سنگاپور جو مشهور جج چُورسنگهه سِڌُو
هنن سک قيدين بعد سگھو ئي ٻيا سک، جن انگريزن جي پوليس ۽ فوج ۾ نوڪري ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري، انهن کي ملايا موڪليو ويو. ملايا ۾ انهن کي خوشحال زندگي گذاريندو ڏسي، پنجاب کان ڪيترائي بيروزگار هنرمند ۽ بي هنر ملايا اچڻ لڳا، جن ۾ شروعاتي سکن چوڪيداري ۽ ڍڳيون پالڻ جو ڪم ڪيو، پوءِ ڪي ملايا جي مختلف رياستن ۾ رهڻ لڳا، خاص ڪري ڪيداح ۽ پينانگ ۾ ته، ڪي سنگاپور ۾ به. ملائيشيا کي آزادي ملڻ وقت سنگاپور ملايا سان ئي شامل هو پر پوءِ ٽن سالن کان پوءِ ملايا وارن سنگاپور کي پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ هزار ميل کن ڏُور بورنيو ٻيٽ تي صباح ۽ سراواڪ رياستن کي پاڻ سان ملائي هڪ نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو.
ملائيشيا وانگر سنگاپور ۾ به ٽي قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين. پر سنگاپور ۾ ملئي ڪي 20 سيڪڙو مس آهن. 70 سيڪڙو چيني آهن، باقي 10 سيڪڙو انڊين ۾ وڏو حصو ڏکڻ هندوستان جي تامل مدراسين جو آهي، جو سنگاپور مدراس صوبي سان ڳنڍيل هو. سنگاپور ۾ ريلوي، پوک ۽ روڊ رستا ٺاهڻ جهڙن ڪمن لاءِ ڏکڻ هندوستان کان ماڻهو موڪليا ويا ٿي، جن تامل، تيلگو، ڪنهڙ ۽ مليالم ٻوليون ڳالهايون ٿي. انهن لاءِ ملايا توڙي سنگاپور ۾ تامل اسڪول کوليا ويا، جهڙا مدراس ۾ هئا.
سنگاپور ۾ جيڪي 10 سيڪڙو کن ننڍي کنڊ جا ماڻهو رهن ٿا، اهي سڀ انڊين سڏجن ٿا. انهن انڊين ۾ وڏو حصو سائوٿ انڊين آهن، باقي ننڍي حصي ۾ گجراتي، سک، سنڌي هندو، بنگالي، پارسي، ڪشميري رهن ٿا. سو ڏٺو وڃي ته سنگاپور ۾ انڊين جي اقليت ۾ سک ڪميونٽي ته اڃا به وڌيڪ منارٽيءَ ۾ آهن. ويجھڙائيءَ ۾ ورتل آدمشماريءَ مطابق سنگاپور ۾ 15 هزار کن سک رهن ٿا. سکن جي عبادت لاءِ ست گردوارا آهن. انهن کان سواءِ هڪ تبليغي سوسائٽي، هڪ ويلفيئر سوسائٽي، ٻه نوجوانن جون سوسائٽيون ۽ ٻه راندين جا ڪلب آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور توڙي ملائيشيا ۾ رهندڙ سک راندين ۾ هوشيار آهن. هُو قداور ۽ صحتمند آهن. هُونءَ ته ڪو زمانو هو جو سِک معنيٰ چوڪيدار، دربان. 1970ع تائين به اهو حال ڏٺوسين، پر پوءِ سکن جي اولاد پڙهي لکي مختلف ادارن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو.
