لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

ڪتاب ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي ثقافتي اڀياس، پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو مقالو آهي. هِن تحقيقي ڪم تي دهلي يونيورسٽيءَ روي پرڪاش کي 2003ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ڪئي.
هن ڪتاب کي عربي سنڌي لپيءَ ۾ آڻڻ جو ڪم ڦلومل ميگهواڙ ڪيو آهي جڏهن ته نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي.
Title Cover of book سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس

دُعا جا ٻول

روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جو هيءُ تحقيقي مقالو ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس“ شايع ٿيڻ تي مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي اهي. منهنجي نگراني ۽ رهنمائيءَ ۾ ڪيل هِن تحقيقي ڪم تي دهلي يونيورسٽيءَ روي پرڪاش کي ۲۰۰۳ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ڪئي آهي.
هيءُ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي تفصيل سان تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرڻ لاءِ مون گهڻن ئي شاگردن کي پئي چيو، پر سنجيدگي ۽ تفصيل کي ڏسي اُهي اڪثر اڳتي وک وڌائڻ جي همٿ نه ڪندا هئا. اِن موضوع تي گهرو اڀياس ڪرڻ لاءِ مون وقت بوقت پنهنجين لکڻين ذريعي سنڌي عالمن جو به ڌيان پئي ڇڪايو. ۱۹۹۳ع ۾ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ نالي مون هڪ وڏي لغت مرتب ڪئي. اُن ۾ آنجهاڻي بزرگ عالم سنتداس پُنهون مل ڪشناڻي ”سنتل“ ۽ منهنجا گڏ ڪيل اٽڪل ٻارنهن هزار سنڌي پهاڪا ۽ محاورا سمجهاڻيءَ سان گڏ داخل ڪيل آهن. اِن ڪتاب ۾ سؤ کن صفحن جو مقدمو به لکيم، جنهن ۾ سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جي لسانياتي، سماجي ثقافتي اڀياس جي اهميت ٿوري ۾ سمجهائي ويئي آهي. اُها اختصار ۾ لکيل تمهيد پوءِ سنڌي عالمن ۾ ايتري ته پسند پيئي، جو ڀارت ۾ اُها اُن ساڳئي سال ۾ جُدا ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)“ جي عنوان سان شايع ڪئي ويئي. ڀارت ۾ عربي- سنڌي لپيءَ کان غير واقف طبقي خاص طور نوجوان پيڙهيءَ جي سنڌي پڙهندڙن ۽ شاگردن لاءِ انهيءَ ڪتاب جو ديوناگري- سنڌي لپيءَ جي شڪل ۾ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي اُن جو ٻيو ڇاپو ۱۹۹۸ع ۾ دهليءَ مان شايع ڪرايو.
’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: (هڪ اڀياس)‘ ڪتاب جون ڪجھ ڪاپيون مون سنڌ به موڪليون آهن. اُتي پڻ عالمن ان جو جوڳو قدر ڪيو آهي. انهيءَ موضوع جي نرالي اهميت کي سمجهندي، پوءِ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو (سنڌ) طرفان، اِن ڪتاب جو نئون ڇاپو سنڌيءَ ۾ به شايع ڪيو ويو. اُن کي پڙهي سنڌيءَ جي ڪن عالمن اِن موضوع تي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ، مون سان لکپڙھ به شروع ڪئي آهي.
اِن موضوع تي انهيءَ کان اڳ سنڌي عالمن جو ڌيان بلڪل نه ويو هو. اُڻويهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ انگريزن ننڍا ننڍا مجموعا تيار ڪري شايع ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. ڪِن عالمن پهاڪن ۽ اصطلاحن جي بنياد کي به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪنهن به انهن جي لساني بيهڪ، اهميت ۽ خاصيتن تي تفصيل سان بحث نه ڪيو آهي. انهن ننڍن مجمعون ۾ اسان جي سماجي، ثقافتي، تاريخي، جاگرافيائي علم جو گهڻيئي تصويرون سمايل آهن، جن ۾ اسان کي پنهنجي گذريل دؤر جا گهڻيئي لِڪيل پهلو ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اِنهيءَ حقيقت طرف سنڌي عالمن جو ڌيان تمام گهٽ ويو آهي.
