هوءَ مهاڻي ساماڻي جا
مئِي ۽ مڪڙي سِيرَ منجهان،
ڪپ ڏي موٽي هاڻ اچي پئي،
ڪيڏي هوءَ ته اُڪير منجهان.
هوءَ جا مهاڻي ساماڻي آ،
ڄڻ ته وطن جي راڻي آ،
رات انڌاري ۾ جو اُٿي ٿي،
ڳل تان وارن چڳ هٽائي،
ڄڻ ڪا ساجھر باک ڦُـٽي ٿي،
کِکَ جو کاريون کيس مٿي تي،
هر هڪ انگ مان نينهن ڇنڊي ٿي.
هن جو جوڀن جر تي جلوو،
چنڊ جيان هوءَ چمڪا ڏيئي ٿي.
هن جو ڪو ميهار نه آهي،
جنهن لئه درياهه پار ڪري،
هن جي جيون جي چادر تي،
ٽِڪَ نه ڪائي ٽاڪيل آهي،
سپنن سان جو ڄار اُڻي ٿي،
تنهن تي پنهنجا نير سُبي ٿي،
نور نچوئي ننڊ ڦٽائي،
اوجاڳن ۾ رات ڪٽي ٿي.
هوءِ صدين کان جاڳيل آهي،
سنڌوءَ جي جا سِيرَ ڪَڇي ٿي.
درياهه جي دهشت ۽ ڪڙڪا،
لهرن جا سڀ سُر ٻڌي ٿي،
جيون جوڀن پاڻ نپوڙي،
درياهه کي جو دانِ ڏيئي ٿي.
ان پسيني جي خوشبوء ڀي،
صدين تائين رهڻي آهي،
سنڌوءَ جي هن سِيرَ مٿان سا،
ڇولين سان گڏ ڇُلڻي آهي.