سنگاپور جي ڪجھه مشهور سکن جا هن وقت نالا ياد اچي رهيا آهن، جن مان سڀ کان گھڻو مشهور سِکُ منهنجي نظر ۾ سنگاپور جي سپريم ڪورٽ جو جج چُور (Choor) سنگھه چئي سگھون ٿا. ڇا ته لاجواب جج ۽ نيڪ انسان ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي زندگي پنهنجي ملڪ (سنگاپور)، پنهنجي مذهب ۽ پنهنجي ماڻهن جي خذمت ۾ گذاري ڇڏي. سکن جو احوال لکي آئون به ٿڪجي پيو آهيان، پر جڏهن سوچيان ٿو ته انهن جو احوال لکڻ مان ڪو فائدو به آهي يعني پنهنجي پڙهندڙن- خاص ڪري نوجوان ٽهيءَ کي لاڀ ملي سگھندو؟ جواب ۾ هائوڪار محسوس ڪريان ٿو.
اڄ جا ڪيترا نوجوان سوين سُکَ ۽ سهوليتون هوندي به پاڻ کي مايوسيءَ جو شڪار محسوس ڪن ٿا. انهن لاءِ سِکن جون هي ڳالهيون ۽ هنن جون جدوجهدون هڪ قسم جو اتساهه (Inspiration & Motivation) ثابت ٿي سگھن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو جسٽس چُور سنگهه سِڌوءَ جي زندگيءَ تي به ڪجھه سٽون لکڻ چاهيان ٿو، جنهن لاءِ آئون اهو چئي سگھان ٿو ته مون سي ڏٺا ماءِ... يا اهو چئي سگھان ٿو ته مون جسٽس سڌوءَ جھڙي هڪ عظيم انسان کي آمهون سامهون ڏٺو، هن سان ڳالهايو ٻولهايو ۽ جيتوڻيڪ چرچن چرچن ۾ اهو به چيو ته توهان جي ڪهاڻي لکڻ کپي پر ان وقت ته ٻيون ڳالهيون ئي لکڻ لاءِ کوڙ هيون، جيڪي آئون جهاز هلائڻ دوران توڙي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻ دوران پنهنجن ڪالمن ۽ سفرنامن ۾ لکندو رهيس. اڄ انيڪ سال گذرڻ بعد جڏهن جسٽس سِڌوءَ کي هي جهان ڇڏئي به ٻارنهن سال ٿي ويا آهن، ته سندس ياد اوچتو ئي اوچتو اچي وئي آهي ۽ پڙهندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جسٽس سِڌُوءَ جهڙا به نيڪ ۽ سخي انسان، خدا جو خوف رکندڙ ۽ بنا خوف جي حق جو فيصلو ڪرڻ وارا هن دنيا ۾ رهي ويا ۽ هن هڪ ٻئي ملڪ ۾ هيڏي پوسٽ تي پهچڻ لاءِ ڪيڏي محنت ڪئي. سِک ڪي امير نه آهن. ها راجا رنجيت سنگھه وٽ دولت ۽ ڪوهه نور هيرو هو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هر سک امير هو ۽ آهي. راجا رنجيت سنگھه جو پئسو ته سندس پٽ دُليپ سنگهه جي ڏينهن ۾ ئي دُڦَ ٿي ويو. اڄ به ڪيترا سک ڪُڙمي ۽ مزور آهن، پر سندن ان ڪلچر ۽ عادت جي تعريف ڪبي ته گھڻي ڀاڱي هر هڪ خوش مزاج طبيعت رکي ٿو، محنت ڪري ٿو، اجائي خرچ کان پرهيز ڪري ٿو ۽ پاڻ بکون ڪاٽي به پنهنجي اولاد کي سماجي توڙي معاشي طرح خوشحال بڻائي ٿو.