”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: (هڪ اڀياس)“ نالي پنهنجي ڪتاب ۾ مون انهن ننڍن ننڍن پهاڪن ۾ ٻوليءَ جي استعمال جي اهميت جي فقط هڪ جهلڪ ڏني آهي. حقيقت ۾ انهيءَ جو مقصد اِهو هو ته انهيءَ مان اُتساھ حاصل ڪري ٻيا ڪي عالم اِن موضوع جو گهرائيءَ ۾ تفصيل سان اڀياس ڪن. اها تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالھ آهي جو روي پرڪاش اِن ڏُکئي رستي تي اڳتي وک وڌائي آهي. هُن پنهنجي لکيل تحقيقي مقالي ۾ سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو تفصيلوار تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ هُن کيرون لهڻيون. روي پرڪاش انهيءَ موضوع جو تحقيقي اڀياس ڪرڻ لاءِ زباني رايتن مان به وڌيڪ پهاڪا گڏ ڪيا آهن. ان سان گڏوگڏ هُن اِنهيءَ موضوع تي هندي، اردو ۽ انگريزي وغيره ٻولين ۾ ڪيل تحقيقي ڪم جو تنقيدي نظر سان اڀياس به ڪيو آهي. انهن ڪتابن جا حوالا هُن پنهنجي مقالي ۾ گهربل هنڌن تي ڏنا آهن.
هن مقالي ۾ سنڌي پهاڪن جي لسانياتي اڀياس وارو باب هڪ سؤ صفحن کان به وڌيڪ آهي. انهيءَ ۾ پهاڪن جي لسانياتي تخليق انهن ۾ لغت، سينگارن ۽ ڇنڊن وغيره تي چڱي تفصيل سان بحث ڪيل آهي. سنڌي پهاڪن جي سماجي ۽ ثقافتي اڀياس تي به ڏيڍ سؤ کن پهاڪن ۾ چڱي تفصيل سان ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. هن مقالي جا پهريان ٽي باب، پهاڪن جي خاصتن تي، اصولن جي لحاظ کان، ڇنڊڇاڻ پيش ڪن ٿا.
هر هڪ ٻوليءَ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون، اصلاح ۽ ورجيسون اهڙا ننڍڙا پريوڳ آهي، جيڪي صدين کان وٺي ان ٻوليءَ ۾ هڪ مقرر شڪل ۾ استعمال ٿيا آهن. اُن ٻوليءَ جو ڪو به ڳالهائيندڙ، پنهنجي مرضيءَ موجب انهن جي لسانياتي بيهڪ ۾ ڪا به ڦير گهير نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪنهن اهڙي تبديلي ڪئي ته پوءِ اُهي فقرا اُن بدليل شڪل ۾ ٻوليءَ جي رواج موجب درست نه ليکيا ويندا، يا ڪن حالتن ۾ اُهي بيان ۾ پنهنجي گهربل مطلب جو اظهار نه ڪري سگهندا. مثال طور: ”انڌن ۾ ڪاڻو راجا“ پهاڪي ۽ جيڪڏهن اسين ساڳئيءَ معنيٰ وارا ٻيا لفٽ ڪتب آڻي چئون ته ”سورداسن ۾ ڪاڻو راجا“ يا ”نابين ۾ هڪ اکيو سلطان“ ته ڇاهي انهن پهاڪن جي معنيٰ ۾ ڪو فرق ڪو نه ٿيو اچي، پر هن بدليل شڪلين ۾ اهي پهاڪا سنڌيءَ ۾ قبول نه پوندا. ”گونگي گانءِ هئڻ“ (خاموش سڀاءُ وارو يا نهٺو هئڻ) اصلاح کي بدلائي جيڪڏهن اسين چئون ته ”گونگي ڍڳي هئڻ“ ته گهربل مطلب ئي ضايع ٿي ويندو. ”پاڻي- پاڻي ٿيڻ“، ”آب آب ٿيڻ“ يا ”نير ٿيڻ“ ته اِهو محاورو نه فقط پنهنجي گهربل معنيٰ وڃائي ڇڏيندو، پر اُن بدليل شڪل ۾ اهو سنڌيءَ ۾ مُروَج به نه ليکيو ويندو. ٻوليءَ ۾ انهيءَ قسم جي ننڍن فقرن کي مون ”سوتر پريوگ“ (Formula expressions) نالو ڏنو آهي. انهن جي استعمال سان، ٻوليءَ جي نه فقط ڳالھ ٻولھ واري فطري شڪل قائم رهي ٿي، پر اها سهڻي ۽ اثرائتي به بڻجي پوي ٿي.
