سنڌ جو پهريون ڊاڪٽر
اسپينش فلو ۾ ته اڄ ڪلهه جي ڪرونا (ڪووڊ 19) وانگر سڄي دنيا جا ماڻهو وٺجي ويا هئا، پر ان کان اڳ ۽ پوءِ به ڪيتريون ئي ننڍي پئماني واريون وبائون چند ملڪن ۾ وجود ۾ اينديون رهيون. جيئن اسپيني فلو کان 20 سال اڳ 99-1898ع ۾ اسان جي ملڪن واري پٽي ۾ هڪ وبا پکڙي هئي.
مٿي مرزا قليچ بيگ جي خاندان بابت لکندي ۽ اڄ جي وبا جو سوچيندي مون کي 1897ع واري اها وبا ياد اچي وئي. ان ڪري سوچيم ته هتي هڪ ٻي ڳالهه به لکندو هلان... ڇو ته ڪيترن پڙهندڙن کي شايد اها خبر نه هجي ته هن بيماريءَ ۾ جتي اسان جي صوبي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جا عام ماڻهو مري ويا، اتي هڪ اهم ڊاڪٽر به اجل جو شڪار ٿي ويو، جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري غريب سنڌي ماڻهن جو علاج پئي ڪيو. خبردار هجڻ جي باجود هن کي ڪنهن مريض مان پليگ جي هيءَ وچڙندڙ بيماري لڳي وئي ۽ هُو پنهنجو پاڻ کي بچائي نه سگھيو ۽ 40 سال کان گهٽ ڄمار ۾ گذاري ويو. هي سنڌ جو پهريون ڊاڪٽر هو، جيڪو ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ انگلنڊ ويو هو. اتي سرجن ٿيڻ کان پوءِ ڪجھه سال نوڪري ڪرڻ بعد هو پنهنجي وطن جي ماڻهن جي خدمت خاطر سنڌ موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود ٻين انگريز ڊاڪٽرن سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. ٻي ڳالهه اها ته سنڌ جو هي پهريون نوجوان هو، جنهن انگريز ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. ان پهرين زال جي وفات بعد هن جنهن سان ٻي شادي ڪئي، اها به انگريزياڻي هئي. هڪ ٻيو Clue ڏيندو هلان ته جيئن توهان سمجھي وڃو ته اهو ڊاڪٽر ڪير هو... هن جا ناناڻا هالا جا هئا.
بهرحال هي نوجوان سنڌ جو پهريون سرجن، مرزا قليچ بيگ جي ننڍو ڀاءُ مرزا فريدون بيگ جي ستن پٽن مان پنجون نمبر پٽ ’مرزا جعفر قلي بيگ‘ هو. انگريزيءَ ۾ آڪسفورڊ پريس وارن طرفانA Georgian Saga _ from Caucasus to Indus نالي ڪتاب، جنهن مهر افروز نالي خاتون لکيو آهي، اها هن ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ جي پڙ پوٽي ٿئي.
هتي ٻين ڳالهين سان گڏ تواريخ جي هن شخص مرزا جعفر قلي بيگ تي به ڪجھه سٽون لکڻ ضروري سمجھان ٿو.
مرزا جعفر قلي بيگ 1859ع ۾ حيدرآباد جي علائقي ٽنڊو ٺوڙهو ۾ ڄائو... يعني انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان کان 16 سالن بعد. هن جي والده سڪينه خانم مرزا خسرو بيگ جي ڌيءَ هئي. يعني مرزا خسرو بيگ جعفر توڙي مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ڀائرن جو نانو ٿيو.
مرزا جعفر قلي بيگ جو ننڍپڻ ٻين ڀائرن ڀينرن سان گڏ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ گذريو. جيستائين ميرن جي حڪومت هئي ته سندن نانو خسرو بيگ مير ڪرم علي ٽالپر وارن سان گڏ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ رهيو ٿي. مير ڪرم عليءَ کي اولاد نه هجڻ ڪري هن ايران کان آيل گرجي (Georgian) نينگر مرزا خسرو بيگ کي پٽ طور نپايو هو.
ٽنڊي ٺوڙهي۾ رهندڙ هي گرجي مرزا پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان پنهنجي فئملي ۾ مادري ٻولي فارسيءَ ۾ ڳالهائيندا هئا پر سندن ٻي زبان سنڌي هئي. سڀني ٻارن کي انگريزي لکڻ پڙهڻ پڻ سيکاري وئي ٿي. ڪراچي ۾ رهندڙ انگريزن سنڌ جي رسمن رواجن ۽ سوسائٽيءَ ۾ ڪافي تبديليون پيدا ڪيون. حيدرآباد ۾ ايندڙ انگريزن ۽ يورپين سوچ ۽ اٿڻ وهڻ جا ڪيترائي نوان ۽ ماڊرن طريقا متعارف ڪيا. سنڌ جا ڪيترائي امير هندو ۽ پارسي انهن کي فالو ڪرڻ لڳا. ويندي انگريزي ڊريس ۽ مٿي تي ٽوپلو رکڻ فئشن سمجيو وڃڻ لڳو. مرزا فئمليءَ کي به اهو ئي محسوس ٿيو ته هاڻ اڳتي هلي اهي ڪامياب ٿيندا، جن کي انگريزي اچي ٿي، جيتوڻيڪ هنن کي سنڌ ۾ رهئي 50 سال کن ٿي ويا هئا ۽ هنن جي گھر ۾ ايراني گرجستاني ڪلچر هليو ٿي، ان موجب هنن نوروز ۽ خوشيءَ جا ڏينهن ملهايا ٿَي.