سنگاپور جي سپريم ڪورٽ جو هي جج جسٽس چُور سنگھه ڪو منهنجو همعمر يا دوست نه هو. عمر ۾ ته هُو منهنجي والد کان به يارنهن ٻارنهن سال وڏو هو. ٻي ڳالهه ته اڄ جي دور ۾ ته ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان ملڻ واقعي ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ان ۾ ڪجھه دهشتگرديءَ جو به پهلو اچي ويو آهي، نه ته 1980ع تائين ته ملائيشيا جي گورنرن ۽ چيف منسٽرن جهڙن اهم ماڻهن جي آفيسن جا به دروازا کليل رهيا ٿي، ڇا جون اڳواٽ جون appointments، ڇا جا سڪيورٽي گارڊ! شروع واري ڪمري ۾ ويٺل سندن سيڪريٽريءَ کي هٿ جي اشاري سان هيلو هاءِ ڪري صاحب جي ڪمري ۾ گھڙي پئبو هو. البت انگريزن جي جھونن قاعدن موجب جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به ساڳيا رهندا اچن، ججن کي جنهن تنهن سان ملڻ جي آزادي نه هوندي هئي، پر حالتون منهنجي فئوَر ۾ هيون، جو نئين جهاز کي سنگاپور ۾ وٺي اچڻ تي ۽ هڪ ٻه دفعو اسان جي قومي ڏينهن تي سنگاپور بندرگاهه ۾ هجڻ تي ملڪ طرفان ملهايل فنڪشن تي جسٽس سِڌوءَ سان اسان جي جهاز تي ملاقاتون ٿيون. 1980ع ۾ سندس رٽائرمينٽ بعد جڏهن آئون ڏهاڪو کن سال ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اچي رهيس ته پوءِ ته هيڪاندو هن سان ملڻ ٿيندو رهيو، جو ان وقت هُو رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو هو. هُو ليکڪ هڪ طرف هو ته سماجي ڪارڪن ٻئي طرف.
چُور سنگھه سِڌو 1911ع ۾ پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. هُو چئن سالن جو هو ته پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ آگبوٽ ذريعي ڪلڪتي کان سنگاپور پنهنجي پيءُ وٽ آيو، جيڪو ٻيڙين جي تڙ (Boat Quay) وٽ هڪ گدام جو چوڪيدار هو. هڪ چوڪيدار جو ڇا پگھار ٿي سگھي ٿو، پر هن پنهنجي پٽ کي پاڙهڻ چاهيو ٿي. چُور سنگھه پنهنجي پرائمري ۽ مڊل تعليم پرلس هِل پرائمري اسڪول ۽ آئوٽرام روڊ اسڪولن جهڙن سرڪاري ۽ خيراتي اسڪولن مان حاصل ڪئي، جتي پهچڻ لاءِ هو ٻڌائيندو هو ته کيس روزانو 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو ٿي. غربت ڪري هنن جي گھر ۾ بلب به نه هو. رات جو گھٽيءَ ۾ ٻرندڙ فانوس هيٺان ويهي پڙهندو هو. رستي تي لڳل ڌمڻ واري نلڪي تي وهجندو هو ۽ ڪاڪي ليما (Kaki Lima) ۾ سمهي رهندو هو. ڪاڪي ليما ملئي لفظ آهي، جيڪو اس کان بچاءُ لاءِ دڪانن اڳيان ٺهيل ڇپرو ٿئي ٿو. ڪاڪي معنيٰ پير، ليما معنيٰ پنج. انهن ڏينهن ۾ پنج پيرن يعني پنج فوٽ کن ويڪر جي هر دڪاندار پنهنجي دڪان اڳيان اڏاوت ٺاهيندو هو، جيئن سندس دڪان ۽ ان اڳيان بيٺل خريدار مِينهن جي ڦڙين ۽ اس کان بچي سگھن. اهو سڏبو ته ڪاڪي ليما هو پر ضروري نه آهي ته پنج فوٽ هجي، ان کان وڌيڪ ويڪرو يا سوڙهو به ٿي سگھيو ٿي.
چُور سنگھه پنهنجي ذهانت ۽ محنت ڪري سٺين مارڪن ۾ پاس ٿيو، جنهن ڪري هن کي سنگاپور جي رئفلس ڪاليج ۾ اسڪالرشپ سان داخلا ملي وئي، جتان هن 1929ع ۾ ٽاپ ڪلاس ۾ سينئر ڪئمبرج ڪئي. سنگاپور جو چيف منسٽر ڊئوڊ مارشل به هن جو ڪلاس ميٽ هجڻ ڪري، هن جو اتي دوست ٿيو.
