سِک سلطنت ۽ انگريزن جون اٽڪلون
رنجيت سنگھه جو پٽ ۽ سک سلطنت جو رنجيت سنگھه بعد ٻيو حاڪم ’مهاراجا کڙڪ سنگھه‘ سخت موالي نڪتو. ائين ته بابر بعد سندس پٽ همايون لاءِ به چيو وڃي ٿو ته آفيمي يعني موالي هو، پر سائين کڙڪ سنگھه جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هر وقت شراب، آفيم ۽ رنن جي چڪر ۾ رهيو ٿي. هن لاءِ سڌو ٿي هلڻ ئي ڏکيو ڪم هوندو هو. جهڙا تهڙا ٽي مهينا حڪومت مس هلايائين. سندس پٽ نونهال سنگھه بغاوت ڪري کيس تخت تان لاهي کڻي لاهور واري قيد ۾ بند ڪيو، جتي ان وقت جي چالاڪ وزير ڌيان سنگھه، آهستي آهستي زهر ڏئي کيس ٻئي جهان پهچائي ڇڏيو. نونهال سنگھه ’سک سلطنت‘ جو ٽيون حاڪم ٿيو. سندس ان وقت عمر 18 سال هئي. پنهنجي پيءُ کڙڪ سنگھه جي ڀيٽ ۾ هُو ڪجھه بهتر نموني سان حڪومت ڪري رهيو هو، پر سال کن مس راجا رهيو ته محلاتي سازش هيٺ، ساڳئي وزير ڌيان سنگھه هن کي به زهر ڏئي ماري ڇڏيو. سندس شادي ’صاحب ڪور‘ نالي ڇوڪريءَ سان ٿي هئي، پر اولاد اڃا نه ٿيو هوس. مرڻ وقت صاحب ڪور پيٽ سان ضرور هئي.
توهان پيءُ جي مرڻ تي سندس نابالغ پٽ جي تاجپوشي ۽ راجا بنجڻ جو ته ٻڌو هوندو، پر هتي نونهال سنگھه جي مرڻ تي، هن جي ماءُ (يعني کڙڪ سنگھه جي زال) چاند ڪور اهو اعلان ڪيو ته سک سلطنت جو چوٿون حاڪم نونهال سنگھه جو پٽ ٿيندو، جيڪو هن جي زال (راڻي) صاحب ڪور جي پيٽ ۾ آهي ۽ جيسين ٻار ڄمي ۽ بالغ ٿئي، تيسين سِکَ سلطنت جون واڳون چاند ڪور پاڻ ريجنٽ جي حيثيت ۾ سنڀاليندي. ياد رهي ته چاند ڪور 1802ع ۾ ڄائي هئي ۽ ڏهن سالن جي هئي ته هن جي کڙڪ سنگھه سان شادي ٿي ۽ کيس اهو ئي هڪ ئي ٻار نونهال سنگھه ٿيو هو. نونهال سنگھه جي وفات وقت هُوءَ 37 سالن جي هئي ۽ ريجنٽ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي. نونهال سنگھه جي زال صاحب ڪور کي ٽن مهينن بعد، وقت کان اڳ ٻار ٿيو ۽ اهو ٻار پٽ ٻار ضرور ٿيو، پر افسوس جو مئل ڄائو. کڙڪ سنگھه کي ڪو ٻيو ٻار نه هو جو تخت جي دعويٰ ڪري. سندس زال چاند ڪور کي ريجنٽ جو اهو عهدو ڇڏڻو پيو. هُونءَ به رنجيت سنگھه جي ننڍي پٽ شير سنگھه کي اها ڳالهه پسند نه هئي ته سک سلطنت جو حاڪم اهو ٿئي جيڪو ڄائو ئي نه هجي، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته سگهو ئي اهو مئل ٻار ڄائو ۽ ڏاڏيءَ چاند ڪور کي پاڻ ئي ٽپڙ گول ڪري، شاهي محل ڇڏڻو پيو، پر ان کان اڳ شير سنگھه لاهور تي حملو ڪري پاڻ کي ’سک سلطنت‘ جو چوٿون مهاراجا سڏرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شير سنگھه، کڙڪ سنگهه جو ڀاءُ ضرور هو پر رنجيت سنگھه جي ٻي زال مان هو. رنجيت سنگھه کي ڪيتريون ئي زالون ۽ ڪنيزون هيون، جن مان ٽي آفيشل زالون سڏيون ويون ٿي:
• مهاراڻي داتا ڪور- کڙڪ سنگھه جي ماءُ
• مهاراڻي مهتاب ڪور- شير سنگھه جي ماءُ ۽
• مهاراڻي جند ڪور- دُليپ سنگھه جي ماءُ.
