ملائيشيا جو سِکُ پوليس آفيسر
اسهار سنگھه جي ٻارن يعني پوليس ڪمشنر امر سنگھه ۽ ان جي ڀيڻ ٻڌايو ته هنن جا ڏاڏاڻا پنجاب ۾ امرتسر ڀرسان ٻهراڙيءَ ۾ رهيا ٿي، جن هارپو ڪيو ٿي. ان مان هنن جو صحيح طرح سان سفر گذر نٿي ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ جا ماڻهو سٺي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ زئنزيبار، ڪينيا ويندي موريشس ۽ فجي وڃي رهيا هئا، جتي پڻ گھڻو تڻو پوک ڪرڻي پئي ٿي، پر انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري هنن کي ريل جي ڪمن ۽ پوليس کاتي ۾ به نوڪري ملي وئي ٿي.
”اسان جي پيءُ اسهار وٽ 80 رپيا هئا. هو ڪنهن طريقي سان امرتسر کان ڪلڪتي پهتو، جتان اسٽيمر ذريعي پينانگ آيو.“ ڪمشنر امر سنگھه جي ليڪچرار ڀيڻ ٻڌايو، ”هيءَ 1938ع جي ڳالهه آهي، جڏهن هُو 18 سالن جو هو. هن کي انگريز سرڪار جو پوليس وارو ٿيڻ جو شوق هو ۽ جيسين ڪو موقعو ملي تيسين هو پينانگ ۾ هتي هُتي پورهيو ۽ مزوري ڪندو رهيو.“
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سال کن جي ڀڄ ڊوڙ بعد 1939ع ۾ هن کي پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي وئي ۽ پوليس جي سخت ٽريننگ بعد هن جي پهرين پوسٽنگ پيراق رياست جي سيتياوان شهر ۾ ٿي هئي. هتي اهو به لکندو هلان ته جيتوڻيڪ سِکَ ملائيشيا جي هر رياست ۾ نظر اچن ٿا پر سڀ کان گھڻا پيراق رياست ۾ آهن، جو شروع جي ڏينهن ۾ ماڻهن سمنڊ رستي سفر ڪيو ٿي ۽ ننڍي کنڊ کان هن پاسي اچڻ وارن لاءِ هندي وڏو سمنڊ ٽپڻ بعد پيراق ۽ ڪيداح ملايا جون شروعاتي رياستون هيون. پيراق رياست ۾ سڀ کان گھڻا سکن جا گردوارا پڻ آهن. منهنجو ليڪچر لاءِ پيراق رياست جي ڪاليجن ۾ وڃڻ ٿيندو هو، جتي جي مختلف شهرن: تائپنگ، چيمور، ڪوالاڪنگسار، اپوح، مالم نوار، پسنگ، بدور وغيره ۾ ته هڪ هڪ ٻه ٻه آهن، پر ننڍن ڳوٺن: تنجنگ مالم، باتو گاجاح، ترونوح، لحات، باگان سراءِ، سلم رور ۽ تاپاح ۾ به هڪ عدد گردوارو نظر اچي ٿو. سنڌ صوبي جي ڇهين حصي جيڏي پيراق رياست (جنهن جي جملي آدمشماري 24 لک آهي، جنهن ۾ سک ڏهائي ٻه سيڪڙو مس آهن، يعني ڪي 4800 کن) 42 گردوارا آهن. لکڻ جو مطلب اهو آهي ته ملائيشيا ۾ نه فقط سکن جا پر هندن، عيسائين، ٻڌن ۽ چينين جا به عبادت گھر موجود آهن. اسلام کي هتي ڪو خطرو ناهي. ڪنهن جو ڪنهن سک يا عيسائيءَ سان ذاتي جھيڙو ٿئي ٿو ته هو هن جا عبادت گھر نه ڊاهي ٿو نه ساڙي ٿو. حڪومت توڙي عوام ٻين جي عبادتگاهن ۽ ڪلچر جو خيال ڪن ٿا. دنيا جا ٽوئرسٽ هي شيون ۽ آزادي ڏسي ملئي ماڻهن ۽ اسلام ۾ برداشت جي مادي(tolerance) جي واکاڻ ڪن ٿا.
