ڪوهه قاف جبل ڪٿي آهي؟
پوءِ گھڻا گھڻا سال گذرڻ بعد جڏهن اسان جي ماڻهن تي روس جي حقيقت کُلي ۽ ڏسڻا وائسڻا پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائيندي شرم محسوس ڪرڻ لڳا ته پوءِ مون کي واهه واهه ڪرڻ لڳا ته تو حقيقت تي ٻڌل احوال لکيو هو، پر في الحال شروع وارا سال پنهنجن سينئر اديبن جا دڙڪا کائي دل ئي دل ۾ توبهه ڪندو رهيس ته اجايو اسان جو اهو جهاز (سندربنس) اوڊيسا ويو ۽ مون کي لکڻ جهڙي شوق کان بد دل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هاڻ منهنجا هم وطن ڪلاس ميٽ جهازران منهنجي وٺ پڪڙ ڪري رهيا هئا ته اتي باقي رهيل ڪئپٽن عاشق به اچي نڪتو. تنهن کي به حيرت ٿي ته جڏهن ٻيا سڀ پاڪستاني جهازران فنلئنڊ پيا وڃن ته مون جارجيا جو رخ ڇو رکيو آهي.
”بابا، چيف صاحب شاعر ماڻهو آهي، هُو ڪوهه قاف جون پريون ڏسڻ ٿو چاهي.“ ڪئپٽن عاشق چيو.
آئون مرڪندو رهيس، جواب ۾، ”بلڪل صحيح، بلڪل صحيح“ چوندو رهيس. هُونءَ به جتي مون وڃڻ ٿي چاهيو يعني جارجيا، ڪوهه قاف جبلن جو ته علائقو آهي، جتي جي خيالي جنن، ڀوتن ۽ پرين جون ڳالهيون اسان سڀ ننڍي هوندي کان ٻڌي ٻڌي وڏا ٿيا آهيون. بهرحال هتي جي جابلو علائقن ۾ پَريون هجن يا نه، پر هتان جون عورتون به ته پرين کان گھٽ ناهن. پڙهندڙن لاءِ اهو لکڻ ضروري آهي ته جارجيا، جنهن کي پاڙي وارن ملڪن آرمينيا، آذربائيجان، ترڪي، ايران ۽ عراق جا فارسي، ترڪي ۽ عربي ڳالهائڻ وارا گرجستان ۽ جرجيا ٿا سڏين. اهو ڪوهه قاف جبل وارو ملڪ ۽ اھي جبل ڪٿي آهن؟
پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ايران آهي. اسان خشڪي رستي ڪوئيٽا کان ايران جي شهر زاهدان ۾ داخل ٿيون ٿا ۽ ايران جي ٻئي ڇيڙي جي اتراهين شهر تبريز وٽان بارڊر ٽپي ترڪيءَ ۾ داخل ٿيون ٿا. ترڪيءَ جي اتر ۾ بحرِ اسود Black Sea آهي، جيئن ايران جي اتر ۾ ڪئسپين سمنڊ آهي. ڪارو سمنڊ (بحر اسود) 437000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪئسپين سمنڊ، جنهن کي عرب بحر قضوين ۽ فارسي ڳالهائڻ وارا درياههِ خزر ۽ درياهه ڪاپسي سڏين ٿا، پکيڙ ۾ 371000 چورس ڪلوميٽر آهي.
ڪئسپين سمنڊ ۽ بحر اسود جي وچ وارو علائقو قفقاز (Caucasus) سڏجي ٿو، جنهن ۾ جارجيا (گرجستان) کان سواءِ آرمينيا ۽ ڪجھه حصا روس، ترڪي ۽ آذربائيجان اچي وڃن ٿا. جارجيا بحرِ اسود جي ڪناري تي آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ايشيا ۽ يورپ جو بارڊر ٺاهي ٿو. هن جي ساڄي پاسي يعني اوڀر ۾ ايشيائي ملڪ آهن ۽ کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ يورپ جي موسم ۽ علائقو آهي. جارجيا ڪو وڏو ملڪ ناهي، اسان جي سنڌ صوبي جي اڌ جيڏو چئي سگھجي ٿو، جو سنڌ صوبي جي پکيڙ 141000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ جارجيا جي 70000 چورس ڪلوميٽر، پر جارجيا جو سونهن ۽ جاگرافيائي لوڪيشن جو جواب ناهي. شايد اھوئي سبب آھي جو صدين کان مختلف طاقتور سلطنتون ان تي حملا ڪري قبضو ڪنديون رهيون آهن. ويندي منگولن ۽ سلطنت عثمانيه (ترڪن) به نه ڇڏيو. ترڪن کان ايرانين کسيو. 1917ع ۾ روسي انقلاب بعد جارجيا خودمختيار ريپبلڪ ٿي اڀري، جنهن جي سلامتي جو ذمو جرمنيءَ کنيو ٿي، پر پهرين جنگِ عظيم ۾ روس جارجيا تي حملو ڪري هن کي سوويت يونين ۾ ملايو. 1991ع ۾ USSR جي ٽٽڻ بعد ھاڻ جارجيا هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. تبلسي جارجيا جي گاديءَ جو شهر آهي، جيڪو 1936ع کان اڳ تفليس سڏيو ويو ٿي.
