شاعر پاران:
ڪُنيءَ جو ڍڪ لهي چڪو هو، ماڻهن جا انبوهه هئا، قطار ۾ بيهندي بيهندي سانجهه لڙي چُڪي هئي، پر اڃا تائين مونکي اهو مڌ پيئڻ جو وارو نه مليو هو، خالي پيالي کڻي قطار ۾ بيٺو هوس، همت نه هاري هئم، هڪ نه کٽندڙ انتظار پيڙاءُ ڏئي رهيو هو، پر اڃا به آس نه مُرجهائي هئي.
ڪجهه سئو سال اڳ جيڪا ڪُني ڀٽائيءَ چاڙهي هئي، ان ۾ ڀريل مڌ مَتل هو ۽ جڏهن درازن جي ڌرتيءَ تي لال لطيف اهي اکر اچاريا ته “اسان جيڪا ڪُني چاڙهي آهي ان جو ڍڪ سچل لاهيندو.” تڏهن تاريخ جي شفق تي لالاڻ تري آئي هئي، ڪوهن تائين پنڌ ويندڙ پيادل مسافر درازن جي در تي ويهي رهيا هئا ۽ اکين ۾ اڻ تڻ جاڳي پين ته ڪڏهن ٿو ڪُني جو ڍَڪِ لهي ۽ ان ڪُنيءَ ۾ ڀريل مڌ مان ڪَا سُرڪي پي خشڪ چپن تي نکار آڻين. زمانن جي دز اڏامندي رهي ۽ سج اڀري لهندا ويا، نيٺ سچل ان ڪُنيءَ جو ڍڪ لاٿو جوڳين جا ميڙ هئا، سنڌ مهڪي پئي هئي، دودي سومري ۽ هوشو شيديءَ جي ڌرتي تي ان مڌ جي خوشبوءَ واسو ڪري ڇڏيو هو، ڀٽ جو ڌڻي لاکيڻو لطيف ان ڪُنيءَ مان مڌ ڀريندو ڏيندو ويو ۽ ڪاپڙين جاميڙ، پيالن جا ٽڙڪاٽ، جيئن سانجهه ويلي سَرَ جي ڀرسان ڍنڍ تي اڇا هنج تڙڳي رهيا هجن. مون قطار مان ڪنڌ ڪڍي نگاهه ڪئي، ڀٽائي مڌ ڀري رهيو هو ۽ ڪنچير ڪاپڙي پيالا پيئندا پنهنجي واٽ وٺندا رَمندا رهيا. مون ڀٽائيءَ جي ڀَر ۾ سچل سائينءَ کي ڏٺو جيڪو ڪُنيءَ جو ڍڪ لاهڻ کانپوءِ وجد ۾ اچي جهومي رهيو هو، مون پيهه ۾ اهو نه ڏنو ته هيستائين ڪنهن ڪنهن کي ان ڪُنيءَ جو مڌ مليو هو ۽ ڪنهن ڪنهن کي هاڻي ملڻو هو. چتائي ڏٺم مونکي ڀٽائيءَ جي ڀر ۾ ڪيترائي ڪاپڙي نظر آيا، جيڪي مونکي منهنجي سپنن جي ساڃاهه ڏيندڙ هئا. مون امر جليل کي ڏٺو، خليفي نبي بخش قاسم کي ڏِٺم، شيخ اياز کي ڏٺو، سراج کي ڏٺم، آسي زمينيءَ کي ڏٺم، حسن درس کي ڏِٺم، امر سنڌو ۽ زيب نظاماڻي کي ڏٺم، اياز امر شيخ کي ڏٺم، نجم عباسي ۽ ابراهيم جويي کي ڏٺم، ۽ اڻ ڳڻيا انسان ڏٺم جيڪي سانت ۾ به گونج بڻيل هئا. ٻيجل جو چنگ ٻُري رهيو هو ۽ موهن جي دڙي مان لڌل ناچڻيءَ جي مجسمي ۾ پساهه پئجي ويا هئا، رقص سنڌ کي جهومائي رهيو هو. مون تتل منجهند جو ڪيتريون ئي اُسون ڪاٽيون هيون پر منهنجو وارو اڃا نه آيو هو، بيهه بيهه پيرن جا تَرا تپي پيا هئم، پر خالي پيالي سان ان قطار ۾ بيٺي اڃا اندر جي آس هيڻي نه ٿي هئي.
من ئي من ۾ سوچيم ته جڏهن وارو ايندو ته آئون لال لطيف کي ٻڌائيندس ته سائين مان پيالي سان گڏ خالي جهولي به کڻي آيو آهيان، عمرَ جي ناڪام عشق کانپوءِ مون مارئيءَ کي چاهيو آهي، آئون کيس کوهه تان کنڀي نه کڻي سگهندس پر مارئي منهنجي من مندر ۾ جرڪندي رهندي راڻي جي وڃڻ کانپوءِ آئون مومل تي به عاشق ٿي پيو آهيان، آئون مومل کي ماڻڻ چاهيان ٿو، پنهونءَ کي جت وٺي ويا، آئون سسئيءَ کي سيني سان لڳائڻ چاهيان ٿو، ميهيار ۾ همت نه هئي جو پاڻ درياهه پار ڪري سهڻيءَ ڏانهن وڃي ها، آئون گهڙي تي تري سهڻيءَ جي هنج ۾ ڪجهه گهڙيون، سندس وارن جو واس وٺڻ چاهيان ٿو. لطيف سائين الائي ڇو منهنجو عشق محدود ناهي رهيو، آئون ان سِٽَ کان منهن موڙي چڪو آهيان ته، “دل جو دلبر هڪڙو گهڻا تان نه ڪجن.” منهنجا ڪيترائي دلبر آهن، مون مارئيءَ کي چاهيو آهي، سسئي، سهڻي ۽ مومل کي ماڻڻ جا به خواب ڏٺا آهن، مونکي الائي ڇو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته منهنجو وجود، منهنجو واسو انهن سڀني ۾ آهي ۽ انهن سڀني جو واسو منهنجي وجود ۾ آهي، آئون سڀ ۾ سمايل آهيان ۽ سڀ مون ۾ سمايل آهي، ان ڪري مون اڻ ڳڻيا عشق ڪيا آهن پر مونکي ان عشق جو انت لهڻ لاءِ، ان ڪُنيءَ جو مڌ پيئڻو آهي، جيڪا لطيف سائين توهان چاڙهي ۽ سچل ان جو ڍُڪ لاٿو آهي.
اڻ کٽ قطار ۾ مونکي اڃا به شايد ڪيتريون ئي ويلون انتظار ڪرڻو پوي، پوئين رات جا ڪيئي پهر ائين کلي آسمان هيٺ بيهه گذارڻا پون، ڪيئي ڇيرون ۽ گهنگهرو منهنجي ڪنن ۾ پڙلاءُ ڪندا رهندا ته، “پرهه پري آ پتو نه آهي ته رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي.” ها پر پوءِ به منهنجي اندر جي اڻ تڻ مونکي موٽي وڃڻ نه ٿي ڏئي، آئون هٿن ۾ خالي پيالي کڻي قطار ۾ بيهه وارو اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان ته نيٺ ڪُنيءَ کي ويجهو پهچندس ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي چاڙهيل مڌ مان سُرڪ پيئندس.
مشتاق سعيد
03332723101