مهاراجا شير سنگھه اهو آهي جيڪو پيءُ رنجيت سنگھه جي حڪومت ۾ ڪشمير جو 3 سال گورنر رهيو ۽ 1934ع ۾ افغانين کان پشاور Capture ڪيو.
شير سنگھه به ٻه سال حڪومت مس ڪئي ته درٻار جي هڪ همراهه کيس ۽ ساڻس گڏ وزيراعظم ’ڌيان سنگھه‘ کي شاٽ گن سان قتل ڪري ڇڏيو. هتي اهو به لکندو هلان ته امرتسر کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بٽالا شهر جو جيڪو ’بارنگ يونين ڪرسچن ڪاليج‘ آهي، اها عمارت هن مهاراجا شير سنگھه جو محلات هو. هُونءَ به بٽالا سکن جو اهم شهر آهي، جو سِک ڌرم جي پهرين گرو نانڪ، هتي جي رهاڪو هڪ ڇوڪري ’سلکنيءَ‘ سان شادي ڪئي هئي.
مهاراجا شير سنگھه جي 1843ع ۾ قتل بعد، رنجيت سنگھه جي ننڍي پٽ دُليپ سنگھه کي سِک سلطنت جو مهاراجا بڻايو ويو، جيڪو مهاراجا رنجيت سنگھه جي ٽي ۽ دل پسند زال جند ڪور مان هو. رنجيت سنگھه جي وفات کان سال اڳ 1838ع ۾ ڄائو هو ۽ هاڻ تخت تي ويهڻ مهل سندس عمر 5 سال هئي، ان ڪري هن پاران هن جي ماءُ مهاراڻي جند ڪور ريجنٽ جي حيثيت ۾ حڪومت هلائڻ لڳي.
پڙهندڙ اندازو لڳائي سگھن ٿا ته مهاراجا رنجيت سنگھه جي مرڻ بعد سک سلطنت جو ڇا حال ٿي ويو. انگريز به ههڙي موقعي جي انتظار ۾ هئا ۽ جيئن لکي آيو آهيان ته انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪري، پنجاب حاصل ڪرڻ لاءِ سکن سان 1845ع ۾ جنگ ’فرسٽ ائنگلو سک وار‘ جوٽي. هن لڙائيءَ ۾ انگريزن، سکن کان ڪشمير ۽ جمون کسي، ان کي الڳ اختيار ڏنو، پر پنهجي حفاظت(Protectorate) ۾ رکيو. پنجاب جو پڻ وڏو حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، باقي بچيل حصو ٻي 1848ع واري لڙائيءَ ۾ پنهنجي حوالي ڪيو. پهرين ۽ ٻي لڙائيءَ جي وچ واري عرصي ۾ انگريزن هنن ست اٺ سالن جي ٻار دُليپ سنگھه کي ئي نالي ماتر مهاراجا رهڻ ڏنو، پر ماءُ (جِند ڪور) کي پري ڪري ڇڏيو، جو انگريز سمجھي ويا ته هيءَ ڏنگي عورت آهي ۽ مهاراجا رنجيت سنگھه جي ننڍي ۽ دلپسند زال هجڻ ڪري هن جا سک معتقد آهن يعني هن مائيءَ جي ڀڙڪائڻ تي سک انگريزن خلاف بغاوت ڪري، انگريزن جو سک چين چٽ ڪري سگھن ٿا. باقي دُليپ سنگھه کي مهاراجا قائم رکڻ تي انگريز نقصان ۾ نه هئا. انگريزن اهو ئي چاهيو ٿي ته ڀلي عوام خوش ٿئي ته انگريزن هنن جي حاڪم کي عزت بخشي آهي. باقي رياست جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ انگريزن مهاراڻي جند ڪور جي جاءِ تي هڪ انگريز ريزيڊنٽ رکيو. هي ريزيڊنٽ ظاهري طرح ته ننڍڙي مهاراجي کي صلاح مشوري ڏيڻ لاءِ هو، پر مهاراجا کان اهو ئي ڪم ورتو ويو ٿي جيڪو انگريزن چاهيو ٿي. انگريزن جي اها ئي پاليسي ۽ نمونو انڊيا جي ٻين صوبن، سنڌ، توڙي ملايا ۽ برونائي وغيره ۾ هليو ٿي، جتي جي راجائن، نوابن ۽ سلطانن وٽ رکيل صلاحڪار ريزيڊنٽ ذريعي هنن کان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪرايو ٿي... عوام ان ۾ ئي خوش رهي ٿي ته سندن نواب، پير، سلطان، مير مرشد سندس حاڪم آهي ۽ ان جي حڪم موجب ڪم پيو ٿئي.