شروعاتي ڏينهن ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ فريدون بيگ جي فئملي مرزا خسرو بيگ سان هڪ ئي گھر ۾ رهي ٿي، پر پوءِ ٻار وڏا ٿيڻ تي فريدون پنهنجي فئمليءَ لاءِ الڳ گھر ٺهرايو، جنهن ۾ مرزا جعفر بيگ، مرزا قليچ بيگ، مرزا صادق بيگ، مرزا غلام رضا بيگ ۽ ڀيڻ شرف النساء رهڻ لڳا ۽ بعد ۾ ٻي ڀيڻ زيب النساء ۽ ٻيا ڀائر هن گھر ۾ ڄاوا. هي گھر نه فقط رهائش گاهه هو، پر تعليم حاصل ڪرڻ جو مرڪز پڻ رهيو، جتي عام ڳالهين ۾ به تاريخ، شعرو شاعري، ادب ۽ فلسفو بحث هيٺ آيو ٿي. حيدرآباد ۾ انگريزي تعليم جا اڃا اعليٰ درسگاهه نه ٺهيا هئا، ان ڪري هنن کي ممبئي وڃڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ، پنجاب، مهاراشٽرا، گجرات وغيره سڀ برٽش انڊيا جو حصو هئا. ممبئي ۾ انگريزن جو ايلفنسٽن ڪاليج تمام مشهور هو، جتان مرزا جعفر بيگ جي ڀائرن مرزا صادق بيگ ۽ مرزا قليچ بيگ به تعليم حاصل ڪئي هئي.
مرزا جعفر بيگ کي پنهنجي ناني خسرو بيگ وارو ميڊيڪل جو شوق هو. مرزا خسرو بيگ جو فارسيءَ ۾ لکيل ميڊيڪل جو ڪتاب: ’طبِ خسروي‘ مشهور رهيو آهي. اسڪول جي تعليم ختم ٿيڻ تي مرزا جعفر بيگ ڊاڪٽر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هُو انگريز ڊاڪٽرن جي ڄاڻ ۽ ڪم مان پڻ متاثر هو، جن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انگريزن ۽ ميرن جو علاج ڪيو ٿي. هن ميڊيسن جي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. جعفر بيگ جو نانو مرزا خسرو بيگ وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن جي انگريزن سان به سٺي اٿ ويهه هئي. هن ان سلسلي ۾ هڪ انگريز فئملي کي چيو، جنهن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ چارٽرڊ اڪائونٽس جا فرم هئا. جعفر بيگ ڪياماڙيءَ مان انگلنڊ ويندڙ هڪ آگبوٽ (ڪَلَ تي هلندڙ جهاز) ۾ سوار ٿيو، جيئن لنڊن ۾ ميڊيڪل ڪاليج آف فزينش ائنڊ سرجن ۾ داخلا وٺي سگھي. لنڊن ۾ هي هن انگريز فئمليFinchams سان گڏ رهڻ لڳو، جتي هنن جو وڏو پٽ فرئنڪ هن جو سٺو دوست ٿي ويو. ڪجھه سالن بعد هن فرئنڪ جي ڀيڻ ادا ايلينور سان شادي ڪئي.
مرزا جعفر بيگ ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ سنڌ جو پهريون ڊاڪٽر ٿيو، جنهن لنڊن مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾ هو سرجن به ٿيو.
جعفر قلي بيگ ۽ ليڊي ادا(Ada Eleanor Fincham) کي ٻار ٿيو ته ان تي هن جي ڏاڏي جو نالو سڊني رکيو ويو. ياد رهي ته مرزا جعفر بيگ يا مرزا قليچ بيگ جي پيءَ جو جارجيا ۾ نالو سڊني هو، جيڪو پوءِ ايران ۾ مسلمان فئمليءَ بدلائي فريدون بيگ رکيو.
شادي بعد مرزا جعفر بيگ پنهنجي انگريز ڪنوار کي مائٽن سان ملائڻ لاءِ حيدرآباد پڻ ٻن مهينن کن لاءِ وٺي آيو هو، جتي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ هنن جو وڏو آڌرڀاءَ ڪيو ويو. موڪل ختم ٿيڻ تي هو واپس لنڊن آيا ۽ جعفر بيگ پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. سڊني سال جو ٿيو ته جعفر کي ليڊي ادا جي اميدوار ٿيڻ جي خوش خبري ملي پر افسوس جو ڊليوريءَ ۾ ليڊي ادا جو انتقال ٿي ويو. مرزا جعفر بيگ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ان ڳالهه جو افسوس ته جنهن پروفيشن ۾ هو آهي، ان ۾ انسانن جون جانيون بچائي ٿو، پر پنهنجي زال جي جان نه بچائي سگھيو.
