سنگاپور جي ڪئبري ڊانسر مِيمي
اخبارن ۾ ٻين خبرن سان گڏ ممباسا، پينانگ، بيروت، دارالسلام ۽ سنگاپور جهڙن بندرگاهن ۾ اتي جي سئنيمائن ۾ هلندڙ انڊين فلمن جا نالا پڙهندا هئاسين، جيئن پهرين فرصت ۾ اهي ڏسي سگھجن. ڪن ڪن ملڪن جي اخبارن جو اسٽائيل تمام دلچسپ هوندو هو، جنهن بابت پنهنجي ملائيشيا وارن سفرنامن ۾ به لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا جي اخبار ’نيو اسٽرئيٽ ٽائيمس‘ ۾ ڪي ڪي بازاري نموني جون خبرون جيڪي آخري يا اندرين صفحي تي مس هڪ ڪالم ۾ اچڻ کپن، اهي پهرئين صفحي تي ليڊ تي يا هيٺين اڌن ۾ يا ٽي ڪالمي انداز ۾ ڏنيون ويون ٿي. سنگاپور مان به نيو اسٽرئٽ ٽائيمس نالي اخبار نڪري ٿي، ان جو به ملائيشيا جي اخبار جهڙو اسٽائيل هو. شايد اخبار وارن پڙهندڙن جي نبض سڃاتي ٿي ته هنن کي سياسي خبرن کان وڌيڪ اسڪئنڊلن وارين خبرن سان دلچسپي آهي. انهن ڏينهن ۾ سنگاپور جي اخبار ۾ فرنٽ پيج تي هڪ ته سنگاپور جي هڪ چينياڻي ڪئبري ڊانسر ’ميمي وانگ‘ جي خبر ٽاپ تي هوندي هئي، جنهن سنگاپور ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي جپاني انجنيئر يار ’هيروشي وتنابيءَ‘ جي زال اياڪو(Ayako) جو قتل ڪري وڌو هو ۽ ان ڏوهه جو ڪيس سنگاپور جي سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو، جنهن جو جج ’جسٽس چُور سنگھه سِڌُو‘ نالي هڪ سک هو. ماڻهن کي اهو شڪ هو ته هي سِک جج ڌارئين ملڪ کان آيل هجڻ ڪري هن تي پئسي وارن امير چيني ۽ سرڪاري ڪامورن جو ڪيس کارڻ لاءِ پريشر پئجي سگھي ٿو. ان سان گڏ جسٽس چُور سنگھه جي ايمانداري ۽ دليريءَ جون به ڳالهيون مشهور هيون ته هُو فيصلن ۾ انصاف ڪري ٿو ۽ ڏوهارين کي ڦاهي ڏيندي به دير نٿو ڪري. ان ڪري سنگاپور جا ماڻهو هن جج کي ’مسٽر هئنگ مئن‘ سڏيندا هئا. جج به مجبور هو جو ملڪ ۾ ڦاهيءَ جو قانون عام هو. يورپ جا ملڪ توڙي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جهڙا سنگاپور جا دوست ملڪ ان ڳالهه تي آواز اٿاريندا رهيا ته انگريزن جي ٺهيل هن پراڻي قانون کي تبديل ڪيو وڃي، پر ملڪ جو وزيراعظم ان قسم جي سخت سزائن جي حق ۾ هو. مزي جي ڳالهه اها ته اهي سزائون اڄ به قائم آهن. چرس، هيروئن يا ٻي ڪنهن نشي جي ذري رکڻ واري ڏوهاريءَ کي ان ئي وقت ڦاهي اچي ٿي. سنگاپور جي اسڪولن ۾ اڄ به ڏنگن ٻارن جي ڪيننگ ٿئي ٿي. لي ڪئان يو جو هميشه اهو موقف رهيو ته ڏنگن ٻارن کي لڪڻ سان ڪُٽجي. هُو پاڻ به انگريزن جي اسڪولن ۾ پڙهيو، جتي ڪيننگ عام هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس سنگاپور مان نوڪري ڪري آيو هو، هُو جڏهن اسان جي ملڪ ۾ پرنسپال ٿي آيو ته هُو جيتوڻيڪ ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ پنهنجن شاگردن جو خيال ڪندو هو، پر حد کان وڌيڪ ڏنگن ٻارن جي هن پنهنجي هٿن سان ڪيننگ به ڪئي يعني کين ڏنڊي سان ڪٽيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڇهه سالن دوران هن چئن يا پنجن ڪئڊٽن کي اها سزا ڏني ۽ ٻه ڏنڊا مس ٿي هنيائين، پر سزا کائيندڙ ڇوڪرن جي جسم جي کل به ڦاٽي پئي ٿي ۽ هُو هفتو کن سڌو ٿي نه سمهي سگھندا هئا.