اڳتي هلي 1854ع ۾ جڏهن دليپ سنگھه 16 سالن جو ٿيو ته انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريا جي حڪم تي هن کي انڊيا مان هڪ قسم جو اغوا ڪرائي، هن ڏي موڪليو ويو، جنهن هن کي دوست جي حيثيت ۾ پاڻ وٽ رکيو. هي ڪافي ڳڀرو جوان هو، جنهن لاءِ مهاراڻي وڪٽوريا پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿي ته، ”پنجابي نوجوان مهاراجا جون اکيون ۽ ڏند ڇا ته سهڻا آهن!“
مهاراڻي وڪٽوريا مهاراجا دُليپ سنگهه جي ڪيترن ٻارن جي به گاڊ مدر ٿي رهي يعني انهن جي هن سار سنڀال لڌي ٿي، خاص ڪري تعليم ۽ مذهبي ڳالهين بابت. دُليپ سنگھه کي ته انگلنڊ وٺي ويا پر سندس ماءُ جند ڪور کي انڊيا ۾ پنهنجن کان پري کٽمنڊوءَ ۾ رکيو ويو. 8 سالن بعد 1861ع ۾ دُليپ سنگھه کي پنهنجي ماءُ سان ڪلڪتي ۾ ملڻ جو موقعو ڏنو ويو، جنهن کي هُو واپسيءَ تي پاڻ سان انگلنڊ وٺي آيو. انهي دوران دُليپ سنگھه پنهنجو سک ڌرم ڇڏي، عيسائيت اختيار ڪري چڪو هو. دُليپ سنگھه 55 سالن جي ڄمار ۾ 1893ع ۾ پئرس ۾ گذاري ويو. سندس اها خواهش هئي ته مري وڃڻ بعد هن جي لاش کي انڊيا ۾ دفن ڪيو وڃي، پر انگريز حڪومت کي اهو ڊپ هو ته هن جو انڊيا لاش وڃڻ تي سکن ۾ بي چيني پيدا ٿي پوندي ۽ هو انگريز حڪومت جي خلاف گوڙ ڪري سگھن ٿا. ان ڪري دليپ سنگهه کي عيسائي رسم و رواج موجب اوڀر انگلنڊ جي سفوڪ(Suffolk) ضلعي جي شهر آلودن(Elveden) جتي هن جي جائداد به هئي، اتي جي گرجا گھر ۾ سندس زال بامبا ملر ۽ پٽ شهزادي ايڊورڊ البرٽ دليپ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
پڙهندڙن جي ڌيان ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ڳالهه لکندو هلان، بلڪه هنن پاڻ به ان بابت ضرور سوچيو هوندو ته انگريز توڙي ٻيا قبضي گير يورپي ان ڳالهه ۾ هوشيار هئا ته ڪنهن ملڪ يا نوابي سلطنت تي قبضو ڪرڻ وقت هنن کي ان جي سلطنت جي حاڪم کي ختم ڪرڻو پيو ٿي ته ان جي اولاد کي اتي ڇڏڻ بدران انگلنڊ گھرائي ورتو ٿي ۽ هن کي پنهنجي مغربي تهذيب ۽ ثقافت سان اهڙو روشناس ڪرايو ٿي، جو هن کي اها سڌريل ماڻهن جي قوم لڳي ٿي ۽ پنهنجو ملڪ اڻ سڌريل ۽ پنهنجا ماڻهو ڄٽ لڳا ٿي. ڪوشش ته اها ڪيائون ٿي ته هُو جي شراب جو شوقين ناهي ته هن کي عادي بنايو وڃي ۽ هندو يا مسلمان آهي ته هن کي عيسائي بنايو وڃي، پر جي عيسائي نٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي پنهنجي مذهب کان پري رکيو وڃي. ان جو مثال توهان کي دُليپ سنگھه مان به ملي سگھي ٿو ته هن کي پنهنجي ملڪ ۾ رکڻ بدران انگلنڊ گھرائي ورتائون. ننڍي ٻار جا خيال توڙي سوچ بدلرائڻ به سوَلو ڪم ٿو ٿئي. هو سک ڌرم ڇڏي عيسائي ٿي ويو.
