الطاف شيخ ڪارنر

نڪري ويا ناکُئا

هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ ڪيتريون ئي اُتساهيندڙ ڳالھيون پيش ڪيون آهن، جيڪي سراسر موهيندڙ تہ آهن ئي پر رهنمائي ڪندڙ بہ آهن ۽ منھنجي راءِ موجب هي ڪتاب سنڌي نوجوانن لاءِ ڄڻ تہ مشعلِ راھ آهي، جنھن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سئر سفر يا روزگار واسطي ويندڙن لاءِ ڪيئي نقطا بيان ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ قومون ترقي ڪيئن ٿيون ڪن ۽ قومن جا فرد پنھنجي وطن ۽ ماڻھن جي ڀلائي ۽ بھتريءَ لاءِ ڪيئن ٿا پاڻ پتوڙين يا پنھنجي وطن سان محبت ۽ ان جي مالڪيءَ سان ڪيئن سلھاڙيل آهن... اهي سڀ ڳالھيون اسان ماڻھن لاءِ سِکيا جو مرڪز ۽ محور آهن.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نڪري ويا ناکُئا

قطر جي شاهي گهراڻي ’الثاني‘ جو مختصر احوال

محمد بن ثاني:
ڄم: 1788ع، حڪومت 1847ع کان 1878ع وفات تائين. محمد بن ثانيءَ جو بنو تميم قبيلي سان واسطو هو ۽ هن ’الثاني گھراڻي‘ جو بنياد رکيو، جنهن جي 1847ع کان اڄ تائين قطر تي حڪومت هلندي اچي.

- قاسم بن محمد الثاني (پٽ)
ڄم: 1825ع حڪومت 1878ع کان 1913ع وفات تائين.

- عبدالله بن قاسم (پٽ)
ڄم: 1880ع، وفات 1957ع، حڪومت 1913ع کان 1949ع تائين.

- علي بن عبدالله (پٽ)
ڄم: 1895ع، وفات 1974ع، حڪومت 1949ع کان 1960ع.

احمد بن علي (پٽ)
ڄم: 1922ع، وفات 1977ع، حڪومت 1960ع کان 1972ع

- خليفه بن حمد بن عبدالله (احمد جو سوٽ)
ڄم: 1932ع، وفات 2016ع، حڪومت، 1972ع کان 1995ع

- حمد بن خليفه (پٽ)
ڄم: 1952ع، حيات آهي. حڪومت 1995ع کان 2013ع

- تميم بن حمد (پٽ) موجوده حاڪم
ڄم: 1980ع، حڪومت: 2013ع کان هلندي اچي.

اسان جو ليکڪ اسد سومرو، جرمنيءَ ۾ ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ برلن ڏي ويندي، رستي تي قطر ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ پنهنجي ان عرب دوست احمد جمال جي دعوت تي آيو، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي هئي، جتي هي دوست ٿيا. اسد لکي ٿو ته ان کان اڳ احمد جمال جي وڏي ڀاءُ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه مان انجنيئرنگ ڪئي هئي. اهو پڙهي حيرت ٿي ته ڪيترائي عرب (فلسطيني) اسان جي تعليمي درسگاهن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هنن جي حيدرآباد ۾ پنهنجي فلسطيني تنظيم به آهي. حيرت ان ڪري لڳي ٿي ته قطر اهو ملڪ آهي جتي جا 98 سيڪڙو ماڻهو (مرد توڙي عورتون) تعليم يافته آهن ۽ جتي جا تعليمي درسگاهه اسان جي علائقي- مڊل ايسٽ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ٽاپ جا آهن، جيئن ته قطر يونيورسٽي (جامع قطر) جيڪا دوحا ۾ آهي، جتي عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ 8000 کان مٿي شاگرد ۽ 500 کن قابل استاد آهن. مون کي ياد آهي ته هيءَ يونيورسٽي انهن ڏينهن ۾ ٺهي رهي هئي جن ۾ دوحا ۾ جتي ڪٿي ڪنسٽرڪشن جو ڪم پئي هليو. دوحا کي سيمينٽ جي سخت ضرورت هئي ۽ اسان جي ملڪ جا واپاري پاڪستان مان موڪلي رهيا هئا. ٻين جهازن سان گڏ اسان جو جهاز به سيمينٽ سان ڀرجي هر مهيني دوحا پهتو ٿي. انهن ڏينهن ۾ اڄ واري امير (تميم بن حمد) جو ڏاڏو خليفه بن حمد قطر جو حاڪم (امير) هو. ان کان علاوه حڪومت 12 چورس ڪلوميٽرن تي هڪ تعليمي شهر (Education City) به ٺاهيو آهي، جنهن کي هو ’المدينته التعليميه‘ سڏين ٿا. اها هاڻوڪي حاڪم جي والد حمد بن خليفه 1997ع ۾ ٺهرائي، جتي دنيا جي مختلف يونيورسٽين جا ڪئمپس آهن. انهن ۾ مقامي عرب شاگردن کان علاوه 50 مختلف ملڪن جا شاگرد پڙهي رهيا آهن. انهن يونيورسٽين مان 6 آمريڪن، هڪ برٽش ۽ هڪ فرينچ يونيورسٽي آهي. مطلب ته تعليم ۽ آءِ ٽي ۽ نيوز ميڊيا ۾ ته قطر تمام اڳيان آهي، جنهن جو اندازو توهان الجزيره ٽي ويءَ مان ئي لڳائي سگھو ٿا، جيڪا بي بي سي جو مقابلو ٿي ڪري. هي ڪم به موجوده امير جي والد حمد بن خليفا 1996ع ۾ ڪرايو.