بهرحال پاڻ سنگاپور جي ناچڻي (Cabaret Dancer) ميمي وانگ جي ڳالهه ڪريون، جنهن جي قتل ڪرڻ جون خبرون اخبارن جي زينت هئي. اسان جو جهاز سنگاپور ايندو هو ته پهرين اهو پڇبو هو ته، ”ميمي وانگ جو ڇا ٿيو؟ هن جو ڏوهه ثابت ٿيو يا ڪورٽ هن کي معصوم قرار ڏئي باعزت بري ڪيو؟ ۽ جي هو ڏوهارڻ ثابت ٿي آهي ته هن کي ان جي سزا عمر قيد ملي يا ڏوهه مطابق يعني سنگاپور جي قانون مطابق ڦاهي ڏني وئي؟“ جيتوڻيڪ اڄ ڏينهن تائين سنگاپور ۾ ڪنهن عورت کي ڦاهي ملڻ جي سزا نه ٻڌي وئي.
پوليس جي تفتيش بعد هي ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ سک جسٽس چُور سنگهه وٽ هلڻ شروع ٿيو ۽ 26 ڏينهن اندر جج صاحب فيصلو ڏئي ڇڏيو. اسان منيلا، هانگ ڪانگ ۽ ٽوڪيو ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن رهي سنگاپور مان جهاز لاءِ تيل خريد ڪرڻ لاءِ وري لنگرانداز ٿياسين ته خبر پيئي ته ميمي خلاف سڀ ثابتيون ثبوت ملي ويا ۽ هن پنهنجي ڏوهه جو اقرار به ڪيو ۽ هن کي جيل جي ڊيٿ سيل ۾ ڦاسيءَ لاءِ رکيو ويو آهي. هيستائين هر ڪنهن جيڪا پنهنجي راءِ پئي ڏني، ان جو سلسلو ختم ٿيو ۽ هر هڪ کي حقيقت جي خبر پيئي ته اصل ڳالهه ڇا هئي.
ميمي وانگ سنگاپور جي هڪ ڊانسر هئي، جنهن جو سندس هڪ يار سان عشق ٿي ويو. هي يار هڪ جپاني هيروشي وتنابي هو، جنهن سنگاپور جي بيدوڪ علائقي ۾ زمين رِي ڪليم ڪرڻ جو ڪم ٿي ڪيو. سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ 1965ع ۾ خودمختيار ٿيڻ بعد هُو اڄ ڏينهن تائين ان ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو ته ڪنهن طرح چوڌاري سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀري ڪجهه وڌيڪ زمين حاصل ڪئي وڃي. ان لاءِ هُو ٻاهرين ملڪن جا ماهر گھرائيندو رهي ٿو. جپاني انجنيئر هيروشي به ان سلسلي ۾ سنگاپور گهرايو ويو هو ۽ پنهنجي زال آياڪو ۽ ٻارن سان رهيو ٿي. هُو دل پشوريءَ لاءِ هن ناچڻي چيني عورت ميميءَ وٽ به پهچي ويو ٿي. وقت سان گڏ ميميءَ جو نه فقط هيروشي سان عشق ٿي ويو پر هن جي زال آياڪو سان رقابت ٿي پئي ۽ هن هيروشيءَ کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪرڻ لاءِ سندس زال کي قتل ڪرڻ جا پروگرام ٺاهيا. ان ڪم لاءِ هن پنهنجي مڙس ’سِم ووه ڪُم‘ کي چيو، جنهن کي هن ڪڏهن کان ڇڏي ڏنو هو ۽ پيٽ گذر لاءِ هن ڊانس ڪئي ٿي. سندس ڇڏيل مڙس سِم (Sim Woh Kym) پئسي جي لالچ ۾ ان ڏوهه ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
رات جو ڏهين وڳي ڌاري ميمي ۽ سندس مڙس سِم ’سي ويو روڊ‘ تي جپاني انجنيئر هيروشي جي فلئٽ تي پهتا، جتي آياڪو اڪيلي هئي. ميميءَ سندس مڙس هيروشيءَ کي ان وقت ملڻ لاءِ شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ سڏايو هو، جيئن قتل بعد هُوءَ هن سان وڃي ملي ۽ ڪنهن کي شڪ به نه ٿئي ته ان وقت واري قتل ۾ ميميءَ جو هٿ آهي ۽ ڪورٽ ۾ هُوءَ ان ئي ڳالهه تي زور ڏيندي رهي ته قتل واري وقت هُوءَ شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ هئي، جنهن جي شاهدي آياڪو جي مڙس کان به وٺي سگھو ٿا.