انگريزن ڪنهن حاڪم، نواب، پير کي پنهنجي خلاف محسوس ڪيو ٿي ته هن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي ٿي، جنهن لاءِ هنن اَنڊامان ٻيٽن تي جيل ٺاهيو ۽ سنگاپور جي آئوٽرام روڊ تي پڻ جيل ٺاهيو ۽ ننڍي کنڊ جا باغي سياستدان يا خطرناڪ ماڻهو اوڏانهن موڪليا ٿي. بهادر شاهه ظفر جو سڄو خاندان ختم ڪري ڇڏيائون، ان بعد به هنن بهادر شاهه کي دهليءَ ۾ نه رکيو. برما جي شهر رنگون (ينگون) موڪلي ڇڏيو. هن جي مري وڃڻ تي انگريزن هن جي دفن واري جاءِ کي شهيد پير پاڳاري جي قبر وانگر راز ۾ رکيو. بهادر شاهه ظفر جي هينئر جيڪا قبر آهي اها ڌُڪي موجب آهي، پڪ ناهي. اڄ به ڏسو اوساما بن لادن بابت آمريڪا به صحيح طرح نٿو ٻڌائي. چئي، اسان هن جي لاش کي سمنڊ ۾ وجھي ڇڏيو. جنرل ضياءَ به ڀُٽو صاحب سان ڪجھه ائين ڪرڻ چاهيو ٿي پر مجبور ٿي پيو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي هن رات جي اونداهيءَ ۾ ڀٽو صاحب جو لاش ڳڙهي خدا بخش موڪلي يڪدم دفن ڪرائي ڇڏيو. ڇو جو هن کي خبر هئي ته اهڙا ماڻهو هن دنيا کي ڇڏڻ بعد اڃا به وڌيڪ طاقتور ٿيو وڃن.
انگلنڊ جي علائقي سفوڪ ۾ جتي دليپ جي قبر آهي، اتي اسان جهاز وارن جو ڪافي وڃڻ ٿئي ٿو، جو اتي سامونڊي ڪنارو آهي. هڪ دفعي مئرين اڪيڊمي ملائيشيا جي سِک پروفيسر جهاز ’ڪئپٽن تيجپال سنگھه‘ سان هوس ته هن هي گرجا گھر ڏيکاريو، جتي جي قبرستان ۾ دليپ سنگھه دفن آهي. بقول هن سِکَ ڪئپٽن جي پنجاب جي طاقتور حاڪم رنجيت سنگھه جي ٽي ۽ کانئس 37 سال ننڍي راڻي مهاراڻي جند ڪور کي 21 ورهين جي ڄمار ۾ 1838ع ۾ جڏهن هي شهزادو دُليپ سنگھه ڄائو ته هن ته اهو ئي سوچيو هوندو ته هن جو پٽ سندس مڙس جي مرڻ بعد سک سلطنت جو همايون نه ته اڪبر، شاهجهان يا اورنگزيب ٽائيپ بادشاهه ٿيندو. پنهنجي پنجاپڻ سکڻيءَ سان شادي ڪندو ۽ سک ڌرم جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ملڪ جي وڏن گردوارن جون مذهبي رسمون ادا ڪندو ۽ وفات بعد سندس مقبرو آگري جي تاج محل جهڙو کڻي نه پر دهليءَ ۾ همايون جي مقبري جهڙو امرتسر، لڌيانا يا چندي ڳڙهه ۾ ٺهرائبو، پر مهاراڻي جند ڪور کي ڪهڙي خبر ته هو انگلند جي سانت ڀري سفوڪ ضلعي ۾ دفن ڪيو ويندو (جتي هو هاڻ دفن آهي)، جرمن گوري ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو، ان کان اڳ پنهنجن ابن ڏاڏن جو سک ڌرم ڇڏي عيسائي ٿي ويندو!