زال جي وفات بعد جعفر بيگ اهم فيصلو ڪيو ته هن کي لنڊن ۾ رهڻ بدران پنهنجي اباڻي وطن موٽي وڃڻ کپي، جيئن هو اتي جي ماڻهن، خاص ڪري غريب سنڌين جي مدد ڪري سگھي. هُو پنهنجي پٽ سڊني کي نيپاج ۽ سار سنڀال لاءِ ناناڻن حوالي ڪري پاڻ ٽنڊو ٺوڙهو آيو، پر پوءِ دوستن جي زور ڀرڻ تي هن ڪراچيءَ شفٽ ڪيو، جيڪو شهر بندرگاهه هجڻ ڪري تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. هن ميري روڊ تي رهائش لاءِ گھر ورتو. هن روڊ جو ٿي سگھي ٿو هاڻ ٻيو نالو رکيو ويو هجي، جيئن Queens روڊ جو نالو مولوي تميزالدين خان(M.T. Khan) روڊ ٿي ويو آهي ۽ وڪٽوريا روڊ جو نالو عبدالله هارون روڊ.
ميري(Mary) روڊ تين تلوار واري صدر ڏي ويندڙ روڊ کان کاٻي پاسي آهي. يعني ڪلفٽن برج وٽ ٺهيل پرنس ڪامپليڪس جي ٻئي پاسي-يعني باٿ آئلنڊ ڏي. مئري روڊ جي ڀر واري روڊ جو نالو Framrose روڊ آهي. اتي چارٽرڊ بئنڪ هائوس به آهي. بهرحال مرزا جعفر بيگ اتي رهي ڪراچي جي انگريز ڊاڪٽرن سان گڏ جنهن عمارت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو اها بعد ۾ سول اسپتال ڪراچي سڏجڻ لڳي.
اهو ڪراچيءَ جو ئي شهر هو، جتي مرزا جعفر بيگ جي ملاقات هڪ ٻي انگريز عورت سان ٿي ۽ جنهن سان هُن ٻي شادي ڪئي. هيءَ عورت لنڊن کان انڊيا گھمڻ آئي هئي ۽ ڪراچي ۾ هن خوبصورت نوجوان تي عاشق ٿي پئي ۽ شاديءَ بعد ڪراچيءَ ۾ ئي رهي پئي. هن شاديءَ مان هنن کي ٽي ٻار ٿيا: گريس، اسٽينلي ۽ ايڊورڊ. وڏو ٿيڻ تي ٻارن کي جنهن اسڪول ۾ موڪليو ويو، اهو هاڻي ’دي ڪراچي گرامر اسڪول‘ جي نالي سان مشهور آهي. جعفر بيگ جي پهرين زال مان پٽ سڊني لنڊن ۾ ناناڻن وٽ رهي تعليم مڪمل ڪئي. ان بعد موڪلن ۾ هو ڪراچي ۾ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائرن سان ۽ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ پنهنجن سوٽن پڦاٽن سان ملڻ آيو.
جلد ئي مرزا جعفر بيگ ڪراچي جو مشهور ڊاڪٽر ٿي ويو. سنڌ جي مختلف شهرن کان، خاص ڪري حيدرآباد کان مريض هن وٽ علاج لاءِ اچڻ لڳا. غريبن کي هو بنا في جي تپاس ڪرڻ لڳو ۽ ميري ويدر ٽاور وٽ هن هڪ خيراتي ڊسپينسري به ٺاهي، جو ان پاسي- کارادر، ميٺا در، چاڪيواڙي ڏي غريب ماڻهو رهيا ٿي. ۽ پوءِ 1898ع اهو سال هو، جنهن ۾ پليگ وبا ڪراچيءَ کي وڪوڙي وئي. جعفر پنهنجي فئملي پنهنجي اباڻي گھر ٽنڊو ٺوڙهي ۾ موڪلي پاڻ ڏينهن رات مريضن جي خذمت ڪرڻ لڳو. ان دوران بدقسمتيءَ سان ڊاڪٽر صاحب به هن وبا جو شڪار ٿي ويو ۽ 39 سالن جي ڄمار ۾ 1898ع ۾ گذاري ويو. کيس ڪراچيءَ ۾ سندن فئملي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا زمين هنن قبرستان لاءِ خريد ڪئي هئي. سندس وفات بعد هن جا ٻار ٽنڊو ٺوڙهو ۾ مرزا قليچ بيگ سان رهڻ لڳا. سندس زال سال ٻه رهڻ بعد پنهنجي وطن انگلنڊ هلي وئي.