان جي ته هڪ غير مسلمان هو ۽ ٻيو غير ملڪي، هنن کي اهو احساس رهيو ٿي ته هنن کي اها نوڪري ان ڪري ملي آهي، جو هو پنهنجي جاب ۾ بهترين آهن، نتيجي ۾ هو پاڻ وڻائڻ خاطر اڃان به محنت ڪري سٺو پڙهائين ٿا.
اهڙي طرح ملائيشيا جي ٻين کاتن ۾ بهتر ڪارڪردگي آهي. پوليس کاتي ۾ چاهي سک هجي يا تامل هندو. هو محنت ڪري ڏوهارين کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو سمجهي ٿو ته اهو ڏوهاري ڀلي ڪو طاقتور هجي، سندس ڪم ان کي بچائڻ بدران سوگھو ڪرڻ آهي. ڀلي کڻي ملڪ جو وزيراعظم هجي. هن جي ڏوهن جي چڱي طرح تفتيش ڪري ڪورٽ ۾ ثبوت پيش ڪرڻو آهي. نجيب رزاق ملڪ جو وزيراعظم ته هو، جنهن جي ڪرپشن جي ڏوهه ۾ نوڪري ته وئي ويتر جيل اچي ويس. هي لکڻ وقت پنهنجي ملڪ جي ٽي ويءَ تان خبر پيو ٻڌان ته حمزو شريف، جيڪو ڪرپشن جي الزام ۾ 14 مهينن کان جيل ۾ هو، ان کي هن جي خلاف ثبوت نه ملڻ تي ڪورٽ سڳوريءَ ضمانت ڏئي ڇڏي. سوال آهي ته پوليس جڏهن هن کي ٻڌو ته ڪهڙي بنياد تي؟ ۽ هيڏي ڊگھي رمانڊ ۽ تفتيش جي، اها ثابتيون هٿ ڪري نه سگھي! ۽ هيڏانهن هڪ طاقتور ماڻهوءَ جي ڪرپشن جا ثبوت پوليس چند هفتن ۾ ڪورٽ ۾ پيش ڪري وزيراعظم کي سزا ڏياري ڇڏي ۽ اهو تفتيش ڪندڙ ڪهڙو پوليس آفيسر هو؟ هڪ سِک ’سردار جِي‘ جنهن جو پيءُ ۽ نانو معمولي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ کان هڪ صدي کن اڳ پنجاب کان هتي ملائيشيا (ملايا) آيا هئا... سردار امر سنگھه.. جيڪو جڏهن ڊي ايس پي ليول جو آفيسر هو ته دوست ٿي ڪري به منهنجي ڏوهه (غلط پارڪنگ) جو ڏنڊ 5 رنگٽ ورتو هئائين ۽ پنهنجي کيسي مان 20 رنگٽ خرچ ڪري مون کي ناسي گورينگ، بيف رينڊانگ ۽ ساتي جي زبردست لنچ کارائي هئائين.