جارجيا جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ هڪ ٻئي جي سڌائيءَ ۾ جبلن جون قطارون آهن، جيڪي اولهه کان يعني بحرِ اسود کان شروع ٿي اوڀر طرف ڪئسپين سمنڊ تائين وڃن ٿيون. هنن جي ڊيگھه 1200 ڪلوميٽر کن آهي ۽ ويڪر 160 ڪلوميٽر. اتر ۽ ڏکڻ جبلن جي قطارن ۾ 100 کن ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. هي جبل يورپي ٻولين ۾ ته Caucasus سڏجن ٿا پر اسان وٽ عربي، فارسي، ويندي سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ قفقاز، ڪاڪيشن ۽ ڪوهه قاف جبل سڏجن ٿا. جبلن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل رهن ٿيون، جن جي ڳرڻ سان ڪيتريون ئي نديون ڦٽن ٿيون ۽ جارجيا کي سرسبز ڪن ٿيون. هنن جبلن، ڪوهه قاف جبلن سان سچين، ڪوڙين ۽ من گھڙت ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن جو مختلف ملڪن جي ادب ۾ ڪاٿو ئي ڪونه آهي. هتي جي موسم نه اسان جهڙن ملڪن جهڙي گرم آهي ۽ نه ناروي، سئيڊن جهڙن ملڪن جهڙي سخت سرد. هتي جا ماڻهو ڳاڙهي ۽ اڇي چمڙيءَ جا آهن، جن کي توهان يورپي به چئي سگھو ٿا ته ايشين به. هُونءَ به جارجيا (گرجستان) يورپ ۽ ايشيا کنڊ جي سنگم تي آهي. هنن جي پنهنجي جارجيائي يعني گُرجي ٻولي آهي، جنهن جي لکڻي سمجھو ته تامل، سنهالي ۽ برميءَ جيان آهي. گرجي کان سواءِ روسي، آرميني ۽ آذري ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون، جو ظاهر آهي اهي ملڪ جارجيا جي پاڙي جا آهن. جارجيا جو سڀ کان مٿاهون هنڌ مائونٽ شِڪارا آهي. ندين لاءِ لکي چڪو آهيان ته ڪيتريون ئي آهن، پر سڀ ۾ وڏيون ڪورا (Kura) ۽ ريوني (Rioni) آهن. هن پاسي نديءَ کي درياهه ئي سڏين ٿا، جيڪو فارسي لفظ ته آهي پر هن پاسي جي ٻين ٻولين ۾ به اهو لفظ آهي. جيئن ڪارا لفظ نه فقط اسان وٽ Black آهي، پر هن پاسي به اهو ئي لفظ استعمال ٿئي ٿو. جارجيا جي گاديءَ جو شھر تبليسي (Tbilisi) ڪورا درياهه جي ڪناري تي آهي، جيئن هالا پراڻا يا ڄامشورو سنڌوءَ جي ڪناري تي آهن. بندرگاهن ۾ ڏٺو وڃي ته باتومي (جتي مون وڃڻ ٿي چاهيو) کان سواءِ پوٽي ڪليو ۽ سپسا بندرگاھ پڻ جارجيا ۾ آهن. هُونءَ هتي اهو به لکندو هلان، جيڪو هن وقت ڌيان ۾اچي ويو آهي ته ھي ’جارجيا‘ ڪوهه قاف جبلن واري ملڪ جو نالو آهي ۽ هڪ جارجيا آمريڪا جي رياست پڻ آهي، جنهن جي بندرگاهه سوانا ۾ اسان کي اڪثر جهاز وٺي وڃڻو پيو ٿي ۽ اتي جي سفرنامن ۾ مون ان جارجيا جو ذڪر ڪيو آهي.