اميد ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ پڙهائي ۽ ڊسيپلين جي سختي بهتري ڏي وڌي رهي هوندي ۽ ڌارين ملڪن جا شاگرد به تعليمي معيار وڌائڻ لاءِ اسان وٽ به ائين اچي رهيا هوندا جيئن انڊيا، ملائيشيا، جپان ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ وڃن ٿا. هونءَ مون کي به سعودي عرب ۾ هڪ عرب ڊاڪٽر مليو هو، جنهن پرئڪٽس ته ڪانه ٿَي ڪئي، پر پنهنجي نالي اڳيان فخر سان ڊاڪٽر لکيو ٿي. سندس مامو جنهن مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي تنهن پنهنجي ڀاڻيجي لاءِ ٻڌايو ته هن ڪراچيءَ جي فلاڻي ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو؟ ”هتي سعودي عرب ۾ هيترا ميڊيڪل ڪاليج هجڻ جي باوجود هن کي ڏيهه نيڪالي ڏناوَ؟ سعودي عرب ۾ پاڻ توهان عربن لاءِ تعليم مفت آهي.“
”اهو ته سڀ صحيح آهي،“ هن طنزيه مرڪندي چيو، ”پر هتي ته هن کي پڙهائي ڪرڻي پوي ها نه! هن بنا پڙهائي ۽ حاضريءَ جي سفارش ۽ ڪاپي سان ڪراچيءَ مان امتحان ڏئي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي.“
اهڙا ئي ڊگرين وارا اسان جي سياستدانن ۽ ڪامورن ۾ به ملندا جن هتان پنهنجي ملڪ مان يا ولايت جي ڪن کَدڙين يونيورسٽين مان پئسن تي ڊگريون ته حاصل ڪيون هونديون پر ان سبجيڪٽ جي معلومات کان اڻ ڄاڻ هوندا.
ٽي ڏينهن کن دوحا ۾ رهڻ بعد اسان جي ليکڪ اسد ڪريم سومري جي ٻي منزل جرمنيءَ جو شهر برلن آهي. اسد جي هڪ ڳالهه جي واکاڻ ڪرڻ ضروري آهي ته هو موري جهڙي ڳوٺ جو ٿي ڪري، پهريون دفعو هڪ ڊگھي سفر تي نڪتو آهي- سو به سياري جي موسم ۾ يورپ جي ملڪن ڏي ۽ اڪيلي سر- پر هو گھر ڇڏڻ کان ٻاهر جي ملڪن، شهرن- ويندي اتي جي ٽرانسپورٽ سسٽم جي معلومات چڱي طرح حاصل ڪري نڪتو آهي. گھمڻ لاءِ نڪرندڙن کي کپي ته هو اسد وانگر تيار ٿي پوءِ ٻاهر نڪرن ۽ هن جي سفرنامي مان ان قسم جي ڪم جي ڳالهين کي ڌيان ۾ رکن. ڪوالالمپور، پينانگ يا بئنڪاڪ جهڙن شهرن ۾ پنهنجي هم وطنن کي ڏسندو آهيان ته هوٽلن اڳيان (جن ۾ هو رهائش اختيار ڪن ٿا) وائڙن وانگر بيٺا هوندا آهن. آئون سمجھي ويندو آهيان ته هي ٽوئرسٽ آهن. پنهنجي فئملين يا دوستن سان گهمڻ آيا آهن. ”سرڪار ڪيڏانهن نڪتا آهيو؟“ آئون کانئن پڇندو آهيان. هو مون کي پنهنجو سمجھي پڇندا آهن ته، ”ڪوالالمپور ۾ گھمڻ لاءِ ڪهڙيون جايون آهن؟“
”سائين باتو غارن ڏي هليا وڃو، پيٽروناس جي عمارت ڏسڻ وڃو يا چڙيا گھر وڃو.“ آئون صلاح ڏيندو آهيان.