جسٽس چُور سنگھه بعد ۾ اسڪالر ملڻ تي انگلنڊ ويو. وڪالت پڙهيو ۽ لنڊن جي مشهور اداري Grays Inn مان بئريسٽر ٿيو ۽ 1960ع ۾ سنگاپور جو ڊسٽرڪٽ جج ٿيو. ٽن سالن بعد، يعني 1963ع ۾ هو سپريم ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ 1980ع ۾ ستر سالن جي ڄمار ۾ رٽائرڊ ٿيو. ان بعد هو سماجي ۽ ڌرمي ڪمن سان گڏ ڪتاب به لکندو رهيو. ڪٿي ڪنهن اسڪول ۾ فنڪشن هوندو هو يا سکن جي ڪنهن گردواري يا ڌرمي رسم جو بنياد رکيو ويو ٿي ته هو اتي پڻ نظر آيو ٿي. ڪو سک هجي، هندو يا ملئي مسلمان، هو پنهنجي حيثيت آهر هن جي مدد ڪندو رهيو ٿي. هن غربت جا ڏکيا ڏينهن ڏٺا هئا، ان ڪري هن کي ضرورتمندن جي تڪليفن جو احساس رهيو ٿي. شهر ۾ جتان به لنگھيو ٿي ته ساڻس ملڻ وارن عقيدتمندن جو هجوم رهيو ٿي. سنگاپور شهر يا سڄو ملڪ ئي ڪيڏو آهي، خاص ڪري انهن ڏينهن ۾ ته سنگاپور هڪ ڳوٺ جيان هوندو هو. سنگاپور جي پکيڙ ئي ڇا آهي! سکر شهر کان ٻيڻ جيترو 700 چورس ڪلوميٽر آهي. سکر ضلعي جي ته ستين حصي جيڏو ٿيو! سو اهڙي ٻيٽ تي چند اهم ماڻهن کي سڃاڻڻ ڏکيو ڪم ناهي.
جسٽس چُور سنگھه کي ان ڳالهه به مشهور ڪيو ته هُو نه فقط قابل جج هو پر دلير پڻ. هڪ اقليت جو ماڻهو ٿي ڪري هن ڪنهن جي به پرواهه نٿي ڪئي. ڀلي ڪو وزيراعظم لي ڪئان يو جو چيني امير مائٽ هجي يا ملڪ جو وڏو گئنگسٽر. هن تڪڙو انصاف ڪيو ٿي ۽ ڏوهاريءَ کي ڦاهي ڏيندي به ويرم نٿي ڪئي. ان ڪري وڏا وڏا چور ٺڳ، ڏوهاري سڌا ٿي ويا. نه ته سنگاپور ڪو شريفن جو ملڪ نه هو. هر ’دو نمبري‘ شئي هتي وڪامي ٿي. ڏينهن ڏٺي جو به اڪيلي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڊپ ٿيندو هو ته ڪو کيسو نه ڪتري وڃي، ڪو جعلي نوٽ نه ڏئي وڃي. جُوا خانا، شراب خانا، دنيا جون رنڊيون کنڊيون هتي هونديون هيون. ٿائلنڊ پوءِ مشهور ٿيو، ان کان اڳ ۾ چڪلن ۽ مساج گھرن جون قطارون سنگاپور ۾ هونديون هيون، پوءِ وزيراعظم ٿيڻ تي لي ڪئان يو ڏوهارين کي سڌو ڪرڻ جو عزم ڪيو. اسان جي جهاز جو وڏي عمر وارو چرچائي ريفريجريشن انجنيئر محمود خان سنگاپور جي اخبار ۾ لي ڪئان يو جا اهي بيان پڙهي کلندو هو ته هي وڪيل صاحب ڇا سنگاپور جي بدمعاش چينين کي سڌو ڪندو! اهو مائوزي تنگ آهي، جنهن ڏنڊي جي زور تي چين جي چينين کي سڌاري ڇڏيو، پر پوءِ دنيا ڏٺو ته لي ڪئان يو نه فقط سخت قاعدا قانون ٺاهيا، پر انهن تي عمل به ڪرايو. هن هر اداري کي خودمختيار ۽ مضبوط بڻايو، جن ۾ انصاف و