ٻي ڳالهه اها به لکڻ چاهيان ٿو ته اڄ کان سئو سال کن اڳ جڏهن ننڍي کنڊ جا پٺاڻ، سک، پنجابي، پارسي، تامل، بنگالي وغيره پورهئي ۽ مزوريءَ لاءِ يا انگريز راڄ جي پوليس ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿي هتي آيا ته ان وقت انڊيا جون حالتون خراب هيون، ته هيڏانهن جون به ڪي بهتر نه هيون. جهڙو تهڙو روزگار کڻي ملي ويو ٿي، پر ٻيون حالتون ڏکوئيندڙ هيون. اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو مٽ مائٽ ڇڏي، پراڻن آگبوٽن ۽ سڙهه وارن ٻيڙن ۾ ڪشالا ڪڍي، هتي پهتا ٿي جتي سخت پورهئي سان گڏ، هتي جي خراب موسم ۽ نانگن بلائن ۽ زهريلن جيتن کي پڻ منهن ڏنو ٿي. انهن ڏينهن ۾ نه مڇرن ڀڄائڻ جي چرخي يا فِلٽ هئي ۽ نه مليريا جي بچاءُ لاءِ ڪا ايجاد ٿيل دوا. سر اسٽئمفورڊ رئفلس جهڙا ڪئين انگريز مليريا وگھي ننڍي عمر ۾ مري ويا.
ملائيشيا جي پوليس ڪمشنر جي پٽن ٻڌايو ته هنن جو ڏاڏو ۽ پيءُ اڄ به پنهنجي اباڻي وطن پنجاب ويندا رهن ٿا، جتي سندن والد امر سنگھه جا سوٽ ماسات رهن ٿا. امر سنگھه کي ٽي پٽ آهن: ڊاڪٽر هرپريت سنگھه، ٻيو هرپريم سنگهه جيڪو چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ سڀ ۾ ننڍو انيل پريم سنگھه، جنهن او ليول پئي ڪئي، هينئر جي خبر نه اٿم ته اهو ڪهڙي فيلڊ ۾ ويو آهي. امر سنگھه ٻڌايو ته هن جا پنجاب ۾ رهندڙ سئوٽ ماسات اڄ به اتي هارپو ڪن ٿا. اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته هن جي والد اسهار سنگھه اڄ کان 80 سال اڳ پنهنجو وطن ڇڏي پرديس ۾ اچڻ جو صحيح فيصلو ڪيو. هُو ڇا چوندا آهن ته ’حرڪت ۾ برڪت آهي‘ يا ’ڦُول وه سُرها هوا جو چمن سي نڪل گيا.‘ هن جي فيصلي ۽ محنت سندس سڄي ڪٽنب جي زندگي بدلائي ڇڏي.
ملائيشيا جو پوليس ڪمشنر امر سنگھه ڏٺو وڃي ته ملائيشيا ۾ رهندڙ سکن جي ٽئين نسل (جنريشن) جو ماڻهو ٿيو. هن کان اڳ سندس پيءُ اسهار سنگھه پوليس ۾ هو ۽ ان کان به اڳ امر سنگھه جو نانو ’بچن سنگھه‘ پوليس ۾ ڪانسٽيبل هو. اسهار سنگھه 1938ع ۾ پنجاب کان ملايا آيو. بچن سنگھه ان کان به ٽيهارو سال اڳ ملايا ۾ آيو ۽ 1940ع ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ رٽائرڊ ٿيو يعني امر سنگھه جي پيءُ کي پوليس ۾ نوڪري ملڻ بعد ٻه سال رکي، بچن سنگھه انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ ملايا جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪئي، جن ۾ ڪئالا ڪُوبو بارو، ڪئالا لپيس ۽ رئوب ’Raub‘ (جتي امرسنگھه جي ماءُ ڄائي) ڪجهه شهر آهن. اڳتي هلي هن جي شادي امر جي پيءُ اسهار سنگھه سان اپوح ۾ ٿي.
