۳.۲ پهاڪن جي جنم جي ترتيب:
ڊاڪٽر ڪنهيا لال ساحل جي ويچار ۾، ”ڪو به پهاڪو ڪنهن ريت جنم وٺندو هوندو، اِن بابت اسان ڪجھ تصور ڪري سگهون ٿا.“ سڀني پهاڪن جي پٺيان ڪو نه ڪو واقعو هئڻ ضروري نه آهي. يا ڪو واقعو هوندو، ته اِنهيءَ ڳالھ جو رُڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن پهاڪي جي پٺيان رُڳي هڪ ئي گهٽنا يا واقعو هوندو، اِهو پڪيءَ طرح نه ٿو چئي سگهجي. اِن ويچار کي سمجهڻ لاءِ ڪجھ مثال هن ريت آهن:
• غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
• غريب جو ڀيڻويو ڪو نه ٿئي، شاهوڪار جا سالا به گهڻا.
• غريب جو واهي الله.
• غريب چوي مان ڇا کان، شاهوڪار چوي مان ڇا سان کاوان؟
مٿي ڏنل پهاڪا زندگيءَ جي سچائي ۽ غريبيءَ جي مسئلي تي ٻڌل آهن. غريبي هڪ اهڙو سماجي مسئلو آهي جنهن سان اڪثر هرڪو شخص ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ روبرو ٿئي ٿو. جڏهن کان ماڻهو مهذب ٿيو آهي ۽ هُڻ پئسي جي اهميت کي سڃاتو آهي، تڏهن کان غريبي ۽ اميريءَ جو تجربو ماڻهوءَ کي ٿيندو رهيو آهي، جيڪو اَڄ تائين قائم آهي. سماج ۾ اميري ۽ غريبيءَ جي کاهي ڏاڍي پراڻي ۽ وڏي آهي. شاهوڪار کي سماج ۾ مانُ ۽ عزت ملي ٿي. چاهي هوُ ڪيترو به خراب ماڻهو ڇو نه هجي. پر ٻئي طرف غريب چاهي ڪيترو ئي سچو ۽ ايماندا ڇو نه هجي، اُن کي سماج ۽ ايتري عزت نه ٿي ملي. جڏهن به ڪنهن شاهوڪار کي ڪو به ڪم پوي ٿو ته هوُ چوي ٿو، ”فلاڻِ (غريب) جي جوءِ کي گُهرائي وٺجو. هوءَ اچي ڪم ۾ هٿ وٺائيندي ۽ پوري ڪندي.“ ويچاري غريب جي جوءِ آهي، جهٽِ اَچڻ لاءِ تيار به ٿي ويندي، پر جيڪڏهن اُن ئي ڪم لاءِ ڪنهن شاهوڪار جي جوءِ کي چئجي ته ڇا هوءَ تيار ٿيندي؟ نه، ڪڏهن به نه ڇاڪاڻ ته شاهوڪار جي جوءِ کي پئسو هئڻ ڪري اُنهن حالتن جو منهن نه ٿو ڏسڻو پوي جن حالتن ۾ غريب ماڻهو پنهنجي زندگي گذارين ٿا.
عام ماڻهن جي اهڙن آزمودن جي آڌار تي سُخن ۽ گُفتن جو بنياد پوي ٿو، جيڪي آهستي آهستي عام ماڻهن ۾ عام ٿي پهاڪن جي شڪل اختيار ڪن ٿا. اِن جو هڪ ٻيو مثال هن ريت آهي:
شروعات کان اِنسانن جو واسطو الڳ الڳ جانورن سان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ رهيو آهي. تاريخي راويتن موجب، اِنسان ڪنهن زماني ۾ پاڻ به جانورن مثال هوندو هو. اِنهيءَ ڪري جانورن جي رهڻي ڪهڻي، رنگ- روپ ۽ کائڻ پيئڻ جي ڍنگ کي ڏسي انسانن کي جيڪي آزمود ٿيا، اُنهن مان ڪجھ پهاڪا ٺهي ويا، جن مان ڪجھ هن ريت آهن:
• هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
• ڪوُئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي مان به پساري.
• سهي ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪان.
• ناڻو ڏجي آڪرو، گيھُ ڇو وٺجي ٻاڪرو.
• ڪاتڙي نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو.
مٿي ڏنل پهاڪن مان آخري پهاڪو هڪ موزون آکاڻيءَ تي ٺهيل آهي، جنهن موجب هڪ ڏائڻ هڪ نوريئڙي کي شام جي وقت ريجهائي پنهنجو ڀاڻيجو بڻائي پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي آئي. ڏائڻ جو ارادو هو ته رات جو نوريئڙي کي ماري کائي ڇڏي. نوريئڙو ڏائڻ جي ڳالهين ۾ اچي ته ويو، پر جڏهن هو ڏائڻ جي گهر پهتو ته کيس ڏائڻ جي مقصد جي معلومات ٿي ويئي. سڄي رات نوريئڙي ننڊ نه ڪئي ۽ جاڳندو هر وقت چتاءُ پئي ڪيس، ”ڪاتري نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو.“ ٻئي صبح جو اُهو نوريئڙو صحيح سلامت ڏائڻ جي گهر مان ڀڄي نڪتو.
هيءَ چوڻي اهڙي وقت ڪم ايندي آهي جڏهن هڪ ڌُر دشمن ڌرُ کي آگاھ ڪندي رهندي آهي ته اوهين ڀلي تياري ڪندا رهو پر اسين به پهري تي سجاڳ آهيون. يا وقتي مائٽ ڪنهن ننڍي ٻار کي گهر ۾ سمُهاري پاڻ ٻاهر ويندا آهن، پر جي ٻار سجاڳ هوندو ته مائٽن جي پٺيان چنبڙي پوندي، اُتي پڻ چوندا آهن ته، ”ڪاتري نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو.“ مطلب ته ٻار جاڳيل آهي ۽ ان کان پاسو ڪري نڪري وڃڻ ڏکيو آهي.
اِنهن مثالن مان ظاهر آهي ته پهاڪن جي پيدائش جو عمل نديءَ جي پاڻيءَ مثل هلندر عمل آهي. جيڪو عام ماڻهن جي شخصي آزمودن تي، آکاڻين تي، واقعن وغيره تي ٻڌل آهي. اهو عمل جيستائين انسان جي تصور ڪرڻ جي قوت قائم آهي، تيستائين هلندو رهندو. اِن جي شروعات ڪنهن هڪ واقعي سان ٿئي ٿي. پر پوءِ اُها عام ماڻهن ۾ پسند پوڻ ڪرڻ سڄي سماج جي گڏيل ملڪيت بڻجي پوي ٿي.