1848ع ۾ ٻي ائنگلو سک لڙائي بعد انگريزن جو پنجاب (سک سلطنت) تي مڪمل قبضو ٿي ويو ۽ جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته مهاراجا دُليپ سنگھه کي تخت تان لاهي ماءُ کان الڳ ڪري رکيو ويو ۽ پوءِ 1854ع ۾ جڏهن هو 16 سالن جو ٿيو ته کيس برطانيا ڏي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. هن جي بار بار ڪوششن جي، هن کي ماءُ سان ملڻ لاءِ انڊيا وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جو انگريز کي اهو خوف هو ته ڪيترائي سک هن جي ماءُ (يعني مهاراجا رنجيت سنگھه جي ننڍي زال) جند ڪور ۽ دُليپ سنگھه تان جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ موقعو ملڻ تي هو، انگريزن جي خلاف وڏو ٻائيتال مچائي سگھن ٿا. آخر 1861ع ۾ جڏهن دُليپ سنگھه 23 سالن جو ٿيو ته پنجاب ۾ ٺاپر ڏسي انگريزن دُليپ کي انڊيا اچي ماءُ سان ملڻ ۽ کيس پاڻ سان گڏ انگلنڊ وٺي وڃڻ جي اجازت ڏني.
دُليپ سنگهه انگلنڊ کان سامونڊي جهاز رستي ڪلڪتي پهتو، جتي سندس ماءُ کي کٽمنڊو کان (جتي انگريزن هن کي نظربند رکيو هو) گهرايو ويو. واپس انگلنڊ موٽڻ وقت رستي تي قاهري ۾ دليپ سنگھه جي ملاقات هڪ عيسائي ڇوڪري بامبا سان ٿي، جنهن جو مِلر نالي پيءُ جرمن بزنيس مئن هو ۽ ماءُ حبش (اٿوپيا) جي ڪنيز هئي. دليپ ۽ بامبا جي شادي مصر جي السڪندريا شهر ۾ 1864ع ۾ برطانيا جي قونصل خاني ۾ ٿي. دُليپ کي هن زال مان 6 ٻار ٿيا.
مهاراجا دليپ سنگھه ايلويدن (سوفوڪ) واري محل ۾ رهڻ کان اڳ لنڊن، اسڪاٽلنڊ، يارڪ شائر، يورپ جي مختلف شهرن ۾ ويندي، مهاراڻي وڪٽوريا ۽ ان جي فئمليءَ سان گڏ هن جي اوسبرن واري محل ۾ پڻ رهيو. 1863ع ۾ هن سوفوڪ ضلعي ۾ ايلويڊن(Elveden) جاگير خريد ڪئي، جيڪا 17000 ايڪڙن تي هئي يعني ان جي 69 چورس ڪلوميٽر پکيڙ هئي.
هن جاگير تي دُليپ سنگھه پنهنجي رهائش لاءِ هڪ اطالوي ۽ انڊين اسٽائيل جو محل ٺهرايو، جتي هُو پهرين جرمن زال بامبا ۽ ڇهن ٻارن سان گڏ 1886ع تائين رهيو. ان بعد پئرس آيو. 1887ع ۾ سندس زال بامبا جي وفات بعد دُليپ سنگھه 1889ع ۾ پئرس جي هڪ رهاڪو فرينچ ڇوڪري ادا ويٿرل(Ada Wetherill) سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي ٻه ٻار ٿيا: پالين اليگزينڊرا ۽ ادا آئرين. ان بعد هُو هتي پئرس ۾ ئي 1893ع ۾ گذاري ويو. هن جي لاش کي سوفوڪ کڻائي ويا، جتي ايلويڊن گرجا گھر جي قبرستان ۾ سندس پهرين زال بامبا ۽ پٽ جي قبرن ڀرسان دفن ڪيو ويو.
دراصل دُليپ سنگھه، جنهن کي مهاراڻي وڪٽوريا طرفان سر جو خطاب مليو هو، ان جي تفصيلي ڪهاڻي پڙهڻ وٽان آهي ۽ هن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن مان ڪجھه جا نالا، جن کان آئون واقف آهيان، هيٺ ڏيان ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته دُليپ سنگھه کان جيتوڻيڪ سندن وڏن جي سک سلطنت هٿن مان هلي وئي هئي، پر انگريز سرڪار هن جو ’مهاراجا‘ لقب قائم رکيو. اها پڻ ڊپلومئٽ قوم انگريز جي چالاڪي آهي، جنهن ذريعي هن انهن خارج ٿيل راجائن، نوابن، بادشاهن وغيره جي عقيدتمندن کي خوش ٿي رکيو. ڪن کي هنن Prince (شهزادو) به سڏيو ٿي، جيتوڻيڪ هُو جيل جي ڪوٺي ۾ پيا هئا.