هڪ ڳالهه جيڪا پڙهندڙن لاءِ به غور طلب آهي ته ڪمشنر امر سنگھه جو پيءُ اسهار سنگھه، جيڪو بنيادي طرح ٻهراڙيءَ جو هڪ هاري ماڻهو هو، بعد ۾ ملايا ۾ اچي هن کي ڪا وڏي نوڪري ته نه ملي. هُو هڪ عام پوليس وارو ٿي رهيو. نه وري هن کي ڪا وڏن جي ملايا ۾ ملڪيت هئي. هُو زال ۽ ٻارن سان سڄي عمر مسواڙ جي گھرن ۾ رهيو. رٽائرڊ ٿيڻ وقت به هن وٽ ڪا پاڇي نه هئي، تڏهن ته 60 سالن جي عمر ۾ پيٽ گذر لاءِ چوڪيداري ڪيائين. اهڙي طرح سندس زال (يعني بچن سنگھه جي ڌيءَ) به هڪ غريب پوليس واري جي ڌيءَ هئي، پر اهو سوچيو ته ٻئي ڄڻا يعني پوليس ڪمشنر امر سنگھه جا ماءُ پيءُ ڪيڏا ڏورانهين سوچ رکڻ وارا(Visionary) هئا. هُو سخت ڊسيپلينرين هئا ۽ هنن چاهيو ٿي ته سندن اولاد محنت ڪري تعليم حاصل ڪري. امر سنگھه جي پوليس واري پيءُ اسهار سنگھه ان ۾ اعتقاد ٿي رکيو ته تعليم انسان جي تقدير بدلايو ڇڏي. هن کي يقين هو ته تعليم ئي هڪ اهڙي شئي آهي جيڪا سندس اولاد جي به قسمت بدلائي سگھي ٿي ۽ اها ئي ڳالهه سندس زال (يعني امر سنگھه جي والده) صحيح ٿي سمجھي. والدين جي محنت هڪ ڏينهن رنگ لاتو ۽ سندن ٻار يعني امر سنگھه ۽ سندس ڀينرن يونيورسٽي ملايا (UM) مان گرئجوئيشن ڪيو. هن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملڻ ۽ گرئجوئيشن ڪرڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ناهي. هن سِک فئمليءَ جي ٻارن ضرور پهرين ڪلاس کان وڏي محنت ڪري پڙهيو هوندو ۽ مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ پوزيشن کنئي هوندي، تڏهن ته ’يونيورسٽي ملايا‘ ۾ کين داخلا ملي هوندي. اڄ جڏهن ملائيشيا ۾ ڪيتريون ئي فارين يونيورسٽيون آهن، ان هوندي بهUM (يونيورسٽي ملايا) ٽاپ تي آهي. هن يونيورسٽيءَ جون خبرون سنڌ جي شاگردن کان پڇي سگھو ٿا، جن هن يونيورسٽيءَ مان Ph.D. ڪئي آهي. ڪجھه جا نالا جن سان منهنجي آخري سالن ۾ ملاقات ٿي، انهن مان رمضان خاصخيلي، اسحاق مستوئي، حفيظ ٻٻر آهن. منهنجي خيال ۾ ٽنڊو قيصر جو ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻي به هن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر خان محمد قريشي، جنهن ڪيميڪل انجنيرنگ ۾Ph.D. ڪئي ۽ ڊاڪٽر جاويد لغاري جنهن اليڪٽيڪل انجنيرنگ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي.
بهرحال امر سنگهه جون ڀيڻيون پروفيسر آهن. 1982ع ۾ يونيورسٽي آف ملايا مان B.Sc. ڪرڻ بعد امر سنگھه پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ منهنجي خيال ۾ هُو سرڪار طرفان اسڪالر ملڻ تي انگلنڊ روانو ٿيو، جتي جي يونيورسٽي آف بڪنگهام مان LL.B. ڪئي. ان سان گڏ ليگل پرئڪٽس جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو. موٽي اچڻ بعد هن يونيورسٽي آف ملايا ۾ وري داخلا ورتي جتان هن ’ڪمرشل جسٽس‘ ۾ ماسٽرس ڪئي. ان بعد ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ مان Shariah Law & Practice سبجيڪٽ ۾ ڊپلوما ڪئي.