”هتان ڪيترو پري آهن؟ بس ٿي وڃي يا ٽرام، يا ٽئڪسيءَ ۾ وڃون.“
پوءِ هنن جو ان ۾ ئي ٽائيم هليو وڃي ۽ هنن کي اها به خبر ناهي ته اهي گھمڻ لائق شيون سندن هوٽل کان ڪيترو پري آهن ۽ هنن جي هوٽل وٽ ئي ميٽرو بس يا ٽرام جو اسٽاپ آهي ۽ هو گھٽ خرچ تي ۽ گھٽ وقت ۾ اتي پهچي سگھن ٿا.
ٻي ڳالهه اها ته هنن کي جي ان عمارت يا گھمڻ ۽ ڏسڻ جي شئي جي تاريخ ۽ معلومات ناهي، ته انهن کي ڏسڻ سان ڪهڙو مزو ايندو ته هي Batu Caves غارن جي ڇا تواريخ آهي. هنن کي هن سفرنامي جي ليکڪ اسد کي فالو ڪرڻ کپي، جيڪو قطر پنهنجي عرب دوست کي پيو ٻڌائي ته ٽئڪسيءَ ۾ هوٽل هلڻ بدران ڀر ۾ موجود ريلوي اسٽيشن تان ميٽرو ۾ چڙهڻ کپي، جنهن جي اتي جي رهاڪوءَ کي به ڄاڻ نه هئي جو ميٽرو کي شروع ٿئي اڃا سال به نه ٿيو هو.
دوحا جي هوائي اڏي تي پهچڻ ته اسد سومرو جو عرب دوست احمد جمال جڏهن هن کي وٺڻ لاءِ آيو ۽ پنهنجي ڪار ۾ ويهاري پڇيائينس ته، ”قطر ۾ ڇا ڏسڻ چاهيندين؟“ ته عرب دوست جي پڇڻ تي هن يڪدم وراڻيس ته، ”هن کي ربِ الخالي علائقي ۾ جتي بيابان ۽ واري آهي ۽ اها واري سمنڊ سان وڃيو ملي، گھمڻو آهي، جنهن کي هتي Desert Safari سڏجي ٿو ۽ هن پاسي جي روايتي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻو آهي، جنهن کي ڌائو (Dhow)سڏجي ٿو. ان کان علاوه چيني مارڪيٽ، جتي چيني شين جا هزارين دڪان آهن جن کي چيني مرد ۽ عورتون هلائين ٿيون ۽ هر شيءِ سستي ملي ٿي، اتان خريداري ڪرڻي آهي. ان کان سواءِ اسد هتي جو Villagio شاپنگ مال ڏسڻ لاءِ چيو جيڪو علائقو قطر جو وينس سڏجي ٿو.“
ان مان اندازو لڳايو ته اسد پنهنجي ڳوٺ مان ئي سوچي آيو هو ته قطر ۾ ڇا ڇا ڏسجي ۽ ظاهر آهي هن هر شيءِ بابت معلومات به رکي هوندي ته اهي شيون ڏسڻ ڇو ضروري آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ٽن ڏينهن اندر قطر ۾ گھڻو ڪي ڪجھه ڏسي ورتو- نه رڳو ڏسي ورتو پر هن ان مان مزو ورتو ۽ دماغ ۾ ياد رکيو، جنهن جو سربستو احوال هن پنهنجي هن سفر نامي ۾ ڏنو آهي ۽ اسان گھر ويٺي اهو ڪجھه ڏسي ۽ سمجهي رهيا آهيون، جيڪي ڪجهه هن ڏٺو. هڪ هنڌ هو پاڻ به ان بابت اظهار ڪري ٿو، جڏهن سندس عرب قطري دوست احمد جمال کيس چوي ٿو ته، ”قطر جون وڏيون خبرون ٿو رکين.“ ته جواب ۾ وراڻيس ٿو، ”ادا ڇا ڪجي، جنهن ملڪ ۾ ويندو آهيان، اتي وڃڻ کان پهريان اتان جي معلومات وٺي پوءِ ئي نڪرندو آهيان.“
منهنجي خيال ۾ هر مسافر کي، خاص ڪري ٽوئرسٽ کي اسد سومرو جي اها ڳالهه ڳنڍ سان ٻڌي ڇڏڻ کپي. هو برلن ۾ به جيئن ئي پهتو ته اتي به پهرين جي گڏ ڪيل معلومات جي آڌار تي گھمڻ لاءِ يڪدم نڪري پيو. هن کي خبر هئي ته هن جي رهائش واري جاءِ کي ڪهڙيون اهم شيون ويجھيون آهن، جن کي هڪ ٻئي پويان ڏسڻ شروع ڪجي. ساڻس گڏ انڊونيشيا جي نمائندگي ڪندڙ مسلمان ڇوڪري نوويا ۽ ٻين ملڪن جي ساٿين کي به برلن وال، US اڪيڊمي چيڪ پوائنٽ، Brandon Berg گيٽ وغيره ڏسڻ لاءِ چوي ٿو.
پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪرجي ٿو ته ڪيترائي نظارا اسان کي موهت ڪن ٿا، خاص ڪري اسان سنڌ جي رهاڪن کي مينهوڳي ۽ ساوڪ جا يا يورپ جي برف باريءَ جهڙا نظارا. اسان جو ليکڪ به جرمنيءَ ۾ ان قسم جا سهڻا نظارا پسي بي اختيار لکي ٿو، ”برلن شهر ۾ واڪ دوران برسات به آهستي آهستي وسي رهي هئي. اهڙو نظارو ڪنهن فلم ۾ شايد ئي ڏٺو هجي، پر مون اهڙو نظارو اڄ کان پهريان ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺو هو... ڇا اسان جي دنيا ايڏي خوبصورت، حسين و جميل آهي!“
هڪ ٻئي هنڌ قدرتي نظارو ڏسي بي اختيار چوي ٿو، ”ڇا ته قدرتي نظارا آهن! ڪٿي جبل آهن ته ڪٿي ٻوٽا، ڪٿي ٻني آهي ته ڪٿي واهه ۽ نديون.“ هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو، ”مان ته قدرت جي ڪمال جي ٺاهيل هن دنيا کي ڏسڻ ۾ ئي گم ٿي ويو هوس...“
اسد جا اهي جملا پڙهي ڪيترن کي احساس نه ٿيندو هجي ته هن ڪيتري قدر قدرت جا خوبصورت نظارا ڏسي، اهي لفظ چيا. ڪي پڙهندڙ شايد سوچيندا هجن ته هن واقعي اهڙا نظارا ڏٺا يا تعريف ۾ وڌاءُ ٿو ڪري، پر مون کي يقين ڪريو ائين لڳو ڄڻ اهي جملا منهنجا هجن... اها ٻي ڳالهه آهي ته مون اهي جملا شايد ڪنهن هنڌ نه لکيا هجن، پر اهو سچ آهي ته ڪي نظارا حيرت ۾ وجھيو ڇڏين ۽ قدرت جا ڪمال چئي سگھجن ٿا. جنت ۾ باغن، ندين، ميون جون ڳالهيون ٻڌي هر ٻار وانگر منهنجي ذهن ۾ به هڪ سونهن جو نظارو هوندو هو. هڪ حد تائين، جيتري منهنجي سوچ ڪم ڪيو ٿي، پوءِ ناروي ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ برف سان ڍڪيل جبل، ملائيشيا ۽ بنگال جي ساوڪ، جپان ۾ ڦاٽندڙ جبل، سمنڊ تي سج کي لهڻ وقت پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻندو ڏسي دل ۾ ايندو هو ته هي قدرت جا ڪمال آهن جنهن هن ڌرتيءَ کي ئي ڇا خوبصورت بڻايو آهي. واقعي جنت ته الائي ڇا هوندي! اسد جا مٿيان تعريفي جملا پڙهي آئون هرگز اهو نه چوندس ته هن وڌاءُ ڪيو آهي، پر آئوم سمجھي سگھان ٿو ته هن جيڪا تعريف لکي آهي، اها واقعي سهڻا نظارا ڏسي ڪئي هوندي. محدود سوچ رکندڙ اسان انسان قدرت جي ان سونهن جو هوبهو نقشو چٽي نٿا سگھون... ويندي ڪئميرا يا وڊيو به قدت جو اهو ٿري ڊي منظر پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، پر جي ملٽي ڊائمينشن وارو نظارو ڪڍي سگھجي ته ڇا ان ۾ ماحول جي اها خوشبو، جيڪا انسان جو نڪ سونگھي تراوت محسوس ڪري ٿو، موسم جي اها ٿڌڪار، ٿڌي هير ۽ سڳنڌ جيڪا اسان جو جسم محسوس ڪري ٿو يا خوبصورت غارن جي خاموشي ۽ پکين جون لاتيون، جيڪي اسان جا ڪن محسوس ڪن ٿا، ان جو لفظن يا ڳالهين سان ڪو نقشو چٽي سگھندو؟ اهڙا نظارا ڏسي اسد وانگر، بلڪ هر انسان وانگر منهنجو ته دماغ چڪرائجي ويندو آهي ۽ رب پاڪ جي نعمتن جي تعريف ڪرڻ تي دل چوندي آهي ته سبحان الله! ڇا ته هُن هِن دنيا کي خلقيو آهي! ۽ جڏهن هي فاني دنيا ئي اهڙي آهي ته جنت ڇا ٺاهي هوندي!