هتي ’سِک سلطنت‘ بابت مون فقط اهو سوچي مختصر احوال لکيو آهي ته پڙهندڙ تاريخ مان اهو سبق حاصل ڪن ته هيءَ دنيا اچڻي وڃڻي شئي آهي. ڪئين فرعون جهڙا ظالم حاڪم آيا. ان وقت ته ڪنهن به نٿي سمجھيو ته هنن جي حڪومت ڪا ختم ٿيندي. اسان وٽ ته ايوب خان ۽ ضياءُ لاءِ به اهو چوندا هئا ته انهن مان جان هرگز نه ڇٽندي، پر ڳالهه اها آهي ته نادر نادر آهي ته قادر به قادر آهي. قدرت اهڙا طريقا ڪڍي ٿي، جو پوءِ سڄو ٽبر هڪ ئي جهاز ۾ سوار ٿي تباهه ٿيو وڃي. ڪو به هميشه لاءِ طاقتور ۽ دولتمند نٿو رهي. هڪ سج جا ٻه پاڇا آهن. رهجيو وڃن فقط انسان جا نيڪ ڪم. انهن کي ئي ياد ڪيو وڃي ٿو. اڄ جي دنيا جي لالچي ۽ ظالم حاڪمن کي کپي ته تاريخ مان سبق حاصل ڪن. هي جو غريب عوام جو حق ماري هنن جي صحت، تعليم ۽ ترقياتي ڪمن جا به پئسا هڙپ ڪري دولت جا انبار پيا گڏ ڪن، ته جيئن هنن جون ست پيڙهيون عيش جي زندگي گذارينديون. اهو فقط اکين جو ڍَءُ آهي. هُو اهو ئي سمجھي رهيا آهن ته حرام جي گڏ ڪيل دولت هميشه ساڻن رهندي، پر يارو! ايئن ناهي. شهنشاهه ايران، قذافي، صدام حسين، مصر جي شاهه فاروق، فلپين جي اڪينو ۽ يوگنڊا جي اِدي امين ۽ ٻين جا مثال اسان جي سامهون آهن. ڪيترائي اسان جا سياستدان، عوام جي خذمت ڪرڻ بدران هميشه پئسو ۽ پاور حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا ۽ غريب عوام جو ڀلو ڪرڻ بدران انهن کي وڌيڪ غريب بنائي پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي امير بڻائڻ جو سوچين ٿا. هنن کي اها خبر نٿي رهي ته ست پيڙهيون ته پري جي ڳالهه آهي، اهو حرام جو پئسو هنن کي به نصيب ٿيندو يا نه؟ تاريخ ۾ وڏا وڏا طاقتور ۽ جابر بادشاهه نظر ايندا. جيستائين هو نيڪ ٿي هليا، اخلاق جي دائري ۾ رهيا، عوام جو خيال ڪيائون، هنن جي سلطنت قائم دائم رهي. جتي هو شرابي، چرسي، موالي، زاني ۽ ظالم ٿيا، عوام سان نا انصافي ڪيائون ۽ پئسي دولت جي لالچ ۾ آيا، هو ۽ هنن جو اولاد تباهه ٿي ويو. اهڙا ڪيترائي مثال مختلف هنڌن تي لکي چڪو آهيان. ’دنيا رنگ رنگيلي‘ ڪتاب ۾ مغل سلطنت جو لکيو اٿم ته تخت خاطر نه رڳو ڀائر، ڀائرن کي پر چاچن ۽ پيئرن کي قتل ڪندا رهيا، انڌو ڪندا رهيا، قيد ۾ بند ڪندا رهيا. هيڏي وڏي دٻدٻي واري مغل سلطنت جي آخري مغل حاڪمن جو ڪهڙو حال ٿيو! آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي، عباسي گھراڻي جي آخري بغداد جي عباسي خليفي المستعصم باالله کي هلاڪو خان ٽي ڏينهن بکيو رکي چيس ته گدام ۾ گڏ ڪيل اهو سون ۽ چاندي کاءُ، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تون پاڻ پتوڙيندو رهئين.