عدل(Judiciary) به هڪ هو، جنهن جو مثال مٿيون جج هو، جنهن انصاف ڏيڻ ۾ دير نٿي ڪئي. هن طاقتور ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن کي به ڦاهيءَ تي لڙڪائي ڇڏيو. جسٽس چُور سنگهه کان اڳ ۾ سنگاپور ۾ ڪنهن ڏوهاري عورت کي ڦاهي نه آئي هئي. هي پهريون جج آهي، جنهن ’ميمي وانگ‘ نالي هڪ ڪئبري ڊانسر چيني عورت کي به ڦاهيءَ جي سزا ڏئي ڇڏي، جنهن 1970ع ۾ پنهنجي جپاني عاشق جي زال جو قتل ڪيو. هي ڪيس سال ڏيڍ هلندو رهيو ۽ ان جون سنسني خيز خبرون سنگاپور جي اخبارن ۾ پهرئين صفحي تي اينديون هيون ۽ اسان جو جهاز هانگ ڪانگ يا جپان ڏي ويندي يا اتان ڪراچيءَ لاءِ موٽندي رستي ۾ سنگاپور ۾ ترسندو هو ته اسان وڏي تجسس سان ان ڪيس جون تازه ترين خبرون معلوم ڪندا هئاسين. دراصل هاڻ ياد آيو ته اسان هن سِک جج جو نالو هن ڪيس جي حوالي سان ٻڌو، جنهن تي اثر رسوخ وارن ماڻهن جو ڪافي پريشر پئجي رهيو هو ته هن ڪيس کي لوڙهيو وڃي، پر هر هڪ جي زبان تي هو ته سک جج تمام سخت ۽ انصاف پسند آهي. هُو پنهنجي رب کان علاوه ڪنهن کان نٿو ڊڄي. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي جهاز چناب تي دعوت ۾ اسان جي سنگاپور آفيس جي نمائندي مون کي دعوت ۾ آيل هن جج بابت ٻڌايو ته هي جج مومي وانگ جو ڪيس پيو هلائي يعني ان وقت تائين ناچڻي مومي وانگ اسان لاءِ وڌيڪ اهم هئي، جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جهاز واران لاءِ اهڙين رنڊين کنڊين جون خبرون ۽ جاسوسي ناول ئي دلچسپيءَ جو سبب هوندا هئا. بهرحال، پڙهندڙن لاءِ مومي وانگ جو قصو اڳتي هلي ٿو لکان. هتي جسٽس چُور سنگهه سِڌوءَ جو قصو ختم ڪرڻ لاءِ لکندو هلان ته 1980ع ۾ جج جي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو سماجي ڪم ڪرڻ لڳو. مون به ان بعد سگهو ئي 1981ع ڌاري جهاز جي نوڪري ڇڏي ڏني، پر ٻئي سال 1982ع کان ڪناري جي نوڪري لاءِ ملائيشيا ئي اچي رهڻو پيو ۽ ملائيشيا کان سنگاپور ائين اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، جيئن ڪراچيءَ کان هالا. عيد برات، ڪرسمس هاليڊي کان علاوه مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا شاپنگ لاءِ سنگاپور اچڻو پوندو هو، جو ملائيشيا ۾ اڃان ڪي اهڙا شاپنگ سينٽر نه کليا هئا. سنگاپور ۾ مڙيئي سستا ۽ Sale وارا دڪان عام ٿيڻ لڳا هئا. جج صاحب سان به ڪڏهن ڪڏهن خبرچار ٿيندي هئي. هُو مون کان 35 سال وڏو هو. سکن جون، خاص ڪري