اسد جو سفرنامو ’مورو کان پئرس‘ پڙهندي، هن جي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماروئڙن سان پيار جي واکاڻ ڪرڻ تي به دل چوي ٿي. هُو هڪ حساس ۽ نرم دل رکندڙ ليکڪ آهي. جيتوڻيڪ شروع جي سفرن ۾ هر نوجوان ٽوئرسٽ ولايت جي رونقن ۾ گم ٿيو وڃي ۽ سڄو وقت موج مستي ۽ پنهنجي ڌُن ۾ رهي ٿو پر اسد ولايت جي ملڪن ۾ عوام کي مليل سهولتون ۽ سک، عدل ۽ انصاف ڏسي هن کي پنهنجا ماڻهو ياد اچن ٿا، جن وٽ هن ايڪيهين صديءَ ۾ به زندگيءَ جون بنيادي سهولتون ميسر نه آهن. هُو انهن بابت سوچي غمگين ٿيو وڃي، ته هڪ هي ملڪ آهن جيڪي جيتوڻيڪ ٻي جنگ عظيم بعد ختم ٿي ويا، مسڪين ٿي ويا. ايتري قدر جو هُو لکي ٿو ته، ”هي اهو ئي جرمني آهي، جنهن کي 1963ع ۾ پاڪستان جي صدر ايوب خان 25 ملين آمريڪن ڊالر امداد ڏني هئي، جنهن لاءِ جرمنيءَ جي وزيرِ خزانا خاص پاڪستان اچي مهرباني ادا ڪئي هئي. اڄ هن ملڪ کي ڏسي پنهنجي ملڪ جي قسمت ۽ ان جي عوام تي روئڻ ٿو اچي ته اسان جو ملڪ پاڪستان ايتري معدني دولت هجڻ جي باوجود، ڏينهون ڏينهن پوئتي ڇو وڃي رهيو آهي.“
هڪ هنڌ هُو پنهنجي ماڻهن لاءِ درد محسوس ڪري هيئن لکي ٿو:
”منهنجي سنڌ ۾ گئس ۽ ڪوئلي کان هر ڌاتو موجود آهي، پوءِ به اتي بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ غربت مان جان نٿي ڇٽي. ٿر ۾ هر روز مرندڙ ٻارن جو علاج ڪڏهن مهيا ٿيندو. ڪڏهن اسان جي قوم پنهنجن پيرن تي بيهندي.“
سچ ته هڪ حساس ۽ حب الوطن ماڻهو ٻين ملڪن ۽ اتي جي ماڻهن جي خوشحالي ڏسي سوچي ٿو ته اهي ملڪ، جيڪي اسان کان گھڻو گھڻو پٺتي هئا، اهي اڄ ڇو اسان کان هر ڳالهه ۾ اڳيان اڳيان آهن. اهي ئي ڳالهيون مون کي به بي چين ڪنديون آهن.
برلن ۾ ٻه ٽي ڏينهن گذارڻ بعد اسد پنهنجي ساٿين سان گڏ علمينا(Ilmenau) صحيح اُچار ’يلِ مِي نَو‘ روانو ٿئي ٿو، جيڪا سندس خاص منزل آهي، جتي هن کي ڏهه ڏينهن رهڻو آهي. اسد کي علمينا ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ جرمنيءَ جي حڪومت چونڊيو ۽ گهرايو هو. هن پروگرام ۾ دنيا جي 80 ملڪن مان 370 نوجوان شاگردن حصو ورتو. جرمني ۽ جرمنيءَ جو هي شهر علمينو ڪٿي آهي؟ ان بابت هن سفرنامي پڙهڻ وارن لاءِ ڪجھه اضافي ڄاڻ لکڻ ضروري سمجھان ٿو.