پهاڪن وانگر محاورن جو به ٻوليءَ، سماج جي تهذيب ۽ ثقافت سان گهرو ناتو آهي. جيئن ته گهوڙا ڙي گهوڙا (مصيبت پوڻ، دانهون ڪرڻ)، ڄڃ تي بيهڻ (اڍنگا خرچ ڪرڻ)، ٽانڊو ٽوپي بند ڪرڻ (برادريءَ مان ڪڍڻ)، پير ۾ ڇنڇر هئڻ (ڀٽڪن، رلڻ)، تيرهن تالو هئڻ (چالاڪ هئڻ، نخرا ڪرڻ)، گورو ئي گنگا تي هئڻ (سڀ ڪجھ ناس ٿي وڃڻ)، (دشمني هئڻ)، چولو مٽائڻ (گذاري وڃڻ)، وغيره گهڻيئي سنڌي محاورا آهن، جن جو بنياد سنڌي جي سڀيتا ۽ ثقافت تي ٻڌل آهي. انهن جو به وضاحت سان تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرڻ جڳائي. اميد آهي ته روي پرڪاش هاڻي انهيءَ موضوع تي به تحقيقي ڪم شروع ڪندو.
مون کي ياد آهي ته ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن مان پنهنجي احترام لائق بابا جن پنڊت ڪرشن چندر جيٽلي ۽ ننڍي ڀاءُ پرمود سان گڏ ايوڌيا (ڀارت جو شهر، جتي راجا رام چندر جي گدي هئي) جي تيرٿ ياترا تي ويو هوس، تڏهن پهريون ڀيرو روي پرڪاش، سندس وڏي ڀاءُ گيان پرڪاش ’سرل‘ ۽ اوڌيا جي ٻين ساٿين سان ملاقات ٿي هئي. اُن وقت روي پرڪاش جي من ۾ سنڌيت جي سڪ جو جيڪو سلو اڀريو هو، اُهو هاڻي آهستي آهستي وڌي وڻ ٿيو آهي. اُن زماني ۾ هو لکنؤ يونيورسٽيءَ ۾ ڪامرس جو شاگدر هو. سال ٻن اندر اهو ڪورس پورو ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم. اي ۽ پي ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ مون وٽ آيو هو. ۱۹۶۷ع ۾ ڄاول ۽ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪري ٿو، روي پرڪاش اُن جو هڪ انوکو ۽ معتبر مثال آهي. اسان کي هُن ۾ گهڻيئي آسون، اُميدون آهن. شال هوُ سنڌي ادب جا گهڙا ڀريندو رهي ۽ زندگيءَ ۾ وڌيڪ ترقي ڪندو رهي.
روي پرڪاش جي هن نيڪ ڪم مان جيڪڏهن ٻين به ڪِن سنڌيءَ جي پريمين کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۽ ادب، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي کوجنا ڪرڻ جو اُتساھ مليو، ته پوءِ هيءُ تحقيقي اڀياس پنهنجي مقصد ۾ سڦل ليکيو ويندو.

D-127، وِويڪ وِهار، دهلي، 1000095
مرليڌر جيٽلي، مئي ۷، ۲۰۰۵ع