هن پاسي جي سِکن جون خبرون هُونءَ به دلچسپ هونديون آهن، جج صاحب ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ زماني جو ماڻهو هو. مون کي سندس اها خوبي وڻندي هئي ته هُو نيڪ ۽ اصول جو ماڻهو هو. هر هڪ جو خير گھرندڙ هو. ههڙن ماڻهن لاءِ آئون هميشه اهو سوچيندو آهيان ته هنن جو دين ڌرم کڻي ڪهڙو به هجي، پر سندن ڪم اهي آهن، جن لاءِ اسلام اسان مسلمانن کي تاڪيد ٿو ڪري. هميشه سچ ڳالهائڻ، وڏن جي عزت ڪرڻ، ننڍن کي نصيحتون ڪرڻ ۽ پيار ڏيڻ، خير خيراتون ڪرڻ... لاجواب انسان هو. کيس ننڍي هوندي کان ڪرڪيٽ ۽ گولف کيڏڻ جو شوق رهيو. سندس زال ’ڀڳوان ڪور‘ به هڪ غريب سک جي ڌيءُ چون ٿا. هن کي يا جج جي ٻارن کي مون ڪڏهن ٽانءَ ٽيڙيءَ ۾ نه ڏٺو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته جسٽس صاحب جو شان ملڪ جي وزيراعظم لي ڪئان يو برابر هو. کيس ٻه پٽ: دُليپ سنگھه (اداڪار دليپ ڪمار وارو نالو دِليپ نه پر مهاراجا رنجيت سنگھه جي ننڍي پٽ شهزادي دُليپ سنگھه وارو نالو Duleep هو) ۽ ٻيو ڊاڪٽر دلجيت سنگھه آهي. ڌيءَ جو نالو منجيت ڪور آهي.
سنگاپور جي هن سک جج جي اها به عظمت آهي ته هُو 1949ع ۾ مئجسٽريٽ ٿيو، ان بعد 1960ع ۾ ڊسٽرڪٽ جج ٿيو ۽ 1963ع کان 1980ع تائين سنگاپور جي سپريم ڪورٽ جو جج رهيو. هيترا سال سرڪاري نوڪريءَ ۾ وڏن عهدن تي رهي هن ڪي ملڪيتون ۽ مال نه ٺاهيا. سڄي عمر سادگيءَ ۾ رهيو ۽ آخر تائين هڪ سادي گھر ۾ رهيو. سندس ٻار عام ٻارن وانگر تعليم حاصل ڪندا رهيا ۽ محنت سان پنهنجي پيءُ وانگر هميشه نمبر کنيائون. سنگاپور ۾ رهندڙ هر ماڻهو-خاص ڪري سِکَ کيس وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اهو سنگاپور جي سکن جو پيار آهي، جن 18 نوين (Niven) روڊ واري سڀ کان اهم گُردواري جو 1994ع ۾ جسٽس صاحب کان پيڙهه جو پٿر رکرايو. سکن جو هي گردوارو سنگاپور ۾ سڀ کان Latest آهي. ان کان پهرين وارن گردوارن جا نالا اڳتي هلي لکان ٿو.
جسٽس چُور سنگھه صاحب پنهنجي قبر جي ڪُتبي لاءِ مواد پاڻ ئي لکي ڏئي ويو هو. 31 مارچ 2009ع تي وفات ڪيائين ۽ ٻئي ڏينهن پهرين اپريل تي سنگاپور جي انگريزي اخبار ’دي اسٽريٽ ٽائيمس‘ ۾ سندن هي ڪتبو(epitaph) ڇپيو هو:
I came here by His grace,
After toiling in many lower lives.
I have done my duty to my State,
To my community and my Faith.
I leave now as ordained by my fate,
To meet Him and sit at His Lotus feet.