پهرين ڳالهه ته جرمني ڪٿي آهي؟ جرمني يورپ کنڊ جي وچ واري حصي جو هڪ ماڊرن ملڪ آهي. سندس اتر ۾ ڊئنمارڪ آهي، جيئن اسان کي افغانستان آهي ۽ انڊيا بدران جرمنيءَ جي اوڀر ۾ پولينڊ ۽ چيڪ ريپبلڪ آهي. ڏکڻ ۾ سئٽزرلئنڊ ۽ آسٽريا آهي ۽ کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ چار ملڪ جرمنيءَ جو بارڊر ٺاهين ٿا: فرانس، لگزمبرگ، بيلجيم ۽ نيدرلئنڊس.
جرمنيءَ جي پکيڙ 357000 چورس ڪلوميٽر آهي يعني سنڌ ۽ پنجاب صوبن کي ملائجي ته جرمنيءَ جيتري ايراضي ٿيندي. جرمنيءَ جي گاديءَ جو شهر برلن آهي، جيڪو نه فقط جرمني ۾ پر سڄي يورپ ۾ وڏو شهر آهي ۽ اسپري (Spree) نديءَ جي ڪناري تي آهي، جيئن سکر ۽ روهڙي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي آهن. برلن شهر جو ٽيون حصو ته سمجھو ته ٻيلا، پارڪ، نديون، ڪئنال ۽ ڍنڍون آهن. برلن دنيا جي مشهور يونيورسٽين جو شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو. شهر جي سئو سيڪڙو آدمشماري تعليم يافته آهن ۽ ڪيترن ئي مشهور سائنسدانن، سنگيتڪارن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن جو هن شهر سان واسطو آهي. هن شهر جي قابل ماڻهن جو اندازو توهان ان مان لڳائي سگھو ٿا ته 67 نوبل انعام کٽيندڙن جو برلن جي يونيورسٽي سان واسطو آهي. شهر جي فقط ٽن وڏين يونيورسٽين ۾ هن وقت 103000 شاگرد پڙهي رهيا آهن. اهڙي طرح چوٿين نمبر تي ميڊيڪل يونيورسٽي Charite ۾ 8000 شاگرد آهن. اسان جي ملڪ جا به ڪيترا شاگرد برلن ۽ اوسي پاسي جي يونيورسٽين ۾ پنهنجي خرچ تي يا اسڪالر تي تعليم حاصل ڪن ٿا. اهڙين مِٺي پاسي جي ٻن ڀيل شاگردياڻين جو احوال پنهنجي ڪتاب ’ڪئمپس جا ڏينهڙا‘ ۾ لکي چڪو آهيان، جن مان هڪ ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جيڪا اڄ ڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آهي. انEberhard Karl يونيورسٽي آف Tuebingen مان مائڪروبايولاجيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ ٻي ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ، جيڪا اڄ ڪلهه ڪئناڊا ۾ رهي ٿي، ان Soil سائنس ۾ Hohenheim يونيورسٽيءَ مان Ph.D. ڪئي. جرمنيءَ کي ٻن سمنڊن جو ڪنارو ڇهي ٿو. هڪ نارٿ سِي، جنهن جي بندرگاهن: هئمبرگ ۽ بريمن ۾ اسان کي ڪيترائي دفعا جهازن کي وٺي اچڻو پيو ٿي۔ ڪڏهن سامان کڻڻ يا لاهڻ لاءِ ته ڪڏهن جھاز ۽ ان جي انجڻ جي ڳري مرمت لاءِ. جهازن جي ٽن چئن مشهور مئرين انجڻين ۾ جرمنيءَ جيM.A.N انجن به هڪ آهي.
جرمنيءَ کي ٻيو سمنڊ ’بالٽڪ سِي‘ ڇهي ٿو. ان جو بندرگاهه راسٽڪ ايڏو وڏو ناهي پر جيستائين ديوار برلن هئي يعني جرمني ٻن حصن ۾ ورهايل هو. ايسٽ جرمنيءَ لاءِ اسان کي بالٽڪ سمنڊ جي بندرگاهه راسٽڪ ۾ اچڻو پيو ٿي. جرمني ملڪ سورنهن رياستن ۾ ورهايل آهي جن مان ٻه ’سٽي اسٽيٽ‘ سڏجن ٿيون جن ۾ فقط برلن ۽ هئمبرگ شهر اچن ٿا جيئن ملائيشيا ۾ ڪوالالمپور ۽ پيتالنگ جايا شهر آهن يا اسان وٽ اسلام آباد شهر آهي.
