پينانگ ۽ سنگاپور ۾ سِکن جي آمد
سکن جو سمنڊ جھاڳڻ جي ڪا پراڻي ڪهاڻي ناهي. هُو دلير ضرور هئا، ٻيا پهلوانيءَ جا ڪم ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان ضرور هئا، پر افغانين وانگر هو سامونڊي سفر جو ائڊونچر ڪيئن ٿي ڪري سگھيا، جڏهن قدرت طرفان هنن وٽ سمنڊ نه هو. تڏهن ته لاهور جا ماڻهو اڄ به چون ٿا ته ڪراچيءَ وانگر لاهور کي جي سمنڊ هجي ها ته هُو لاهور کي الائي ڇا بڻائي ڇڏين ها.
بهرحال عربن، ايرانين، سنڌين، گجراتين، ملبارين ۽ بنگالين وانگر سکن جا سامونڊي سفر آڳاٽا نه آهن. انگريزن پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ کي حاصل ڪيو ته هنن انڊيا مان سکن کي چوڪيداري، پوليس ۽ فوج جي سپاهين طور هن پاسي آندو. انهن کي ڏسي هنن جا مائٽ مٽ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا روزگار لاءِ اچڻ لڳا. انگريز ملايا ۽ سنگاپور مان هليو ويو ته به ڪيترائي سک هن پاسي ترسي پيا. منهنجو هن پاسي 1968ع کان اچڻ شروع ٿيو يعني 1957ع ۾ انگريزن ملايا کي خودمختياري ڏني ۽ 1963ع ۾ ملايا سنگاپور ٻيٽ کي پاڻ کان الڳ ڪري بورينو ٻيٽ جو سباح ۽ سراواڪ ملائي نئون ملڪ ملائيشيا نالي ٺاهيو ته اسان ڪي 5 سال رکي ملائيشيا ۽ سنگاپور اچڻ وڃڻ شروع ڪيو. اسان جتي ڪٿي سِکَ ڏٺا ٿي... خاص ڪري بئنڪن ۽ وڏين هوٽلن اڳيان سِک چوڪيدار هئا يا يونيفارم ۾ ملبوس سڪيورٽي گارڊ. انگريزن به هنن کي پوليس ۽ فوج ۾ رکيو ٿي جو هنن ڏٺو ته هنن جي شڪل ۽ قد بت ٻين ۾ خوف پيدا ڪري ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته هُو وقت جا پابند آهن ۽ ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏين ٿا. انگريزن جي پوليس فورس ۽ فوج مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هنن پرائيويٽ ڪمپنين، ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ به چوڪيدار ٿي ڪم ڪيو ٿي، جيئن پوليس ڪمشنر امر سنگهه جو پيءُ اسهار سنگھه، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ پوليس کاتي ۾ پوليس وارو لڳو هو، جڏهن ڪارپورل رئنڪ تي رٽائرڊ ٿيو ته زندگيءَ جا باقي سال اپوح شهر جي ڪنهن موٽر گئراج ۾ چوڪيدار ٿي رهيو. هاڻ ته انهن سکن جي ٽي چوٿين ٽهي هر فيلڊ ۾ نظر اچي ٿي، پر شروع جي سالن ۾ سک معنيٰ جَگا(Jaga) يعني چوڪيدار ۽ چوڪيدار يا هوٽل جو دربان معنيٰ سک. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ سکن جو ٻيو دلپسند جاب ڍڳيون پالڻ هوندو هو، جنهن جو کير سائيڪل تي يا پنڌ ميلن جا ميل پري گھرن ۾ پهچائي ايندا هئا. پر اهي سڀ سِکَ انگريزن جي معرفت ملايا ۽ سنگاپور آيا ۽ اسان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي ڏٺا اهي پهرين ٽهيءَ جا هئا. يعني اهي پاڻ انڊيا کان آيا هئا. ان بعد انهن جو اولاد ۽ ان کان پوءِ ان اولاد جو اولاد اسان جي اڳيان وڏو ٿيو، جيڪو اڄ ڪلهه چوڪيداري يا ڍڳيون پالڻ بدران اعليٰ عهدن تي خوشحال نظر اچي ٿو.
آئون هميشه اهو چوندو هوس ته پهريان سک ڪير هئا، جيڪي پنجاب (انڊيا) کان هتي آيا. آيا اهي انگريزن جي پوليس يا فوج جا ماڻهو هئا يا ڍڳيون پالڻ وارا ڌراڙ. بعد ۾ سکن جي ملايا ۽ سنگاپور پاسي اچڻ جا ڪجھه ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليو جهڙوڪ:
• Sikhs in Asia Pacific (by: Sharn Singh Kahlon)
• Sikh Migration (by : Arvond Pal Singh )
• China is Far, Far Away. (by: Prof. Anand)
• Sikhs in Malaysia .(by: Malkiat Singh Lopo)
• Some Sikh Cultural Customs & Traditions in Malaysia.
(by Malkiat Singh lopo.)
• The enchanting prison: Punjabi Pioneer in Malaysia.
(by: Malkiat Singh Lopo.)
• The Sikh Community in Malaysia.
(by: Aman Daima Md. Zain, Awang, Rahima Embong.)
وغيره.
