چنڊ
کير جهڙا اڇا چنڊ،
چاندي جهڙا چمڪندڙ،
۽ سنڌوءَ جي سفيد واريءَ جيان،
تجلا ڏيندڙ چنڊ،
تون ڪيڏو نه اڇو آهين،
تون ڪيڏو نه سهڻو آهين ۽ سندر آهين !
آئون ازل کان،
صدين کان،
هن مايوسين جي ڌرتيءَ تان،
توکي تڪيندو رهيو آهيان،
هن ظلم ۽ ستم جي نگريءَ مان جھاتيون پائي،
تنهجي اڇاڻ ۽ سندرتا کي حسرت مان،
ڏسندو رهيو آهيان.
تون مونکي نهايت ئي وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندو آهين،
تون حُسن جو مينار آهين.
پر ..... !
چون ٿا ته تون ڪارو آهين،
ڪوجھو ۽ بدصورت آهين،
تنهنجي سيني تي کڏا ۽ بدشڪلا، پٿر ئي آهن،
۽ ٻيو ڪجھه به نه ... !
تون ويجھي کان نهايت ئي بدصورت لڳندو آهين.
پر.... !
اهيو سڀ ڪجھه اهي انسان ٿا چون،
جيڪي خلائي جهازن ۾ چڙهي تو تائين پهتا آهن،
جن تنهجي حُسن تي ڪاھ ڪئي آهي،
جن تنهجي سونهن ۽ اڇاڻ تي،
قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو.
پر . . . . . .!
مون هميشه توکي،
هن ڌرتيءَ تان بيٺي ڏور کان ڏٺو آهي،
وڇوڙي جي ويرانين مان ڏٺو آهي،
جدائيءَ جي حدن مان بيهي،
حسرت ڀرين نگاهن سان ڏٺو آهي،
سنگدل انسانن جي وچ مان،
رات آڌيءَ جو گھر جي ڇت تان،
جاڳندي ڏٺو آهي.
مون چڪور جيان توکي چاهيو آهي،
تون مونکي هميشه سندر لڳو آهين،
۽ سندر ئي لڳندو رهندين.
سائنس جا ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ به،
آئون اهيو اعتبار هرگز نٿو ڪريان،
ته ڪو تون ڪارو ۽ ڪوجھو آهين،
ويجھي کان بدصورت ڏسڻ ۾ ايندو آهين،
نه هرگز نه ... !
تون ڪيڏو نه اڇو آهين،
تون ڪيڏو نه سُندر آهين،
آئون ازل کان،
صدين کان هن مايوسين جي ڌرتيءَ تان،
توکي تڪيندو رهيو آهيان،
اي چنڊ،
کير جهڙا اڇا چنڊ.