اسان جو ليکڪ پهرين جرمنيءَ جي گادي واري شهر برلن ۾ اچي ٿو جتان پوءِ هو ايئرفورت(Erfurt) مان ٿيندو ڪانفرنس واري شهر علمينا ۾ پهچي ٿو. هي ٻئي شهر جرمنيءَ جي وچ ۾ موجود رياست ٽرنگا (Thuringa) ۾ آهن ۽ اِها رياست برلن جي ويجھو ئي آهي. ٽرنگا رياست جو وڏو حصو سال(Saale) سال نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي، جتي اها ايلبي (Elbe) نالي وڏي نديءَ سان ملي ٿي. ساوڪ ۽ ٻيلن ڪري هيءَ رياست جرمنيءَ جي سرسبز دل (das grune Herz Deutschlands) سڏجي ٿي.
جرمنيءَ جو شهر ايئرفورت(Erfurt) هن رياست ٽرنگا جي گاديءَ وارو شهر آهي، جيڪو برلن کان 300 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هن شهر ۾ موجودErfurt يونيورسٽي هتي جي آڳاٽي يونيورسٽي آهي، جنهن جو بنياد 1379ع ۾ رکيو ويو... معنيٰ مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر 1526ع ۾ هندستان آيو، ان کان به ڏيڍ صدي اڳ ۾! برلن کانErfurt شهر پهچڻ ۽ اتان ٽرين بدلائي ٻي ٽرين ۾ علمينا پهچڻ جي احوال ۾ اسد لکيو آهي ته هتي جون ريل گاڏيون ڪجهه مختلف آهن. جن ۾ پنهنجو ٿيلهو يا بئگ رکڻ کان علاوه سائيڪل به رکي سگھجي ٿي جو هتي جا ماڻهو خاص ڪري نوجوان ٽهي سائيڪل استعمال ڪن ٿا، جنهن سان صحت به صحيح رهي ٿي، پيٽرول به بچي ٿو ۽ ماحول ۾ گندگي به پيدا نٿي ٿئي.
دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل شاگرد نمائندن جي علمينا ۾ رهائش لاءِ بندوبست اتي جي رهندڙ شاگردن جي گھرن ۾ ڪيو ويو هو. اسد جي رهائش جو بندوبست جسٽن نالي هڪ جرمن ڇوڪري جي گھر ۾، هُو جتي اسد کي ڏهه ڏينهن رهڻو پيو. ڌارئين ملڪ ۾ ڪنهن جي گھر ۾ رهڻ جو تجربو سٺو ٿئي ٿو، جنهن جو احوال هن سفرنامي ۾ پڙهي سگھجي ٿو ۽ مون کي پڪ آهي ته اسد سومري کي علمينا ۾ جرمن فئمليءَ سان گھاريل هي ڏينهن هميشه ياد رهندا. جرمنيءَ ۾ به جپان، سئيڊن، ناروي، سئٽزرلئنڊ ۽ دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن وانگر جتي ڪٿي صاف پاڻي ملي ٿو، جيڪو پي به سگھجي ٿو. مون کي اهو پڙهي کل آئي، جڏهن اسد جي جرمن ميزبان کيس ٻڌايو ته نلڪن مان ايندڙ پاڻي (Tap Water) پي سگھجي ٿو، جيڪو منرل واٽر وانگر صاف آهي- مطلب ته هتي وهنجڻ جاءِ ۽ بورچي خاني جي نلڪن مان ايندڙ پاڻي به صاف ۽ پيئڻ جوڳو آهي. ان تي اسد بي اختيار لکي ٿو ته، ”واهه ڙي واهه جرمني! تنهنجا رهاڪو ته وهنجن به منرل واٽر سان ٿا. اسان جي سنڌ ۾ ته هاڻي صاف پاڻيءَ جو ڪيڏو ته مسئلو آهي، پر جرمنيءَ ۾ ته فقط برلن، هئمبرگ، بريمن، ميونخ ۽ فرئنڪفرٽ جهڙن وڏن شهرن ۾ نه پر علمينا جهڙن ننڍن شهرن ۾ به هتي جي حڪومت هر شهريءَ لاءِ ايڏيون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون آهن!“
اهڙي طرح هتي جي ماڻهن لاءِ سفر جون سهولتون ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي وڏن شهرن سان ٽرين رستي ڳنڍيل ڏسي هن کي پنهنجي مادرِ وطن ۾ عوام سان درپيش ايندڙ سفري تڪليفون ۽ درد محسوس ٿين ٿا ۽ پنهنجي ڳوٺ موري لاءِ لکي ٿو ته، ”مورو توڙي سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور، نوشهرو فيروز ۽ ڪنڊياري جهڙو اهم شهر به هن جديد دور ۾ ٽرين جهڙي سهولت کان محروم آهن.“ اهڙي طرح هو ٻين به ڪيترين ئي شين جي ڀيٽ جرمنيءَ سان ڪري ٿو، جيڪا ٻي جنگِ عظيم بعد تباهه ٿي وئي هئي، جنهن جي مدد اسان جهڙي ملڪ به ڪئي، جيڪو ان وقت خوشحال هو. ”پوءِ ڀلا اڄ اسان جي هيءَ بدتر حالت ڇو ٿي وئي آهي؟ ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه ٿي سگھي ٿو، حڪومت جو يا عوام جو...؟“ هُو پنهنجي دل ۽ پڙهندڙن کان سوال پڇي ٿو.