پڙهندڙ جي ڄاڻ يا يادگيريءَ لاءِ اهو لکندو هلان ته اڄ واري ملائيشيا جو پينانگ ۽ سنگاپور وارو ٻيٽ، هن پاسي موجود سوين ويران ٻيٽن مان هئا، جيڪي ملئي سلطانن جي ملڪيت هئا. انگريز هوشيار ماڻهو هئا. هنن محسوس ڪيو ته انهن ٻيٽن جي بهترين جاگرافيائي پوزيشن آهي. انهن کي حاصل ڪري ڊيولپ ڪيو وڃي ته سٺو. سو 1786ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان ’ڪئپٽن فرانسز لائيٽ‘ هي 300 چورس ڪلوميٽرن جو پينانگ ٻيٽ ڪيداح جي سلطان کان خريد ڪري، ان کي صاف سٿرو ۽ رهائش جوڳو بڻايو. هن کان سئو سال اڳ 1687ع ۾ انگريز ممبئي کي ٺاهي جوڙي پاڻ به اچي رهيا ۽ ٻين کي رهڻ جي دعوت ڏنائون. ڪيترائي امير پارسي، سنڌي، بنگالي، کوجا ۽ گجراتي واپاري ۽ غريب هنرمند پورهيت پڻ اچي رهيا. انگريزن جي سٺي ڊيولپمينٽ ۽ امن امان قائم رکڻ ڪري ممبئي شهر ۽ اتي جا رهواسي ڏسندي ئي ڏسندي خوشحال ٿي ويا ۽ سورت بدران ممبئي مشهور بندرگاهه ٿي ويو. سو انگريزن جڏهن پينانگ ٻيٽ کي ٺاهڻ چاهيو ته ڪيترائي اوسي پاسي جا ماڻهو ۽ ننڍي کنڊ جا امير توڙي غريب واپار وڙي ۽ پورهئي مزوريءَ لاءِ پينانگ ٻيٽ تي لڏي آيا، جو هنن کي احساس هو ته جتي انگريز هوندو اتي قاعدو قانون، وڻج واپار، صفائي سٺائي، تعليم ۽ روزگار جا ذريعا نڪرندا رهندا.
اهڙي طرح 1819ع ۾ هڪ ٻئي انگريز ’سر اسٽئمفورڊ رئفلس‘ پينانگ کان اڍائڻو وڏو ٻيٽ 370 کن چورس ڪلوميٽرن جو ’سنگاپور‘ جوهر رياست جي ملئي سلطان کان خريد ڪيو ۽ ان جي ڊيولپمينٽ شروع ڪئي. انگريزن جتي سخت امن امان قائم ڪيو ٿي ۽ رهواسين جي سُکَ لاءِ ضرورت جون شيون: اسڪول، اسپتالون، پارڪ، روڊ رستا، ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي ٿي اتي پوليس عدالتون ۽ جيل به ٺاهيا ٿي، جيئن ڏوهه ڪرڻ وارن کي سزا ڏني وڃي ۽ ٻين لاءِ سبق ٿئي. ان خيال کان هنن 1847ع ۾ پهريون جيل اهو ٺاهيو جيڪو سنگاپور ۾ توهان کي آئوٽرام روڊ تي نظر اچي ٿو ۽ ’آئوٽرام روڊ پرزن‘ سڏجي ٿو. هي آئوٽرام نالو ڪنهن هندوءَ جو ناهي پر انگريز فوجي جنرل جو آهي. سندس سڄو نالو ’سر جيمس آئوٽرام‘ هو، جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بمبئي ۽ بنگال آرمي ۾ رهيو ۽ ڪيترين ئي لڙائين ۾ حصو ورتائين جهڙوڪ: ’فرسٽ ائنگلو افغان لڙائي‘، ’غزني جي جنگ‘، ’ائنگلو پرشن لڙائي‘ وغيره. هُو 1857ع واري بغاوت ۾ به انگريزن پاران وڙهيو. سندس نالي ’آئوٽرام روڊ‘ نه فقط سنگاپور ۾ آهي پر ڪراچيءَ ۾ پاڪستان چوڪ وٽ به آهي. خبر نه آهي اڄ ڪلهه آهي يا پاڪستان چوڪ واري ’رام باغ‘ وانگر ’آرام باغ‘ جهڙي مسلماني نالي وارو ٿي ويو آهي. ان روڊ تي منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ بشيرالدين ميمڻ (ڏيپلائي وڪيل مکي احمد علي جي پٽ) جو گھر هوندو هو. 1962ع ۾ ۽ ان کان هڪ ٻه دفعا پوءِ به ڪراچي آيو هوس ته هن دوست جي گھر آئوٽ رام روڊ تي اچي رهيو هوس، جتي سندس ڏيپلي جو هڪ عزيز سنڌ جو مشهور اديب، ليکڪ ۽ ايڊيٽر محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به اچي رهندو هو، جنهن سان منهنجي پهرين ملاقات اتي ئي ٿي هئي. سنگاپور جو مشهور چانگي جيل جنهن ۾ ٻي جنگِ عظيم دوران جپانين سنگاپور ۽ ملايا جي چينين ۽ انگريزن کي قيد ڪري قتل عام ڪيو. اهو جيل آئوٽرام روڊ واري جيل کان گھڻو گھڻو پوءِ اٽڪل 90 سالن بعد 1936ع ۾ ٺهيو.