پنهنجي يار جي فلئٽ تي پهچي سِم جپاني عورت آياڪو جي اکين ۾ بليچ اڇلايو، جنهن سان هن جون اکيون سڙڻ لڳيون. ميميءَ يڪدم خنجر ڪڍي هن جي پيٽ ۽ ڳچيءَ ۾ هنيو.
ٿي سگھي ٿو ميمي هن قتل ۾ ڏوهاري ثابت نه ٿي سگھي ها، پر هن ڪيس جو سڀ کان وڏو شاهد اياڪو جي نوَن سالن جي ڌيءَ چيئيڪو (Chieko) نڪتي، جيڪا قتل وقت اتي موجود هئي. هن ڪورٽ ۾ بيان ڏنو ته هن کي ۽ سندس ٻن ڀائرن کي ماءُ ماني کارائي بستر تي ليٽائي پنهنجي ڪمري ۾ وئي. ان فلئٽ ۾ هنن جو باٿ روم ڪمرن جي وچ ۾ هو يعني ٻنهي ڪمرن جو هڪڙو ئي ڪامن باٿ روم هو.
چيئيڪو ٻڌايو ته، ”هُوءَ اڃا جاڳي رهئي هئي ته هن رڙين جا آواز ٻڌا، جيڪي هن جي ماءُ جا هئا. هن باٿ روم مان وڃي ڏٺو ته هن جي ماءُ جيڪا رتو رت ٿيل هئي، سُور کان دانهون ڪري رهي هئي. هڪ ماڻهو منهنجي ماءُ کي کاٻي ٻانهن کان ڇڪي رهيو هو ۽ اوباسان ساڄي هٿ کان ڇڪي رهي هئي.“ چيئيڪو ٻڌايو.
اوباسان (Obasan) جپاني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي چاچي / ماسي يعني آنٽي. ميمي ڊانسر جي پنهنجي جپاني يار سان اهڙي دوستي ٿي وئي هئي، جو هُوءَ جپاني يار جي گھر به ايندي هئي ۽ هيروشيءَ پنهنجن ٻارن کي اهو چيو هو ته هن کي اوباسان (آنٽي) سڏيو.
“مون پنهنجي ماءُ کي رتوڇاڻ ڏسي روئڻ شروع ڪيو ۽ اوباسان پنهنجو هٿ کڻي منهنجي وات تي رکيو. منهنجي روئڻ بند ڪرڻ تي هن هٿ پري ڪيو. ان بعد چيئيڪو ڏٺو ته ميمي ۽ سندس مڙس سِم ڏاڪڻين تان هيٺ لهي ويا.
اخبارن ۾ ان ڪهاڻيءَ کان علاوه ميمي ۽ جپاني انجنيئر هيروشي جي وچ ۾ شرمناڪ جنسي تعلقات جون ڪهاڻيون پڻ ظاهر ٿينديون رهيون. هي قتل جنوري 1968ع تي ٿيو هو، جنهن سال کان مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي. ڊسمبر 1970ع تي جج سزا جو فيصلو ڏنو ۽ اپيلون ۽ ٻيون قانوني ڪارروايون مڪمل ٿيڻ تي 27 جنوري 1973ع تي ميمي کي جيڪا هاڻ 34 سالن جي هئي 40 سالن جي سِم سان گڏ چانگي جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي. 1965ع ۾ سنگاپور کي آزادي ملڻ بعد ميمي پهرين عورت هئي، جنهن کي سنگاپور ۾ ڦاهي ڏني وئي.