پنجاب جو مهاراجا رنجيت سنگھه، جنهن جو ڪو قد بت به نه هو، ماتا جي ڪري سڄو منهن چگھن سان ڀريل هو، هڪ اک کان ڪاڻو به هو، پر هن محنت ڪري نه رڳو افغانين جهڙن ڌارين ۽ ڏنگن ماڻهن کان جنگيون کٽيون ۽ کين پنجاب مان ڀڄائي ڪڍيو، پر پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ خوشحالي آندي. پاڻ امير ترين سڏيو ويو ٿي، جنهن کي دولت جا انبار ته ڇا پر ڪوهه نور هيرو به مليل هو. بعد ۾ سندس پٽ کڙڪ سنگھه اهڙي ته عياشي ۽ نشي پتي ۾ اچي لڳو، جو پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي تباهي آڻي ڇڏي. جيستائين مهاراجا رنجيت سنگھه جيئرو هو، هو پنهنجي حڪومت جا 38 سال انگريزن کي به سڌو رکيو ويٺو رهيو. بعد ۾ انگريزن کي پنجاب فتح ڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳي. ڏهن سالن اندر سڄي سک سلطنت اجڙي وئي، جنهن لاءِ چيو ويو ٿي ته هتي جي ٿيندڙ راجائن، مهاراجائن جو ڪو وار به ونگو ڪري نه سگھندو. رنجيت سنگھه جي خاندان جا سڀ نرينه ٻار ختم ٿي ويا. حڪومت جي چڪر ۾ پاڻ ئي هڪ ٻئي کي قتل ڪرائي ڇڏيائون. زنانو اولاد انگريز حڪومت کان مليل پينشن تي گذارو ڪرڻ لڳو. جيئن مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي اولاد بابت لکيو اٿم ته اهي ڪلڪتي ۾ڪيڏي غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن! ان ڪري اسان کي ۽ اسان جي حاڪمن کي کپي ته تواريخ جو مطالعو ڪريون ۽ سبق سکون. حرام ۽ ڦرلٽ جي پئسي مان اولاد امير ۽ طاقتور نه پر تباهه ٿي سگھي ٿو. هُونءَ به گھڻي دولت ۽ عياشي اولاد کي ڪمزور بنايو ڇڏي... ڪجھه ڏينهن اڳ بي بي سي تان دبئي جي بنياد رکڻ واري شيخ راشد المڪتوم جو دبئي بابت انٽرويو ٻڌي رهيو هوس. هڪ ڳالهه منهنجو ڌيان ڇڪايو، جيڪا هتيShare ڪري رهيو آهيان ته جڏهن بي بي سي جي نمائندي هن کان دبئيءَ جي مستقبل بابت پڇيو ته هن وراڻيو:
”منهنجي پيءُ اٺ تي سواري ڪئي ٿي، آئون مرسيڊيز ڪار ۾، منهنجو پٽ لئنڊ روور ۾ گھمي ٿو ۽ منهنجي پوٽي کي ٿي سگهي ٿو لئنڊروور ڇڏڻي پوي ۽ پڙ پوٽي کي وري اٺ جي ئي سواري نصيب ٿئي.“
“What is that?” بي بي سي جي نمائندي پڇيو. هن کي شايد اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ان تي شيخ راشد المڪتوم وراڻيو:
“Tough times create strong men, strong men create easy times. Easy times create weak men, weak men create tough times.”
پاڻ مهاراجا رنجيت سنگھه جي پٽ دليپ سنگھه جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن جي ڪهاڻي بيحد دلچسپ آهي، جنهن تي ڪيترن ئي ڪتاب لکيا آهن- خاص ڪري يورپي ليکڪن. هتي پنهنجي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ڪجھه ڪتابن جا نالا لکان ٿو جيڪي منهنجي نظرن مان گذريا آهن:
1. Queen Victoria’s Maharajah Duleep Singh
by: Michael Alexander & Sushila Anand.
2. Duleep Singh: the Maharaja of Punjab & the Raj.
by: Rishi Ranjan Chakrabarty.
3. Maharajah Duleep Singh
by: Balihar Singh.
4. The Exile
by: Navtej Sarna.
5. The Last Sunset the Rise and Fall of the Lahore Durbar.
by: Amarinder Singh.