۲.۵ پهاڪن جي سچائي ۽ ڪِن پهاڪن ۾ نظر ايندڙ تضاد:
1. ڪِن سان ڪِن ڪو نه ڌوپندو. (جيڪڏهن ڪو بُرائي ڪري ٿو يا خراب هلٿ ڪري ٿو، ته ساڻس ساڳي هلت ڪرڻ سان هوُ سڌري نه سگهندو.)
ٻئي طرف اِن جي اُبتڙ ويچارن وارا پهاڪا به ملن ٿا. جيئن ته: جهڙي سان ٿجي تهڙو يا لُچ سان ٿي لُچ ٿي ملجي. (يعني جيڪڏهن ڪو ڏنگو ٿل هلي ته توهان به ساڻس اُنهيءَ طرح هلت ڪري کيس سيکاريو).
2. پُچڻا نه مُنجهڻا. (مطلب ته ٻين کان پُڇي ڪري ڪم ڪبو ته موجهارو نه ٿيندو).
جيترو پڇندين، اوترو منجهندين. (هيءَ پهاڪو ماڻهوءَ کي اشارو ڏئي ٿو ته هُن کي پنهنجي سمجھ سان ڪم ڪرڻ گهرجي. هو جيترو ٻين کان صلاح وٺندو اوترو ئي منجهي پوندي. ڇاڪاڻ ته سڀ ڪو هُن کي پنهنجي پنهنجي عقل موجب صلاح ڏيندو ۽ ڪم ۾ مونجھ پوندي).
ٻُڌجي سڀ ڪنهن جي، ڪجي پنهنجي. (سڀ ڪنهن کان راءِ وٺڻ گهرجي، پر پوءِ پنهنجي عقل سان سوچجي ته ڪهڙي واٽ صحيح آهي ته اُن موجب هلت ڪجي).
3. جيڪي چُلھ تي، سي دل تي. (جيڪي پاڻ ۾ گڏ رهن ٿا اُهي هميشه ياد رهن ٿا ۽ انهن ۾ سڪ ۽ پريت سدائين قائم رهي ٿي.)
دورباش، خوش باش (گڏ رهڻ سان هميشه جهڳڙي ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي، ان ڪري هڪ ٻئي پان پري رهجي، ته اُنهيءَ ۾ خير ۽ امن قائم رهي ٿو.)
4. ٻه ڀائر ٽيون ليکو. (واپار ۾ سڀني کي پنهنجي حساب ڪتاب صاف رکڻ گهرجي.)
شريڪ ۾ مريڪت ڇاجي؟ (مطلب ته ڀائيواري يا ڌنڌي واپار جي وهنوار ۾ لحاظ ڇاجي لاءِ ڪجي؟) پر انهيءَ جي اُبتڙ ٻي چوڻي آهي- ڀائرن ڪهڙا ليکا؟ (يعني پنهنجپائيءَ ۾ ڏي- وٺ يا حساب ڪتاب رکڻ جي ضرورت نه آهي).
5. مهمان اچن وڏ ڀاڳين گهر يا مهمان آهن ڀڳوان جو روپ. پر ٻئي طرف چوڻي آهي؛ اَويلو مهمان پَٽائي پاڻ.
اِن طرح انهن مثالن مان ظاهر آهي ته پهاڪن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي جي خلاف ويچار نظر اچن ٿا. اِنهيءَ حالت ۾ سوال ٿو اُٿي ته پهاڪن ۽ ڪيتري قدر سچائي آهي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پهاڪا زندگيءَ جي آزمودن تي ٻڌل آهن. زندگيءَ جي راھ تي تضادن ۽ الڳ الڳ تجربن سان ڀريل آهي. ڪڏهن انسان ڏسي ٿو ته زندگيءَ ۾ آخرڪار سچائيءَ جي جيت ٿئي ٿي. ان تي هو چوي ٿو ته سچ ته بيٺو نچ. پر ٻئي طرف هوُ اهڙا به مثال ڏسي ٿو، جتي سچائيءَ جي راھ تي هلندڙ ماڻهن کي مصيبت جو منهن ڏسڻو ٿو پوي. اهڙيءَ طرح حالت کي محسوس ڪري چوي ٿو ته، اکرُ نه کَٽي، مڪرُ کَٽي.
اِنهيءَ مان ثابت آهي ته پهاڪن جي سچائي ڪا عالمگير سچائي نه آهي، جيڪا هر وقت، هر ملڪ ۾ ۽ هر حالت ۾ لاڳو ٿي سگهي. هڪ ئي حقيقت جو عڪس جدا جدا ڪُنڊن تان الڳ الڳ نظر اچي ٿو. ساڳيءَ طرح پهاڪن ۾ بيان ڪيل سچائي پوريءَ حقيقت جو ڪو هڪ خاص پهلو پيش ڪري ٿي. انهيءَ ڪري پهاڪن جو سچ اخلاقي نقطهِ نگاھ کان صحيح آهي. اُهو ترڪ تي ٻڌل مڪمل سچ نه آهي. جيون جي حقيقتن جا ماپا ۽ ماڻ اسين ڳڻپ جي اصولن مطابق مقرر نه ٿا ڪري سهگون. اهي ته جدا جدا حالتن ۾، الڳ الڳ زمان ۽ مڪان جي لحاظ بدلجندا ٿا رهن. اِن ڪري پهاڪن جي بيان ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي تضاد يا الڳ الڳ رايو ملي ٿو ته اُهو سُڀاويڪ آهي.