بهرحال هن سفرنامي جي ليکڪ / سفر جي مسافر کي ڪريڊٽ ڏيڻ بنا رهي نٿو سگھجي ته هن نه فقط هوشياريءَ سان سفر ڪيو ۽ ان مان لطف حاصل ڪيو، پر اسان کي گھر ويٺي ساڻس گڏ گھمڻ جو موقعو ڏنو. پيش لفظ جي خيال کان منهنجو هي مضمون ڪجھه گھڻو ئي ڊگھو ٿي ويو آهي. ان ڪري هن کي اتي ختم ٿو ڪريان، پر اسان جي مسافر جو سفر اڃا ختم نه ٿيو آهي. هُو جنهن ڪم لاءِ گھران نڪتو آهي، اهو جرمنيءَ جي شهر علمينا ۾ ’بين الاقوامي شاگرد ڪانفرنس‘ اٽينڊ ڪرڻ آهي. ان لاءِ هُو علمينا ۾ ڏهه ڏينهن رهي ٿو. ان بعد هُو ڳوٺ موٽي ٿو پر موٽندي به هُو ڪجھه نه ڪجھه ڏسڻ چاهي ٿو. ان ڪري ڪانفرنس بعد هُو علمينا مان جرمنيءَ جي هڪ ٻئي وڏي شهر فرئنڪفرٽ وڃي ٿو، جيڪوErfurt کان 250 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. اتي رهڻ بعد هو پاڙي واري ملڪ فرانس پهچي ٿو، جيڪو ڏکڻ اولهه ۾ آهي. هُو ان جي وڏي ۽ گادي واري شهر پئرس ۾ ٽي ڏينهن رهي ٿو ۽ ان کي چڱي طرح ڏسڻ وائسڻ بعد ان سفر جو احوال به لکي ٿو. آئون ان تي ٽيڪا ٽپڻي نٿو ڪريان توهان پاڻ ئي پڙهي Enjoy ڪري سگھو ٿا ۽ ليکڪ (مسافر) جي ذهانت کي داد ڏئي سگھو ٿا ۽ اهو سبق پڻ حاصل ڪري سگھو ٿا ته سفر جو جَي پورو پورو فائدو وٺڻو آهي ته ان بابت هوم ورڪ گھران ڪري نڪرجي، جيئن هن پاڻ ڪيو آهي ۽ نين نين جاين تي پهچڻ کان اڳ هن انهن جي معلومات حاصل ڪئي آهي ۽ ان کي دماغ ۾ ياد رکيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هُو پڙهائيءَ جي معاملي ۾ هڪ ذهين نوجوان آهي. تڏهن ته هن ملڪ جي مقابلي جو امتحان پاس ڪري ورتو آهي ۽ اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي.
اسد ڪريم سومرو هن وقت 31 سالن جو آهي. هن 30 ڊسمبر 1990ع تي مورو شهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ موري جي ’بحريا فائونڊيشن اسڪول‘ مان ۽ انٽر ’گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج‘ مان ڪئي. ان بعد ’قائدِ عوام يونيورسٽيءَ‘ مان اليڪٽريڪل انجنگيئرنگ ۾ B. E. جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري لئبر ڊپارٽمينٽ ۾ لئبر آفيسر ٿي رهيو. 2018ع ۾ چٽا ڀيٽي جيPCS امتحان ۾ پاس ٿيڻ بعد هاڻ پروفيشنل مئنيجمينٽ سروسز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي. ان امتحان کان اڳ هن حيدرآباد مانLaw جي ڊگري LL.B. پڻ حاصل ڪئي. اسد جو هي سفرنامو نه رڳو دلچسپ آهي پر ڄاڻ وارو پڻ. آئون ته اهو ئي چوندس ته هن کي سفر جا اڳتي به جيئن موقعا ملن ته هُو انهن جو احوال ضرور لکي، جيئن پڙهندڙ ان مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.